موضوع نمبر 9 قرآن جي اها آيت جنهن ڪوسٽو کي سڌي واٽ وٺائي
”ٻن سمنڊن کي انهيءَ الله وهايو، جي پاڻ ۾ گڏجي ٿا وهن. پوءِ به انهن جي وچ ۾ اوٽ آهي جنهن ڪري اهي (هڪٻئي تي) چڙهت نٿا ڪن.“
هن آيت ۾ ٻن اهم نڪتن کي بيان ڪيو ويو آهي.
1. ٻن سمنڊن جو هڪ سنهڙي آبناءِ (1) جي ذريعي پاڻ ۾ ملڻ هڪ معمولي ڳالهه آهي.
2. اها حقيقت ته ٻه سمنڊ، هڪ خاص قسم جي رڪاوٽ جي ڪري مڪمل طور پاڻ ۾ نٿا ملن.
اچو ته انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريان سائنسي خاصيتن جو مطالعو ڪريون. فرانسيسي سائنسدان جيڪ وي ڪوسٽو، جيڪو سمنڊ جي اندر پاڻي تي تحقيق جي حوالي سان مشهور آهي، اها کوجنا ڪئي ته رومي وڏو سمنڊ (Mediterranean) ۽ ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ ڪيميائي ۽ حياتياتي لحاظ کان هڪ ٻئي کان مختلف آهن. صاحب موصوف انهيءَ حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ آبناءِ جبل الطارق جي ويجھو سمنڊ ۾ تحقيق ڪري اهو ٻڌايو ته جبل الطارق جي ڏاکڻين ڪنارن (مراڪش) ۽ اترين ڪنارن (اسپين) تي بلڪل ئي غير متوقع طور مٺي ۽ تازي پاڻيءَ جا چشما ڦٽن ٿا. اهي سامونڊي پاڻي ۾ هوندا آهن. اهي تمام وڏا چشما هڪ ٻئي ڏانهن 45 ڊگري جي ڪنڊ تي تيزي سان وڌندي هڪ ڊيم وانگر ڪنگيءَ جي ڏندن واري شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن. اِن عمل جي ڪري رومي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ اندران هڪ ٻئي سان گڊمڊ نه ٿيندا آهن.
انهيءَ تحقيق کان پوءِ جڏهن ڪوسٽو کي اهي آيتون ڏيکاريون ويون ته هو تمام گھڻو حيران ٿيو ۽ قرآن جي عظمت جي واکاڻ ڪندي مسلمان ٿي ويو.
هن حيرت ۾ وجھندڙ آيت ڪريمه ۾ جبل الطارق (جبرالٽر) جي اوٽ کي بلڪل چٽيءَ طرح بيان ڪيو ويو آهي. اچو ته ٻيهر انهن آيتن کي سورت الرحمان جي عمومي تناظر ۾ ڏسون. اها حقيقت آهي ته هن سورت جو موضوع الله تعالى جي خوبصورت عنايتن ۽ تخليق جي لاءِ اڻکٽ دانائي، حڪمت ۽ ڪاريگريءَ جو نمونو آهي.
هن آبناءِ ۾ ٻن سمنڊن جي اوٽ جي اندروني معنى به آهي، اها ڇا آهي؟ سمنڊ ۾ جيئري مخلوق جو تعداد زمين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. ان ۾ اڻ ڳڻيا جراثيم (Organisms) آهن. هن ۾ قسمين قسمين ٻوٽا ۽ ٻوڙا آهن. مطلب ته الله تعالى جي قدرت جا عظيم شاهڪار انهيءَ ۾ موجود آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته مختلف قسم جا جراثيم مختلف ماحول ۾ ملن ٿا. اهو به هڪ قدرتي سبب آهي جو الله تعالى جي قدرت سمنڊن کي پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃڻ نٿي ڏئي.
اها معنى اسان کي آيت نمبر 22 ڏانهن به متوجه ڪري ٿي، خاص ڪري سمنڊ جي بناوت ڏانهن ۽ سامونڊي ٻوٽن ۽ مڇين جي ورڇ ڏانهن، جيڪي گرمي پد ۾ تبديلين جي ڪري بدلجي وينديون آهن. هي آيتون ٻنهي سمنڊن ۾ موتين ۽ خوبصورت سامونڊي پٿرن جي موجودگيءَ جو اعلان به ڪن ٿيون. اهڙي طرح جدائي رڳو ڪيميائي جزن جي نقطي نظر جي ڪري ئي نه پر موتين ۽ مڻين ۽ به ڪيميائي جزن جي ڪري به ٿيندي آهي جيڪي ڪٿي هوندا آهن ۽ ڪٿي نه هوندا آهن، انهيءَ صورت ۾ ٻن سمنڊن جي گڊمڊ نه ٿيڻ جي ڪري، انهن سمنڊ جي اندر ايترا ته باغ آهن ۽ ايترن ئي قسمن ۽ نوعن جون مڇيون آهن جو انهن کي پنهنجي قدرتي ماحول ۾ ڏسي لامحدود خوشي ۽ حيرت جو احساس ٿيندو آهي.
