موضوع نمبر 46 سڀ کان وڌيڪ خوبصورت جوڙون
”قسم آهي انجير ۽ زيتون جو ۽ طورسينا ۽ هن امن واري شهر جو (ته) اسان انسان کي بهترين جوڙ سان جوڙيو. پوءِ ان کي ابتو ڦيرائي سڀ کان هيٺاهون ڪري ڇڏيو. سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪندا رهيا ته انهن جي لاءِ اڻ کٽ اجر آهي. بس ان کان پوءِ ڪير جزا ۽ سزا جي معاملي ۾ توهان کي ڪوڙو ڪري سگھي ٿو. ڇا الله سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم نه آهي؟.“
سورت التين ۾ اهڙا موضوع آيا آهن جن جون ڪيتريون ئي تشريحون ٿي سگھن ٿيون. اها پڪي ڳالهه آهي ته هن ڪتاب جي مقصد تحت آئون هن سورت جي تشريح رڳو سائنسي نقطي نظر کان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
مجموعي طرح تي هيءَ آيت نه رڳو انسان جي جسماني پر مادي زندگيءَ جي باري ۾ رازن ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل باريڪ بينين کي ته بيان ڪري ٿي، پر انهيءَ جي روحاني زندگيءَ جو پڻ احاطو به ڪري ٿي. گڏوگڏ اها انساني زندگي جي مصيبتن کي پڻ بيان ڪري ٿي. انساني تخليق سان لاڳاپيل حسن کي آيت نمبر 4 ۾ بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ حسن جي بنيادي تشريح آيت نمبر 1 ۽ 3 ۾ موجود آهي. جيئن ته انهيءَ کان اڳ ڪيترين ئي آيتن جي تفسيرن ۾ مون بيان ڪيو آهي ته قرآن ۾ جڏهن به ڪنهن مضمون جي شروع ۾ قسم کنيو ويو آهي ته اُن جو واضح مطلب اهو آهي ته اتي هڪ سائنسي پيغام ڏنو پيو وڃي. انسان جي ”بهترين جوڙ“ (احسن تقويم) واري اسرار مطابق انسان جي تخليق ۽ بڻاوت الله تعالىﷻ جي قدرت جي انڪار نه ڪري سگھڻ جهڙي اهم قانون جو اظهار آهي. انسان جو وجود بهترين ترتيب، جوڙجڪ ۽ ترڪيب وارو آهي. اهو جسماني ۽ روحاني، ٻنهي طريقن سان الله تعالىﷻ جي سهڻي ۾ سهڻي مخلوق آهي.
جيئن ته الله تعالىﷻ انساني تخليق ۾ زندگيءَ جي شروعات جا بهترين عنصر ئي استعمال ڪيا آهن، تنهن ڪري جسماني طور تي به انسان بهترين جوڙ (بڻاوت) وارو آهي. عام طور زندگيءَ جي شروعات وارو اهو نظام الله تعالىﷻ جي خاصيتن جو عڪس آهي. يعني الله تعالىﷻ جون پاڪ خاصيتون، نظر نه اچڻ وارين شين ۾، سمجھه ۾ نه اچڻ واري طريقي سان ظاهر ٿينديون آهن. تخليق جي انهيءَ نظام ۾ تخليق جي هڪجهڙائي ۽ ترتيب سان الله تعالىﷻ خوبصورتي ۽ حسن کي ڄڻ ته گھڙيندو آهي. انهيءَ لحاظ کان انسان ۾ ته اهو حسن سمورين مخلوقن مان سڀ کان وڌيڪ داخل ڪيو ويو آهي.
