موضوع نمبر 34 انسان خساري ۾
”حقيقت ۾ انسان گھاٽي ۾ آهي.“
هن باب ۾ اسان قرآن جي معجزن مان هڪ انتهائي حيرت ۾ وجھندڙ ۽ تمام خوبصورت معجزي کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
هن جي پوري معنى مان اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته جنهن ماڻهوءَ ۾ ايمان نه آهي تنهن جي عمل ۾ سچائي ۽ سڌارو نه هوندو آهي. ان کانسواءِ ان جي اندر صبر ۽ انصاف وارا ڳڻ به نه هوندا. اهڙي طرح اهو گھاٽي ۾ هوندو آهي. مطلب ته هو مايوسي، محرومي، بدنصيبي، بدحالي ۽ پريشاني جو شڪار هوندو آهي.
قرآن پاڪ جي انهيءَ عظيم الشان فيصلي جي تشريح کان اڳ مان علم نفسيات جي ماهرن ۽ طبي نفسيات جي انهن بيانن جو مختصر طور ذڪر ڪندس جن جو مقصد خودي (نفس) جي تشريح ڪرڻ آهي. مون انهيءَ موضوع جو ٿورڙو ذڪر موضوع نمبر 12 ۾ ان کان اڳ به ڪيو آهي.
فرائيڊ (Freud) جي نظرين جي اثر ۾ اچي، ڪيترن ئي سالن تائين جنسي جذبن کي انساني روين ۽ اخلاقيات جو آخري بنياد سمجھيو ويندو هو. پر گذريل پنجويهن سالن ۾ اهو متفقه طور تي مڃيو ويو آهي ته انسان ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو جذبو خوف آهي. انساني وجود ۾ خوف جو عنصر ايتري ته اهميت رکي ٿو جو ڪيتريون ئي حياتياتي علتون ۽ خرابيون پڪ سان خوف يا خوف سان لاڳاپيل وهمن مان پيدا ٿين ٿيون.
انهيءَ جو مشاهدو خاص طور تي ٻار جي پيدائش جي وقت ٿيندو آهي. جيئن ته سڀ ڪو ماڻهو ڄاڻيندو آهي ته هڪ شهري عورت، ڳوٺاڻي عورت جي ڀيٽ ۾ وڏي تڪليف سان ٻار ڄڻيندي آهي. شهري عورت کي ٻار جي پيدائش دوران ڪجھه وڌيڪ قسم جا مسئلا پيش ايندا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪيترن ئي قسمن جون دوائون استعمال ڪرڻيون پونديون آهن. جڏهن ته ڳوٺاڻين عورتن کي اهڙي قسم جا ڪي به مسئلا نه هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي ڪم ڪار دوران وڌيڪ ورزش ملي وڃي ٿي.
گذريل ڏهاڪي دوران مون کي خبر پئي ته جيئن جيئن پيدائش جو وقت ويجھو ايندو آهي، تيئن تيئن ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ ڪمپيوٽر جهڙو ٻه طرفو عمل ٿيندو آهي. ٻار جي پيدائش جي وقت ماءُ ۽ ٻار ڄڻ ته ڪنهن ڪمپيوٽر سينٽر کان هدايتون حاصل ڪندا آهن. بلڪل ائين جيئن هوائي جهاز لهڻ وقت آٽوميٽڪ پائليٽ کان مدد وٺندو آهي. اها غلطي جيڪا انهيءَ نظام ۾ خلل وجھندي آهي سا رڳو خوف وارو جذبو ئي آهي. جيئن ته شهري عورتون ڳوٺاڻين عورتن کان ڪجھه وڌيڪ ڊڄڻيون ٿينديون آهن، تنهن ڪري انهن لاءِ ٻار ڄڻڻ جو عمل به وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ انهن لاءِ ڪيترن ئي قسمن جا مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن.
