موضوع نمبر 20 ڪائنات جي پيدائش
”ويجھو آهي جو آسمان مٿان کان ڦاٽي پوي. ملائڪ پنهنجي پاڻهار جي ساراهه سان تسبيح پڙهندا آهن ۽ زمين وارن جي حق ۾ معافي جي درخواست ڪندا رهندا آهن. آگاهه ٿي وڃو، حقيقت ۾ الله ئي بخشڻهار مهربان آهي.“
اَوَ لَمۡ یَرَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ کَانَتَا رَتۡقًا فَفَتَقۡنٰہُمَا ؕ وَ جَعَلۡنَا مِنَ الۡمَآءِ کُلَّ شَیۡءٍ حَیٍّ ؕ اَفَلَا یُؤۡمِنُوۡنَ ﴿۳۰﴾ (الانبياءَ:٣٠)
”ڇا اهي ماڻهو جن (نبيءَ جي ڳالهه) جو انڪار ڪيو غور نٿا ڪن ته اهي سڀئي آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل آهن. پوءِ اسان انهن کي جدا ڪيو ۽ پاڻيءَ جي ذريعي هر جيئري شيءِ پيدا ڪئي. پوءِ به اهي ايمان نه آڻيندا؟“
جيئن ته مٿيون ٻئي آيتون هڪ ٻئي جي تشريح ڪن ٿيون، انهيءَ ڪري مان انهن جي معنى هڪ ئي وقت گڏائي بيان ڪندس. هي پاڪ آيتون، انهن ڪيترن ئي مسئلن تي روشني وجھن ٿيون، جن کي جديد علم طبعيات اڃا تائين حل ڪري نه سگھيو آهي. انهن تشريحن دوران اسان پنهنجو پاڻ کي قرآن حڪيم جي غير معمولي انڪشافن جي وچ ۾ ڏسنداسين. پر انهن کي مان آسماني طبعيات تي بحث جي وقت تائين بيان ڪري ڇڏيندس. ڇو ته اسان کي ڄاڻ ٿي چڪي هوندي ته چوڏهن سؤ سال گذرڻ جي باوجود ڪجھه نظارا ۽ شيون ته اسان جي اچڻ واري مستقبل تي به پکڙيل آهن. اهي انهن ئي مضمونن جي باري ۾ آهن جن جي باري ۾ آسماني طبعيات جي علم به هاڻي ئي سمجھڻ شروع ڪيو آهي ۽ شايد ان جي صحيح سمجھه، ايندڙ ويهن سالن ۾ سامهون اچڻ لڳندي.
ڄاڻايل آيتن جي غور سان مطالعي کان پوءِ هيٺين ڳالهين جي ڄاڻ ملي ٿي.
1. سڀئي آسمان ۽ ڪائناتون زمين سان جڙيل هيون. الله تعالى انتهائي سهڻائيءَ سان آسمان ۽ زمين کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيو.
2. ڪائناتون (Heavens) جن کي بهشتَ به چيو ويندو آهي ۽ جيڪي آسمان جا خاص حصا آهن، هڪ کان پوءِ ٻيو هڪڙي پٺيان ٻئي تهه جي صورت ۾ موجود آهن. اهي هڪ تمام گھڻي ڇڪ يا ممڪن اختلاف (Potential Difference) سان وجود ۾ آنديون ويون آهن. پر اهو ئي مضبوط نظام يا ڇڪ ئي آهي، جنهن جي ڪري اهي ڪائناتون پنهنجي جاءِ تي موجود ۽ قائم آهن. انهيءَ ڇڪ کي الله تعالى جي قدرت ئي خلائي وقت ۾ تسلسل سان برقرار ۽ قائم ڪري رکيو آهي.
انهن پاڪ آيتن جي باري ۾ وڌيڪ حقيقتون هاڻي هيٺ بيان ڪيون وينديون. اسان وڌيڪ مطالعي جي ذريعي اهو به ڏسنداسين ته هڪ ڌماڪي سان الڳ ڪرڻ وارو عمل، جنهن جي وسيلي هيءَ ڪائنات جڙي يا موجوده صورت ۾ وجود ۾ آئي، اصل ۾ انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته اِن سلسلي ۾ رڳو هڪ ئي ڇڪ (Tension) يا نظم نه آهي، پر وڌيڪ ڪيتريون ئي ڇڪون يا نظام به آهن.