انساني وجود جو انتهائي ۽ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ڏيک ويک ۽ حقيقي جوهر، جيڪو انهيءَ جي جسماني ۽ طبعي طور تي ساڳين مرڪزن وارن دائرن ۾ ملندو آهي، سمجھه وارن ماڻهن جي زبانن کي الله تعالىﷻ جي واکاڻ ۽ ثناء سان تازو ڪري ڇڏي ٿو. اها حقيقت آهي ته انساني جسم ۾ سمورن عنصرن جو هجڻ، پوءِ اهي ڀلي ڌاتوئي هجن يا ڌاتن جهڙا، اها ڳالهه سمجھائڻ لاءِ ڪافي آهي ته خود انسان جو وجود ئي ”تمام سهڻي جوڙ“ آهي. حياتياتي ضرورتن جي نقطه نظر کان انساني جسم ۾سمورن عنصرن جو گڏ ٿي وڃڻ هن وقت تائين سمجھه کان مٿاهون ڳجھه آهي. انساني ضرورت جي لاءِ عنصرن جو محدود تعداد، مثال طور ويهن جو تعداد ئي ڪافي آهي. جڏهن ته قدرت جي ڪارخاني ۾ ملندڙ سمورا 92 ئي عنصر انساني جسم ۾ ملن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ۾ ڪي ٿورڙا تمام گھٽ مقدار ۾ نالي ماتر هوندا آهن.
جيو گھرڙن جو اهو نظام جيڪو سموري مخلوق جو بنياد آهي، انساني جسم ۾ پنهنجي انتهائي مٿانهين حد ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو بهترين جوڙ کي ظاهر ڪري ٿو. هر جاندار مخلوق جي جيوگھرڙن جون جدا جدا خاصيتون ملن ٿيون، جيڪا هڪ محدود هڪجهڙائيءَ جو مظهر هوندي آهي. پڪ سان اهو به الله تعالىﷻ جي خوبصورت تخليق جو حصو هوندي آهي پر انساني جيو گھرڙو جيئن ته سڀ کان بهترين هجڻ جي نمائندگي ڪري ٿو، انهيءَ ڪري ان جي خاصيت ۽ قابليت به غير معمولي هوندي آهي. جيري جو جيو گھرڙو اهڙا اهڙا ڪيميڪل ٺاهيندو آهي، جيڪي ڪا فيڪٽري به نٿي ٺاهي سگھي. مثال طور اهو سموري زمين تي ملندڙ هر قسم جي زهر جي ڪيميائي خاصيت کي تبديل ڪري ڇڏڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
انساني جسم تي زهر جو اثر رڳو وڌيڪ مقدار ۾ زهر کائڻ سان ئي ٿيندو آهي. انهيءَ ۾ انساني جيري جي ڪمزوريءَ جو ڪوبه عمل دخل نه هوندو آهي.
انساني دماغ جو عصبي جيو گھرڙو، جيڪو جوڙ جڪ جي لحاظ کان ميٽر جي ڏهين لکين حصي کان به ننڍڙو ٿيندو آهي، پنهنجي يادگيري ۾، يادگيري کي ذخيرو ڪري رکڻ واري اهليت جي ايڪي (Bit) جي لڳ ڀڳ ڏهه لک تعداد کي ذخيرو ڪري سگھي ٿو ۽ تخليق ٿيل مادي جي اها سڀ کان وڌيڪ ۽ آخري درجي جي صلاحيت آهي.
انساني جسم جي حفاظت لاءِ مقرر اڇن جيو گھرڙن جي بناوت ”بهترين تخليق“ وارو راز رکي ٿي. ڌارين ۽ نوَن پيدا ٿيندڙ جيو گھرڙن کي، اهي حفاظت تي مقرر جيو گھرڙا، سون جي تعداد ۾ گھيري وٺندا آهن. جيڪڏهن اهو نئون جيو گھرڙو ڪينسر جو هو ته انهيءَ کي يڪدم ماري ڇڏين ٿا. رت جي انهن اڇن جيو گھرڙن کي ڳلي جي غدود ۾ لڳ ڀڳ ٽيهه هزار نشانيون يا ڪنجيون ڏنيو ويون آهن، جن جي مدد سان اهي نئين داخل ٿيندڙ جيو گھرڙي جي سڃاڻپ ڪن ٿا. اهي ڪنجيون ايترو ته حساس آهن جو ڪوبه ڪينسر وارو جيو گهرڙو يا ٻيو ڪو ڌاريو جيو گھرڙو، پوءِ اهو ڀلي بيماري وارو نه به هجي يڪدم ختم ڪيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عضون جي پيوندڪاري جي سلسلي ۾ ايترا ته مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن جو انهن کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. اڇن جزن جو اهو عمل اهڙي جديد ۽ اعلى درجي جي حياتياتي ترقيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا ڪنهن مخلوق جي لاءِ ممڪن نه آهي ۽ اهڙي صلاحيت واري ڪابه شيءِ ڪنهن به ليبارٽريءَ ۾ ٺاهي نٿي سگھجي. اهڙيءَ طرح اها هڪ بهترين تخليق جي نشاندهي آهي.
