موضوع نمبر 14 ۽ جڏهن هر ماڻهو روزو رکندو
(البقرة: ١٨٣ ۽ ١٨٤)
”اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن جهڙي طرح توهان کان اڳين نبين جي پيروڪارن تي فرض ڪيا ويا هئا. انهيءَ مان اميد آهي ته توهان ۾ پرهيزگاري جي صفت پيدا ٿيندي. روزا ٿورڙن ڳڻيل ڏينهن جي لاءِ آهن. جيڪڏهن توهان مان ڪو بيمار هجي يا سفر تي هجي ته ٻين ڏينهن ۾ اوترو ڳاڻيٽو پورو ڪري. جيڪي ماڻهو روزو رکڻ جي سگھه نٿا رکن (۽ نه رکن) ته پوءِ فديو ڏين. هڪ روزي جو فديو هڪ مسڪين کي کاڌو کارائڻ آهي ۽ جيڪو پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڪجھه وڌيڪ ڀلائي ڪري ته اها ان لاءِ (اڃا به) ڀلي (ڳالهه) آهي. جيڪڏهن توهان سمجھو ته توهان جي لاءِ ڀلائي انهيءَ ۾ ئي آهي ته توهان روزو رکو.“
”جيڪڏهن توهان سچ کي سمجهو ته توهان جي لاءِ ڀلي ڳالهه اها ئي آهي ته ڏکيائي جي باوجود به توهان روزو رکو.“
اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته سورت البقره جي 183 کان 187 آيتن ۾ اسان جي دين جي هڪڙي اهم رڪن روزي بابت حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ سڀئي تفصيل ٻڌايا ويا آهن. اسان آيت نمبر 184 جي آخري حصي ۾ بيان ڪيل حقيقتن جو طبي نڪتي نظر کان مطالعو ڪنداسين. هن حصي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روزو هڪ تمام ڀلو عمل آهي جنهن مان ڪيترائي فائدا حاصل ٿيندا آهن. انهيءَ ڳالهه جو به اعلان ڪيو ويو آهي ته اسان انهيءَ مان حاصل ٿيڻ وارين رحمتن کي سمجھي سگھون ٿا پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته اسان سچ کي سڃاڻي سگھون.
ڪجهه عرصو اڳ تائين اهو سمجھيو ويندو هو ته روزو ان کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه آهي ته انهيءَ سان هاضمي واري نظام کي آرام ملي ٿو. جيئن جيئن طبي علم ترقي ڪئي، انهيءَ حقيقت جي آهستي آهستي ڄاڻ حاصل ٿي ته روزو هڪڙو طبي معجزو پڻ آهي. انهيءَ ڪري آيت ڪريمه جي آخري حصي ۾ چيو ويو ته ”جيڪڏهن توهان سمجھو ته.“
اچو ته هاڻي اسان سائنسي تناظر ۾ ڏسون ته ڪهڙي طرح روزو اسان جي چڱڀلائيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو.
[b]الف – روزي جو هاضمي جي نظام تي اثر
[/b]هاضمي جو نظام، جيئن ته اسان ڄاڻون ٿا ته هڪٻئي سان ويجھڙائيءَ کان مليل ڪيترن ئي عضون تي مشتمل هوندو آهي. اهم عضوا، جهڙوڪه وات، ڄاڙين ۾ پڪ (ٿُڪ) پيدا ڪرڻ وارا غدود، ڄڀ، نڙي، قوت ڏيندڙ نالي (Alimentary Canal) (يعني نڙيءَ کان معدي تائين کاڌو کڻي وڃڻ واري نالي)، معدو، ننڍو آنڊو، وڏو آنڊو، جيرو، لبلبو، پتو ۽ آنڊن جا مختلف حصا وغيره، سڀئي انهيءَ نظام جا حصا آهن. هن نظام جو سڀ کان اهم حصو اهو آهي ته اهي سڀئي پيچيده عضوا پاڻمرادو هڪ ڪمپيوٽري نظام سان پنهنجو ڪم ڪن ٿا. جيئن ئي اسان ڪجھه کائڻ شروع ڪريون ٿا يا کائڻ جو ارادو ڪريون ٿا، ته اهو سمورو نظام چرپر ۾ اچي وڃي ٿو ۽ هر هڪ عضوو پنهنجو مخصوص ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. ظاهر آهي ته اهو سمورو نظام چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي تي رهڻ کانسواءِ اعصابي دٻاءَ ۽ غلط قسم جي کاڌي جي ڪري هڪ طرح سان ڄڻ ته گَسي وڃي ٿو.
