موضوع نمبر 12 حمل (ڳڀجڻ) جي باري ۾ دلچسپ حقيقتون
”انهي (الله) ڏانهن موٽائي ويندي آهي انهيءَ وقت جي ڄاڻ. ۽ نٿو نڪري ڪو ميوو پنهنجي ڳڀن مان ۽ نٿي ڍڪي ٿئي ڪا مادي ۽ نٿي ڦر ڄڻي انهيءَ جي ڄاڻ کانسواءِ. ۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي سڏيندو ته ڪٿي آهن منهنجا ڀائيوار؟ اهي چوندا اسان عرض ڪريون ٿا (پڪ ڏياريون ٿا ته) اسان مان ڪوبه (انهيءَ باري ۾) شاهدي نه ڏيندو.“
اسان ڪوشش ڪنداسين ته هن آيت جي وچين حصي جي حيرت ۾ وجھندڙ سائنسي تشريح بيان ڪري سگھون.
”انهيءَ جي ڄاڻ کانسواءِ ڪوبه ميوو پنهنجي ڳڀ مان نٿو نڪري ۽ نه ڪا مادي ڍڪي ٿئي ٿي ۽ نه ڦر ڄڻي ٿي.“
گذريل آيتن وانگر اسان کي هن آيت جي غير معمولي سببن جي به نشاندهي ڪرڻ گھرجي. ڇو ته ڪائنات ۾ هر واقعي جو بنياد ۽ سبب الله تعالى جي اڪيلي ذات پاڪ ۽ ان جي مرضي هوندي آهي. ته پوءِ اسان جي پالڻهار خاص طور انهن ٽن حياتياتي عجوبن جو ذڪر ڇو ڪيو آهي؟ ۽ اهو ته انهن جو ظاهر ٿيڻ رڳو قادر مطلق جي خاص مرضيءَ سان ئي ڇو ٿو ٿئي؟ انهيءَ راز کي سمجھڻ جي لاءِ اهو ئي ڪافي ٿيندو ته انهن واقعن جي حياتياتي پاسن جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪريون.
اچو ته سڀ کان پهريان حمل (پيٽ) ٿي وڃڻ واري عجوبي جي باري ۾ تفصيلي تحقيق ڪريون، جيڪو ظاهر آهي ته هڪ ماديءَ جو پيٽ سان ٿيڻ آهي.
ڪي ٿورڙا سال اڳ تائين پيٽ ٿيڻ واري عجوبي کي علم حياتيات جو هڪ عام دنياوي واقعو سمجھيو ويندو هو، جنهن ۾ پيءُ ۽ ماءُ جي طرفان جين يا ورثي وارا جراثيم هڪ جيترا ڀائيوار ڄاڻايا ويندا هئا. جيئن جيئن سائنسي علم ترقي ڪئي ته اهو ظاهر ٿي پيو ته پيٽ ٿيڻ وارو عمل هڪ انتهائي پيچيده عمل آهي.
هڪ ماديءَ ۾ ٻج (بيضي) جو جيو گھرڙو هڪڙو ايڪو آهي جيڪو پنهنجي انهن سٺ هزار (60000) حياتياتي خاصيتن جو اڌ رکندو آهي جيڪي هڪ انسان ۾ هونديون آهن. جيتوڻيڪ انهن جيوگھرڙن جي خاص قسم جي ڀڃ ڊاهه کي ميوسس (Meiosis) چوندا آهن، پر ماديءَ جو ٻج (Ovum) بنا ڪنهن ترتيب جي پنهنجي اندر انهن سٺ هزار خاصيتن جو اڌ رکندو آهي. اهي وڌيڪ ٽيويهه (23) چرندڙ جسمن (Choromosomes) تي سوار هوندا آهن ۽ مردن ۾ ڇائيتاليهن (46) جي تعداد ۾ هوندا آهن. مان انهيءَ غيرمعمولي واقعي کي هڪ مثال جي مدد سان ٻڌائڻ گھران ٿو.