روزاني جي زندگيءَ جي نقطي نظر کان اهو مثال وڌيڪ سمجھه عطا ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان سمورن پيش ايندڙ واقعن کي ٿورو کليل دل ۽ بي فڪري سان نه وٺون ته اسان ايندڙ وقت جي باري ۾ ڳڻتي ۽ ڊپ جو شڪار ٿي ويندا آهيون. اهو جذبو الجھن پيدا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اندروني ڳڻتي ۽ پريشاني ئي ڏک ۽ مصيبت جو سبب بڻبي آهي.
الله تعالىﷻ تي ايمان نه رکڻ واري ماڻهو جي لاءِ ٻه وڏا خوف هوندا آهن. پهريون خوف موت جو هوندو آهي جڏهن ته ٻيو خوف تباهي ۽ برباديءَ جو خوف هوندو آهي. اهو ٻيو خوف ايندڙ وقت بابت انديشي ۽ ڳڻتي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. اهڙي قسم جي ماڻهن کي انهن ٻنهي قسم جي خوفن جڪڙي رکيو هوندو آهي ۽ هڪ قسم جي باقابل برداشت باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هوندو آهي. انهن خوفن جي ڪري ڪيترن ئي قسمن جا نفسياتي مونجھارا پيدا ٿيندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ مخلتف قسم جون بيماريون، مثال طور معدي جي السر، دل جي شريانين جو سيٽجي وڃڻ، اڌرنگو ۽ ايتري تائين جو ڪينسر وغيره به پيدا ٿي پوندي آهي. انهيءَ کانسواءِ انسان جي اندر اهڙي ته هلچل پيدا ٿي پوندي آهي جو ان جو حوصلو خطا ٿي پوندو آهي ۽ هو ڏک ۽ پيڙا جي سڙاند ۾ سڙندو رهندو آهي.
موت ۽ مستقبل جي باري ۾ خوف کي انسان ڪيئن منهن ڏيندو آهي؟ هو يا ته سخت قسم جي شراب خوريءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي يا وري نشي (خاص طور تي هيروئن) جهڙي عادت ان کي پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي ڇڏيندي آهي. اهڙِي طرح هو يا ته پنهنجي اصولن ۽ اخلاق کي چراخ جهڙي فطرت واري بي رحم هٻڇ جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي، يا وري چريائپ جي سرحدن ويجھو نيم چريائپ واري حالت ۾ رلندو وتندو آهي.
خوف واري جذبي جي برخلاف ٻيو جذبو وري اعتبار يا ڀروسي جو هوندو آهي. انهن احساسن جي چڱڀلائي ۽ سڌارو وري ايمان جي منزل سان سڌي نسبت رکي ٿو. ڪافر انسان ڀروسي جي حقيقت کان پري ۽ محسوس ٿيندڙ شين جي پيروي ڪندو آهي. خوف کان بچڻ لاءِ هو مال ۽ دولت جي پويان لڳندو آهي. جيئن ته ان جي اها عادت کيس ڪنهن ٻي شيءِ تي اعتبار ڪرڻ نٿي ڏئي، اهو روڳ ان جي تحت الشعور ۾ اُڪري وڃي ٿو، جنهن ڪري هو سدائين گھاٽي جو شڪار رهي ٿو. اعتبار ۽ ڀروسي کان خالي انسان جو ذهن ماڻهوءَ کي شراب، هيروئن، ظلم ۽ چريائپ وارن خيالن ۾ پناهه وٺڻ جي ترغيب ڏيندو آهي. جڏهن ته انهن سان ان جو مسئلو حل ته نه ٿيندو آهي، الٽو ان جو نقصان اڃا به وڌندو ويندو آهي. اِهو ئي اُهو بنيادي استدلال آهي جنهن جي ڪري اسلام شراب کي حرام سڏيو آهي. هڪ سمجھه ڀريي ايمان واري ماڻهوءَ جي لاءِ شراب ۾ سڪون ڳولڻ بيوقوفي، اڃا به چريائي آهي. ٻئي پاسي هڪ بي دين ماڻهو پنهنجي نقصان جي باهه کي شراب ۾ وسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن ڪري ناڪام ٿي وڃي ٿو.
