مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 19 وقت جو سائنسي رخ

یُدَبِّرُ الۡاَمۡرَ مِنَ السَّمَآءِ اِلَی الۡاَرۡضِ ثُمَّ یَعۡرُجُ اِلَیۡہِ فِیۡ یَوۡمٍ کَانَ مِقۡدَارُہٗۤ اَلۡفَ سَنَۃٍ مِّمَّا تَعُدُّوۡنَ ﴿۵﴾ ذٰلِکَ عٰلِمُ الۡغَیۡبِ وَ الشَّہَادَۃِ الۡعَزِیۡزُ الرَّحِیۡمُ ۙ﴿۶﴾(السجدة: ٥ ۽ ٦)
آسمان کان زمين ڏانھن ھر ڪم جي رٿا ڪندو آھي، وري (اُھا تدبير) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿي ويندي آھي، جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھيه جيترو اُنھيءَ (ليکي) مان آھي، جو (توهان) ڳڻيندا آھيو. اِھا (سندس وصف) آھي، جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي.

تَعۡرُجُ الۡمَلٰٓئِکَۃُ وَ الرُّوۡحُ اِلَیۡہِ فِیۡ یَوۡمٍ کَانَ مِقۡدَارُہٗ خَمۡسِیۡنَ اَلۡفَ سَنَۃٍ ۚ﴿۴﴾
”جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي، تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن (عرش عظيم تي) حاضر ٿي ويندا آهن.“ (المعارج:٤)

اچو ته اسان انهن پيغامن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون، جيڪي هنن آيتن جي ذريعي اسان تائين پهچايا پيا وڃن.
1. سورت المعارج جي آيت نمبر 4 ۾ اهو اعلان ڪيو پيو وڃي ته جبرئيل امين ۽ ٻيا ملائڪ ايترو وڏو سفر هڪ ڏينهن ۾ ڪن ٿا جنهن جو ڳاڻيٽو دنيا جي ماپي سان پنجاهه هزار سالن تي ڦهليل آهي. هتي ٻه اهم پيغام ملن ٿا. پهريون اهو ته انهن جو هڪڙو ڏينهن اسان جي ڏينهن جي 365X50,000=18,250,000 ڏينهنِ جي برابر آهي. طبعياتي مواد جي خاص طرف ۾ چرپر جي شرح (Velocity) جي حد، روشنيءَ جي رفتار جيتري آهي، جنهن کي ”C“ سان تعبير ڪيو ويندو آهي ۽ C=300,000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ. جيڪڏهن هڪ ليڪ ۾ منظم (Linear) تشريح ممڪن هجي ته انهيءَ جو مطلب ٿيندو ته ملائڪن ۽ روحن جي آخري رفتار هيءَ ٿيندي:
Cn=250,000 C
ٻيو پيغام ٻڌائي ٿو ته وقت جو نظريو نسبتي (Relative) آهي. ٿورو وقت اڳ تائين وقت جو مطلب هوندو هو ٻانهن ۾ ٻڌل گھڙيءَ سان وقت ٻڌائڻ. پر هيءَ آيت مبارڪه ظاهر ڪري ٿي ته وقت مختلف موجودات جي لاءِ مختلف قسم جي لچڪ رکي ٿو. تفسيرون لکڻ وارن عالمن جي گھڻائي انهن آيتن جو مطلب اهو ورتو آهي ته الله تعالى جي مرضيءَ سان پيدائش ۽ واپسي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندي آهي ۽ اهو هڪڙو ڏينهن اسان جي هزارين سالن جيترو آهي.
2. سورت السجدة جي آيت نمبر 5 ۽ 6 جي تشريح گھڻي ڏکي آهي، انهن ۾ هڪ ٻئي قسم جو پيغام ڏنل آهي. جنهن نظريي جي هتي ڳالهه ٿي رهي آهي، انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته زمين تي وقت انتهائي آهستگيءَ سان هلي ٿو. انهن ٻنهي آيتن ۾ ۽ سورت المعارج جي آيت نمبر 4 ۾ تمام چٽائيءَ سان زور ڏئي انسانن کي ٻڌايو ويو آهي ته ڌرتيءَ جي گولي تي وقت جي موجودگي تمام سست انداز واري آهي.