روزو هڪ لحاظ کان هن سموري هاضمي واري نظام لاءِ هڪ مهيني تائين آرام جو بندوبست ڪري ٿو وٺي پر حقيقت ۾ انهيءَ جو حيرت ۾ وجھندڙ اثر خاص ڪري جيري تي پوي ٿو. ڇو ته جيري جا کاڌي کي هضم ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ پندرهن ڪم ٻيا به هوندا آهن. اهو ايترو ته ٿڪجي پوي ٿو جو ڄڻ ڪو چوڪيدار سڄي ڄمار پهرو ڏيڻ لاءِ بيٺو هجي. انهيءَ ڪري ئي صفرا (Bile) جي رطوبت، جنهن جو نڪرڻ هاضمي جي لاءِ هوندو آهي، مختلف قسم جا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ٻين ڪمن تي به اثرانداز ٿيندو آهي.
ٻئي پاسي روزي جي ذريعي جيري کي چئن کان پنجن ڪلاڪن تائين آرام ملي ويندو آهي. اهو سڀڪجھه روزي کانسواءِ بلڪل ئي ناممڪن آهي. ڇو ته تمام ٿورڙو کاڌو، ايتري تائين جو هڪ گرام جي ڏهين حصي جيترو کاڌو به جيڪڏهن معدي ۾ داخل ٿي وڃي ته هاضمي جو سمورو نظام پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏيندو آهي، جنهن جي ڪري جيرو به يڪدم پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويندو آهي. سائنسي نقطه نظر کان اها دعوى ڪري سگھجي ٿي ته هن آرام جو وقفو هڪ سال ۾ هڪڙو مهينو ته ضرور هئڻ گھرجي.
جديد دؤر جو انسان جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي غير معمولي قيمت مقرر ڪري ٿو، ڪيترن ئي طبي معائنن جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجھڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو پر جيڪڏهن جيري جي جيو گھرڙي کي ڳالهائڻ جي سگھه ملي وڃي ته جيڪر هو انسان کي چوي ها ته ”تون مون تي هڪ تمام وڏو احسان رڳو روزو رکڻ جي ذريعي ئي ڪري سگھين ٿو.“
جيري تي روزي جي برڪتن مان هڪ اها آهي جيڪا رت جي ڪيميائي عمل تي اثرانداز ٿئي ٿي. جيري جي تمام ڏکين ڪمن مان هڪ ڪم آهي انهيءَ توازن کي برقرار رکڻ جيڪو اڻ هضم ٿيل کاڌي ۽ ڳري ويل کاڌي جي وچ ۾ هوندو آهي. ان کي يا ته هر گرهه کي اسٽور ۾ رکڻو هوندو آهي يا وري رت جي ذريعي ان کي هضم ٿي ڳري وڃڻ جي عمل جي نگراني ڪرڻي هوندي آهي. روزي جي ذريعي جيرو توانائي ڏيندڙ کاڌي کي اسٽور ڪرڻ جي عمل کان گھڻي ڀاڱي آجو ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح جيرو پنهنجي توانائي رت ۾ گلوبلن (Globulin)، جيڪو جسم جي مدافعتي (Immune) سرشتي کي طاقت ڏيندو آهي، جي پيداوار تي خرچ ڪندو آهي. روزي جي ذريعي نڙي ۽ کاڌي واري نالي جي تمام گھڻن حساس عضون کي جيڪو آرام نصيب ٿيندو آهي، تنهن تحفي جو ڪو ملهه ئي ڪٿي نٿو سگھجي.