انهيءَ کان اڳ ٻي آيت جي سلسلي ۾ مون ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾، انسان جي جسماني واڌ ويجھه جي دوران ڪيترن ئي حيران ڪندڙ نظامن ۽ ڪمن جو ذڪر ڪيو آهي. ائين اسان ڏسون ٿا ته هتي به اهڙا اهڙا غير معمولي حياتياتي عمل ملن ٿا، جيڪي ڪنهن ٻي مخلوق (جاندار) ۾ نه هوندا آهن. انساني جسم ۾ لڳ ڀڳ اڻ ڳڻين خاصيتن جا ڪوڊ مقرر ڪرڻ، انساني عقل کي حيران ڪري ڇڏڻ واري ڳالهه آهي ۽ عام سمجھه کان مٿانهين ڳالهه آهي. ايتري تائين جو انتهائي سنهڙيون اڀريل سطحون، مثال طور آڱرين جا پور (Finger Prints) جيڪي اربين انسانن مان هر هڪ جا جدا جدا نقشو ٺاهين ٿيون، سي به انساني تخليق جو ڀلي ۾ ڀلي هجڻ وارو راز رکن ٿيون. انساني مني (Sperm) جي ننڍڙي ڪارڊ ۾، اڳي ئي لکيل ڪوڊ رکيا ويا آهن. انتهائي ننڍڙي سائز جا اهي ڪوڊ هڪ مائيڪرون سان به نٿا ماپي سگھجن، جڏهن ته هر انسان جي منهن جي جدا تصوير به انهن ڪارڊن ۾ رکيل هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهو جيني رڪارڊ، جيڪو انتهائي باريڪين کي ظاهر ڪري ٿو، سو به انساني تخليق جي اڻ کٽ حسن کي ظاهر ڪري ٿو.
DNA ماليڪيول تي، جن جي ماپ ملي مائيڪرون ۾ ڪري سگھجي ٿي، انساني فوٽوگراف کي فٽ ڪرڻ جي لحاظ کان سموري ڪائنات ۾ ڀلي ۾ ڀلي جوڙ واري فن جو مظاهر ڪرڻ آهي. انساني جسم ۾، جيڪو سڀ کان ڀلي جوڙ جوڙيل آهي، جيني رازن کي انتهائي باريڪيءَ ۽ ڪمال ذريعي سان هڪ نقطي جي ڏهين لکين حصي ۾ لکيو ويو آهي. اها ئي سمجھه کان مٿانهين ۽ عجيب ڳالهه مادي جي اندر بهترين جوڙَ جي راز کي هڪ فن وانگر پيش ڪري ٿي. انهيءَ حقيقت جي خاص طرح يادگيريءَ لاءِ قرآن ڪريم پنهنجي اڻ کٽ دانائيءَ اندر، پهرين ۽ ٻي آيت ۾ هڪ هڪ معجزاتي پيغام عطا ڪري ٿو.