ب – سورت السجدة جي آيت نمبر 6 وقت جي انهيءَ سست رفتاريءَ جو اظهار هِن طرح ڪري ٿي ته ”اهو ئي الله هر لڪيل ۽ ظاهر جو ڄاڻيندڙ آهي.“ اهڙي طرح وقت جي پکيڙ (سستي) سان گذرڻ جي رفتار ۽ ظاهري ۽ ڳجھي طرز سان لاڳاپيل آهي. هن جاءِ تي مان وضاحت ڪندس ته ڪهڙي طرح اها سمجھه علم طبعيات جي هڪ نئين قانون کي ظاهر ڪري ٿي.
ٻ – هن سورت جي شروعاتي آيتن جي مطالعي مان اها حقيقت ظاهر ٿي پوي ٿي ته دنيا جي ٺاهڻ ۾ ٻنهي جو مطلب اسان جي ڪلينڊر وارا ڏينهن بلڪل نه آهن، جن جو اسان جي روزمره جي ڪمن ڪارين سان لاڳاپو آهي. سڀني آسماني ڪتابن ۾ اهو بيان ملي ٿو ته دنيا ڇهن ڏينهن ۾ ٺهي. هن آيت مبارڪه ۾ قرآن انهيءَ حقيقت کي چڱيءَ طرح سان چٽو ڪري ڇڏي ٿو ته هتي لفظ ”ڏينهن“ جو مطلب اسان جي روزمره وارن ڏينهن کان گھڻو مختلف آهي.
3. جڏهن ٻنهي سورتن جي آيتن کي سامهون رکيو وڃي ته اسان کي هيٺيان سائنسي پيغام حاصل ٿين ٿا.
الف – روح ۽ ملائڪ نه نظر اچڻ واري مخلوق آهن، ڇو ته انهن جي رفتار، اسان کي نظر ايندڙ سڀني مادي شين جي رفتار کان وڌيڪ هوندي آهي.
ب – ڪائنات جي مختلف جاين تان وقت گذرڻ جي رفتار به مختلف هوندي آهي.
ٻ – جڏهن الله تعالى ڪنهن شيءِ کي خلقڻ جو ارادو ڪندو آهي ته اها شيءِ اولڙو بنجي الله تعالى ڏانهن واپس پهچندي آهي.
ڀ – شين ۽ مخلوقات جو نظر اچڻ اصل ۾ رفتار سان لاڳاپو رکي ٿو. زمين تي جتي وقت جي رفتار سست آهي، اتي شيون ڏسڻ ۾ اچي يا محسوس ٿي سگھن ٿيون. ڪنهن شيءِ جي نظر اچڻ جو دارمدار روشنيءَ جي رفتار (Velocity) تي آهي. (سورت السجده، آيت نمبر 6)
اچو هاڻي ڏسون ته انهن شروعاتي حقيقتن واري علم جي روشنيءَ ۾ جديد علم طبعيات جا وقت، رفتار ۽ مادي نظارن جي باري ۾ ڪهڙا خيال يا تصور آهن.
آئن اسٽائن ۽ لورنز (Lorentz) بنيادي طبعيات جي قانونن هيٺ اسان جي شعور ۾ اچڻ وارين شين جي رفتار جو اندازو ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ ڪيو آهي. انهيءَ حقيقت جي روشنيءَ ۾ ڪجھه مادي پرست ماڻهن ڪائنات جي آخري حدن جو اندازو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڊيراڪ (Dirac) ۽ هائزن برگ (Heisenberg) انهن حدن جي نشاندهي جي انهيءَ راند کي روڪي ڇڏيو آهي.
