مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 33 لوط ۽ عاد قوم تي خدائي عذاب

وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہِمۡ مَّطَرًا ۚ فَسَآءَ مَطَرُ الۡمُنۡذَرِیۡنَ ﴿٪۵۸﴾ (النمل:٥٨)
”۽ انهن ماڻهن تي مينهن وسايو سون جيڪو تمام بڇڙو مينهن هو انهن ماڻهن جي حق ۾ جن کي ڊيڄاريو ويو هو.“

آگسٽ 1945 جو واقعو آهي، هڪ سمنڊ جي وچ ۾ ٻه ٻيٽ هئا؛ ڄڻ ته چمڪندڙ زمرد هجن.
ٻنهي ٻيٽن جا ٻه اهم ۽ وڏا شهر به هئا، جن مان هڪڙي جو نالو هيروشيما ۽ ٻئي جو نالو ناگاساڪي هو. ٻن مختلف ڏينهن تي صبح مهل انهن کي هڪ انتهائي وڏي تباهيءَ جو شڪار ٿيڻو هو. سندن قسمت ۾ موتمار تباهي هئي جنهن جي باري ۾ سموري انسانيت سدائين جي لاءِ بحث ڪندر رهندي پر انهن سڀني بحثن ۾ هڪ تمام ئي اهم نڪتي ڏانهن شايد ڪنهن جو به خيال نه ويو.
جڏهن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ايٽم بم ڪيرايا ويا ته گرميءَ ۾ ٽهڪندڙ انهن ٻنهي شهرن کي هڪ طاغوتي، شيطاني باهه وڪوڙي وئي. شروعاتي ڌماڪي مان بچي ويل ماڻهن پنهنجو پاڻ کي گھٽين ۾ آڻي ڦٽو ڪيو. پوءِ اوچتو آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا جن مان انهن مٿان هڪ قسم جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. مٿن اصل موت تابڪار ڪرپٽون (Krypton) جي شڪل ۾ نازل ٿيڻ شروع ٿي ويو. انهن ٻنهي شهرن ۾ جيڪي ٻه لک انسان مري ويا، تن مان گھڻا تابڪار مينهن ڦڙن لڳڻ سان اجل جو شڪار ٿيا.
پڪ سان اها دعوى نٿي ڪجي ته اهي ٻئي شهر خدائي سزا جا حقدار هئا يا الله تعالىﷻ پاڻ انهن کي سزا طور تي تباهه ڪيو پر قرآن جي آيتن ۾ موجود ڪجھه ڳجھ اِن کان پوءِ ضرور ظاهر ٿي پيا.
سڀني مفسرن اهو بيان ڪيو آهي ته لوط ؑ جي قوم کي پٿرن جي مينهن سان تباهه ڪيو ويو، اهو ڪا ٻوڏ نه هئي. هيروشيما واري تباهي پکيڙيندڙ واقعي تائين واري دؤر ۾ رڳو ايمان وارا ئي موت واري مينهن تي يقين رکن پيا، جڏهن ته ڪافر نفرت ۾ اچي انهيءَ جو انڪار ڪندا هئا پر اهو بيان اڳتي هلي مڪمل طور صحيح ثابت ٿيو ۽ بي دين ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيا، ايتري تائين جو هن عجوبي انهن سائنسدانن کي پڻ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جن پاڻ ئي اهي بم ٺاهيا هئا.
مان وارا پڙهندڙؤ! هن موقعي تي مان هڪ نڪتي کي زوردار نموني بيان ڪرڻ گھرندس. اهو هي ته جڏهن الله تعالىﷻ ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهي ته، پنهنجي اڻ کٽ طاقت جي هوندي انهيءَ لاءِ رڳو حڪم ئي ڏيندو آهي. ان جو قهر ڪهڙي به شڪل ۾ هجي، انهيءَ جي ڄاڻ اسان کي نٿي ٿي سگھي ۽ نه ئي دنيا جي ڪنهن وڏي کان وڏي سائنسدان کي به ڪو اندازو ٿي سگھي ٿو. نتيجي ۾ اسان اهو نٿا چئي سگھون ته لوط ؑ جي قوم هڪ تابڪاري واري ڪڪر مان وُٺل مينهن جي ذريعي تباهه ٿي پر اها ڳالهه پڻ ظاهر آهي ته قرآن پاڪ جون سموريون آيتون سائنسي اشارا ڏيندڙ آهن. تابڪاري ڪري پٽون ڪڪرن مان وسندڙ موت وارو مينهن آهي. اهو موتمار مينهن همجنس پرست ڏوهارين، گمراهن ۽ سرڪشن تي نازل ٿيو.
