موضوع نمبر 37 زندگي ۽ موت جي تبديلي
”هو جيئري مان مئل کي ڪڍندو آهي ۽ مئل کي زنده مان ڪڍندو آهي ۽ زمين کي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ حياتي ڏيندو آهي. ائين ئي توهان به (مئل حالت مان) ڪڍيا ويندؤ.“
قرآن پاڪ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون آيتون آهن، جيڪي هن آيت سان ملندڙ جلندڙ آهن. اسان هتي هن آيت جي خاص طرح سان تشريح ڪنداسين؛ ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو، جيڪي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي يقين نٿا رکن، سي هن آيت ۾ ڏنل تمام اهم سائنسي پيغام کي ڄاڻي سگھن. ڏٺو وڃي ته هن آيت جي شروعات خاص طرح سان هنن لفظن سان ٿي رهي آهي: ”هو جيئري کي مئل مان ڪڍندو آهي“، جيڪڏهن انهيءَ جي شروعات ان کان يڪدم پوءِ آيل فقري سان ٿئي ها ته اسان کي اهو عام قسم جو قدرت جي حياتياتي مظهر جو بيان نظر اچي ها.
ڪيترن ئي مفسرن هن آيت جي مجازي معنى ورتي آهي جنهن موجب هنن ڪفر کي موت سان ۽ ايمان کي زندگيءَ سان تشبيهه ڏني آهي. اهي خيال به احترام جوڳا آهن پر انهن واقعن کي جيڪڏهن آيت جي آخري حصي ۾ ڏنل، مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ قيامت جي بيان کي سامهون رکي ڏٺو وڃي ته اها حقيقت ظاهر ٿي پوي ٿي ته هن جي پهرين ۽ اصلي معنى سائنسي ۽ حياتياتي پاسي واري آهي.
اچو ته هاڻي اسان انهن حياتياتي عجائبن جو شمار ڪريون جتان جيئرو مئل مان نڪرندو آهي.
1. ڪجھه جاندار اُن وقت ئي مري ويندا آهن جڏهن اهي ٻچا ڄڻيندا آهن. انهيءَ مخلوق جي اها نه بدلجندڙ قسمت آهي. مثال طور:
الف – نانگ جهڙي بام مڇي دريائي ڊيلٽا ۾ ملندي آهي، يعني انهن علائقن ۾ جتي درياءُ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هڪ قسم جي بام مڇي، ميڪسيڪو نار ۾ ڊگھو سفر ڪري آنا لاهڻ واري جاءِ تائين پهچندي آهي ۽ ٻچن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي مري ويندي آهي. اهو ائين ئي آهي جو ڄڻ ته اهي ٻچا مئل مان ئي نڪرندا آهن. حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها آهي ته اهي ئي ٻچا ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ انهيءَ ڊيلٽا تائين پهچندا آهن جتان کان انهن جي ماءُ آئي هئي. اهو فاصلو ڏهه هزار ڪلوميٽر آهي. اهي ٻچا انهيءَ ئي جاءِ تي رهڻ شروع ڪندا آهن. قدرت جي انهيءَ عظيم راز جي ڪهاڻي هاڻي ويجھڙائيءَ ۾ ئي معلوم ٿي سگھي آهي، جيڪا کليل ذهن وارن حياتياتي ماهرن کي ايمان آڻڻ تي مجبور ڪري ٿي.
ب – ڪوريئڙن ۽ پوپٽن جا ڪجھه قسم آنو لاهڻ کان ڪي ٿورڙا پلڪ گهڙيون اڳ مري وڃن ٿا. ڪوريئڙن جا ڪي اهڙا قسم به آهن جن ۾ مادي ڪوريئڙو نر ڪوريئڙي کي لڳ واري عمل دوران ئي ماري ڇڏيندو آهي، جڏهن ته نر ڪوريئڙي جي مني ان جي مري وڃڻ کان پوءِ ئي مادي ڪوريئڙي جي ڳڀيرڻ ۾ داخل ٿي سگھندي آهي.