سمنڊ ۾ خاص قسم جا گل ڏسجن ٿا جيڪي ڪيترن ئي مختلف قسم جي ٻوٽن سان ڍڪيل هوندا آهن، جن جو مثال خشڪي تي نٿو ملي. ڪيترائي خاص قسم جا گل هوندا آهن جن جو زمين تي تصور به نٿو ڪري سگھجي. اهڙا گل سمنڊ جي تهه ۾ به آهن. سمنڊ جي تهه ۾، اهڙا وڻندڙ ۽ سينگاريل ڪيڙا ماڪوڙا ۽ جيت جڻيا آهن جن جي خوبصورتي ڏسڻ وٽان آهي، سي پنهنجي وجود کي هزارين ميٽر اونهائيءَ ۾ راڊار (Radar) جهڙي صلاحيت جي ڪري قائم رکيو پيا اچن.
سمنڊ جي اندر هڪ اهڙي مڇي به آهي جنهن کي Acan Thurus Triostegus جو نالو ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ جي ڳاڙهي جسم تي فلوريت جا گول نشان هوندا آهن جن مان خوبصورت روشني نڪرندي آهي ۽ پنهنجي اوسي پاسي کي چمڪائي ڇڏيندي آهي. سمنڊ جي اٿاهه اونهائين وارين اونداهين ۾ لڳ ڀڳ ٽيهن رنگن جي روشني ڏيندڙ اڻ ڳڻيون مڇيون ملن ٿيون. اها مخلوق الله تعالى جي خوبصورت ۽ عظيم ڪاريگريءَ جو خاص نمونو آهي ۽ سمنڊ جي پاڻ ۾ ملي نه پوڻ جي اندروني معنى کي ظاهر ڪري ٿي. جيئن ته آيت پاڪ مان ظاهر ٿئي ٿو ۽ سائنسي تحقيق مان به خبر پئي آهي ته آبناءِ جبل الطارق جي ٻنهي پاسن ۾ بيشمار سامونڊي ڇپن ۽ تهن ۾ اهڙا ته خوبصورت ۽ مختلف جيت جڻيا موجود آهن، جو اڄ جي ڪمپيوٽري دؤر ۾ به انهن جو ڳاڻيٽو ناممڪن آهي.
اهڙي طرح هر رنگ ۽ نموني جا گل ٻنهي سمنڊن ۾ آهن. مثال طور ڪي اهڙا جهڙا نانگ ڦڻ ٿوهر ۽ ڪي ٻيا جن جا رنگ نيرا، هيڊا ڳاڙهسرا آهن. پر ٻنهي سمنڊن ۾ انهن جا قسم جدا جدا آهن. اهڙي طرح سمنڊ جي اٿاهه اونهائيءَ ۾ روشني ڇڏيندڙ نيري رنگ جي ڪوريئڙن هڪ قسم جو طلسماتي ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
انهيءَ سامونڊي مخلوق جي بيان سان اسان جو هڪ مسئلو حل ٿي وڃي ٿو. سمنڊ جي اٿاهه اونهائين ۾ جتي اک ڪجھه به نٿي ڏسي سگھي، اتي انهن خوبصورت جيتن جڻن ۽ نظارن جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ سورت الرحمان جي آيت نمبر 19 کان 25 اسان جي حقيقي معبود جي اڻ کٽ خوبصورت مخلوق جو بيان آهي. وري چوڏهن صدين کان پوءِ انهيءَ سامونڊي مخلوق جي باري ۾ اٽلس جا ڪتاب ڇپيل آهن. اهڙي طرح جڏهن اسان ان ۾ ڏنل بيشمار خوبصورت مخلوق کي ڏسون ٿا ته هن آيت پاڪ جا راز ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا. انهن ٻنهي سمنڊن جي پاڻ ۾ گڏجي نه وڃڻ جي مصلحت ۾ اسان ٻنهي پاسن کان مختلف مخلوقن جو مشاهدو ڪريون ٿا جن ۾ اها مڇي به شامل آهي جنهن جي منهن وٽان اهڙي ته روشني چمڪي ٿي جو ڄڻ ته اهو ڪو طلسماتي دنيا ۾ هڪ واٽ ڏيکاريندڙ رهنما هجي.