عاد قوم جي بت پرستن جڏهن ڪڪرن کي ڏٺو ته ڏاڍا خوش ٿيا ته اهي انهن جي لاءِ راحت جو سبب بڻبا. انهيءَ نُڪتي کي ابن العربيءَ انتهائي وڻندڙ انداز ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ان موجب ”اهو مينهن انهن جي لاءِ سچ پچ رحمت بڻجي آيو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ مينهن سان انهن جي ڪفر واري زندگي به ختم ٿي وئي.“ هن آيت سڳوريءَ انهيءَ ئي نڪتي کي تمام اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. مولانا جلال الدين رومي ؓ پڻ فرمايو ته جڏهن موت انهن جي مٿان اچي پهتو، تڏهن عاد قوم وارن حق کي سڃاڻي ورتو ۽ سمجھي ورتو ته موت جو ڪڪر انهن جي لاءِ ڄڻ ته ڇوٽڪارو ئي هو. ائين ئي هيروشيما جي ماڻهن به موت جي ڪڪر کي پنهنجي لاءِ نعمت سمجهيو.
قرآن ۾ اها ڳالهه چٽائيءَ سان بيان ڪئي وئي آهي ته جيڪي قومون پنهنجي ڪفر ۾ ضدي بڻجي وينديون آهن ۽ لڳاتار سرڪشي ڪنديون رهنديون آهن ته اهي الله تعالىﷻ جي قهر هيٺ اچي تباهه ٿي وينديون آهن. جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ ويساهه نه رکندا آهن، تن کي دعوت ڏني وڃي ٿي ته اهي پاڻ وڃي پنهنجي اکين سان انهن قومن جي تباهه ٿيل زمينن ۽ علائقن کي ڏسن. اهڙي قسم جي هڪڙي بيان ۾ فرمايو ويو ته ڪيترين ئي قومن جي تباهي هڪ سخت آواز واري ڌماڪي سان ٿي. لغوي معنى ۾ اهو انتهائي سخت آواز هڪ زبردست ڌماڪي جي برابر آهي.
ڌماڪي مان پيدا ٿيندڙ تمام سخت آواز جي سلسلي ۾ اهو دلچسپيءَ سان ڏٺو ويندو ته ان جو مثال تمام گھڻي وسعت وارن انهن چقمقي ميدانن جي انهيءَ ڏڪڻيءَ جهڙو آهي، جنهن ڏانهن هلندڙ سالن دوران سائنسدانن توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن مادو هڪ چقمقي ميدان ۾ داخل هجي ته اهو قدرتي طور لڏندو يا ڏڪندو آهي. جڏهن اهو ميدان انتهائي شدت اختيار ڪري وٺندو آهي ته انهيءَ جو اثر انساني دماغ تي به پوندو آهي، جنهن سان اوچتو موت يا چريائپ پيدا ٿي پوندي آهي. انهيءَ پڙاڏي کي هڪ تمام وڏي آوازي تيزيءَ سان ڀيٽائي سگھجي ٿو، جيڪا ڌماڪي يا ميزائل کان مٿانهين آوازي رفتار تي سفر ڪرڻ جي ڪري ٿيندي آهي. انهيءَ کي (Sonic Wave) به چوندا آهن جيڪا موتمار خاصيت رکي ٿي.
