مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 4 تيل جي باري قرآن جي شاهدي

وَ الَّذِیۡۤ اَخۡرَجَ الۡمَرۡعٰی ۪ۙ﴿۴﴾ فَجَعَلَہٗ غُثَآءً اَحۡوٰی ؕ﴿۵﴾ (الاعليٰ: ٤ ۽ ٥)
”جنهن (الله) ٻوٽا اپايا ۽ پوءِ انهن کي ڪاري ڪچري (ٻوڏ) ۾ تبديل ڪيائين.“

هنن آيتن کي پڙهڻ کان پوءِ اهڙو ماڻهو جيڪو زميني علم (Geology) جي باري ۾ ڄاڻي ٿو، سمجھي ويندو ته اهو جملو تيل جي باري ۾ حقيقت ٻڌائي رهيو آهي. پڪ سان اهم ڳالهه اها آهي ته اهو علم قرآن ڪريم ۾ اڄ کان چوڏهن صديون اڳ بيان ڪيو ويو هو.
هنن آيتن کي وري وري پڙهڻ گھرجي ۽ زميني ڄاڻ کي، پوءِ ڀلي اها ٿورڙي ئي ڇونه هجي، پنهنجي ذهن ۾ آڻجي. زمين جو هي گولو شروعات ۾ ٻوٽن ۽ ديوقامت وڻن ۽ گھاٽي گاهن جي ميدانن ۽ ٻيلن تي ٻڌل هو. اهي عظيم ٻيلا زمين جي گولي تي زندگيءَ جي آثارن مان هئا. اڳتي هلي وڏين زميني تبديلين جي ڪري اهي عظيم ٻيلا زمين جي اندر هليا ويا ۽ هڪ خاص ڪيميائي عمل جي ڪري تيل جي شڪل اختيار ڪري ويا. انهيءَ جو تفصيل هاڻي توهان جي اڳيان بيان ڪبو.
سورتِ الاعلى اسان جي پياري نبي ڪريم ﷺ جي پسنديده سورتن مان آهي. اهو به چيو وڃي ٿو ته پاڻ ﷺ جن پنهنجي آخري نماز ۾ انهيءَ ئي سورت جي تلاوت فرمائي هئي. سورت الاعلى ڪائنات جي شروعات بابت صاف انداز ۾ تشريح پهرين پنجن آيتن ۾ ڪري ٿي جيڪي هن طرح آهن:
”تنهنجو پالڻهار جنهن پيدا ڪيو (۽) جنهن تناسب قائم ڪيو ۽ جنهن رستو ڏيکاريو.“ (الاعلى: 2-3)
اهي آيتون ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ بنيادي قانون ٻڌائن ٿيون. هتي اها ڳالهه ڌيان طلب آهي ته اسان جي موضوع جي باري ۾ آيتون هنن آيتن کان يڪدم پوءِ اچن ٿيون. اهڙي طرح زمين تي زندگيءَ جي پهرين دؤر کي بيان ڪيو پيو وڃي.
عظيم ٻوٽا ۽ عظيم ٻيلا هن زمين جي گولي تي ايترا ته هئا جو جيڪڏهن اهي هن وقت تائين قائم هجن ها ته فضا ۾ آڪسيجن ايترو ته وڌي ۽ بي قابو ٿي وڃي ها جو ان جي ڪري ڪنهن به وقت سڀڪجھه سڙي رک ٿي وڃي ها.
آيت نمبر 3 ۾ پهريان کان مقرر ڪيل مقدار ۽ تناسب جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن موجب اهي عظيم ٻيلا ۽ ديوقامت ٻوٽا زمين ۾ ان وقت دفن ڪيا ويا، جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿي ويو هو. اهي غثاء يعني تيل ۾ تبديل ٿي ويا، جيڪو عظيم زميني تبديلين جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو. اهڙي طرح جن مضمونن تي ڪتابن جا ڪتاب لکي سگھجن ٿا، انهن جي عمل کي هنن مختصر آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
هاڻي آئون مختصر طور ڪجھه انهن ڳالهين جو ذڪر ڪندس جيڪي زمين جي زمانن (Geological Periods) جي نشاندهي ڪن ٿيون. انهيءَ وچ ۾ مان انهن بي دينن ۽ دهرين جي بدحواسي ۽ جهالت جو به ذڪر ڪندس جيڪي ڇڙواڳي پکيڙين ٿا.