الف – ڪيترن ئي ڏهاڪن جي غور ويچار ۽ تحقيق کان پوءِ علم طبعيات ۽ ڪائناتي طبعيات جي ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ڪائنات جي حقيقت کي سڀ کان صحيح نموني رڳو ”عظيم ڌماڪي“ (Big-Bang Theory) واري نظرئي ئي بيان ڪيو آهي. اهو نظريو ٻن سائنسدانن مارٽن رائيل ۽ ايلن سينڊيج دنيا جي سامهون پيش ڪيو هو. انهيءَ نظرئي مطابق ڪائنات هڪ سمجھه کان مٿي گھاٽي دونهين واري جاءِ يا ٽٻڪي کان ڦاٽي وجود ۾ اچي وئي. انهيءَ جاءِ يا ٽٻڪي کي ايڪي (Singularity) جو نالو ڏنو ويو. ڪائنات جي ٺهڻ واري پهرئين مرحلي ۾ اهو ايڪو ايترو ته گھڻي گرم حالت ۾ هو جو انهيءَ جي تپش جو رڳو قياس جي بنياد تي اندازو ڪرڻ به اجايو آهي. هڪ سيڪنڊ جي سوين حصي ۾ اهو ايڪو هڪ شروعاتي باهه جي گولي جي صورت ۾ پکڙجي ويو ۽ انهيءَ جو گرمي پد لڳ ڀڳ هڪ سؤ ارب ڊگري ڪيلون (Delvin) تائين هو. انهيءَ جي ڳاڙهي شورٻي جهڙي وجود مان ان وقت تائين پروٽان (Proton) ۽ نيوٽران (Neutron) نڪري پکڙجي نه ويو هو ۽ نه ئي مشهور چارئي اندروني مادا هڪٻئي سان عمل (Physical Interactions) ذريعي ٻاهر آيا هئا. تڏهن انهيءَ جون ڳاڙهي شورٻي جهڙيون شيون يعني مادو ۽ توانائي لڳاتار هڪ ٻئي ۾ ڳري رهيا هئا ۽ چارئي اندروني مادا هڪٻئي سان هڪ خاص عمل (Interactions) ذريعي مضبوطي سان جڙيل هئا.
جيئن جيئن اهو انتهائي گرم ۽ دونهين سان ڏٽيل باهه جو گولو ڦهلجڻ شروع ٿيو ته اهو آهستي آهستي ٿڌو به ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح هڪ مڪمل ترتيب جي صورت پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي. سڀ کان پهريان ڪشش ثقل جي قوت يا مخالف هڪٻئي سان عمل (Interaction) وسيلي الڳ شڪل ۾ جدا ٿي وئي ۽ ان کان پوءِ سگھاري ۽ هيڻي بجلي واري ڪشش جا هڪٻئي سان (Electromagnetic Interaction) مخالف عمل به انهيءَ ئي ترتيب سان پيدا ٿيا. اهڙي طرح آسمانن ۽ زمينن جو ڌماڪي سان الڳ ٿيڻ ظاهر ٿيو ۽ ترتيب جي ٽٽي وڃڻ جي ڪري ۽ ابتدائي ترتيب ڏنل اختلاف هڪٻئي سان عمل (Symmetrical Interactions) جي الڳ ٿي وڃڻ جي ڪري علم طبعيات جا چار ڄاتل سڃاتل ”مخالف هڪٻئي سان عمل“ پيدا ٿي پيا. ٻين لفظن ۾ نه رڳو ابتدائي ايڪو ڪائنات کان ٽٽي جدا ٿيو، پر انهن قانونن جي الڳ سڃاڻ به انهيءَ قسم جي عمل سان ظاهر ٿي.