توهان انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪهڙيءَ ريت ڪري سگھو ٿا ته مرداڻي مني جا جزا انتهائي ننڍڙا ۽ اڻ ڳڻيا ٿيندا آهن. جڏهن ته ماءُ يا ماديءَ ۾ رڳو هڪ ئي بيضو هوندو آهي ۽ ڪهڙيءَ ريت انهن ٻنهي جو معجزاتي ميلاپ پندرهن صديون اڳ جي انسان جي عقل ۽ سمجھه کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو؟
”قسم آهي انجير ۽ زيتون جو........ اسان انسان کي ڀلي جوڙ ۾ جوڙيو آهي.“
ائين تخليق جي سلسلي ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته ڀلي جوڙَ يعني انسان جي مني ۽ ٻئي پاسي انجير ۽ زيتون جي مادي ۾ ڪا نه ڪا هڪجهڙائي هئڻ گھرجي. اهڙيءَ طرح اهو ناممڪن آهي ته نر جي منيءَ جي مشابهت انجير جي ٻجن سان ۽ ماديءَ جي ٻجن جي مشابهت زيتون سان نظرن کان لڪيل رهجي وڃي. انهيءَ کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته انجير جي ٻجن جي سائيز جي نسبت زيتون سان لڳ ڀڳ اها ئي آهي جيڪا مرد جي منيءَ واري جيو گھرڙي جي ماديءَ جي بيضي سان آهي.
هاڻي مان انهن ٻن اهم پيغامن جو ذڪر ڪندس جيڪي هن سورت ۾ انسان جي بهترين بناوت تي پيدا ٿيڻ بابت آهن. پهرين نياپي جو واسطو انهيءَ موسم ۽ صحت سان لاڳاپيل گھربل شين سان آهي، جيڪي ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ نازڪ مخلوق يعني انسان جي واڌ ويجھه لاءِ ضروري آهن. جيئن ته ڪيترن ئي مفسرن اهو سمجھيو آهي ته انجير، زيتون ۽ پهرين ٽن آيتن ۾ طورسينا يا طور سينين جو ذڪر، فائديمند فضا يا موسم جي موجودگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. جيتوڻيڪ عام طور تي سينا جو مطلب اهو جبل آهي جيڪو ساوڪ سان ڍڪيل هجي، پر هتي انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته اها آب و هوا ۽ موسم، جيڪا انجير ۽ زيتون جي پيدائش جي لاءِ بيحد موزون آهي ۽ جنهن جاءِ جون موسمي حالتون سائي ستابي جبل (طور سينين) جي لاءِ موافق هجن، سو علائقو انساني صحت لاءِ به تمام ڀلو پاڻي ۽ هوا مهيا ڪري ٿو. انهيءَ نقطي نظر کان ڏکڻ يورپ، اتر آفريڪا، رومي سمنڊ (Mediterranean) جي پٽي ۽ آمريڪا جو ڏاکڻيون ڪنارو اهڙي آبهوا جي نمائندگي ڪرڻ وارا علائقا آهن. انهن علائقن جي باري ۾ تمام اهم ڳالهه اها آهي ته اتان جي هوا جا وهڪرا هڪ پاسي فضائي گدلاڻ کي روڪين ٿا ته ٻئي پاسي اتي جھجھي تعداد ۾ وڻڪار انساني صحت جي لاءِ خوراڪ ۽ توانائي گڏوگڏ پهچائي ٿي.
ايئن شروع واريون آيتون انسان کي الله تعالىﷻ جي طرف کان ڀلي بڻاوت جي صحت جو نسخو پيش ڪن ٿيون. اڄ ڪلهه انساني صحت جي لاءِ ٽي اهم ضرورتون تمام بنيادي حيثيت رکن ٿيون. انهن مان پهرين ضرورت ته صاف هوا آهي. سائي ستابي جبل جو نظريو، جنهن کي طور سينين چيو ويو آهي، گدلاڻ کان پاڪ هوا جي سڀ کان سٺي ۽ معجزاتي تعريف ۽ توجيهه آهي. گدلي هوا جي صفائي ۽ ڇاڻڻ جي عمل سان گڏوگڏ گھاٽي وڻڪار مان آڪسيجن جي رسد پنن جي وجود ۾ ”زندگيءَ“ جا راز رکي ٿي.