زميني علم جي لحاظ کان زمين کي، جڏهن ان جي اصل حالت هڪ باهه جي گولي واري هئي، پنج ارب سال ٿي چڪا آهن. اُن وقت کي چئن مستند حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. ان جي وڌيڪ ورڇ ڪيترين ئي مدتن يا وقفن ۾ ڪئي ويندي آهي. زمين جي مٿين سطح جي ڄمي وڃڻ وارو زمانو انهن چئن حصن کان جدا آهي. اهو زمانو ساڍن چئن ارب سالن تائين قائم رهيو.
پهريون دؤر لڳ ڀڳ اڌ ارب سالن تي ٻڌل آهي. عام طرح اهو زمانو تمام وڏن ٻوڙن ۽ ٻيلن وارو زمانو هو. پئٽرول به انهيءَ دؤر ۾ جڙيو. انهيءَ ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته ٻيو دؤر سترهن ڪروڙ سالن تي ٻڌل آهي. ٽيون دؤر ساڍن ڇهن ڪروڙ سالن تي مشتمل آهي ۽ چوٿون دؤر زمين جي موجوده شڪل آهي جيڪو پنجويهه لک سالن تي مشتمل آهي. انهيءَ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي طريقا استعمال ڪيا ويا آهن، جن کي هيٺ بيان ڪندس.
تيل عام طرح پاڻي يا سمنڊ جي ڪنارن تي پيدا ٿيل تمام وڏن وڻن جي ڳرڻ ۽ سڙڻ واري عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو، جيڪي ڇِپُن جي سلسلن ۾ ڦاسي پيا، انهن ٻوٽن تي مختلف قسم جي جراثيمن جي عمل سان اهو پيدا ٿي پيو. تيل جي جوڙجڪ ۽ گڏ ٿيڻ جي باري ۾ ڪيترائي نظريا آهن. جيتوڻيڪ انهن مان ڪو هڪ به حتمي طرح ثابت ٿي نه سگھيو آهي. اهو چيو وڃي ٿو ته سمنڊ جي اندر پيدا ٿيندڙ ٻوٽا به انهيءَ سلسلي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. اهو نظريو به هن آيت ڪريمه سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پر پوءِ وارا نظريا وڌيڪ اهميت رکندڙ آهن، جن مطابق تيل جي جوڙجڪ سامونڊي ٻوٽن ۽ ڪنارن تي پيدا ٿيل ٻيلن جي ڳرڻ ۽ سڙڻ سان ٿي. ان کان پوءِ اهو زميني تهن ۾ گڏ ٿي دريائن وانگر وهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح تيل جون زمين جي اندر ڍنڍون بڻجي ويون. ڄاڻايل تهن ۾ ڪٿي ڪٿي ننڍن ننڍن سامونڊي جانورن جا پڃرا يا حصا به مليا آهن.
اچو ته ساڳي آيت سڳوريءَ کي ٻيهر پڙهون.
”۽ انهن کي ڪاري (ڪچري واري) ٻوڏ ۾ تبديل ڪري ڇڏيوسون.“
ها، عزيز دوستو! اهو رڳو اسان جي ئي هن دؤر ۾ حتمي طرح ثابت ٿيو آهي ته تيل هڪ ڪاري پٽڙي مادي وانگر زمين هيٺ ڪارن دريائن جي شڪل ۾ وهي رهيو آهي. آيت ڪريمه ۾ لفظ ٻوڏ کليل طرح تيل جي وهڪري ڏانهن اشارو ڪري ٿو. انهيءَ وهڪري کي پئٽروليم جي صنعت ۾ تيل جي هجرت (Oil Migration) سڏيو ويندو آهي، جنهن جي باري ۾ قرآن اڄ کان چوڏهن صديون اڳ ئي اشارو ڪري ڇڏيو هو.
