موضوع نمبر 50 ڪنوارپڻي جي پيدائش جو معجزو
”الله وٽ عيسى جو مثال آدم وانگر آهي جو الله آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ’ٿي پئو‘ ته هو ٿي پيو.“
اسان جي عظيم آسماني ڪتاب قرآن مجيد جي فرمان موجب هر مسلمان جو اهو ايمان آهي ته حضرت عيسى ؑ جي پيدائش بنا پيءُ جي ٿي هئي. هيءَ آيت حضرت عيسى ؑ جي پيدائش کي حضرت آدم ؑ جي تخليق واري خاصيت رکندڙ سڏي ٿي. الله تعالىﷻ حضرت جبرائيل ؑ جي ذريعي حضرت بي بي مريم ؑ ۾ روح ڦوڪي، انهيءَ ۾ حضرت عيسى ؑ جي پيدائش جي سلسلي جي شروعات ڪئي. ٻين لفظن ۾ حضرت عيسى ؑ پيءُ ماءُ واري ميلاپ جو نتيجو نه هو، جيئن عام ماڻهن جي سلسلي ۾ ٿيندو آهي، پر اهو هڪ معجزاتي حمل هو جيڪو بي بي مريم ؑ کي ٿي پيو.
اڻويهين صديءَ ۾ مادي پرستي شدت سان وڌڻ لڳي ۽ انهن سمورن روحاني قدرن تي حملو ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ جي ڪري حضرت عيسى ؑ جي بنا پيءُ جي معجزاتي پيدائش کي رد ڪري، اِن معاملي کي کِل ٺٺول ۽ چرچي جو ذريعو بڻايو ويو، ايتري تائين جو علم حياتيات جي انهيءَ نظريي ته ڪابه شيءِ پاڻمرادو پيدا نٿي ٿئي، جو مقصد به حضرت عيسى ؑ تي حملو ڪرڻ هو.
بي دين ماڻهن جي اها عام عادت آهي ته علم حياتيات جي وقت کان اڳ ۽ اڻپورين دريافتن کي بنياد بڻائي، گمراهه ڪندڙ نتيجا ڪڍندا آهن. انهن ته ويهين صديءَ جي شروع ۾ ڪن غير سنجيده مهم جُو ماڻهن جي بيان جي بنياد تي، آفريڪا جي انسان کي وحشي ۽ گھٽ حيثيت واري مخلوق قرار ڏئي ڇڏيو هو. افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته بيانن جي سچائي پرکڻ لاءِ موقعي تي معائني جي تڪليف به نه ڪئي. انهيءَ جي برخلاف 1960ع ۾ کوجنائن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته آفريڪي انسان ڏکڻ صحارا ۽ مرڪزي آفريڪي علائقي جي هڪ عظيم تهذيب جي وکرجي وڃڻ جو نتيجو آهي؛ ۽ اهو ته جيڪي ماڻهو ڏکڻ پاسي هليا ويا هئا سي غير تهذيب يافته حالت ۾ هليا ويا. اهڙي طرح مارڪسزم جي علم تمدن جي بنياد تي قائم ڪيل ارتقا واري نظريي وارن کي هڪ دفعو ٻيهر شرمندگي ڏسڻي پئي.
جيڪڏهن اسان کي حضرت عيسى ؑ جو بنا پيءُ جي پيدا ٿيڻ واري معجزي کي سمجھڻو آهي ته اسان کي جديد انساني حياتيات جو غور سان مطالعو ڪرڻو پوندو. استدلالي سائنس جي ٽن نتيجن جو اڳواٽ مطالعو ڪري سگھجي ٿو. مطالعي هيٺ عجوبو استدلالي سائنس جي تناظر ۾ يا ته هڪ ناممڪن شيءِ ٿي سگھي ٿي يا انهيءَ جو هئڻ يقيني ڳالهه هئي يا وري اهو امڪانن مان هو. انهن ٽنهي نتيجن جو دارومدار رڳو هڪ خاص زماني ۾ استدلالي سائنس وٽ موجود سرمائي جي مقدار تي آهي. مثال طور ويهين صديءَ جي شروع ۾ لکيل درسي ڪتابن ۾ انهيءَ ڀُتي خيال سان اتفاق ڪيو ويو هو ته هوا جون لهرون ۽ شين جا عڪس يا تصويرون هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين ڪنهن مادي ذريعي يا بنا تار جي نٿيون پهچائي سگھجن پر اهو خيال غلط ثابت ٿي چڪو آهي جنهن جو چٽو ثبوت اسان وٽ موجود ريڊيو ۽ ٽيليويزن جهڙيون ايجادون آهن، جن کي هرڪو استعمال ڪري ٿو.
