مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 23 اُٺ ۾ لڪيل راز

اَفَلَا یَنۡظُرُوۡنَ اِلَی الۡاِبِلِ کَیۡفَ خُلِقَتۡ ﴿ٝ۱۷﴾(الغاشية: ١٧)
”ڇا توهان اٺ جي بناوٽ ڏانهن نٿا ڏسو ته ان کي ڪيئن ٺاهيو ويو آهي؟“

سورت الغاشيه جي شروعاتي سورهن آيتن ۾ بي دينن ۽ ڪافرن جي، قيامت جي ڏينهن تي ايمان نه آڻڻ بابت، انهن جي انهيءَ ڪوتاهه نظري ۽ جهالت کي بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا کان ايمان وارن جي مخالفت ۾ آهي. 17 کان 20 نمبر آيتن تائين الله تعالى جي قدرت ۽ خلقت جي عجائبات جو بيان ڪيو ويو آهي. پهريون عجوبو اٺ جي خلقت جي باري ۾ آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اٺ جي شروعات ۽ پيدائش ۾ به قدرت جي دانائيءَ جون رمزون آهن. وڌيڪ اهو ته اهي رمزون بي دين ڪافرن جي لاءِ انهن جي نظرين جو کليل جواب آهي، جنهن جي ذريعي انهن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته قيامت جي ڏينهن اهي پنهنجي غلطين کي پنهنجي سامهون ڏسندا.
اچو هاڻي ڏسون ته اٺ جي خلقت ۾ ڪهڙا راز بيان ڪيا ويا آهن؟ ۽ خاص ڪري اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته رڳو اٺ کي ئي انهيءَ مقصد لاءِ ڇو چونڊيو ويو آهي؟
1. اٺ جي وجود ۾ اهڙيون خاصيتون موجود آهن جيڪي ڪائنات جي ارتقا واري نظريي کي ان جي بنيادن تائين مڪمل طور تي غلط ثابت ڪن ٿيون، جيڪي هن طرح آهن:
(الف) اٺ گاهه ۽ ٻوٽا کائيندڙ هڪ وڏو جانور آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن اٺ، کير پياريندڙ جانورن جي سلسلي ۾ هڪ نمائيندو هجي ها، جيئن ارتقا واري نظريي کي مڃيندڙ چوندا آهن، ته اهو پڪ سان ٻيلن ۾ رهندڙ هجي ها پر جيڪڏهن اهو ڪنهن غلطي جي ڪري بيابانن يا ڀٽن ۾ ڦاسي پوي ها ته زمين جي مٿاڇري تان اهو ڪيترائي سال ائين گم ٿي وڃي ها جيئن ڊائناسار ۽ ٻيا وڏي جسامت وارا جاندار غائب ٿي ويا. ڇو ته ارتقا واري نظريي کي مڃيندڙن وٽ اها ڳالهه عام آهي ته جڏهن وڏا ٻيلا ختم ٿي ويا ته اهي وڏي جسامت وارا جانور به ڌرتيءَ تان ختم ٿي ويا. اهڙي طرح اٺ جي موجودگي ارتقا واري نظريي جي ”قدرتي چونڊ واري نظريي“ کي گاهه ۽ پن کائڻ وارن وڏن جانورن جي سلسلي ۾ مڪمل طور تي رد ڪري ٿي. انهيءَ کانسواءِ ڊائناسار ۽ ٻين وڏي جسامت وارن جانورن جو ڌرتيءَ تان غائب ٿي وڃڻ ته اصل ۾ آڪسيجن جي توازن سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ باري ۾ موضوع نمبر 8 ۾ تفصيل سان بيان ٿي چڪو آهي.
(ب) ارتقا واري نظريي جي حامين مطابق جن جاندارن جو دماغ نه هوندو آهي سي پنهنجي زندگي بچائڻ واري ڇڪتاڻ ۾ ختم ٿي ويندا آهن. جڏهن ته اُٺ جي لاءِ ڪوبه قدرتي دفاع نه آهي، اُن جي باوجود بيابانن ۾ گوشت خور شينهن جي هوندي ۽ انهن سان گڏ رهندي سالن کان وٺي موجود رهيو آهي.