جيتوڻيڪ انهيءَ موقعي تي اسان پوري جي پوري سورت الاعلى تي وڌيڪ ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون، پر مان پنهنجي پڙهندڙن کي گذارش ڪندس ته اهي هن سموري سورت کي وري وري انتهائي ڌيان سان پڙهن. اهڙي طرح پڙهندڙ کي پاڻ به تيل جي باري ۾ پنهنجو نظريو قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جيڪڏهن دنيا، خاص ڪري مسلمان ملڪن ۾ تيل نه هجي ها ته مسلمانن جي حالت ڇا هجي ها؟
مان هاڻي زمين جي جوڙجڪ جي باري ۾ ڪجھه اختلافي تاويلن تي ڳالهائيندس.
اسان جي زمين جي عمر جي باري ۾ ڪيترائي نظريا پيش ڪيا ويا آهن. حقيقت ۾ مٿي مون پاڻ به زميني زمانن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي تاريخ به هن وقت تائين بنيادي طرح رڳو اندازن تي ٻڌل آهي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪن تي ته سنجيده قسم جي سائنسي تحقيق به ڪئي وئي آهي، پر انهن مان ڪيتريون قياس آرائيون غير سنجيده آهن، جيڪي پڪ سان بي دينن جون شرارتون آهن.
زميني عمر ڄاڻڻ جا ڪيترائي طريقا آهن، انهن مان هڪڙو اهو آهي جيڪو انهيءَ وقت جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو ڇِپُن جي ڪيميائي جوڙجڪ ۾ لڳي ٿو. اهي گھڻو ئي قياس کي ويجھا طريقا آهن.
ٻيو طريقو ڪاربن جي ريڊيون آئسوٽوپ جي مقدار جي پيمائش (Radio Carbon Dating) سان حاصل ٿيندو آهي. جيڪڏهن ٻنهي طريقن کي سامهون رکون ته علم طبعيات (Physics) جي لحاظ کان ٻيو طريقو وڌيڪ صحيح نشاندهي ڪري ٿو. جيتوڻيڪ انهيءَ طريقي جي استعمال ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائيون به آهن، جن جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن نتيجا غلط به ٿي سگھن ٿا. خاص ڪري ان وقت جڏهن وقت جو شمار پنجاهه هزار سالن کان وڌيڪ هجي. انهيءَ سلسلي ۾ علم طبعيات کان وڌيڪ تعصب وچ ۾ اچي وڃي ٿو.
انهيءَ طريقي جو بنياد مادي جي تابڪاري جي ڪري سڙي ڳري وڃڻ آهي. ان کي اڌ زندگي (Half Life) به چيو ويندو آهي. زمين جي هيٺ ٿيندڙ واقعي جي عمر يا وقت معلوم ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ نسبت کي ڏٺو ويندو آهي جيڪا تابڪاري جي ان سطح سان معلوم ٿيندي آهي، جيڪا انهيءَ جاءِ تي بچي ويندي آهي.
تابڪاري ڪاربان جي اڌ عمر 5570 سال هوندي آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ڪاربان ڪاٽو چوڏهن (14-)، جيڪا ٻاويهه هزار سالن ۾ بچي ويندي آهي، انهيءَ جو مقدار پنهنجي اصل مقدار جو ڇهه سيڪڙو رهجي ويندو آهي، جڏهن ته حسابي نسبت ٽيهٺ هزار سالن ۾ هڪ هزار ۾ چئن جي نسبت سان پوئتي رهجي ويندي آهي. جڏهن ڪير ڪروڙين سالن جو حساب ڪري رهيو هجي ته نموني ۾ هڪ هڪ ننڍڙي غلطي لکين سالن جو فرق پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. اهو انهيءَ ڪري ٿيندو آهي جو پراڻو ڪيميائي طريقو هن وقت تائين به پسنديده سمجھيو ويندو آهي جتان زميني زمانو شروع ڪرڻو هوندو آهي.