پوءِ الله تعالى پنهنجي تمام وڏي ۽ اڻ کٽ شان جي صدقي ڪائنات کي هڪڙي ٽٻڪي يا جاءِ کان چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏيو. جنهن ڇڪ جي ذريعي اهو عمل پيدا ٿيو، ان کي سورت شورى جي آيت نمبر 5 ۾ بيان ڪيو ويو آهي. الله تعالى آسمانن کي ترتيب ڏنو، پوءِ انهيءَ ڇڪ جي ذريعي زمين کي قائم ڪيو. اهڙي طرح اڄوڪي نظر ۾ اچڻ واري ڪائنات ۽ ان جي قانونن کي پيدا ۽ جاري ڪيو.
انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم نڪتو آسمانن ۽ زمين جي شروعاتي ميلاپ ۽ گڏجي وڃڻ جي باري ۾ آهي جيڪو سورت الانبياء جي آيت نمبر 30 ۾ بيان ڪيو ويو آهي. مشهور سائنسدان آئن اسٽائن جو جڳ مشهور نظريو يعني اصافيت وارو نظريو (Theory of Relativity)، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت ڏئي ٿي ته مادو ۽ توانائي هڪ وقت ۾ هڪ ئي شيءِ هئا. مادو پنهنجو پاڻ توانائيءَ جي گھاٽي (Condensed) شڪل آهي. جڏهن ته توانائي پنهنجي جاءِ تي هڪ آزاد ٿيل مادو آهي. هو اهو ثابت ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويو ته آسماني گرهه ۽ وقت هڪٻئي کان الڳ نٿا ڪري سگھجن. اهي ٻئي هڪ خلا ۽ وقت جي تسلسل ۾ ڳنڍيل آهن. وڌيڪ اهو ته ان جي کوجنائن اهو به ٻڌايو ته ڪشش ثقل ۽ انهيءَ ڪري مقدار به انهيءَ تسلسل ۾ رڳو هڪ ڏوڙ (Curvature) آهي. ٻين لفظن ۾ مادي جي بناوت خلائي وقت جي تسلسل کي ڏوڙو ڪرڻ يا جھڪائڻ سان ٿي. انهيءَ عمل ٿيڻ ۾ هڪ اهڙي ڇڪ کي دخل آهي، جنهن حقيقت ۾ آسمانن ۽ زمين کي ڌماڪي سان الڳ ”فتق“ ڪري ڇڏيو.
ب – هاڻي جڏهن ڪائنات وجود ۾ اچي وئي، ته اها ايتري ڇڪ سان قائم رهي آهي جو انهيءَ جي وجود ۾ اچڻ جي معاملي ۾ اها ڇڪ مددگار ٿي. هڪ طرح سان اها ڇڪ پنهنجو پاڻ به پنهنجي پاسي ڇڪ (Attraction) ۽ ڌڪڻ يا اڇلائڻ (Repulsion) جي هڪٻئي سان عمل مان ظاهر ۽ ثابت ٿيندي آهي. بجلي جي معاملي ۾ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته مخالف چارجون هڪٻئي کي پنهنجي پاسي ڇڪينديون آهن. جڏهن ته ساڳيون چارجون هڪٻئي کي ڌڪينديون آهن. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن جي وسيلي جوهر (ايٽم) ۽ ٻئي مادي جي موجودگي ثابت ٿئي ٿي. وڌيڪ اهو ته ڪشش ثقل جي سموري سگھه انهيءَ مرڪز کان پري ڀڄڻ واري سگھه جي مدد سان توازن ۾ آهي جنهن کي لوڪس (Locus) چوندا آهن، جيڪا گرهن ۽ ستارن جي نظام کي قائم رکندي آهي. اهڙي طرح هر شيءِ جو قائم رهڻ، يعني ننڍي ۾ ننڍي جوهر (ايٽم) کان وٺي ستارن جي نظام تائين قائم رهڻ جي ضمانت به انهيءَ ڇڪ جي ذريعي مهيا ڪئي وئي آهي.