فرض ڪريو ته هڪ انسان جي نمائندگي انهيءَ جيني ڪوڊ (Genetic Code) سان ڳنڍيل آهي جيڪو سٺ هزار جي تعداد مان هڪ کان وٺي سٺ هزار جي ترتيب سان ماءُ جي جيو گھرڙن ۾ موجود آهي پر ماءُ جا ڪارڊ هڪ کان وٺي ٽيهن هزارن تائين هڪ خاص ترتيب ۾ نه آهن. سٺ هزار ڪارڊن جي تعداد مان ماءُ جي ٻج (Ovum) ۾ ٽيهه هزار ڪارڊ بنا ڪنهن ترتيب جي موجود آهن. مثال طور اهي ٽيهه هزار هن ترتيب سان موجود آهن: 1-2-3-8-165-4340-11840-24114-38111-47617-57514.... وغيره، اهي ماءُ جي ٻج ۾ ٿي سگھن ٿا. ماءُ جي مهانڊي پيدا ٿيڻ واري ٻار جون خاصيتون به پنهنجي مرضيءَ جون هونديون. ان جو اکيون به بلڪل هڪجهڙيون هجن، اهو ضروري نه آهي، جڏهن ته ان جا ڀرون متناسب ٿي سگھن ٿا. ان جا ننهن به هڪجهڙا هجڻ ضروري نه آهن، جڏهن ته ان جي آڱرين جي بناوت هڪجهڙي ٿي سگھي ٿي.
پر اسان کي هڪ اهم نڪتي کي وسارڻ نه گھرجي. اهو هيءُ ته هڪ نئين پيدائش جي لاءِ ضروري آهي ته انهيءَ جا گم ٿيل ڪارڊ يا فارمولا ملي وڃن. اهي ڪارڊ قدرتي طور پيءُ جي نطفي کان آيل هوندا آهن. پيءُ جو نطفو به اهڙي طرح پنهنجي اندر مختلف قسم جا ٽيهه هزار (30000) ڪارڊ يا فارمولا رکندو آهي. فرق رڳو اهو آهي ته نطفي جا پنجويهه ڪروڙ جيو گھرڙا ماءُ جي رڳو هڪ بيضي (Ovum) جي مقابلي ۾ آيل هوندا آهن.
هائو، عزيز پڙهندڙؤ! اها ئي اها جاءِ آهي جتان عقل کان مٿاهون واقعو ٿي پوندو آهي. ماءُ جي بيضي کي نطفي جي رڳو هڪڙي متناسب ۽ مڪمل ڪرڻ واري جيو گھرڙي جي چونڊ انهن پنجويهه ڪروڙ جيو گھرڙن مان ڪرڻي هوندي آهي، جن مان هر هڪ وڌيڪ ٽيهه هزارن جي تعداد ۾ ڪارڊن تي مشتمل هوندو آهي. انهيءَ کي اهو عظيم ڪم رڳو هڪ ڪلاڪ جي اندر اندر ڪرڻو هوندو آهي.
انهيءَ موقعي تي زندگيءَ جي انهيءَ عظيم الشان ڳجھارت کي صحيح تناظر ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ آءٌ انهيءَ جي تشريح هڪ ٻئي مثال سان ڪرڻ گھران ٿو.
فرض ڪريو ته توهان کي ٽيهه هزار ڪارڊن جو هڪڙو سيٽ ڏنو وڃي ٿو. انهن مان هر هڪ ڪارڊ هڪ کان وٺي سٺ هزار تائين جي ڳڻپ جو هڪ نمبر رکندڙ آهي. اِن کان پوءِ توهان کي پنجويهه ڪروڙ ٿيلهيون ڏنيو وڃن ٿيون. هاڻي توهان انهن مان هڪڙي ئي خاص ۽ صحيح ٿيلهي ڳولي پنهنجو سيٽ مڪمل ڪرڻو آهي.
هاڻي توهان ڇا ڪندؤ؟
فرض ڪريو ته توهان هر هڪ ڪارڊ جي هڪ سيڪنڊ ۾ ڇنڊڇاڻ ڪريو ٿا. اهڙي طرح توهان کي پنجويهه ڪروڙ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ 250000000X30000 سيڪنڊ لڳندا، يعني پورا ٻه مهينا!