جديد حياتياتي علم ڳڀ (Embryo) يا چئن مهينن تائين جي پيٽ ۾ ٺهندڙ ٻار جي ٺهڻ ۽ ان جي واڌ ويجھ جي عمل کان پوريءَ طرح واقف آهي. ايتري تائين جو پيدائشي بنياد، يعني حمل ٿيڻ وارو عجوبو اصل ۾ ڪهڙي شيءِ آهي؟ اهو ڪيئن ٿئي ٿو؟ ان جي لاءِ سڀ کان پهريان اسان کي انهن سوالن جا جواب ڳولڻ گھرجن، ٻي صورت ۾ اسان حضرت عيسىؑ کي ڇڏي، ٻي ڪنهن به شيءِ جي پيدائش تي به ڪو آخري فيصلو نٿا ڏئي سگھون.
ڪيترن ئي قسمن جي جيو گھرڙن تي ٻڌل جسمن جي سڃاڻ انهن جي تاندورن واري نظام سان ٿيندي آهي. انهن مان انسان به هڪ آهي جيڪو خاص قسم جي ٻيهر پيدا ڪندڙ جيو گھرڙن (Reproductive Cells) جي ذريعي ٻيهر پيدا ٿي ويندو آهي پر عام طور اربن جي تعداد ۾ سمورا انساني جيو گھرڙا سمورن انساني جيني ڪوڊن وارا ٿيندا آهن. ڇا توهان انهيءَ ڳالهه تي ڪڏهن غور ڪيو آهي ته آخر کَل يا معدي جي جيو گھرڙن جي مرڪزن ۾ اهي جاندار، يعني ڪروموزوم ٿيندا ئي ڇو آهن؟ ۽ اهو ته انسان جي ٻيهر پيدائش جي لاءِ انسان کي مختلف جيو گھرڙن جي جدا جدا قسم جي عملن جي ضروت ڇو پوندي آهي؟
انسان جي کَل مان ملندڙ جيو گھرڙن جي مرڪزن ۾ انهن جو جيني ڪوڊ رڪارڊ هوندو آهي پر اهو جيو گھرڙو ئي هڪ انسان کي نٿو ٺاهي سگھي. جيو گھرڙي جي ٻيهر پيدا ڪرڻ وارو عمل انهيءَ وقت ضروري ٿي پوندو آهي، جڏهن ڪنهن زخم کانپوءِ تاندوري کي مڪمل ٿيڻ جي ضرورت ٿيندي آهي پر اهو ته رڳو ٻئي کَل واري جيو گھرڙي کي ئي پيدا ڪندو آهي، نه ڪي انسان جي جيو گھرڙي کي. ٻئي پاسي هڪ انسان جو هوبهو خاڪو ٺاهيندڙ جيو گھرڙو، مڪمل فارمولا (ڪوڊ) رکڻ جي باوجود به هڪ سموري انسان کي ٺاهڻ جي صلاحيت نٿو رکي. اهو ته ٻئي قسم جي خاص ۽ مخالف جنس جي ڪوڊن جي، جيڪي ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ هوندا آهن، ميلاپ سان ئي هڪ نئين انسان کي پيدا ڪري سگھن ٿا. جديد دؤر جا حياتياتي ماهر اهو ڳولڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ته ڇا اهو اصول ئي تخليق جو عظيم قانون آهي جيڪو انسان جي هوبهو خاڪي جي صورت ۾ تخليق ٿيڻ کان روڪي ٿو؟ اهي انهيءَ ڳالهه جي به تحقيق ڪري رهيا آهن ته ڇا نر يا مادي انسان جي پنهنجن پنهنجن جيو گھرڙن کي، هڪ ڪري ڇڏڻ (Cloning) سان انهيءَ جو هوبهو نقل تيار ٿي سگھي ٿو؟ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي حياتياتي ماهرن جي اها دعوى آهي ته هڪ ڏيڏر جي آنڊي مان حاصل ٿيل جيو گھرڙي تي تجربن وسيلي اها ڄاڻ ملي آهي ته انهيءَ ۾ جيني ڪوڊ داخل ڪري سگھجي ٿو. يعني کين انهن ڪيفيتن جي ڄاڻ حاصل ٿي چڪي هئي، جن جي وسيلي انهيءَ جيو گهرڙي مان ئي ڏيڏر جو هوبهو نقل تيار ڪري سگھجي ٿو. اهو بحث طلب تجربو ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا تجربا ڪيترين ئي حياتياتي ليبارٽرين ۾ ڪيا پيا وڃن. انهيءَ کان اڳ جون اهي ڪوششون به آهن، جيڪي مذهبي ذهن رکندڙ سائنسدانن اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوئي (هميسٽر) جي ماديءَ تي ڪيون هيون، جن جو مقصد اهو ڄاڻڻ هو ته انهيءَ کي بنا نر ڏيڻ جي رڳو گاما شعاعن (Gama Rays) جي وسيلي ڪهڙي طرح حامله ڪري سگھجي ٿو، تن کي به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.