جتي الله تعالى سورت جي شروع ۾ پنهنجي ڪامل قدرت جي ذريعي ڪائنات جي مادي ۽ رياضياتي بناوت جو اعلان ڪيو آهي، انهيءَ کان يڪدم پوءِ الله تعالى جي ٻاجهاري ۽ مهربان هئڻ واري گڻ کي بيان ڪيو ويو آهي. الله تعالى جو ٻاجھه سان ڏسڻ، ان جي سموري مخلوق ۽ سموري ڪائنات تي ڪمال جي مهربانيءَ جو اظهار آهي. انهيءَ ٻاجھه ۽ مهربانيءَ جي گڻن ۾، انهن سڀني جي لاءِ الله تعالى جي پيار، پناهه ۽ حفاظت جو تصور موجود آهي.
ڪشش ثقل، جنهن سان سڀئي شيون هڪٻئي کي پنهنجي پاسي ڇڪين ٿيون، الله تعالى جي پيار جي نشاني جو اظهار آهي. ٻئي پاسي سڀني شين جو چڪر جي صورت ۾ گھمڻ يعني چرپر (Rotational Motion) آهي، انهيءَ ۾ ڀلي سج جي چوگرد گھمڻ وارا ستار هجن يا هڪ ذرڙي يعني مرڪز (Nucleus) جي چوگرد گھمڻ وارا اليڪٽران هجن، ڪائنات اندر سموري مادي کي ڪشش ثقل جي سگھ جي ذريعي هڪ جاءِ تي گڏ ٿي فنا ٿي وڃڻ واري عمل سان روڪي رکيو آهي. اها گھمڻ واري حرڪت انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه آهي ته ڪائنات ۾ موجود اهي سڀئي شيون پنهنجي پالڻهار جو شان ۽ عظمت بيان ڪن ٿيون، انهيءَ جو شڪر ادا ڪن ٿيون ۽ انهيءَ جي واکاڻ ۽ تسبيح ڪن ٿيون. اهڙي طرح مادي ڪائنات ۾ الله تعالى جي پيار ۽ محبت جو هڪ اظهار ڪشش ثقل واري سگھه جي موجودگي آهي. جڏهن ته انهيءَ جو رحم ۽ ٻاجھه جو عمل هُن جي پيدا ڪيل ننڍي ۾ ننڍڙي ڪائنات (Microcosmos) ۽ وڏي ۾ وڏي ڪائنات (Macrocosmos) ۾ موجود ڦرندڙ رفتار (Rotational Velocity) ۾ نظر اچي ٿو.
ٻ – جيئن ته اضافيت واري نظرئي ۾، جنهن جي باري ۾ مٿي اشارو ڪيو ويو هو، خالي جاءِ يا گرهه بلڪل خلا (Vacum) نه هوندو آهي. اڃا به ان کي جديد طبعيات ۾ پلينم (Plenum) چيو ويندو آهي. سائنسدان هائزن برگ جي ”اصول غير يقيني واري نظريي“مطابق خالي جاءِ يا خلا وقت جي اندر گھٽبو ۽ وڌندو يا ٿڙندو رهندو آهي. هائزن برگ جي بيان ڪيل اصول جي تناظر ۾ جيڪي حدون مقرر ڪري سگھجن ٿيون، انهن ۾ مادي ۽ توانائي جي حفاظت انهيءَ حد کان لنگھي ويندي آهي، جيڪو سمجھه ۽ بيان کان مٿاهون هوندو آهي ۽ توانائيءَ جي چٽن ايڪن ”ڪوانٽا“ کي اڻ هوند مان هوند ۾ آڻي سگھجي ٿو. ان کان اڳ جو اهي محفوظ ٿي يا وجود حاصل ڪن، اهي يڪدم ٻئي لمحي فنا ٿي ويندا آهن. اهڙو ذرڙو جيڪو حقيقت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، پوءِ اُن ئي لمحي غائب ٿي ويندو آهي، اهو مجازي ذرڙو (Virtual Particle) سڏيو ويندو آهي. ٻئي پاسي جيڪڏهن انهن جِنن واريون خاصيتون رکندڙ ذرڙن تائين مناسب مقدار ۾ توانائي پهچائي وڃي ته انهن کي ڪم ۾ آڻي سگھجي ٿو، يعني کين جيئرو ڪري سگھجي ٿو. رڳو ”ڪوانٽا“ سان وجود ۾ آڻڻ واري عمل جو ته هاڻي سائنسي ليبارٽرين ۾ ئي مشاهدو ڪري سگھجي ٿو.