ٻ – انسانن ۾ به ڪيترائي دفعا ائين به ٿيو آهي ته هڪ ٻار پنهنجي ماءُ جي مرڻ کان چوويهه ڪلاڪ پوءِ پيدا ٿيو آهي. ماءُ جي مرڻ کان ڪجھه ڪلاڪ پوءِ جا ته ڪيترائي واقعا ٿيندا رهندا آهن.
2. اهي جيڪي مئل حالت مان واپس اچن ٿا، گذريل ڏهن سالن ۾ آمريڪا جي اهڙن هزارين ماڻهن تي انتهائي دلچسپ ۽ سنجيده کوجنائون ڪيون ويون آهن، جيڪي طب جي اصولن تحت مئل سڏيا ويا هئا، پر پوءِ اهي جيئرا ٿي پيا اهڙين کوجنائن جو مختصر تت جيڪو روح جي وجود جو ثبوت ڏئي ٿو، هيٺ بيان ڪيو وڃي ٿو.
آمريڪا جي مخلتف يونيورسٽين ۾ جدا جدا قسم جا تجربا ڪيا ويا آهن. ماهر نفسيات ريمنڊ موڊي (Moody) اهڙن پنجانوي ماڻهن جا تجربا لکيا آهن جن کي انهن جي مرڻ کان پوءِ زندگيءَ ۾ ٻيهر موٽڻ جو موقعو مليو هو. آمريڪا جي مخلتف حصن سان تعلق رکندڙ انهن ماڻهن جا اهي تجربا، جيڪي انهن کي انهيءَ وقت ٿيا جڏهن انهن جي دلين جي ڌڙڪڻ رڪارڊ نه ٿي سگھي هئي، سدائين هڪجهڙا ئي نڪتا. يعني اها اڻ کٽ فضائي ويڪر ۾ هڪ چمڪاٽ ڪندڙ لافانيت (Radiant Immortality) هئي. ڪنڪٽيڪٽ يونيورسٽي جي پروفيسر ڪينٿ رنگ جي تحقيق به اهڙي ئي قسم جا نتيجا ظاهر ڪيا آهن. ڪجھه سائنسدانن انهيءَ جو اهو سبب بيان ڪيو آهي ته اهڙي قسم جا نتيجا انهيءَ ڪري مليا آهن جو لاڳاپيل ماڻهن جي زندگيءَ جو پس منظر عيسائيت جي زير اثر هو. پر جڏهن ڪارلس اوسس (Osis) پنهنجي ويٽنام ۽ هندستان وارين کوجنائن منجھان به اهو ئي نتيجو ڪڍيو ته ان کي به معتبر سائنسي لکڻين ۾ شامل ڪيو ويو. ڊاڪٽر فريڊ سڪونس (Fred Schoonis) اهڙن ماڻهن جي اي سي جي (Electro Cardiogram) جو غور سان لڳاتار مطالعو ڪيو ۽ رڪارڊ ڪرڻ وارين مشينن ۽ اوزارن جي مدد سان انهن جي موت ۽ پوءِ واري زندگيءَ ۾ انهن جي ٻيهر واپسي جا مثال گڏ ڪيا. ايئن اها ڳالهه ڄاڻ ۾ آئي ته جڏهن انهن مريضن هڪ مخصوص وقت جي باري ۾ اهو ياد ڪيو ته انهن تي موت نه آيو هو ته بلڪل انهيءَ ئي وقت انهن جي دلين جي ڌڙڪڻ رڪيل ڏٺي وئي هئي.
پڪ سان اهو هڪ اهڙو آخري پيغام آهي جنهن جي ذريعي الله تعالىﷻ انسانن ۾ روح جي موجودگيءَ جي باري ۾ يادگيري ڪرائڻ گھري ٿو.