زميني دؤرن کي ماپڻ جي لاءِ ڪابه ڏکيائي نه آهي. پر هتي آئون انهن هٿ ٺوڪين ڪهاڻين جو ذڪر ڪرڻ گھرندس، جيڪي انساني ارتقا جي باري ۾ پکيڙيون ويون آهن. مادي پرست ماڻهن اهي ڪهاڻيون مٿي بيان ڪيل سائنسي حقيقتن جي برخلاف گھڙيون آهن. اهو اسان جو فرض آهي ته انهن سڀني هٿ ٺوڪين نظرين کي وائکو ڪريون جيڪي سائنس جي نالي تي پکيڙيا ويا آهن. مثال طور زمين جي انسان جي ظاهر ٿيڻ واري زماني کي ڏهه لک سال کان به اڳ ڏسيو پيو وڃي، جنهن جي لاءِ ڪابه سند نه آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي سمجھه ڀريا سائنسدان انهيءَ زماني کي ڏهن کان پنجاهه هزار سالن تائين ڏسين ٿا پر بي دين ماڻهو اِن انساني ظهور کي انهيءَ کان گھڻو اڳ ڏسن ٿا. انهيءَ جو مثال اهو سائنسي ڪوڙ آهي، جنهن کي پلٽ ڊائون مين (Pilt Down Man) جو نظريو سڏيو ويندو آهي.
1912ع ۾ انگلينڊ جي جڳ مشهور برٽش ميوزيم ۾ هڪ انساني کوپڙي جي نمائش ڪئي وئي هئي، جنهن جي هيٺان لکيل هو (Pilt Down Man). انهيءَ تختي تي اهو به لکيل هو ته اها انسان سان ملندڙ جلندڙ مخلوق جي کوپڙي آهي جيڪا پنج لک سال اڳ جيئري هئي ۽ اها مخلوق اڄوڪي انسان جي پيڙهه هئي. سڄا سارا چاليهه سال انهيءَ کوپڙيءَ تي بحث ٿيندو رهيو ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون ۽ انهيءَ تي ڪتاب لکيا ويا. اهو سڀڪجھه بي دينن لاءِ هڪ قيمتي سرمايو بڻجي ويو پر جڏهن ماپ جو ريڊيو ڪاربان طريقو ايجاد ٿيو ته اهو انڪشاف ٿيو ته اها کوپڙي اصل ۾ ڪنهن انسان جي ئي هئي، جڏهن ته ان جي ڄاڙي ڪنهن باندر (Ape) جي هئي. انسان جو مٿو هڪ سؤ پنجاهه سال پراڻو هو جڏهن ته باندر جي ڄاڙي رڳو سٺ سال پراڻي هئي. اهو اصل ۾ هڪڙو اعلى درجي جو انساني اسڪينڊل هو. پوءِکوپڙي کي يڪدم انهيءَ جاءِ تان هٽايو ويو، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ بنياد تي جيڪي بحث مباحثا ٿيا ۽ ڪتاب لکيا ويا تن کي ڪوڙو به نه چيو ويو. انهن مان ڪيترائي ماڻهو يا انهن جا پيروڪار اڄ به آفريڪا ۾ کوپڙين تي هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون ٺاهڻ ۾ رُڌل آهن.