(ٻ) جيتوڻيڪ اٺ جو هاضمي وارو نظام اها خاصيت رکندو آهي ته ڪنڊن (جن کي هو کائيندو آهي) جي ڳر (Cellulose) کي به نشاستي (Carbohyderate) ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي پر اهو پنهنجي جسماني بناوت ۽ نظم ۾ ٻين گاهه ۽ پن کائيندڙ جانورن کان جدا نه هوندو آهي. رڳو انهيءَ ڳالهه جي ڪري به اٺ کي ته گھاٽن ٻيلن ڏانهن گھڻو اڳ لڏ پلاڻ ڪري وڃڻ گھرجي ها.
(ڀ) گوشت خور جانور جيڪي بيابان ۾ رهندا آهن، انهن جو هڪڙو حياتياتي مقصد آهي. اهو مقصد انهن جانورن جي خوراڪ بنائڻ هوندو آهي جيڪي اتي موجود هوندا آهن پر اٺ جي لاءِ اهڙو ڪو به مقصد نه آهي. بيابان ۾ اهو جيڪا خوراڪ کائي سگھي ٿو، سي آهن اتان جا ڪنڊا. ”حياتياتي مقصد“ واري نظريي جو بهانو جيڪو ارتقا واري نظريي جا حامي پيش ڪندا آهن ۽ جنهن جو مقصد ڌرتيءَ تي موجود جاندارن جي وڌڻ ويجھڻ جو ذريعو ٻڌائيندا آهن، سو اٺ تي لاڳو نٿو ٿئي.
اٺ هڪ اهڙي مخلوق آهي جنهن جي ذمي انسانيت جي خدمت جو ڪم آهي ۽ پنهنجي ڄمار جي هر گھڙيءَ ۾ هيءُ جانور پنهنجي چٽين اڇين اکين، سان ارتقا واري نظريي تي ٺٺولي ڪندي نظر اچي ٿو.
2. اٺ تمام دلچسپ حياتياتي خاصيتون رکي ٿو.
(الف) سڀئي جاندار هڪ ٻئي سان وٽامنن (Vitamins) جي مٽا سٽا ڪندا آهن ۽ جانور، خاص ڪري ٻوٽن مان وٽامن حاصل ڪندا آهن. ٻئي پاسي اٺ وري هڪ اهڙو جانور آهي جيڪو پنهنجو پاڻ ئي وٽامن پيدا ڪندو آهي.
(ب) پاڻي جا ننڍڙا ذرڙا (Molecules) سڀني جانورن جي جسمن ۾ ستن کان چوڏهن ڏينهن تائين موجود رهندا آهن پر جيڪڏهن انهن جي جاءِ پاڻي جا ٻيا ننڍڙا ذرڙا انهيءَ عرصي ۾ نٿا والارين ته پوءِ انهيءَ صورت ۾ جاندار جي موت جو حڪم جاري ٿي ويندو آهي. هائيڊروجن جي تابڪار همزاد (Tritium) تي تجربن اها حقيقت چٽي ڪري ڇڏي آهي. پر اٺ جي جسم ۾ پاڻيءَ جو ذرڙو ته سمجھه کان به پري، پنهنجي آئيوني (Ionic) خاصيت جي ڪري لاڳيتو پنجاهه ڏينهن تائين محفوظ رهندو آهي.
(ٻ) انهيءَ ۾ ياداشت کي محفوظ رکڻ يا ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت به ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ آهي. هو جيڪو ڪجھه ڏسندو آهي، تنهن کي ڪڏهن به ناهي وساريندو. هڪ طرح اهو زندگيءَ جي رستي جو نقشو تيار ڪري وٺندو آهي. الله تعالى ان کي اها صلاحيت انهيءَ لاءِ عطا ڪئي آهي ته جيئن هو انسان جي سٺي نموني خدمت ڪري سگھي.
(ڀ) پنهنجي وڏي جسامت جي باوجود به اٺ انتهائي حساس ۽ فرمانبردار ٿيندو آهي. ان جي تخليق جي اها خاصيت به بياباني زندگيءَ سان هر لحاظ کان هڪجهڙائي رکي ٿي. بيابان ۾ رهندڙ مخلوق کي تمام مضبوط هڏ ڪاٺ وارو هئڻ سان گڏوگڏ هر قسم جي جذبن کان به خالي هئڻ گھرجي، جيئن تتر ۽ شينهن هوندا آهن. اٺ، جنهن کي الله تعالى انسانذات جي خدمت جي لاءِ پيدا ڪيو آهي، انهيءَ خاصيت جي ذريعي ئي بي دينن ۽ ارتقا واري نظريي کي مڃيندڙن کي ڪيتري وقت کان چيڙائيندو پيو اچي.