اسان هن پيچيده مضمون کي ڪجهه هن طرح آسان ڪري سگھون ٿا ته هڪ انسان جي جيو گھرڙن اندر جيني ڪوڊ ٿيندا آهن. ڪوبه جيو گھرڙو انهيءَ لائق نه هوندو آهي جو هو پنهنجي انهن ڪوڊن جا ڪُلف کولي سگھي پر ٻيهر پيدائش (هوبهو نقل) کان اڳ انهن جيو گھرڙن جي تياري واري شڪل يا حالت تمام ئي دلچسپ هوندي آهي. جيڪڏهن اسان هڪ عورت جو پيداواري جيو گھرڙو کڻون (جيڪو هڪ تمام وڏو جيو گھرڙو (بيضو) هوندو آهي) ته اسان ڏسنداسين ته اهو انهن گھاٽن زرخيز (Rich) قسم جي ڪيميائي جزن سان ويڙهيل هوندو آهي جن جي اڃا تائين پوري سڃاڻ نه ٿي سگھي آهي. هر عورت ۾ اهڙي قسم جا چار سؤ جيو گھرڙا ٿيندا آهن، جيڪي ان جي بالغ ٿيڻ تي عمل جي لاءِ تيار هوندا آهن. انهن مان هر هڪ انتهائي احتياط سان تيار ڪيل هوندو آهي، ڇو جو عام جيو گھرڙن جي تعداد جي نسبت انهن جو تعداد حيران ڪندڙ حد تائين گھٽ هوندو آهي. هر مهيني، انهن مان هڪڙو جيو گھرڙو (بيضو) تمام ٿورڙي تبديلي سان هڪ پيچيده هارموني عمل جي وسيلي بيضيدانيءَ ۾ ڪرندو آهي جتان پوءِ ڳڀيرڻ وارين نالين جي رستي ڳڀيرڻ جي ٻن نالين ۾ داخل ٿي ويندو آهي. مٿي جنهن ننڍڙي تبديليءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سو اصل ۾ انهن جيو گھرڙن جو ٻن حصن ۾ ورهائجي جدا ٿيڻ آهي. جيئن ئي اهو جيو گھرڙو يا بيضو هڪ انسان جي جوڙجڪ ۾ مصروف ٿيندو آهي، انهن جو جيني ڪوڊ به ٻن حصن ۾ ورهائجي ٻئي اڌ ڪوڊ کي پيءُ جي طرف کان وصول ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح هڪ نئون پيدا ٿيندڙ انسان پنهنجي ئي حياتياتي خواهش سان وجود ۾ ايندو آهي. اهي خواهشون ڀلي ڪهڙي به قسم جون هجن، اهي مڪمل طور الله تعالىﷻ جي حڪم جون محتاج هونديون آهن. جيڪڏهن شيون انهيءَ کان مختلف هجن ها، يعني مثال طور جيڪڏهن ٻيهر پيدا ڪرڻ جي صلاحيت وارو عورت جو سمورو بيضو ئي ان جي ڳڀيرڻ ۾ ڪري پوي ها ۽ پنهنجو ئي ٻار پيدا ڪندڙ هجي ها ته ماءُ جو وجود ئي سدائين جي لاءِ ۽ هر هر ورجايو وڃي ها. اتي نون مهانڊن ۽ نئين حسن جي پيدائش جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها. اهو هڪ عظيم ۽ انتهائي نازڪ دانائيءَ جي ڪري آهي ته جيتوڻيڪ ماءُ جو بيضو پنهنجو پاڻ ئي هڪ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر تنهن هوندي به ان کي پنهنجي انهيءَ خاص صلاحيت کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ايئن اصل معجزو بنا پيءُ جي حمل ٿي وڃڻ نه آهي پر اها هڪ مجبوري آهي ته ٻار هڪ پيءُ جي ذريعي ئي پيدا ٿئي.
مٿي بيان ڪيل حياتياتي حقيقتن جي موجودگيءَ ۾ هڪ سائنسدان جي اها دعوى ته حضرت عيسى جو بي داغ حمل ٿي وڃڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، هڪ طرح سان انهيءَ ڳالهه جو اقرار آهي ته کيس حياتيات جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ئي نه آهي. انهيءَ جي لاءِ جهانن جي خلقڻهار جي سڌو سنئون ۽ خاص قسم جي دخل اندازي جي ئي ضرورت هوندي آهي ته بيضو پنهنجو ڪوڊ پاڻ ئي کولي وٺي ۽ ٻيهر پيداوار واري عمل سان هڪ نئين انسان کي وجود ڏئي. سورت مريم ۾ قرآن پاڪ انهيءَ نازڪ باريڪ بينيءَ کي هڪ تمام ئي اعلى درجي جي سائنسي معجزي طور بيان ڪري ٿو. حضرت مريم ؑ جي طرف حضرت جبرائيل جو شعاع (Radiation) يا انهيءَ تي ڪنهن ٻئي چقمقي طريقي سان اثر انداز ٿيڻ، انهيءَ ئي حقيقت جو بيان هڪ بيان آهي. باقي الله تعالىﷻ جو ارشاد هن طرح ٿئي ٿو ته ”اسان اها خواهش ڪئي ۽ عيسى کي مريم جي پيٽ مان پيدا ڪري ورتو“ الله تعالىﷻ جي طرف کان جبرائيل کي وچ ۾ آڻڻ جو اعلان انهيءَ حياتياتي حقيقت تي زور ڏئي ٿو.
اڄڪلهه مؤمن ۽ بي دين سائنسدان جنهن قسم جي تحقيق وڏين وڏين ليبارٽرين ۾ ڪري رهيا آهن، سي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ سان هن آيت جي حقانيت کي ثابت ڪري رهيا آهن. شعاعن (Radiations) جو عمل اڄڪلهه کليل طرح سان استعمال ٿي رهيو آهي ته جيئن عام جيو گھرڙي (Arbitrary Cell) ۽ گڏوگڏ پيدائشي جيو گھرڙي جي ڪوڊ کي کولي سگھجي ۽ اهڙي طرح هڪ نئين مخلوق پيدا ڪري سگھجي. جيتوڻيڪ انسان جي لاءِ اهو ممڪن نه ٿيندو ته حضرت عيسى جي معجزاتي پيدائش کي هڪ اشارو سمجھي، ان جي پيدائش جو نقل ڪري سگھي پر اها سموري تحقيق قرآني آيتن جي سائنسي معجزي کي ظاهر ڪري ٿي ۽ اهڙي طرح حضرت عيسى ؑ جي بنا پيءُ واري پيدائش جي راز کي به جزوي طور ئي سهي، ظاهر ته ڪري ٿي. اهي ماڻهو جيڪي ڪالهه تائين حضرت عيسى ؑ جي باري ۾ اهو چوندا هئا ته ”بنا پيءُ جي پٽ ٿي ئي نٿو سگھي“ اڄ پاڻ ئي ليبارٽرين ۾ بنا پيءُ جي ٻار پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ جو اهي انهيءَ ڳالهه کي ممڪن سمجھن ٿا. حضرت عيسى جو راز ليبارٽرين ۾ ڪڏهن به ورجائي نٿو سگھجي، پر انهن ماڻهن کان پڇو، جيڪي حضرت عيسى ؑ جي پيءُ هجڻ تي ايمان نٿا رکن ته ”پوءِ توهان ڇاجي ڪري انهن امڪانن تي تحقيق ڪري رهيا آهيو، جن سان ليبارٽرين ۾ نوان جسم وجود ۾ اچي سگھن ۽ پوءِ ڇاجي ڪري توهان بيضي جي انهيءَ ڪلف کي، جيڪو جيوگھرڙن کي ورهائجڻ ۾ مدد ڪندو آهي، کولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو؟“
جهانن جي خلقڻهار اهڙي طرح حضرت عيسى ؑ کي پيدا ڪرڻ ۾ نه رڳو مٿي بيان ڪيل حياتياتي باريڪ بينين کي ظاهر ڪيو آهي پر هن انسان جي خدائي يا آسماني اصل جوهر يا بنياد جي باري ۾ به اسان کي انهيءَ فرمان ذريعي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته ”مان انهيءَ (انسان) ۾ پنهنجو روح ڦوڪيندس.“