انساني معدو روزي جي ذريعي جيڪي به اثر حاصل ڪندو آهي، اهي انتهائي فائديمند هوندا آهن. انهيءَ سان معدي مان نڪرڻ واريون رطوبتون به بهتر طور تي متوازن ٿي وينديون آهن. انهيءَ جي ڪري روزي جي دوران تيزابيت (Acid) گڏ نه ٿيندي آهي، جڏهن ته عام قسم جي بک سان اها وڌي ويندي آهي پر روزي جي نيت ۽ مقصد هيٺ تيزابيت جي پيداوار بيهجي ويندي آهي. اهڙي طرح معدي جو ماس ۽ معدي جي رطوبت پيدا ڪرڻ وارا جيو گھرڙا، رمضان جي مهيني ۾ آرام جي حالت ۾ هليا ويندا آهن. جيڪي ماڻهو زندگيءَ ۾ روزا نٿا رکن، انهن جي دعوائن جي برخلاف اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هڪ چڱو ڀلو معدو شام جو روزو ڇوڙڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪاميابيءَ سان هاضمي جو ڪم ڪندو آهي.
روزو آنڊن کي به آرام ۽ توانائي مهيا ڪري ٿو. اهي صحتمند رطوبت جي ٺهڻ ۽ معدي جي رڳن جي مچن جي چرپر سان ٿيندو آهي. آنڊن جي شريانين جي پردي هيٺان (Endothelium) مدافعتي سرشتي جو بنيادي عنصر هوندو آهي جيڪو آنڊن جي ڄار وانگر هوندو آهي. روزي رکڻ سان انهن کي نئين توانائي ۽ تازگي حاصل ٿيندي آهي. اهڙي طرح اسان انهن سڀني بيمارين کان محفوظ ٿي ويندا آهيون، جيڪي هضم ڪرڻ وارين نالين تي ٿي سگھن ٿيون.
[b]ب – روزي جا رت جي دؤري تي مثبت اثر
[/b]ڏينهن ۾ روزي جي ڪري رت جي مقدار ۾ کوٽ ٿي پوندي آهي. اهو اثر دل کي وڏو فائدو ۽ آرام ڏيندو آهي. اڃا به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جيو گھرڙن جي وچ ۾ (Intercellular) پاڻيٺ جي مقدار ۾ به کوٽ جي ڪري تاندورن (Tissues) تي دٻاءُ گھٽجي ويندو آهي. تاندورن تي دٻاءَ يا عام فهم ۾ ڊائسٽالڪ (Diastolic) دٻاءُ دل جي لاءِ تمام وڏي اهميت رکندڙ هوندو آهي. روزي رکڻ سان ڊائسٽالڪ پريشر گھٽ سطح تي هوندو آهي. يعني ان وقت دل آرام جي حالت ۾ هوندي آهي. وڌيڪ اهو ته اڄ جو انسان جديد زندگي جي خاص حالتن جي ڪري سخت ڪشمڪش يا هائپر ٽينشن (Hypertension) ۾ ڦاٿل آهي. رمضان جي هڪ مهيني جا روزا خاص طرح سان ڊائسٽالڪ پريشر کي گھٽائي، انسان کي تمام گھڻو فائدو پهچائن ٿا. روزي جو سڀ کان گھڻو اثر رت جي دؤري تي انهي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ان سان رت جي شريانن تي ڪهڙو اثر ٿيندو آهي. انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ هاڻي عام آهي ته رت ۾ شريانن جي ڪمزوري ۽ هيڻائي جي سڀ کان اهم سببن مان هڪ سبب رت ۾ پٺتي رهجي ويل مادن (Remnants) جو پوري طرح ڳري نه سگھڻ آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي روزي ۾، خاص طرح سان روزي کولڻ جي ويجهي وقت تائين رت ۾ موجود غذائيت جا سڀئي ذرڙا ڳري چڪا هوندا آهن. انهن مان ڪجھه به بچندو نه آهي. اهڙي طرح رت جي شريانين جي ڀتين تي چرٻي يا ٻيا جزا ڄمي نه سگهندا آهن. اهڙي طرح شريانيون سسڻ کان محفوظ رهنديون آهن. اهو به ته موجوده دؤر جي انتهائي خطرناڪ بيمارين مان شريانين جي ڀتين جي سختي (Arteriosclerosis) سڀ کان نمايان آهي، تنهن کان بچڻ جي سڀ کان ڀلي تدبير روزو ئي آهي.