پر ماءُ جي بيضي کي نه رڳو انهن سڀني نمبرن جي تعداد کي گم ٿيل ڪارڊ جي ڳولا لاءِ جھاڳڻو پوندو آهي پر ان کي انهن سڀني خاصيتن مطابق نامياتي مرڪبن يعني امينو ايسڊ (Amino Acid Base) جي بنياد جو به تعين ڪرڻو هوندو آهي ته جيئن اهڙو ماحول پيدا ڪري سگھي، جنهن ۾ پنهنجو پاڻ ۾ ڳانڍاپي وارا پاسا برقرار رهي سگھن. انهيءَ جاءِ تي اسان مونجھاري جي انهيءَ سطح تي پهچي ويندا آهيون جو جيڪڏهن توهان ليبارٽرين سان پوري طرح تيار ٿي حياتيات جي هڪ هزار ماهرن کي به انهيءَ ڪم تي لڳائي ڇڏيو، ته اهي جلد ئي ڳڀجندڙ بيضي (Ovum) ۽ ان جي اوسي پاسي پنجويهه ڪروڙ نطفن جي جيوگھرڙن جي انبار مان بلڪل صحيح مطابقت رکندڙ جيو گھرڙن جي چونڊ ڪن، ته انهيءَ ڪم لاءِ انهن کي سالن جا سال لڳي ويندا. جڏهن ته ڳڀجڻ واري انهيءَ عمل کي رڳو هڪڙي ڪلاڪ جي اندر مڪمل ٿيڻ گھرجي. هتي هڪ اهڙي عظيم ڳجهارت سامهون اچي ٿي، جنهن کي ڀڃڻ ناممڪن آهي پر اها ناممڪن ڳجهارت هڪ ڏينهن ۾ لکين دفعا ڀڄندي رهي ٿي، يعني هن پوري دنيا ۾ لکين ماديون ڍڪيون ٿينديون رهن ٿيون.
انهيءَ ڊگھي بحث کان پوءِ اسان ڪهڙي نتيجي تي پهچون ٿا؟
اها ڳالهه بلڪل ئي ناممڪن سمجھه ۾ اچي ٿي ته موجوده حياتياتي قانونن جي ڄاڻ موجب اهو ڄاتو وڃي ته ڪهڙي طرح هڪ مادي پنهنجي بيضي اندر پنهنجي گم ٿيل جيني ڪارڊ يا ساٿي جي سڃاڻ ڪري سگھندي جيڪا ڍڪي ٿيڻ جي لاءِ ضروري آهي. ٻين لفظن ۾ جديد ۽ عقلي سائنس ته اسان کي اهو ٻڌائي رهي آهي ته انهيءَ طرح ڪا مادي ڍڪي ته ٿي ئي نٿي سگھي.
آيت ڪريمه نمبر 47، جيڪو اعلان ڪري رهي آهي، انهيءَ موجب چوڏهن صديون اڳ جيڪا ڄاڻ ڏني پئي وڃي، انهيءَ جو مطلب ڪجھه هن طرح آهي؛ الله تعالى جو ارشاد ٿي رهيو آهي ته ”اي انسانو! اهو رڳو منهنجي مرضي ۽ منهنجي عطا ڪيل سائنسي علم جي بنياد تي ئي ٿي رهيو آهي جو ماديءَ جو بيضو ڪڏهن به نه سمجھه ۾ ايندڙ راز ۽ ڳجهارت کي ڀڃي سگھي ٿو.“
هن آيت ڪريمه جي مقابلي ۾ جديد سائنس انهيءَ حقيقت جي رڳو تائيد ڪري سگھي ٿي. رڳو هن هڪڙي آيت جي معاملي ۾ حياتياتي ۽ سائنسي ڄاڻ قرآن جي نقش پاڪ تي هلي سگھي ٿي. قرآن جيڪي راز چوڏهن سؤ سال اڳ بيان ڪري ڇڏيا هئا، انهن جي باري ۾ ڪجھه سوچ ويچار هاڻي اڃا هيئنر ئي شروع ٿيو آهي.
تنهن ڪري پيارا پڙهندڙؤ! الله تعالى جو هي معجزو ايترو ته اهم آهي جو انهيءَ جي تناظر ۾ رڳو الله تعالى جي ڪائناتي پالڻهاريءَ جو اظهار نٿو ٿئي، پر انهيءَ سان گڏوگڏ قرآني آيتن جي سائنسي اهميت ۽ نشانيون به ظاهر ٿين ٿيون. ڍُڪي ٿيڻ وارو عجوبو روزمره جي سائنسي ڄاڻ جي لاءِ هڪ عظيم شاهدي آهي. اها هن طرح ته جيڪڏهن اهو فرض ڪيو وڃي ته الله تعالى جو وجود نه آهي ته سائنس اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڪابه مادي ڍڪي نٿي ٿي سگھي پر اها حقيقت آهي ته هزارين، اڃا به سمورن جاندارن جو تصور ڪيو وڃي ته ڪروڙين ماديون هر ڏينهن ڍڪيون ٿينديون رهن ٿيون. اهڙي طرح اها حقيقت پڌري ٿي وڃي ٿي ته:
”مان ان ڳالهه جي شاهدي ڏيان ٿو ته الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي.“