مشهور سائنسدان ڊيراڪ جي ابتدائي نظريي يعني خالي سمنڊ (Vacuum Sea) وارو خيال، جنهن ۾ هڪ غائب ذرڙي (Antiparticle) کي هڪ ذرڙي جو ڇڏيل ڦاٽ سمجھيو ويندو آهي، قرآن ۾ ٻڌايل ”فتق“ جي چٽيءَ طرح سان نشاندهي ڪري ٿو. انهيءَ جي مخصوص جاءِ کان اُن جو اهڙو عمل، يعني موجوده مثال ۾ خلا (يا ويڪيوم) ۾ انهيءَ جي اها هيئت، جيڪا پري کان هڪ جهڙي ۽ بنا ڪنهن ڪنڊ جي نظر اچي، پر جيڪڏهن مائيڪرو اسڪوپ سان ڏٺو وڃي ته اهي ذرڙن ۽ غير ذرڙڻ (Antiparticles) جي لاءِ ٻڙڪندي، تيز چڪر هڻندي هڪ سمنڊ وانگر، انهيءَ ئي پلڪ اندر، جوڙن ۾ ٺهڻ وارن غير ذرڙن جي شڪل اختيار ڪري يڪدم فنا ٿي ويندا آهن. اهو نه مڃڻ جوڳو خيال انهيءَ وقت مادي طور تي ثابت ڪيو ويو، جڏهن سائنسدان ولس ليمب انهيءَ حقيقت کي ڳولي لڌو جنهن کي اڄڪلهه علم طبعيات ۾ ليمب شفٽ (Lamb Shift) سڏيو ويندو آهي.
ليمب، هائيڊروجن جوهرن (ايٽمن) جي جِنَ يا روح وانگر مختصر جاءِ جي تبديليءَ (Shift) جي ماپ حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويو هو. اهو به ظاهر ٿيو ته انهيءَ جاءِ جي تبديلي جو عمل مجازي ذرڙن جي جوڙن جي مرڪز ۽ ڪاٽو بجلي چارجن جي وچ ۾ خالي علائقي يا خلا ۾ لڳاتار پيدائش ۽ فنا ٿي وڃڻ واري عمل جي ڪري هو. اهي بجلي ميدان جيڪو ڪاٽو بجلي چارجن کي مدار ۾ ٻڌي رکندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن خالي جاءِ جي سمنڊ مان ڪاٽو بجلي چارج ۽ واڌو بجلي چارج (يعني اليڪٽران ۽ پازيٽران) جو جوڙو بنائي ٿو ۽ پوءِ يڪدم اهو جوڙو فنا ٿي ويندو آهي. اهو عمل جنهن کي ويڪيوم پولارائزيشن (Vacuum Pola-risation) چوندا آهن، ايتري وقت لاءِ موجود رهندو آهي جنهن ۾ اها منفي بجلي چارج (اليڪٽران) جي مدار ۾ چڪر کائيندي توانائيءَ ۾ جاءِ جي تبديلي (Shift) پيدا ڪري وٺي. اهڙي طرح اهو بجلي واري ميدان جي ڇڪ جو وجود ئي آهي، جيڪو انهيءَ صورت ۾ مجازي ذرڙن جي جوڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي قائم رکندو آهي.