جيئن ته روزي رکڻ سان بڪيون، جن کي رت جي دؤري جو ئي هڪ حصو سمجھيو ويندو آهي، آرام جي حالت ۾ هونديون آهن. انهيءَ ڪري جسم جي انهن اهم عضون جي سگھه به روزي جي برڪت سان بحال ٿيندي آهي.
[b]ٻ – جيو گھرڙي (Cell) تي روزي جو اثر
[/b]روزي جو سڀ کان اهم اثر جيو گھرڙن ۽ ان جي اندروني پٽڙن مادن جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ سان آهي. جيئن ته روزي رکڻ سان مختلف پٽڙا مادا گھٽجي ويندا آهن، انهيءَ ڪري جيو گھرڙن جي عمل ۾ به وڏي حد تائين سڪون پيدا ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح لعاب دار جھلي جا مٿين سطح سان لاڳاپيل جيو گھرڙا، جن کي ايپي ٿيليل (Epithelial) جيو گھرڙا به چيو ويندو آهي ۽ جيڪي جسم جي رطوبت جي لڳاتار ڪڍڻ جا ذميوار هوندا آهن، انهن کي به رڳو روزي جي ذريعي ئي آرام ۽ سڪون ملندو آهي، جنهن سان انهن جي چڱڀلائي ۾ واڌارو ٿيندو آهي. جيو گھرڙن جي ڄاڻ جي نقطه نظر سان اهو چئي سگھجي ٿو ته لعاب (ٿڪ) بنائڻ وارا (Pituitary) غدود، ڪنڌ جا غدود تيموسيه (Thyroid) ۽ لبلبي (Pancreas) جا غدود انتهائي بي چينيءَ سان رمضان جي مهيني جو انتظار ڪندا آهن ته جيئن روزي جي برڪت سان ڪجھه آرام جو موقعو حاصل ڪري سگھن ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي توانائين کي نئين طاقت ڏئي سگھن.
[b]ڀ – روزي جو اعصابي نظام تي اثر
[/b]انهيءَ حقيقت کي پوري طرح سمجھڻ گھرجي ته روزو رکڻ سان ڪن ٿورڙن ماڻهن ۾ پيدا ٿيندڙ چڙ ۽ تيسي ۽ بي دلي جو اعصابي نظام سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. انهيءَ قسم جي صورتحال انهن ماڻهن اندر انانيت (Egotistic) يا طبيعت جي سختي جي ڪري ٿيندي آهي. انهيءَ جي برخلاف روزي رکڻ سان اعصابي نظام مڪمل طرح سڪون ۽ آرام جي حالت ۾ هوندو آهي. عبادتن جي بجاآوري سان حاصل ٿيڻ وارو سڪون اسان جي سڀني نفرتن ۽ ڪاوڙ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ خشوع ۽ خضوع ۽ الله تعالى جي مرضي جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ جھڪائڻ جي ڪري ته اسان جون پريشانيون به ختم ٿي وينديون آهن. اهڙي طرح اڄوڪي دؤر جا سخت مسئلا، جيڪي اعصابي دٻاءَ جي شڪل ۾ هوندا آهن، لڳ ڀڳ مڪمل طرح ختم ٿي ويندا آهن.