قيامت جي ڏينهن جو ڌماڪو به هڪ اهڙي ئي زبردست قسم جي ڏڪڻي ٿي سگھي ٿو جيڪا چقمقي واڌي گھاٽي جي نتيجي ۾، هڪ سخت ۽ موتمار ڏڪڻيءَ جو سبب ٿيندي. اها سوچ ئي قرآن جي دانائي، حڪمت جي سڃاڻ ۽ واکاڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي. ايئن خاص طور انهيءَ ماڻهوءَ سان ٿي سگھي ٿو، جيڪو سائنس جي حقيقتن کي سمجھندو ۽ مڃيندو هجي. سورت الحاقتہ جي 6 نمبر آيت ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته عاد قوم هڪ سخت ۽ ڄمائي ڇڏيندڙ يخ ٿڌي طوفاني هوا جي وسيلي تباهه ڪئي وئي هئي. عام قدرتي حالتن ۾ وچ اوڀر ۾ هن قسم جون ٿڌيون هوائون ڪا غير معمولي ڳالهه نه آهي. آخر اها ڪهڙي هوا آهي جنهن عاد قوم کي سخت ٿڌي هوا سان ڄمائي ڇڏيو؟
انهيءَ سوال جو جواب به چقمقي تبديلين بنسبت سائنسي حقيقتن ۾ لڪيل آهي. تپش يا گرمي، جيئن هرڪو ڄاڻي ٿو، ته هڪ ماپڻ جوڳي چرپر يا ڏڪڻي آهي. انهيءَ باري ۾ ڀلي ڪيميائي عمل هجي، برقي گرمي هجي، يا سج جي ڪرڻن جو معاملو هجي، ذرڙن جي ماليڪيولن جي اها چرپر هڪ بنيادي عنصر آهي. اڳي اهو سمجهيو ويندو هو ته گرمي هڪ جدا قسم جي توانائي آهي پر موجوده دؤر ۾ انهيءَ نظريي مڃتا ماڻي ورتي آهي ته گرمي قدرت جي چئن بنيادي برق چقمقي قوتن (Electromagnetic Forces) مان هڪ آهي. اهي بنيادي چار قوتون هي آهن: ڪشش ثقل، برق چقمقي، طاقتور نيوڪلائي توانائيون ۽ ڪمزور نيوڪلائي توانائيون. هتي مان دوزخ جي معنى جي تشريح ڪندس ۽ ثابت ڪندس ته پٿرن جو دوزخ جي باهه جو ٻارڻ ٿيڻ به هن بلڪل خسيس سائنسي نظريي سان پوريءَ طرح مطابقت رکي ٿو.
هڪ علائقي ۾ چقمقي اثر ان جي چرپر کي گھٽائي يا وڌائي سگھي ٿو. تنهن ڪري هاڻي سمجھي سگھجي ٿو ته جيڪو طوفان يا هوا عاد قوم وارن مٿان موڪلي وئي هئي، سا انهيءَ چقمقي اثر (عمل) جي ذريعي يخ ٿڌي ڪئي وئي هئي.
ماضيءَ جا دقيانوسي دانشور، جن قرآن جو مطالعو نه ڪيو هو، هِتان هُتان جي ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي، قرآن مٿان اها تنقيد ڪندا هئا ته قرآن ۾ سخت ٿڌ ۽ سيءُ جو ڪوبه ذڪر نه آهي. کين اها ڄاڻ هئڻ گھرجي ته قرآن ۾ نه رڳو ٿڌ جو باقاعده ذڪر موجود آهي، پر اها سخت ٿڌ (زمهرير) جي لفظ جي صورت ۾ موجود ۽ استعمال هيٺ آيل آهي جيڪو حبشه (Abyssnian) ٻوليءَ جو لفظ آهي.
جديد طبعيات جي نقطه نظر کان قرآن ۾ ڏنل خدائي عذاب ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جو نظريو به، تحقيق جي نتيجي ۾ تمام اهم نتيجا پيش ڪري ٿو. انهن ڳالهين جو مطالعو ايندڙ صفحن ۾ جدا جدا ڪيو ويندو. پر هن موقعي تي اها ڳالهه ته عاد قوم ۽ لوطؑ جي قوم جي مثالن مان جديد انسان، خاص طور تي سائنسدانن کي اهم پيغام ڏنا پيا وڃن. قرآني بيان جي عظمت، دنيا جي باقي رهڻ تائين اکين کي کولڻ لاءِ رهنمائي ڏيندي رهندي، پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته اهي اکيون شروع کان ئي انڌيون نه هجن.