مادي (Matter) جي رفتار تي پابندي يا رڪاوٽ انهيءَ جي ڪري ٿي جو هر انهيءَ شيءِ جو مقدار تمام گھڻو وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي، جڏهن انهيءَ جي رفتار روشنيءَ جي رفتار جي ويجھو پهچي ويندي آهي. بهرحال ڪولمبيا يونيورسٽي جي فزڪس جي پروفيسر جيرالڊ فائنبرگ اهو نظريو پيش ڪيو آهي ته رفتار جي اها حد، جيڪا ڪائنات ۾ شين سان لاڳاپيل آهي، حقيقت ۾ وڌيڪ وڌائي سگھجي ٿي. ڪائناتي طبعيات ۾ محققن اهڙا مثال پيش ڪيا آهن، جن جي لحاظ کان اهڙيون مادي شيون سامهون آيون آهن، جن ۾ توانائيون ختم ٿي ويون آهن ۽ اهڙيون توانائيون سامهون آيون آهن، جن جو مادو ختم ٿي ويو آهي. پروفيسر فائنبرگ رياضياتي ايڪن جي مدد سان اهو نظريو ثابت ڪيو آهي ته اهڙا شعاع به موجود آهن جيڪي اسان جي مادي سان لاڳاپيل تصورن جي تابع نه هوندا آهن. انهن شعاعن کي ٽڪيان (Tackyon) جو نالو ڏنو ويو آهي. جيئن ته انهن شعاعن جي رفتار ڄاتل حد کان وڌي وڃي ٿي، انهيءَ ڪري انهن کي عام مادو نٿو چئي سگھجي. جيڪڏهن انهن جي رفتار ۾ گھٽتائي اچي وڃي ته اهي مقدار واريون ٿي وينديون ۽ مادي شڪل ۾ واپس اچي وينديون ۽ اهڙي طرح ڏسڻ وارن کي نظر اچڻ شروع ٿي وينديون. اهڙي طرح اهي ذرڙا جيڪي تحقيق جي مادي وسيلن جي تناظر ۾، انهيءَ رفتار سان حرڪت ڪن ٿا جو انهن جي رفتار روشنيءَ جي رفتار کان به وڌي وڃي، ته اهي پروٽانن (Protons) جي ظاهر ٿي پوڻ جو سبب بڻجندا آهن. انهيءَ عجوبي کي ان جي کوجناڪار جي نالي جي نسبت سان ”سيرينڪو شعاع نڪرڻ“ (Cerenkov Radiation) جو نالو ڏنو ويو آهي.
جيڪڏهن روشنيءَ جي رفتار کي ”C“ سمجيو وڃي ته انهن شعاعن جي رفتار واري حرڪت جي شرح (Velocity) مثال طور C2 يا C10 ٿي سگھي ٿي. اِن صورت ۾ انهيءَ جي لاءِ وقت ايتري قدر وسيع ٿي (Dilate) ويندو. اها حقيقت ته ڪائناتي شعاعن تي تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪائنات جي مخلتف علائقن ۾ وقت جي وهڪري يا گذرڻ جي رفتار تبديل ٿيندي رهندي آهي. علائقي جي حساب سان يا ته گھٽجي ويندي آهي يا وري وڌي ويندي آهي.
ٽڪيان شعاعن جي موجودگي ٻن طريقن سان ٿيندي آهي. پهريون طريقو ٽٻڪي وانگر هوندو آهي، جتان اهو شعاع مادي فضا ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ ڪيترائي ٽٻڪا هڪ ليڪ تي ٽنگيل هوندا آهن. ٻئي طريقي ۾ اهو هڪ بلڪل پيچيده سطح تي پکڙيل نظر ايندو آهي. اها فطري آمد قرآن ۾ ذڪر ڪيل ملائڪن جي تصور کان مختلف نه آهي. ملائڪن جو نظر نه اچڻ پڪ سان انهيءَ انتهائي تيز رفتاري جي ڪري هوندو. حقيقت ۾ ائين سمجھه ۾ ايندو آهي ته اهي آيتون انهيءَ ڳالهه جي کليل طرح سان تشريح ڪندي نظر اچن ٿيون.