روزي رکڻ سان اسان جون جنسي خواهشون جيئن ته محدود وينديون آهن، انهيءَ ڪري به اسان جي اعصابي نظام تي ناڪاري اثر مرتب نه ٿيندا آهن.
روزي ۽ وضوءَ جي گڏيل اثر سان جيڪا مضبوط هڪجهڙائي پيدا ٿئي ٿي، انهيءَ سان دماغ ۾ رت جي دؤري جو بي مثال توازن قائم ٿي ويندو آهي جيڪو صحتمند اعصابي نظام جي نشاندهي ڪندو آهي. جيئن ته مان پهريان به بيان ڪري چڪو آهيان ته اندروني غدودن کي جيڪو سڪون ملندو آهي، اهو پوري طرح اعصابي نظام تي اثر ڏيکاريندو آهي، جيڪو روزي جو انهيءَ انساني نظام تي هڪ ٻيو احسان آهي.
انساني تحت الشعور، جيڪو رمضان جي مهيني ۾ عبادتن جي مهربانين سبب صاف، اڇو اجرو ۽ سڪون ۾ اچي ويندو آهي، اعصابي نظام مان هر قسم جي ڪشمڪش ۽ مونجھاري کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
[b]ت – رت جو ٺهڻ واري عمل تي روزي جو اثر
[/b]رت هڏين جي مک ۾ ٺهندو آهي. جڏهن به جسم کي رت جي ضرورت ٿيندي آهي ته هڪ پاڻمرادو ڪم ڪرڻ وارو نظام هڏي جي مک کي چرپر (Stimulate) ۾ آڻيندو آهي. ڏٻرن ۽ هيڻن ماڻهن ۾ اها مک سست حالت ۾ هوندي آهي. اها ڪيفيت وڏن وڏن شهرن ۾ رهڻ وارن ماڻهن ۾ گھڻو ڏٺي وئي آهي، جنهن ڪري منهن ڦڪو ٿي وڃڻ واري مرض ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي.
روزي رکڻ سان، جڏهن رت ۾ غذائي مادا بلڪل گھٽ سطح تي هوندا آهن، هڏين جي مک حرڪت ۾ اچي ويندي آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ ڏٻرا ماڻهو روزو رکي آسانيءَ سان پنهنجي اندر گھڻي رت پيدا ڪري سگھن ٿا. بهرحال اها ڳالهه ته ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو رت جي ڪنهن پيچيده بيماري ۾ ڦاٿل هجي، ته ان کي طبي معائنو ۽ ڊاڪٽر جي تجويزن کي ڌيان ۾ رکڻو ئي پوندو. جيئن ته روزي رکڻ سان جيري کي ضروري آرام ملي وڃي ٿو، اهو هڏي جي مِک جي لاءِ ضرورت موجب ايترو مواد مهيا ڪري ڏيندو آهي، جنهن سان آسانيءَ سان ۽ وڌيڪ مقدار ۾ رت پيدا ٿي سگھي.
اهڙي طرح روزي جي باري ۾ ڪيترين ئي قسمن جي حياتياتي برڪتن جي ذريعي هڪ ڏٻرو ماڻهو پنهنجو وزن وڌائي سگھي ٿو. اهڙي طرح ٿلها ۽ چرٻي چڙهيل ماڻهو به روزي جي عام برڪتن جي ذريعي پنهنجو وزن گھٽائي سگھن ٿا.
هائو مهربان پڙهندڙؤ! اچو ته هاڻي ٻيهر آيت نمبر 184 جي آخري حصي کي ياد ڪريون ۽ قرآن پاڪ جي معجزي جي خوبين مان مزو ماڻيون.
”جيڪڏهن سمجھو (يعني جيڪڏهن توهان جسم جي حياتياتي ڄاڻ کي سمجھو) ته توهان جي لاءِ ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته توهان روزو رکو پوءِ ڀلي ڇونه انهيءَ ۾ توهان کي ڏکيائي محسوس ٿئي.“