آسماني طبعيات جي حيرت ۾ وجھندڙ ڪارين غارن (Black Holes) جي باري ۾ انگريز ماهر طبعيات اسٽيفن هاڪنگ اها ڳالهه ڳولي لڌي ته ڪاريون غارون چرپر ۾ هونديون آهن ۽ شعاعن (Radiations) جي اڻ سڌي اخراج جو ذريعو بڻجنديون آهن. افق تي ڪارين غارن جي پيدائش وارن حدن جي ويجھو، تمام سخت ثقلي ميدان، مجازي ذرڙن جي جوڙن جي پيدائش جو سبب بڻجندو آهي ۽ انهن جو فنا ٿي وڃڻ برقي چقمقي شعاعن (Electromagnetic Radiations) جي نڪرڻ جي ڪري ٿيندو آهي. انهن جو نظر اچي وڃڻ ممڪن آهي ۽ انهن جو اڻ سڌو مشاهدو ڪري سگھجي ٿو. موجوده مطالعي هيٺ معاملي ۾ ثقلي ميدان جي سخت ڇڪ ۽ ڪشش ئي آهي جنهن سان خالي جاءِ جي ورڇجي وڃڻ جي عمل سان مادي ۽ توانائيءَ جي تشڪيل ٿيندي آهي. يونيورسٽي آف نيو ڪاسل جي ماهر طبعيات پال ڊيويز پنهنجي تازي ڪتاب، جنهن جو نالو ”خدا ۽ نئين طبيعيات“ (God And New Physics) آهي، ۾ چيو آهي ته آزاد خلا يا بلڪل عدم مان وجود جي صورت، الله تعالى جي دخل اندازي (مرضي) کانسواءِ ناممڪن آهي.
مٿي بيان ڪيل حقيقتن جي روشنيءَ ۾، مان اهو به ٻڌائڻ گھرندس ته بجلي ۽ ثقلي ميدانن کانسواءِ هڪ سخت چقمقي ميدان جي ڇڪ به ذرڙن جي اوچتو وجود ۾ اچي وڃڻ جو سبب ٿي سگھي ٿي. اهو ئي اهو ميدان آهي جيڪو ڪائنات جي هر جاءِ تي موجود آهي، جيڪو حتمي ڳالهه جي لاءِ حڪم ڪري ٿو، انهيءَ جي شڪل ۽ صورت ٺاهيندو آهي. انهيءَ جا تهه مٿان تهه چاڙهيندو آهي ۽ ان کي قائم رکندو آهي، جنهن جي باري ۾ اسان ايندڙ موضوع ۾ ڏسنداسين. منهنجي ذهن ۾ جيڪا ڳالهه آهي، اها خاص طور آسمان جي ستن طبقن جي باري ۾ آهي. ٻين لفظن ۾ ست آسمان انهيءَ ئي ميداني ڇڪ جو سهارو وٺي بيٺل آهن.
ڀ – ڪاريون غارون اهي جايون آهن جن جي باري ۾ سورت الشورى جي آيت نمبر 5 ۽ سورت الانبياء جي آيت نمبر 30 جي اندر، انهيءَ ۾ موجود ڇڪ جي نشاندهي ڪري ان جي اصليت کي ثابت ڪيو ويو آهي. ڪشش ثقل جو ميدان اهڙي طرح مرڪوز آهي ۽ هر جاءِ تي ايترو ته گھڻائي ۾ موجود آهي جو انهيءَ جي وچان نڪري وڃڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿيندي. هڪ گھٽ خطرناڪ پر وڌيڪ خوش ڪندڙ سطح تي پروٽانز ۽ اليڪٽرانز انهيءَ چقمقي طوفان ۾ وهي پيا ويندا آهن جيڪو سج ۾ آيل (شمسي طوفان) آهي. زمين تي پهچڻ سان اهي حيرت ۾ وجھندڙ سهڻي نموني قطبن تي چڪر ڪاٽيندي لهندا آهن. انهيءَ عجوبي کي ”ارورا بوريلس“ (Aurora-Borealis) چوندا آهن. اهڙي طرح انهيءَ عجوبي جي شروعات ۽ انهيءَ جي پڄاڻي چقمقي ميدانن جي ڇڪ ۾ لڪيل آهي.
