مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

تعارف

جيڪڏهن دنيا جا سڀئي انسان ملي ڪري قرآن جي عظمت کي پوريءَ طرح بيان ڪرڻ گھرن ته به انهن جي لاءِ اها ڳالهه ناممڪن ٿيندي. قرآن الله تعالى جو ڏنل شاهڪار آهي جيڪو لوح محفوظ ۾ لکيل آهي. جڏهن اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفى احمد مجتبى ﷺ کان پڇيو ويو ته ”اي الله جا رسول! هر پيغمبر جو ڪونه ڪو معجزو هو، توهان جو ڪهڙو معجزو آهي؟“ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ”الله تعالىﷻ جو قول يعني قرآن مجيد.“ قرآن ڪريم ڪا عام ڳالهه يا معمولي حڪمن جو مجموعو نه آهي پر اهو آخري ۽ سڀ کان وڏي سچ جو سرچشمو آهي. انهيءَ ڪري قرآن جي جيئري جاڳندي سچ هجڻ جو راز هر عام ذهن رکڻ واري لاءِ ڳجهو آهي. اِن جي مڪمل سمجھه ڪا سؤلي ڳالهه نه آهي.
قرآن ڪريم کانسواءِ باقي سڀني لکڻين جو آهستي آهستي بي اثر ٿي وڃڻ انهن جي قسمت ۾ لکيل آهي. هر شيءِ جي هڪ حد هوندي آهي، پر اها ڳالهه وري وري ثابت ٿيندي رهي آهي ته هر گذرندڙ ڏينهن قرآن جي حقيقتن جو سدا حيات ۽ قائم دائم هئڻ جو ثبوت پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ انهيءَ جو آيتون سدا حيات ۽ موجود آهن، پر اسان جي سمجھه کي انهيءَ راز جو ادراڪ مخصوص وقت جي اندر محسوس ٿئي ٿو. هر نسل پنهنجي آدرش کي نئين انداز سان ڏسي ٿو. بيشڪ اها حقيقت ايندڙ سڀني نسلن جي باري ۾ به صحيح ثابت ٿيندي رهندي.
هڪ آيت جي معنى کي گلاب جي گلن سان تشبيهه ڏئي سگھجي ٿي. اهي تهه در تهه پنکڙين سان ڍڪيل رهندا آهن. هر پنکڙي جي جدا ٿيڻ سان هڪ نئين معنى نظر اچي ٿي. انهيءَ ڪري ئي هڪ آيت جون مختلف توجيهون ۽ معنائون هونديون آهن. اها ڳالهه پڪ سان غلط هوندي ته ڪنهن آيت جو رڳو هڪڙو ئي مطلب ورتو وڃي ۽ پوءِ چيو وڃي ته هن آيت جو اهو ئي آخري مطلب آهي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته قرآني آيتن جي معنى کليل ذهن سان ڪڍي وڃي. مثال طور هن طرح چوڻ گھرجي ته هيءَ ۽ هيءَ معنى به هن آيت جي ٿي سگھي ٿي.
آيتن جي تشريح کان پهريان پڙهندڙن جو ڌيان آيتن جي معنى ۽ تشريح جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي فرق کي ظاهر ڪرڻ ڏانهن ڇڪائڻ گھران ٿو. ترجمي جو مطلب آهي ڪنهن هڪ ٻوليءَ کان ٻي ٻوليءَ ۾ مطلب بيان ڪرڻ. جڏهن ته تشريح جو مطلب ساڳي ئي ٻوليءَ ۾ وضاحت ڪرڻ. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجھه اصول هي آهن:
1. ترجمو ٻنهي ٻولين جي مڃيل اصولن موجب هئڻ گھرجي. تشريح کي متن ۾ شامل نه ڪرڻ گھرجي.
2. جنهن لفظ جي اصل ۽ بلڪل اها ئي معنى نه ملندي هجي ته پوءِ انهيءَ جي لاءِ ثانوي ۽ متبادل معنى نه ڳولي وڃي، پر اصل لفظ کي پنهنجي جاءِ تي قائم رکندي، تشريحي حصي ۾ اُن جي وضاحت ڪرڻ گھرجي.
3. جيڪڏهن هڪ لفظ جون هڪ کان وڌيڪ معنائون هجن، ته پوءِ ٻي معنى کي به تشريح ۾ بيان ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ڳالهه جي لاءِ وڌ ۾ وڌ احتياط ڪرڻ گھرجي ۽ مترجم جي پنهنجي پسند واري تشريح کي نه ٿاڦيو وڃي. اِن سلسلي ۾ نيت ڀلي ڪيتري ئي ڀلي ڇونه هجي، الله جو لفظ ٿورڙي به بي احتياطي برادشت نٿو ڪري سگھي.
سڀ کان سٺي تشريح اها آهي جيڪا ٻين قرآني آيتن کي، نبي ڪريم ﷺ جي حديثن ۽ اصحابن سڳورن جي لفظن کي سامهون رکي ڪري ڪئي وئي هجي. انهيءَ سلسلي ۾ عربي ٻوليءَ جي پنهنجي بيهڪ، انهيءَ جي گرامر جا اصول، ان جي فصاحت ۽ بلاغت کي به اهميت ڏيڻ گھرجي. پوءِ به مٿي ڄاڻايل ذريعا ڪنهن آيت جي تشريح ۾ ناڪافي ٿي سگھن ٿا. اهڙي موقعي تي سائنسي ترقي ۽ ٽيڪنيڪي ايجادون انتهائي لاڀائتي رهنمائي ڪري سگھن ٿيون. قرآن ڪريم جي اندر ڪيتريون ئي اهڙيون آيتون موجود آهن جيڪي طبعيات (Physics) ۽ ڪائنات جي باري ۾ آهن، سي ڪنهن به هڪ جاءِ تي گڏ نه ڪيون ويون آهن ۽ نه ئي وري انهن جون تسليءَ جوڳيون تشريحون پيش ڪيون ويون آهن. انهيءَ ڏکيائيءَ کي جزوي طور پورو ڪرڻ لاءِ مون پنجاهه آيتن جي تشريح ۽ تدوين جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ڪم لاءِ سالن کان تياري ڪري رهيو آهيان، اهي پنجن ڪتابڙن ذريعي ڏهن ڏهن آيتن جي حساب سان ترتيب ڏنيون پيون وڃن.
موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. طبعيات ۽ فلڪي طبعيات جي موجوده دؤر جي منجھيل مسئلن ۽ نظرين کي سامهون رکندي، ڪجھه جاين تي منهنجي لاءِ وڌيڪ سادي تشريح ِ ناممڪن بڻجي وئي آهي. اِن جي لاءِ مان پڙهندڙن کان معافي جو طلبگار آهيان ڇو جو اها مجبوريءَ واري حالت آهي.
منهنجو رڳو هڪڙو ئي مقصد آهي ته مان پنهنجي علم ۾ پنهنجي ڀائرن کي شريڪ ڪريان. تشريحن ۾ غلطين جي باري ۾ مان پنهنجي پڙهندڙن کان معافي گھران ٿو. اسان جا آسماني ڪتاب هر قسم جي غلطي يا ڪمزوريءَ کان گھڻو مٿاهان آهن. جيڪڏهن ڪٿي ڪا غلطي آهي ته اها رڳو منهنجي ئي آهي. مان پنهنجو ڪم شروع ڪندي الله تعالى در، جيڪو سموري ڪائنات جو مالڪ آهي، معافي ۽ سندس ٻاجھه جو آهيان. منهنجي دعا آهي ته الله تعالى پنهنجي مهربانيءَ سان اسان کي نيڪ عملن جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)