ٻيو اهم جذبو جيڪو انساني زندگيءَ تي اثر وجھي ٿو سو آهي ڪينو ۽ ساڙ. انهيءَ نفرت ۽ لالچ جي ڪري انسان سٺي اخلاق ۽ نيڪ عمل جي برڪتن کان هميشه محروم رهندو آهي. سورت العصر جي آيت نمبر 3 ۾ انهيءَ حڪم جي وسيلي هڪ عظيم معجزاتي دانائي بيان ڪئي وئي آهي. يعني ”سواءِ انهن ماڻهن جي، جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا“ واري فرمان وسيلي چوڏهن سؤ سال اڳ ئي انهيءَ حقيقت کي بيان ڪري ٻڌايو ويو هو. ايئن اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته جيڪو به ماڻهو ايمان نٿو آڻي، تنهن کي خوف ئي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي ٿو. ٻئي پاسي جنهن جو عمل نيڪ نه آهي ۽ جنهن ۾ ايمان تي آڌاريل ايمانداري نه آهي، تنهن لاءِ نفرت ۽ لالچ جي جذبي وسيلي تباهي آهي.
هلندڙ سالن دؤران، تمام اهم سائنسي مشاهدن منجھان هڪ اهو نظام آهي، جنهن هيٺ انساني جسم ۾ جذباتي ردعمل کي هڪ ڪمپيوٽر ۾ لکيو يا رڪارڊ ڪيو ويندو آهي. انساني جسم ۾ هائيپو ٿلمڪ (Hypothalmic) حصي (جيڪو دماغ کان هيٺ هوندو آهي) ۽ واڌ ۽ اوسر سان لاڳاپيل يا واسطو رکندڙ نظام (Vegetative System) جي تعلق کي رڳو ٽيهه سال اڳ ئي ڳولي لڌو ويو هو. انهيءَ ڳالهه جو تفصيل معلوم نه ٿي سگھيو هو ته انسان جي مادي ۽ اخلاقي نظام تي ان جا جذبا ڪهڙي ريت اثر ڪندا آهن. ويجھن سالن ۾ وڌيڪ تجربن چٽائي ڪري ڇڏي ته ذهني دٻاءُ انساني جسم تي ڪهڙي طرح اثر ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ ڪيل نين کوجنائن جي نتيجن جو تت اسان هيٺ بيان ڪريون ٿا.
انسان جو جذباتي ۽ مادي يعني جسماني بناوت جو نظام گھڻي ڀاڱي هارمونن (Harmones) ۽ هارمون پيدا ڪرڻ وارن غدودن (Endocrine) جي نظام سان سلهاڙيل آهي. ڪيترائي اهم عمل، جهڙوڪه رت جي شريانين جي ويڪرو ٿيڻ کان وٺي بک لڳڻ تائين وارو عمل انهيءَ اينڊو ڪرائن نظام جو اثر وٺي ٿو. اهو نظام اندروني رطوبت وارن غدودن تي مشتمل هوندو آهي جيڪو جسم ۾ ڪيترين ئي سرگرمين، جهڙوڪه کَل جي مضبوطي ۽ تازگي کان وٺي مدافعتي نظام (Immune System) تائين اثر ڏيکاريندو آهي ۽ اهي غدود پنهنجو پاڻ به پيچوٽري غدود (Pituitary Gland) جي، جيڪو دماغ جي پوئين حصي سان لاڳاپيل هوندو آهي، مرڪزي اختياري جي حڪم سان ڳنڍيل هوندا آهن. هن غدود جي هڪ شاخ تي هڪ خاص قسم جو پردو ويڙهيل هوندو آهي جنهن ۾ دماغ کان ايندڙ هڪ نس پڻ هوندي آهي. اهو پردو جنهن دماغ کي ويڙهي رکيو هوندو آهي، پيچوٽري جي تري تي ڇاتي ۽ پيٽ کي الڳ ڪندڙ مشڪائون پردو (Diaphragm) ٺاهيندو آهي. جيڪڏهن اهو گھٽبو يا سسندو آهي ته شريانين کي به سسائيندو آهي ۽ پيچوٽري گلينڊ مان ٽمي جسم ۾ اچڻ وارن هارمونن جو وهڪرو به گھٽائي ڇڏيندو آهي. انهيءَ جو سڀ کان سٺو مثال چڙ جي ڪري پيدا ٿيڻ واري نامردي يا ڪمزوري (Impotency) آهي. جيڪڏهن اهو پردو ڦهلجي ٿو ته پيچوٽري نسون به کلي وڃن ٿيون ۽ هارمون آزاديءَ سان وهي سگھن ٿا. ائين ان جو تمام سٺو مثال بهادري جي ذريعي بيماريءَ منجھان شفا حاصل ڪرڻ آهي. جيئن ئي پيچوٽري وڌيڪ رطوبت خارج ڪندي آهي، ٿيمائيمس گلينڊ (Thymus Gland) مان، جيڪو ڪنڌ واري حصي ۾ هوندو آهي، حفاظت ڪندڙ رطوبتن جو اخراج به وڌي ويندو آهي، جنهن ڪري جسم جي مدافعتي سگھه پڻ وڌي ويندي آهي. وڌيڪ اهو ته ضابطي ۾ آڻڻ وارو اهو نظام پاڻ به هائپو ٿلم ۾ اڻاوت وارن جيو گھرڙن جي اندروني اهم مرڪز (Nucleus) جي انتظام هيٺ هوندو آهي ۽ اهو مرڪز مڪمل طور تي جذبن جي اثر هيٺ هوندو آهي. نئين تحقيق اها ڳالهه ثابت ڪري ورتي آهي ته جذبا، جهڙوڪه نفرت، لالچ، خوف وغيره هائپو ٿلمس جي انهيءَ مرڪز وسيلي هارمون ٺاهڻ واري غدود جي نظام ۾ رڪاوٽ وجھندا آهن، جڏهن ته ان جي برخلاف محبت ۽ ڀروسي وارا جذبا انهيءَ مرڪز کي ان جي ڪم ڪارين ۾ تمام وڏي مدد ڏيندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اهو هارمون ٺاهڻ واري نظام کي وڌيڪ سٺي نموني هلائيندو آهي.
ڇا توهان ڪڏهن انهيءَ سائنسي مشاهدي جي عظيم الشان اشاري ۽ مقصد تي غور ڪيو آهي؟
جي ها! الله تعالىﷻ انسان جي جسم جي شاندار نظام کي اهڙيءَ طرح ٺاهيو آهي جيئن اهو ايمان ۽ اخلاقي عمل جي قانونن سان جڙي هلي. وڌيڪ چٽائيءَ سان چئي سگھجي ٿو ته انساني حياتيات هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڪميپوٽري نظام آهي ۽ انهيءَ نظام جي پروگرام جا بنيادي اصول، ايمان ۽ اخلاق سان مطابقت رکن ٿا.