3. هن آيت سڳوريءَ مان سڀ کان اهم معنى جيڪا ڪڍي سگھجي ٿي سا بنا ڪنهن شڪ جي مئل زمين مان جاندار (Organism) جو نڪرڻ آهي. انهيءَ عظيم حقيقت جي باري ۾ مان هن کان اڳ ۾ به بيان ڪري چڪو آهيان. يادگيريءَ کي تازو ڪرڻ لاءِ اهو چئي سگھجي ٿو ته (DNA) جي سڀ کان ننڍڙي ذرڙي جي بنياد تي زندگيءَ جو وجود ۾ اچڻ، حقيقت ۾ الله تعالىﷻ جو هڪ عظيم الشان معجزو آهي. اهو عجوبو جيڪو اڄ جي ڪٽر بي دين کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏي ٿو، سو زمين مان پهرين جيئري (DNA) جي جوڙجڪ آهي. ايئن مئل زمين مان پهرين جاندار (مخلوق) جي نڪرڻ جو اهو ئي عمل آهي.
زمين تي ڪريل گلاب جي گل مان هڪ ڪيڙي يا پوپٽ جي نئين زندگي واري حقيقت، انهيءَ فرمان واريون رمزون رکي ٿي ته، هو مئل کي جيئري مان ڪڍندو آهي. جن ماڻهن علم حياتيات جو مطالعو ڪيو آهي، انهن جي لاءِ آيت سڳوريءَ جو اهو فرمان هڪ سچو معجزو آهي. هڪ مرندڙ جاندار پنهنجي جسم جا سمورا ذرڙا (ماليڪيول) مٽيءَ جي ليبارٽريءَ جي حوالي ڪندو آهي. حقيقت ۾ آيت جي ٻئي حصي جي معنى به اتي ئي اچي ملي وڃي ٿي. هڪ جاندار پنهنجي جسم جي ذرڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري هوا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي شڪل ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. اهو هڪ طرح سان جيئري مان مئل کي ڪڍڻ آهي. اِن نڪتي جي وڌيڪ تشريح اسان اڳتي هلي ڪنداسين.
انهيءَ سلسلي ۾ اسان لاوي واري غار ۾ جنهن ڪيڙي جو مثال موضوع نمبر 32 ۾ ڏنو هو، سو پڻ مئل مان جيئري کي ڪڍڻ جو ناقابل انڪار ثبوت آهي. 3000 ڊگري جي تپش واري انهيءَ غار ۾ جيڪڏهن ڪا نامياتي باقيات (Organic Remainants) نه به هجي، ته به اتي ڏيڍ کان ٻه ميٽر ڊگھا ۽ عجيب قسم جا ڪيڙا پيدا ٿي سگھن ٿا. اهڙي طرح پاڻيءَ مان زندگيءَ جو پيدا ٿيڻ پڻ پنهنجو پاڻ ئي هڪ تمام اهم مثال آهي ته ڪيئن نه مئل مان جيئرو نڪري ٿو.
4. قرآن جي آيتن ۾ الله تعالىﷻ جيڪو ڪيترين ئي جائين تي اهو اعلان ڪيو آهي ته ”اسان جيئري کي مئل مان ڪڍندا آهيون“ سو پنهنجي اندر بي دينن لاءِ هڪ تمام ئي سنجيده جواب رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو بي دين ماڻهو سدائين ائين چوندا آهن ته ”زندگي ته رڳو زندگيءَ مان ئي ڦٽندي آهي.“ مٿي ڏنل مثال چٽيءَ طرح سان اهو ٻڌائن ٿا ته اهي ماڻهو ڪيترو نه غلطيءَ تي آهن.