وڌيڪ اهو ته جيئن ته قرآن چوڏهن صديون اڳ انهيءَ حقيقت جو سائنسي عجوبي طور، بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اظهار ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري:
”مان انهيءَ ڳالهه جي به شاهدي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله تعالى جا پيغمبر ۽ رسول آهن.“
هاڻي مان هن آيت ۾ لڪيل ٻئي راز ڏانهن اچان ٿو:
”ڪابه مادي الله جي مرضي کانسواءِ ڍڪي نٿي ٿي سگھي.“
ڍڪي ٿيڻ کانپوءِ پيدائش جي عمل لاءِ بيضي کي هڪڙي ڦر آڻيندڙ بيضي، جنهن کي زائگوٽ (Zygote) چوندا آهن، جي مرحلي مان گذري هڪ ٻچي جي صورت اختيار ڪرڻي پوندي آهي. اهو ڪهڙي قسم جو سائنسي عجوبو آهي؟
ڦر آڻيندڙ بيضو يا زائگوٽ وڌيڪ ڀڃ ڊاهه جي هڪ اهڙي مرحلي مان گذرندو آهي، جو ان جا جيو گهرڙا هڪ مان ٻه، ٻن مان چار، چئن مان اٺ، اٺن مان سورهن .... ايتري تائين جو هڪ مڪمل ٻار جيڪو لڳ ڀڳ ٽيهه ارب جيوگھرڙن تي مشتمل هوندو آهي، ٺهي پوندو آهي. ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿئي، پر انهيءَ ڀڃ ڊاهه جي عمل دوران انهن سٺ هزار خاصيتن کي به هڪ مستحڪم صورت ۾ داخل ٿيڻو هوندو آهي. مثال طور جڏهن جيو گھرڙن جو تعدا 256 تائين پهچندو آهي ته ان وقت اک جي ماڻڪين جي رنگ، ۽ ڪن جي ڪُري هڏي جو تعين ٿي ويندو آهي، جتي اهي 256 جيو گھرڙا پنهنجي بيهڪ وٺندا. مثال طور ڄڀ جي کَل جون خاصيتون ۽ بڪين جو خاصيتون جيو گھرڙي نمبر 221 ۾ گڏوگڏ قائم رهي سگھن ٿيون. جيڪڏهن انهن جي وچ واري مفاصلي ۾ هڪ سينٽي ميٽر جي ڪروڙين حصي جيتري به غلطي ٿي ويندي ته نتيجي ۾ يا ته انساني ڄڀ وٽان پيشاب وهڻ شروع ٿي ويندو يا وري پيٽ مان ڄڀ نڪري ايندي.
اهو اتفاق ته بنا ڪنهن غلطيءَ جي اهي خاصيتون هڪ جيو گھرڙي مان ٽيهه ارب جيو گھرڙن تائين جاميٽري جي تناسب سان گذرنديون، جيڪو هن طرح آهي 32-10X6. ان کان اڳتي اهو اتفاق ته هڪ خاص خاصيت (Trait) پنهنجي جاءِ تي، صحيح پاسو ۽ صحيح ترتيب تي قائم هوندي، هن نسبت سان آهي 128-10X6 جيڪو رياضيءَ جي حساب ۾ ٻڙي جي برابر هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي ته الله تعالى جي حڪم کانسواءِ ڪو ڀريل بيضو ٻچو بڻجي سگھي. وري ٻچو ڄمڻ وقت ويم جي سور جو حڪم ڪهڙي طرح ملي ٿو؟ ڪهڙي سائنسي ڪاميٽي گگ ٺاهڻ واري (پيچوٽري) گنڍ (غدود) جي لاءِ فيصلو ڪندي آهي ته ڦر جي جسم جو حياتياتي ڍانچو ڍڪي ٿيڻ جي چاليهن هفتن کان پوءِ مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪهڙي تحقيقاتي ليبارٽري ماءُ جي دماغ کي اطلاع موڪلي ٿي ته ٻار پوري طرح تيار ٿي ويو آهي، ته جيئن ڄڻڻ جو حڪم ڏئي سگھجي؟
اهو سڀ ڪجھه خدائي حڪم کانسواءِ ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟
حقيقت ۾ اتفاق سان ٿيڻ وارا واقعا يعني وقت کان اڳ پيدائش ٻار جي بناوٽ ۾ عيب ۽ ڍڪپڻ جي وقت پوري ٿي وڃڻ باوجود به ويم جا سور نه ٿيڻ، قدرت جي طرفان انسان کي ڇنڊ ڪڍڻ ۽ ڇينڀڻ سان گڏ گڏ ڍڪي ٿيڻ ۽ ٻار جي پيدائش جي حياتياتي معجزي جي يادگيري ڪرائڻ هوندو آهي.