مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 26 زمين جي بيضوي شڪل

وَ الۡاَرۡضَ بَعۡدَ ذٰلِکَ دَحٰىہَا ﴿ؕ۳۰﴾ (النازعات:٣٠)
”۽ پوءِ هن زمين کي بيضوي (اٺ پکيءَ جي آني جهڙي) شڪل ڏني.“

هن آيت مبارڪه جي پراڻين تشريحن مان ان جي معنى هن طرح آهي: ”هن زمين کي پکيڙيو.“
جڏهن ته استنبول جي مذهب واري شعبي (Istanbul Faculty of Theology) جي مرحوم ڪي ايڇ بي چينتي (H.B. Canty) ۽ ڊاڪٽر علي اوزيڪ (Dr. Ali Ozek) پنهنجي جڳ مشهور تفسير ۾ انهيءَ جي اها ئي معنى ڏني آهي جيڪا اسان مٿي بيان ڪئي آهي.
تشريحن ۾ معنى جو فرق لفظ ”دحٰها“ جي معنى ۾ اختلاف جي ڪري پيدا ٿيو آهي. عربي ٻوليءَ ۾ انهيءَ لفظ جو ماخذ يا اشتقاق اٺ پکيءَ سان نسبت رکڻ واري معنى سان ملندڙ جلندڙ آهي. اچو ته انهيءَ لاءِ ڪي مثال ڏسون.
الادحتہ :اٺ پکيءَ جو آکيرو يا واريءَ ۾ آنو لاهڻ جي جاءِ يا کڏو
الادحوة :اٺ پکيءَ جي آني واري جاءِ
تداحياً :سوراخ ۾ پٿر وجهڻ
علم اشتقاق جي ماهر (Etymologist) شمس الدين، پنهنجي لغت ۾ مدحي جي معنى اٺ پکيءَ جي آني وارو سوراخ يا کڏو بيان ڪئي آهي. جڏهن ته بيضاوي وٽ به دحا جي معنى بيضو يا آنو ئي آهي. دحا جي معنى پکيڙڻ (دحو) جي مفهوم ۾ ضرورت طور بيان ڪئي آهي. اها ان جي اصل معنى نه آهي. آڳاٽي وقت ۾ جيئن ته دحا جي لاءِ آني جي شڪل جو هجڻ بي معنى سمجھيو ويو، تنهن ڪري ان کي پکيڙڻ جي معنى ۾ پڙهيو ويو.
دحا جي اصل معنى اٺ پکيءَ جو آنو آهي. علم اشتقاق جي اصولن موجب سڀني عربي لغتن ۾ مدحي کي اٺ پکيءَ جي آني جي کڏي يا سوراخ جي برابر سڏيو ويو آهي. ”م“ کي الڳ ڪرڻ کان پوءِ ڪجھه ماڻهن ان کي اٺ پکيءَ جو آنو چيو آهي. پر دحي کي پکيڙڻ سان ڀيٽ ڏني وئي آهي. انهيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهي نظريا زمين جي شڪل جي معاملي ۾ بلڪل سادگيءَ وارا آهن.
ٻئي پاسي اها ڳالهه به هرگز نه وسارڻ گھرجي ته جن عالمن هن آيت مبارڪه جي تشريح جي باي ۾ ”پکيڙڻ“ واري معنى ورتي آهي، اهي به مڪمل طور تي غلط نه آهن. اها ٻي معنى آهي ۽ مڃڻ جوڳي آهي. بهرحال، منهنجي پنهنجي راءِ اها آهي ته هن آيت مبارڪه جي معنى هن طرح آهي: ”۽ پوءِ اسان زمين کي اٺ پکيءَ جي آني جهڙي شڪل ڏني.“ هاڻي ان کان اڳ جو مان تفسير بيان ڪريان، هڪڙي ٻئي نقطي ڏانهن توهان جو ڌيان ڇڪائڻ گھران ٿو. ڪيتريون صديون اڳ جي مشهور مفسرن، جن ۾ بيضاوي، رازي، ابوالسعود ۽ مدارڪ شامل آهن، اعلان ڪيو ته تخليق جي وقت زمين تي ڪابه جاندار شيءِ نه هئي، ڇو ته اها ان وقت باهه وانگر تتل هئي. هنن اهو اعلان ان وقت ڪيو جڏهن انهن وٽ اڄوڪي دؤر وانگر ڪنهن به قسم جي سائنسي ڄاڻ نه هئي. سندن ڄاڻ جو بنياد رڳو قرآني سائنس هئي. انهن ماڻهن جي انهيءَ سمجھه ۽ قرآن فهمي جي واکاڻ نه ڪرڻ بي انصافي آهي. هاڻي اسان وري انهيءَ ڄاڻ ڏانهن اچون ٿا، جنهن تحت هن آيت جي تعبير، زمين جو آني جهڙي شڪل ۾ هئڻ بنسبت آهي.
(الف) سموري مخلوقات جي آنن منجھان اٺ پکيءَ جو آنو ئي اهڙو آهي جيڪو زمين جي ٽڪري سان ويجھي نسبت رکي ٿو.
(ب) زميني مٿاڇري جي اتر ۽ ڏکڻ قطبن جو قطر، زمين جي خط استوا جي طرف کان، قطر جي نسبت سان زمين جي جيڪا شڪل ٺاهي ٿو، سا آني جهڙي ئي آهي. خاص ڪري اها زميني شڪل، وڌيڪ صحيح طرح سان ڪجھه بگڙيل آهي، بلڪل ائين جيئن ناشپاتي هوندي آهي. انهيءَ کي جي اويڊ (Geoid) چوندا آهن. زمين جو استوائي گھيرو (Radius) 6378 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته قطبن وارو گھيرو 6356 ڪلوميٽر آهي.