هِن موقعي تي مان هڪڙي تمام اهم نڪتي جي وضاحت ڪرڻ گھرندس. هر جاندار جو نمائندگي ڪندڙ جيني ڪوڊ پنهنجن سمورن تفصيلن سميت هڪ طرح سان سڪوني حالت ۾ هوندو آهي، اڃا به ائين چئجي ته مئل هوندو آهي. جيستائين جو ان کي حرڪت وارو ٿيڻ لاءِ حڪم نٿو ملي وڃي. حقيقت ۾ تمام سنهڙا جراثيم ۽ وائرس هڪ بي جان مئل حالت ۾ ائين هلندا ويندا آهن، جيئن ڄميل بلور هوندا آهن ۽ اهي ان وقت تائين انهيءَ ئي حالت ۾ رهندا آهن، جيستائين حفاظتي ڪوٽ وارن انتهائي ننڍڙن ۽ هڪ جيو گھرڙي وارن اندروني خوردبيني بناوت کي پاڻي نٿو ملي وڃي. انسانن ۾ پڻ اهڙي قسم جو مشاهدو ملي ٿو. هر جيو گھرڙو، مثال طور ٻاهرين کَل جي تهه وارو جيو گھرڙو (Epidermal Cell) هڪ مڪمل انسان جي جيني ڪوڊ وارو هوندو آهي. اهي جيو گھرڙا پنهنجو پاڻ ڪڏهن به هڪ انسان کي جوڙي نٿا سگھن ڇاڪاڻ ته سواءِ هڪڙي حصي جي، باقي سمورو ڪوڊ لڪيل هوندو آهي. هڪ لحاظ کان اهو ڪتابي علم جي نظر ۾ سڪوني تارُن (Static Wiring) جهڙو آهي. ٻئي پاسي جراثيمن جي حفاظتي ڪوٽن وارن جيو گھرڙن ۾ ۽ شفاف بلورن جي شڪل جي وائرس ۾ زندگيءَ جي لهر جو ڊوڙڻ ائين ئي آهي جيئن مئل مان جيئري کي ڪڍڻ.
نسلي يا نموني جي باري ۾ اهو ئي پيغام اسان کي حوا جي خلقت ۾ نظر اچي ٿو. ڪيترائي ماڻهو اها ڳالهه سمجھڻ کان قاصر آهن ته ڪهڙي طرح حوا کي آدم ؑ جي پاسري مان پيدا ڪيو ويو. جيڪڏهن الله تعالى گھري ها ته حوا کي مٽيءَ مان کن پل ۾ پيدا ڪري وٺي پيو، ته پوءِ آخر ان کي آدم ؑ جي پاسريءَ مان ڇو پيدا ڪيائين؟
حياتيات جي جديد علم مان اسان کي اها ڄاڻ ملي آهي ته انساني جسم ۾ ٻيهر پيدا ڪرڻ لائق جيڪي جيو گھرڙا آهن، سي رڳو هڏي جي مِکُ وارا جيو گھرڙا ئي آهن. اڄ ڪلهه اهي جيو گھرڙا مک مان جدا ڪري ليبارٽريءَ ۾ ٻيهر پيدا ڪري سگھجن ٿا. اهي جيو گھرڙا خاص طور پاڻ به رڳو هڏيءَ جي مِک جا نوان جيو گھرڙا ئي ٺاهي سگھن ٿا. پر جيڪڏهن اهي سمورا قانون (ڪوڊ) چڱيءَ طرح سمجھه ۾ اچي وڃن ته هڪ انسان جي سموري تقدير جي باري ۾ به ڪو آخري فيصلو ڪري سگھجي ٿو. پاسريءَ جي هڏيءَ مان حوا جي پيدائش اسان کي انهيءَ عظيم حياتياتي اسرار کان آگاهه ڪري رهي آهي. ائين انهيءَ فرمان ته ”اسان مئل مان جيئري کي ڪڍندا آهيون“ جو هڪڙو اسرار ته آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪرڻ سان واسطو رکي ٿو، جڏهن ته حوا جي پيدائش جو اسرار انهيءَ جي پاسريءَ سان لاڳاپو رکي ٿو.
جيستائين جيئري مان مئل کي ڪڍڻ واري راز جو لاڳاپو آهي، ته سڀ کان پهريان اسان کي جيڪا ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي سا آهي جيئرين شين جو فنا ٿي يا مري وڃڻ وارو تصور. اسان کي علم حياتيات مان ڄاڻ ملي ٿي ته (DNA) جا ذرڙا (ماليڪيول)، جيڪي انتهائي ننڍڙن ايڪن وارا ٿيندا آهن، توانائيءَ جي نمائندگي ڪندا آهن ۽ پنهنجو ئي نقل تيار ڪندي سدائين لاءِ جيئرا رهي سگھندا آهن. انهن جو موت ڏانهن وک وڌائڻ، يعني انهن جي وجود جو سدائين لاءِ ختم ٿي وڃڻ، رڳو الله تعالىﷻ جي حڪم سان ئي ٿئي ٿو.