جيستائين قسم کڻڻ ۾ زيتون جو لاڳاپو آهي يعني سائنسي پيغام جي صورت ۾ ته اها به انسان جي ڀلي جوڙَ هئڻ واري راز جي لاءِ هڪ معجزاتي عقيدو آهي. سڀ کان پهريان اها ڳالهه آهي ته زيتون هڪ اهڙي غذا آهي، جيڪا رڳو انسانن جي لاءِ ئي مخصوص آهي. جيستائين انهن جي اثرن جو تعلق آهي ته اها به دريافت ٿي آهي ته جيو گھرڙن جي تاندورن جي پيدائش کان وٺي دماغي نيورون جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۽ جنسي جيو گھرڙن جي عملن تائين جي لاءِ اهو هڪ عجيب حياتياتي خزانو آهي. وڌيڪ اهو ته وٽامن اي، جيڪا دل جي ماس وارن مچڪن ۽ جنسي جيو گھرڙن جي جوڙ جڪ ۾ اهم هوندي آهي، سا زيتون جي حياتياتي وجود يا جوڙ ۾ مڪمل طور تي ملي ٿي. زيتون جي اها غير معمولي جوڙَ، هڪ دفعو ٻيهر الله تعالىﷻ جي طرف کان ڏنل انسان جي حياتياتي برتري کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن کي ڀلي جوڙَ جي اسرار وارو ٺاهيو ويو آهي. زيتون جانورن لاءِ رڳو چارو نه آهي، پر اهو زندگيءَ جو هڪ ڀلو نسخو پڻ آهي جنهن جي تياري ۾ سمجھه کان مٿاهان ڪيميائي عمل ڪم ڪن ٿا.
جيستائين انجير جو لاڳاپو آهي، ٻوٽن جي امرت يا آب حيات بنائڻ ۾ انهيءَ جو درجو ٻين ميون کان مٿاهون آهي. اهو امرت حياتي ڪيميا جو هڪ خزانو آهي جنهن ۾ پروٽين، فاسفورس ۽ رائبوز جا مرڪبَ ملندا آهن. اهو پٽڙو مادو، جيڪو کير جي شڪل ۾ هوندو آهي، هڪ اهڙي ليبارٽري جي معجزي وانگر تيار ٿيندو آهي جيڪو زمين ۾ زندگيءَ جا راز رکندو آهي، تنهن جو ڪوبه ذهن احاطو نٿو ڪري سگھي. اهو نه رڳو زمين مان زندگيءَ جي واڌ تي زور ڏيندو آهي، پر اهو فاسفورس، رائبوز ۽ پروٽين جي هڪ جاءِ تي هجڻ يا انسان ۾ ڊي اين اي ماليڪيول جي موجود هئڻ جي نشاندهي به ڪندو آهي.
انجير جي اها خاصيت انسان جي وجود جي حياتياتي بنيادن کي ظاهر ڪرڻ کان سواءِ انهيءَ حقيقت جو به اظهار ڪندي آهي ته انجير جي سگھه پيدا ڪندڙ غذائيت بنيادي خوراڪ جو ذريعو آهي. اهو مرڪب جيڪو شروع ۾ کير وانگر هوندو آهي، ان کان پوءِ انجير جي ٻج لاءِ هڪ پاڻياٺي ڍانچي يا ڳڀيرڻ جو ڪم ڏيندو آهي. ان وقت اهو جيو گھرڙن جي لاءِ ٽن بنيادي مادن کي به سانڍي رکندڙ هوندو آهي. الله تعالىﷻ جو پيغام هڪ حقيقي حياتي بخشيندڙ خوراڪ واري کير جي ياد ڏياري ٿو. اهو اهڙو ئي هڪ مادو آهي جيئن رت جي صلاحيتن واري پٽڙي ڪا شيءِ. انجير جي جوڙَ، انساني حيات جي ٻن بنيادي پٽڙن مادن جي ياد ڏياري ٿي. اهي پٽڙا مادا آهن کير ۽ رت. ائين الله تعالىﷻ جي وديعت ڪيل ٽن اسرارن يعني صاف هوا، انجير ۽ زيتون جون خاصيتون الله جي انهيءَ مخلوق جي لاءِ نعمت ۽ رحمت آهن جنهن کي انسان چوندا آهن ۽ جيڪو پاڻ به هڪ ڀلو وجود رکي ٿو ۽ الله تعالىﷻ جي تسبيح ڪري ٿو.