اڄ جي نئين علم جي روشني ۾ اسان ڪجھه اهڙا تفصيل به ڏسنداسين ته زمين جي گولي تي زندگي ڪيئن ظاهر ٿي ۽ مختلف آيتن ۾ زندگيءَ جو وجود ڪهڙي طرح ظاهر ڪيو ويو آهي. اڻويهين صدي جي شروع کان زمين تي زندگيءَ جو سوال سائنسدانن جي لاءِ سڀ کان وڏي دلچسپي بڻجي ويو آهي. شروع ۾ نامياتي ڍانچن (Organic Chemistry) تي کوجنائون ڪيون ويون ته جيئن اهو ڄاڻي سگھجي ته جاندار ۽ غيرجاندار شين ۾ ڪهڙو ڪيميائي فرق آهي. اڳتي هلي انهيءَ علم ڪيميا جي هڪ شاخ طور عضوياتي ڍانچي (Organic Sturcture) واري علم جي صورت وتي.
شروعاتي نتيجن مان اها ڄاڻ ملي ته نامياتي ڍانچن ۾ خاص ڳالهه اها هئي ته انهن ۾ جوهري ڪاربان (Carbon Atoms) ڪاٽو بجلي چارج (Negative Electric Charge) وارا هئا. جيتوڻيڪ قدرت جي نظام ۾ ڪاربان چئن جي حساب سان ملي ٿو پر نامياتي يا جيئرين شين ۾ اهو ڪاٽو چارج جو روپ وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح هائيڊروجن سان ملي، مرڪبن جي هڪ زنجير وانگر بڻجي وڃي ٿو. ان کان پوءِ جاندار جيو گھرڙن ۾ نائٽروجن جي اهميت به ڏٺي وئي. ان کان سواءِ اهڙيون شيون جهڙوڪه نامياتي مرڪب (Amino Acid) لڌي وئي جيڪا پڪ سان غير جاندار شين ۾ موجود نه هئي.
اها سموري ڄاڻ آخرڪار جيمز واٽسن جي جيئرين شين ۾ ڊي اين اي (D.N.A) جي موجودگيءَ واري کوجنا تي ختم ٿي. بهرحال زندگيءَ جي بنيادي ڍانچي جي کوجنا ٿي وئي. 1950ع ۾ نامياتي ڍانچن جي مطالعي تي ڌيان وڌي ويو، جنهن سان اها کوجنا سامهون آئي ته D.N.A ۾ هائڊروجن ايٽم Ions پاڻ ۾ غير مستقل پُلن جي صورت ۾ ڳنڍيل هوندا آهن. هاڻي رڳو هڪڙو سوال رهجي وڃي ٿو؛ اهو هي ته جيڪڏهن سڀئي ننڍڙا جسم (Orignisms)، يعني گاهه کان وٺي دماغي نسون (Neurons) ۽ هزارين ٻيا ننڍڙا جسم هڪ ئي جيو گھرڙي منجھان جڙن ٿا، ته پوءِ زندگيءَ ۾ ايتري گھڻ پاسائين رنگيني ڇو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ سڀ کان پهريان جيو گھرڙي ۽ انهن جوڙن جي وچ ۾ لاڳاپي ڏانهن ڌيان ڏنو ويو آهي پر اهي سڀئي ڪوششون اهو ڄاڻڻ ۾ ناڪام ويون آهن ته انهيءَ فرق جو ڪهڙو سبب ٿي سگھي ٿو، جنهن جي حساب سان هڪ جيو گھرڙو (Cell) هڪ پاسي ته صفرا (Bile) بڻائي ٿو ته ٻئي پاسي اهو ئي جيو گھرڙو وري اک جي پردي تي روشنيءَ کي بجليءَ ۾ تبديل ڪري ٿو.
آخر ڪار سائنسدان اِن نتيجي تي پهتا ته جيوگھرڙو حقيقت ۾ زندگيءَ جي هڪ پيچيده رياضياتي پروگرام جو حصو آهي. يعني هر قسم جي عضون کي هڪ طرح جي ڪمپيوٽري نظام هيٺ جوڙيو ويو آهي؛ بلڪل هڪ ننڍڙي کيسي ۾ رکڻ واري ڪلڪيوليٽر وانگر. اهو ئي سبب آهي جو قرآن جي ڪيترين ئي آيتن ۾ الله تعالى اعلان ڪيو آهي ته ”اسان تخليق ڪيو ۽ شروع کان ئي ترتيب ڏنو.“
اهڙن سائنسي نظرين کي سامهون رکندي هاڻي اسان ڪنهن حد تائين انهيءَ لائق ٿي سگھون ٿا ته تخليق جي سلسلي ۾ مينهن جي پاڻيءَ سان ڀريل کڏ جي ڪناري واري مٽي (Quickening of Soil) کي سمجھي سگھون. الله تعالى زمين کي مادي شڪل ۾ پيدا ڪرڻ کان پوءِ مٽي ۽ پاڻيءَ ۾ زندگي پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪم ڏنو ۽ زندگيءَ جي ننڍڙي ذري کي هڪ پروگرام (نظم) عطا ڪيو.
______
1. آبناءِ – پاڻي جو سنهو رستو جيڪو خشڪيءَ جي ٻن وڏن حصن کي جدا ڪري ۽ پاڻي جي ٻن حصن کي پاڻ ۾ گڏي.