هڪ ٻِي معنى پڻ انساني جسم جي باري ۾ آهي. پيدائش کان پوء، انساني جسم، ٻين لفظن ۾ آدم ؑ جي تقدير ۾ جنت آهي جيڪو عام زندگيءَ واري عرصي تائين محدود نه آهي. اهو گھڻو ڪري عام اعتقاد جي خلاف ڳالهه آهي. ٻين لفظن ۾ اهو چئي سگھجي ٿو ته انساني جسم هميشگيءَ وارو راز رکي ٿو. جڏهن اهو حڪم ڏنو ويو ته ”اگھاڙا ٿي وڃو ۽ هيٺ لهي وڃو“ ته ان وقت زندگيءَ جو هڪ وقت مقرر ڪيو ويو. ٻين لفظن ۾ فنا يا موت به زندگيءَ جي هميشگيءَ مان نڪتو آهي. هن آيت جي انهيءَ حصي ۾ اهو ئي عرفان ۽ ادراڪ آهي، جنهن جو انهن ماڻهن طرفان اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي مرڻ کان پوءِ جياپي ۽ زندگيءَ جي هميشگيءَ تي ويساهه نٿا رکن.
الله تعالىﷻ جي زندهه جي هڪ خاصيت توانائي پڻ آهي ۽ انهيءَ جو بنيادي راز ان جو دوام يا هميشه رهڻ آهي. انهيءَ مان موت جو سڏ قادر مطلق جي حڪم جو راز آهي. ڪيترائي ئي چڱا ڀلا ماڻهو مري ويندا آهن جن جي موت جو ڪو به ظاهري سبب نظر نٿو اچي. ٻئي پاسي ڪيترائي اهڙا بيمار ماڻهو هوندا جيڪي اهم جسماني عمل جي سگھه به وڃائي ويهندا آهن پر پوءِ به جيئرا هوندا آهن. اهو انهيءَ فرمان جو هڪ ٻيو مثال آهي ته ”اسان جيئري مان مئل کي ڪڍندا آهيون.“ ان کانسواءِ هڪ ٻيو مثال انسان جو پنهنجي اندر جاندار جيوڙن (Organic Molecules) کي داخل ڪرڻ يا هضم ڪرڻ آهي ۽ پوءِ انهن کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي شڪل ۾ ساهه ٻاهر ڪڍڻ وسيلي ڪڍڻ آهي.
جيئن ته مون هن کان پهريان به ڪيترن ئي موضوعن ۾ توانائيءَ جي باري ۾ چيو آهي ته ڪاربان ۽ نائٽروجن انهيءَ وقت تائين جيئرا هوندا آهن، جيستائين انهن جو بجلي چارج ڪاٽو هوندو آهي. جڏهن اها بجلي چارج واڌو هوندي آهي ته انهيءَ وقت اهو ”مئل“ هوندو آهي. اهي ٻئي، سموري جيئرن مخلوق جي زندگيءَ جي وچ ۾ پنهنجا پنهنجا نشان لڳاتار بدلائيندا رهندا آهن. اسان انهيءَ عمل جي تياري کي مٽيءَ جي ليبارٽري ۾ ڏسندا رهندا آهيون. ”مئل زمين کي جيئرو ڪرڻ“ وارن مثالن جي روشنيءَ ۾ اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته قادر مطلق جي حڪم تي ٻيهر جيئرو ٿيڻ جو عمل تمام سؤلائيءَ سان ٿي پوندو.
ڄاڻايل مثالن جي باوجود به قيامت جي ڏينهن ۽ ٻيهر جيئرو ٿيڻ تي ايمان نه آڻڻ لاءِ زور ڀرڻ، حياتيات جي بنيادي حقيقتن کان اڻ ڄاڻائي جي ڪري ئي ٿي سگھي ٿو. توانائي ۽ موت سان لاڳاپيل اصولن جي سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ هن ڪتاب جي موضوع نمبر 10 ۽ موضوع نمبر 13 ۾ پڻ اچي چڪي آهي. سائنس ته سدائين الله تعالىﷻ جي اها دانائي ۽ سمجھه آهي، جيڪا مئل دلين ۾ ايمان پيدا ڪندي آهي.