(ٻ) هيءَ آيت سڳوري چٽائيءَ سان زمين کي گولائيءَ واري شڪل ۾ ٻڌائي ٿي. وڌيڪ اهو ته انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته پنهنجي شروعاتي شڪل ۾ زمين اڄوڪي موجوده شڪل ۾ ڪونه هئي. اصل ۾ زمين جي موجوده سخت سطح (Solidification) کان اڳ ڪابه خاص شڪل ڪونه هئي. ڪائناتي طبعيات (Astrophysics) جي علم مطابق زمين جي تخليق جي باري ۾ ٻه نظريا آهن. هڪڙي نظريي موجب زمين شروع ۾ سج جو حصو هئي جيڪا هڪ ٽڪري وانگر اڇلجي جدا ٿي وئي. جڏهن ته ٻيو نظريو ٻڌائي ٿو ته سج ۽ زمين ٻئي هڪ سحابيه (Nebula) يعني ڪڪرن واري تنويري پٽيءَ مان، جيڪا آسمانن ۾ نظر ايندي آهي، ڌماڪي سان جدا ٿيا. ٻئي نظريا اهو مڃن ٿا ته شروع ۾ زمين جي ڪابه خاص شڪل نه هئي، جنهن اڳتي هلي گول ۽ آني جهڙي شڪل اختيار ڪري ورتي. ايئن هيءَ آيت کليل طرح سان زمين جي شڪل، بيضوي (Oval) يا ٽيڪنيڪل ٻوليءَ ۾ Ellipsoidal ۾ ظاهر ڪري ٿي.
هن موقعي تي هڪ ڳالهه جو تبصرو اجايو نه ٿيندو ته ٻين مذهبي ڪتابن ۾ پنهنجي وقت جي ماڻهن کي حڪم ڏنا ويا آهن ۽ عبادت ڏانهن سڏيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح انهن جا سائنسي اعلان رڳو انهن جي زماني سان ئي هڪجهڙائي رکندا هئا. ان جي باوجود به انهن ڪتابن ۾ ملندڙ ڪيترن ئي حڪمن کي قرآن پاڪ ۾ پڻ محفوظ ڪيو ويو آهي، ايئن اهي هاڻي به لاڳو آهن.
پر قرآن جي اهم خاصيت هِن حقيقت ۾ لڪيل آهي ته ان ۾ ڏنل قانون آخر تائين اچڻ وارن انسانن تائين مڪمل طور تي لاڳو ۽ سچا رهندا. ڇو ته قرآن ڪريم لوح محفوظ جي نمائندگي ڪرڻ وارو ڪتاب آهي. جڏهن ته لوح محفوظ پنهنجو پاڻ ئي عظيم الشان علم واري خدائي ڪمپيوٽر جو هڪ تمام وڏو ذخيرو آهي. انهيءَ ڪري ئي قرآن پاڪ سائنسي حقيقتن کي سمجھڻ جي سلسلي ۾ معجزاتي خاصيتون رکي ٿو. جڏهن ته انهن مان ڪيتريون ئي حقيقتون ته قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ کان به ڪيئي صديون اڳ واري دؤر سان لاڳاپو رکن ٿيون. زمين جي گولائيءَ واري شڪل ۽ پوءِ وري زمين جي محوري گردش، جنهن کي قرآن ڪيترين ئي آيتن ۾ بيان ڪيو آهي، انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ مڪمل ۽ سهڻو جواب آهي جيڪي اسلام تي ٺٺوليون ڪن ٿا. ڪيترائي اهڙا اڻ ڄاڻ دانشور به پيدا ٿي پيا آهن جيڪي گمان ڪن ٿا ته الله تعالى جي دين کي مڃيندڙ ماڻهو اڃا تائين زمين کي تراکڙي (Flat) سمجھن ٿا.
هن آيت سڳوريءَ جو هڪڙو تمام ئي اهم پاسو اهو به آهي ته هن کي سورت النٰزعٰت ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا تخليق جي باري ۾ ڪيترن ئي ڳجھن کي بيان ڪري ٿي. وڌيڪ اهو ته آيت نمبر 28 کان 32 تائين ۾ زمين جي تخليق جو تت ڏنو ويو آهي. آيت نمبر 31 اهو اعلان ڪري ٿي ته جڏهن زمين آني جهڙي شڪل اختيار ڪئي ته ترتيبوار انهيءَ تي پاڻيءَ جو انتظام ڪيو ويو، ان کان پوءِ شروعاتي ٻوٽن کي چاري جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو. جديد دؤر جي ارضي طبعيات جا نظريا انهيءَ ترتيب سان مڪمل طور متفق آهن. جڏهن زمين پنهنجي بيضوي يا گول شڪل اختيار ڪري ورتي ته پوءِ ان تي پاڻي وجود ۾ آيو ۽ سمنڊ ٺهي پيا. ٻوٽن وارا جاندار (ٻُوڙا ۽ وڻ) ان کان پوءِ ظاهر ٿيا.
جيڪڏهن آيت جي تحقيق انهيءَ مڪمل هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي ڪئي وڃي ها ته انهيءَ جي پوري ڄاڻ ۽ دانائيءَ کي چڱيءَ پر پروڙي سگھجي ها.