اچو ته هاڻي اسان علم طبعيات جي جديد نظرين جي روشنيءَ ۾ هنن پاڪ آيتن جي اندر موجود پيغامن جو مطالعو ڪريون ۽ قرآن جي سائنسي معجزن جو الله تعالى جي واکاڻ ڪندي مشاهدو ڪريون.
1. هي آيتون ڇا ٿيون پيون ٻڌائين؟
ملائڪ نظر نٿا اچن. انهن جي رفتار (Velocity) مادي رفتار جي لحاظ کان ڪجھه هن طرح هوندي Cn=18,250,000 C. وقت جيڪو اسان جي مادي دنيا ۾ آهستي ۽ سست رفتاريءَ سان گذري ٿو، انهن ملائڪن جي لاءِ ڪابه معنى نٿو رکي.
سائنس ڇا ٿي چوي؟
ڪائنات ۾ موجود اهي شيون جن جي رفتار ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ هوندي آهي، اهي نظر نٿيون اچي سگھن. وقت جو عام وهڪرو يا گذرڻ انهن جي لاءِ ڪابه معنى نٿو رکي ۽ اها رفتار پنهنجو پاڻ به ڪائنات ۾ هر جاءِ تي مختلف هوندي آهي.
اها سائنسي طور تي مڃيل ڳالهه انهيءَ حقيقت جو به اعتراف آهي ته ملائڪ ۽ روح فضائي حدبندي کان مٿانهان آهن.
2. آيتون ڇا ٿيون ٻڌائين؟
”الله جي مرضي نظر نه اچڻ وارين توانائين جي انتهائي تيز رفتار مان ظاهر ٿئي ٿي ۽ انهن جي واپس ورڻ جو وقفو هڪ ڏينهن جو هوندو آهي، جيڪو توهان جي لحاظ کان هڪ هزار يا ڪيترن ئي هزار سالن تي پکڙيل هوندو آهي.“
سائنس ڇا ٿي چوي؟
ٽائيڪون شعاعن جون ليڪون، جيڪي ايتريون ته تيز رفتار هونديون آهن جو انساني ذهن انهن جو اندازو نٿو ڪري سگھي، غير مرئي توانائين جون نشانيون آهن. اهي مادي دنيا ۾ به اچن ٿيون ۽ پوءِ انهن ڏانهن موٽي وڃن ٿيون جتان کان آيون آهن.
فزڪس جون جديد ترين کوجنائون ۽ تصور هاڻي ويجھڙائيءَ ۾ ئي قرآن پاڪ جي آيتن جي تشريح جي ويجھو پهتا آهن، جڏهن ته دنيا کي انهن جي ذريعي چوڏهن سؤ سال اڳ ئي سمجھه عطا ڪئي وئي هئي.
انهن ٻنهي آيتن ۾ اهڙيون ته سمجھاڻيون موجود آهن جو انهن جي مدد سان ڪائنات جي پيدائش جي باري ۾ ڪيترا ئي راز ظاهر ٿي سگھن ٿا. وڌيڪ اهم اها حقيقت آهي ته انهن آيتن جي مدد سان غير مرئي ملائڪن جي موجودگي تي ايمان آڻڻ علم طبعيات جي لاءِ اڻٽر آهي.
ملائڪن جي باري ۾ اِن نظرئي کي اسان ايمان جي بنيادي رڪنن مان هڪ سمجھندا آهيون، انهيءَ تي اوڀر ۽ اولهه ۾ بي دينن ۽ ڪافرن ڪيترن ئي سالن تائين اعتراض واريا ۽ انهن تي ٺٺوليون پئي ڪيون آهن. پر اڄ سائنس انهن هستين جي موجودگيءَ جي حقيقت کي مڃڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهن کي قرآن جي حساب سان معجزو مڃيو ويو آهي، جنهن جي شاهدي علم طبعيات جي اندر رفتار جي نون نظرين پيش ڪئي آهي. اسان جي موجوده (مادي پرست) دؤر ۾ انهيءَ قسم جي سمجھه ۽ ادراڪ جو ظاهر ٿي پوڻ پنهنجو پاڻ به قرآن پاڪ جو هڪ ٻيو عظيم معجزو آهي.