عرض مترجم (اردو)
اِن معاملي ۾ علامه اقبال ؓ جو مؤقف پڻ اهو هو ته ”موجوده دؤر ۾ اسلام جي علم الڪلام جو بنياد به جديد تجرباتي علمن جي کوجنا تي آڌاريل هئڻ گھرجي. ڇو ته انهن جا نتيجا قرآن ۾ بيان ڪيل حقيقتن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. اهڙيءَ طرح دين جو سائنسي علم موجوده زماني جي مسلمانن جي اعتقاد کي پڪو ۽ پختو بڻائيندو.“ پاڻ وڌيڪ فرمايائون:
”ڪلاسيڪي فزڪس پنهنجو پاڻ به پنهنجي بنيادي مفروضن تي تنقيد ڪرڻ سکي ورتي آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ ماديت جو اهو قسم، جنهن کي شروع ۾ انهيءَ بنياد تي بيهارڻ ضروري سمجيو ويندو هو، تيزيءَ سان غائب ٿي رهيو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن مذهب ۽ سائنس پنهنجو پاڻ ۾ انهيءَ هڪجهڙائيءَ کي ڳولي لهندا، جنهن جو هن وقت تائين تصور به نٿو ڪري سگھجي.“ (ديباچو، ريڪنسٽرڪشن ليڪچرز)
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نور باقي جي تحقيق حضرت علامه ؓ جي پيش گوئيءَ کي حيرت انگيز حد تائين صحيح ثابت ڪندي نظر اچي پئي.
ڊاڪٽر علي شريعتي پنهنجي مشهور مقالي ”مستقبل جي تاريخ تي هڪ نظر“ ۾ ڇا ته ڳالهه ڪئي آهي ته ”جيڪو مذهب سائنسي معيار کان هيٺ آهي، تعليم يافته شِڪرن لاءِ اهو هڪ ڍونڍ وانگر آهي ۽ اهو مذهب جيڪو سائنس کان ايترو مٿاهون آهي جو ان تائين سائنس جون اوچائيون به پهچي نه سگھيون، سو ئي اڄ جي دنيا جي وڏن وڏن مفڪرن جو آهي.“ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته ”انتهائي عجيب ۽ فڪر انگيز اتفاق آهي جو ميڪس پلينڪ، ڪيرل، آئن اسٽائن جي لکڻين ۾ هر هنڌ قرآني لفظ يا قرآن فهمي ذريعي حاصل ڪيل تعبيرون ملن ٿيون. بحرانن جي ذريعي انهن لا الاهيت جو دؤر ڏٺو آهي. آخرڪار اهي رياضت ڏانهن موٽ جي منزل تي پهتا.
دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
مونکي پنهنجي ڄاڻ جي کوٽ جو شدت سان احساس آهي. جيڪڏهن ترجمي ۾ ڪا خامي رهجي وئي هجي ته انهيءَ لاءِ مان الله تعالى ۽ پڙهندڙن کان معافي جو طلبگار آهيان.
[b]سيد محمد فيروز شاه گيلاني
[/b]