آخر ۾، آئون هن موقعي تي وقت جي باري ۾ ڪجھه حقيقتن تي بحث ڪرڻ گھرندس. ماضي ۾ اهو سمجھيو ويندو هو ته وقت رڳو گھڙين ۽ ڪيلينڊرن مان ظاهر ٿيندو آهي پر هاڻي ٻن عظيم سائنسدانن انهيءَ باري ۾ چٽا پٽا طبعياتي نظريا ڏنا آهن. پروفيسر نڪولائي ڪوزيرو وقت کي ڄميل توانائي (Frozen Energy) سڏي ٿو. ڪائنات ۾ وقت جي گذرڻ جي رفتار مختلف جاين تي مختلف آهي. اهو حرڪت ڪندي، شين جي نسبت سان مختلف آهي. اها حقيقت ڪائناتي شعاعن جي ڳرڻ (Decay) جي عمل دوران ثابت ٿي؛ يعني اهو معلوم ڪري ته انهن ڪيترو مفاصلو طئي ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح جيتوڻيڪ زميني تخمينا صحيح به هجن ته هڪ اهم سوال، اڻ جوابيل ئي رهجي وڃي ٿو ته ڇا وقت پراڻي دؤر ۾ به انهيءَ ئي رفتار سان گذري رهيو هو، جنهن جي مدت يا قيام جو بيان لکين، اربين سالن ۾ ڪيو ويندو آهي؟
جواب اهو آهي ته انهيءَ ۾ تمام گھڻا شڪ شبها آهن. اهو تصور ڪري سگھجي ٿو ته وقت جي رفتار ان وقت، انهن زمانن ۾ تمام گھڻي هئي. جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ وقت جي رفتار تي نظر رکي وڃي ته شايد جنهن کي اسان پنج ارب سال سڏيون ٿا سو حقيقت ۾ ويهه لک سال ئي هجي يا انهيءَ کان به گھٽ! مان قرآن جي معجزاتي آيتن جي تشريح ڪندي ڪنهن ٻي جاءِ تي انهيءَ باري ۾ تفصيلي بحث ڪندس.
جڏهن سائنسي شين جو مطالعو ٿي رهيو هجي ته سوچ ۽ تجربي کي فضا ۽ وقت جي خاص پس منظر ۾ پرکڻ گھرجي. بي دين تحقيق ڪار عام طور هڪ قائم ٿيل سائنسي نتيجي کي وٺي، ماضي ۾ اربين سالن تي پکيڙي ڇڏين ٿا، اهڙي طرح اڍنگا ۽ غلط نتيجا پيش ڪن ٿا. اها غلطي گھڻو ڪري فضا ۽ ڪائنات جي باري ۾ ورجائي وڃي ٿي. مثال طور هڪ ستاري جي روشنيءَ جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون گھڙيون وينديون آهن جيڪا اربين ۽ کربين ڪلوميٽرن کان اچي رهي هوندي آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ڪائنات ۾ ٻيا به ڪيترائي واقعا ۽ حالتون پڻ ٿي سگھن ٿيون. حقيقت ۾ اها مڃيل ڳالهه آهي ته هڪ ستارو جيڪو لکين سال اڳ تباهه ٿي چڪو آهي، انهيءَ جي روشني اڃا به اسان تائين پهچي رهي هوندي آهي.
اهڙي طرح دنيا جي پيدائش جي باري ۾ تخمينا ڪڏهن به اندازي يا خيال کان وڌيڪ نٿا ٿي سگھن. نتيجي طور انهن کي نظريا يا دعوائون نٿو چئي سگھجي. جيتوڻيڪ اهو به ممڪن آهي ته ان ۾ وقت جا وڏا وڏا زمان ملوث هجن، پر اسان ڪنهن خاص نظريي جي بنياد تي اهو نٿا چئي سگھون ته انهن زمانن ۾ وقت ڪيتري رفتار سان گذريو. آئون پڙهندڙن کي ياد ڏيارڻ گھران ٿو ته وقت جي نقطه نظر کان، جيڪو زمين ۽ ڪائنات جي جوڙجڪ ۾ لڳو، قرآن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪوڙو نٿو چئي سگھجي.اهو وقت جيڪو زمين جي شروعاتي تخليق ۽ اهو وقت جنهن ۾ زمين پنهنجي موجوده صورت کي پهتي، سي ٻه مختلف ڳالهيون آهن، جن جو تقابلي جائزو ايندڙ آيتن ۾ ورتو ويندو.