جڏهن ڪنهن انسان جا بي دينيءَ وارا جذبا، خوف جي بنياد تي پيدا ٿيندڙ نفرت ۽ لالچ سان ڀرجي ويندا آهن ته اهي پنهنجي انهيءَ انتهائي اهم نظام کي بلڪل پوئين پير هلائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. اها ئي اها حقيقت آهي، جيڪا سورت العصر جي ٻي آيت سڳوريءَ ۾ اسان کي ٻڌائي وئي آهي. اسان جو عظيم خالق اسان کي ٻڌائي رهيو آهي ته ”اي انسانو! مون توهان کي اهڙي طرح جوڙيو آهي جو توهان ۾ ايمان ۽ ٻيون خوبيون هجن. پر جيڪڏهن توهان ان جي برخلاف عمل ڪريو ٿا ته پوءِ توهان گھاٽي ۾ آهي.“ انهيءَ خالق هارمون پيدا ڪرڻ واري غدود جي نظام کي اهڙو ته ڪمپيوٽري نظام عطا ڪيو آهي جيڪو هائپو ٿلمس کان وٺي پيچوٽري جي شاخ (Stem) ۽ ان جي پردي جي صورت ۾ هڪ طرح سان سرڪٽ وارو ڪم ڪندو آهي. ائين جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگي، جهانن جي پالڻهار سان محبت ۽ ان تي ڀروسي جي جذبن سان گڏ گذاريون ته اهو سرڪٽ چڱڀلائيءَ واري اصول هيٺ ڪم ڪندو. رت جون ناليون کليل ۽ صاف رهنديون. عضون ۽ گوشت کي پوري خوراڪ ملندي رهندي. جسم جو حفاظتي نظام (Immune System) بلڪل چستيءَ سان هلندو رهندو ۽ اعصابي نظام سڪون ۽ خوشيءَ جي وسيلي مڪمل هڪجهڙائيءَ جو مظهر هوندو.
پر ان جي برخلاف جيڪڏهن توهان مختلف قسم جي خوف، پريشانين، نفرت ۽ لالچ ۾ ڦاٿل آهيو ته پوءِ توهان وڏي نڀاڳ ۽ گھاٽي ۾ آهيو. نه شراب، نه هيروئن، نه بي لغام جذبا ۽ نه وري ڪا چريائپ توهان کي انهيءَ بي يقيني ۽ مصيبت مان ڪڍي سگھي ٿي جنهن ۾ توهان گرفتار آهيو.
انساني حياتيات لاديني ۽ انتشار کي رد ڪري ڇڏي ٿي. قرآن ۾، جنهن جي آيتن جي خوبصورتيءَ جي حد ڪو به ماڻهو پوريءَ طرح سان ڏسي نٿو سگھي، انهيءَ جهانن جي پالڻهار چوڏهن سؤ سال اڳ ئي هڪ اهڙو ته عظيم الشان پيغام عطا ڪيو آهي جو انساني سوچ کان به ٻاهر آهي. ڪفر ۽ بي ديني ئي گھاٽي ۾ آهي ۽ هڪ اونداهيءَ گھٽيءَ وانگر آهي. ٻئي پاسي ايمان ڏانهن اچو، گڻن (سٺن عملن) ڏانهن اچو، توهان کي صبر ۽ سڪون وارو رستو ملي ويندو.
”اي انسان! تون گھاٽي ۾ آهين. تون بند گھٽيءَ جي اونداهين ۾ ڀٽڪي رهيو آهين. انهيءَ جو صحيح علاج رڳو ايمان، اخلاق ۽ سچ تي ڪاربند رهڻ ۽ توڪل ۾ آهي.
ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو دل جي سڪون ۽ راحت جو سامان ڪنهن پساريءَ جي دڪان تان ملي وڃي ها، جتان ان کي خريد ڪرڻ لاءِ ماڻهو ٽولن جا ٽولا ٿي اچن ها پر بدقسمتيءَ سان ائين نه آهي. ان جو نسخو ۽ انهيءَ جي دوا رڳو اسلام جي دواخاني ۾ ئي آهي.
جيڪو به انهيءَ جو ادراڪ حاصل ڪري وٺندو ته هو محروميءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ ان کي ڪوبه دڳ نظر نٿو پيو اچي، ته هو هڪ ڏينهن انهيءَ علاج يعني اسلام ڏانهن ضرور ايندو. اها ڪيتري نه حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه آهي ته اسلام جي دواخاني ۾ موجود هوندي به اسان مان ڪيترائي ماڻهو علاج لاءِ ٻئي پاسي هليا وڃن ٿا.