سورت الانبياءَ جي آيت نمبر 30 ۾ بلڪل صحيح پڇيو ويو آهي ته انهن تمام وڏين نشانين جي موجودگيءَ ۾ ڪهڙي طرح ڪو ماڻهو ڪافر ۽ انڪاري رهي سگھي ٿو؟ مون پهريان به ذڪر ڪيو آهي ته ح – م سان شروع ٿيڻ واري هر سورت پيدائش جي مختلف قانونن کي ظاهر ڪري ٿي. اسان ستن آسمانن جي تشريح واري باب تي پهچي ڪري ڏسنداسين ته اها ئي ڇڪ ڪهڙي طرح سان پاڻ ۾ مليل آسمانن ۽ زمين کي چيري الڳ ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ ڪهڙي طرح اها ساڳي ئي ڇڪ ڪيترن ئي آسمانن جي پاڻ ۾ توازن، انهن کي تاءُ ڏيڻ ۽ قائم رکڻ ۾ استعمال ٿئي ٿي. اهڙي طرح جيڪا آيت ڪريمه (فتق) يعني چيرجي جدا ٿيڻ جو اعلان ڪري ٿي، اها ئي وري ڪائنات جي ورهاست ۽ تفاوتن کي به ظاهر ڪري ٿي.
هڪ ڊگھي عرصي کان بي دين ۽ ملحد ماڻهو، بي ترتيب ۽ اونڌين ابتين شين کي ئي ڪائنات جي جوڙجڪ جو ذريعو ڏسيندا رهيا آهن پر اهي اهو نه سمجھي سگھيا ته انهن سڀني کي ترتيب ڏيڻ واري هڪ عظيم هستيءَ کانسواءِ، هِنن هيٺاهين مٿاهين کي هڪ مڪمل ڪائنات جي شڪل نٿي ڏئي سگھجي، هونئن نه ته اهي سدائين جي لاءِ بي ترتيب صورت ۾ ئي رهن ها.
وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن عظيم انتظام ڪندڙ (الله تعالى ) جو وجود ڪائناتن کي هر وقت ۽ هر جاءِ تي سنڀالي نه رکي ها ته اهي ڇڙوڇڙ ٿي بي ترتيبيءَ جو شڪار ٿي وڃن ها ۽ اها بي ترتيبي هڪ سيڪنڊ جي هڪ ارب هين حصي جيتري وقت ۾ ٿي وڃي ها پر الله جي قائم ڪيل ڇڪ جي ڪري ئي ڪائنات جي هر جاءِ تي هڪ اعلى قسم جو نظم ۽ ضبط موجود آهي. سورت الشورى جي آيت نمبر 5 الله تعالى جي انهيءَ قوت کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا فضا جي هر جاءِ کي گھيريون پئي آهي. انهيءَ عظيم الشان نظم ۽ ضبط ۽ طاقت کي، جيڪا سموري ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري آهي، سورت الملڪ ۾ چٽيءَ طرح سان بيان ڪيو ويو آهي. آيت نمبر 4 ۾ وري هن طرح فرمايو ويو آهي ته ”پوءِ مڙي ڏسو، ڪٿي توهان کي ڪا بي ترتيبي نظر اچي ٿي؟ وري وري نظر ڪري ڏسو، توهان جي نظر توهان ڏانهن موٽي ايندي.“
سورت الانبياء ۾ وري اهڙيءَ طرح اهو سوال ڪري ته ”پوءِ به اهي ايمان نه آڻيندا ڇا؟“ الله تعالى چٽائيءَ سان اهو اعلان ڪري رهيو آهي ته ڪفر انتهائي محدود ترين ڄاڻ سان به مطابقت نٿو رکي. اها اڻ مطابقت بي دينن جي مڪمل اڻ ڄاڻائيءَ جو نتيجو آهي. حقيقت اها آهي ته اسان جي زماني ۾ طبعيات ۽ ڪائناتي طبيعيات، قرآن جي انڪار جي سڀني امڪانن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح الله تعالى جي وجود جي انڪار کي به ناممڪن بنائي ڇڏيو آهي. اِن ريت هڪ بي دين ماڻهوءَ کي ته ”سائنس جي شهر“ ۾ داخل ٿيڻ کان ئي روڪيو ويوآهي.