اهڙي طرح جڏهن الله تعالى سورت الغاشيه ۾ پنهنجي تخليق جون حيران ڪندڙ خاصيتون بيان ڪري ٿو تڏهن هُن جي اها تمهيد ”ڇا اهي اٺ ڏانهن نٿا ڏسن ته اُن کي ڪيئن ٺاهيو ويو آهي؟“ هڪ طرح سان اسان جي دور جي بي دينن ۽ ارتقا واري نظريي جي حاميتن لاءِ هڪ اطلاع ۽ ڇينڀ آهي. قادر مطلق جي طرف کان هيءُ هڪ اهڙي قسم جو اعلان آهي ته ”ڏسو اٺ ڏانهن ، ته ان کي ڪيئن خلقيو ويو آهي.“ ڪنهن به مقصد جي لاءِ مان جيئن گھران ٿو، ان کي تخليق ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ هڪ جانور ته پنهنجي لاءِ ساون ستابن ميدانن جي خواهش رکندو آهي، پر هن اٺ پنهنجي ذمي لڳايل خدمت کي قبوليندي بيابان جي زندگيءَ کي صبر ۽ شڪر سان قبول ڪري ورتو آهي.“
اٺ جو مثال بيان ڪرڻ جو هڪ ٻيو مقصد اهو به نظر اچي ٿو ته اُن جو ڊگھو سفر به سندس زندگيءَ واري ڪهاڻيءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿو.
اٺ جي ڪيترين ئي خاص خوبين منجھان ٻه اهم گڻ هي آهن:
(الف) ان جو صبر؛ سڀني جانورن مان اٺ ۾ صبر جو خاص گڻ موجود آهي.
(ب) اٺ جو ٻيو خاص گڻ اهو آهي ته هو موسيقيءَ جو شوقين آهي. اوسي پاسي کان ايندڙ وڻندڙ آوازن مان سرور وٺندو آهي يا وري انساني آواز جو گرويده هوندو آهي.
الله تعالى اٺ کي اهي گڻ ان جي حيواني تخليق کان وڌي ڪري ڏنا آهن. يعني ان جو صبر، ان جي ثابت قدمي، ان جو حافظو ۽ موسيقيءَ جو شوق عام جانورن کان بلڪل ئي الڳ شيون آهن. ان سان گڏوگڏ انسانيت جي لاءِ وفاداري ۽ خدمت وارو جذبو هن جو نرالو گڻ آهي.
اسلامي نقطه نظر کان سموري مخلوق ۽ خاص طور تي هر جيئري مخلوق انسان جي خدمت لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي. علم حياتيات ۾ هڪ مخصوص ۽ عجيب قسم جو رويو موجود آهي جيڪو تمام ڏکيائيءَ سان سمجھه ۾ اچي ٿو. اهو انهيءَ ڪري جو ائين ٿو سمجھه ۾ اچي ته سمورا حياتياتي واقعا هڪ خاص مقصد لاءِ ظاهر ٿين ٿا. يعني ايٽم کان وٺي ننڍڙن ذرڙن تائين ۽ ان کان به اڳتي DNA تائين، جيڪو حياتيءَ جي اڏاوتي سر واري حيثيت رکي ٿو، انهيءَ عجوبي کي اڃا تائين مادي پرست ماهر سمجھڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا آهن.
اسان جي دنيا ۾ جاندار شيون يعني جانور، ٻوٽا ۽ ننڍڙو ۽ آزاد وجود رکندڙ مخلوق هڪ نازڪ فن پاري جو نقش چٽيندا آهن ۽ ان جي تاڃي پيٽي مان انهيءَ مقصديت جو ثبوت ملي ٿو، جيڪا هڪ ايٽم کان وٺي انسان جي سموري وجود تي پکڙيل آهي. جيئن ته اهو بنيادي حياتياتي ادراڪ انسان جي لاءِ اٺ جي خدمت کان به وڏي ڳالهه آهي، مان انهيءَ موضوع تي اڃا به ڪجھه وڌيڪ ڳالهائڻ گھرندس.
هڪڙي صوف جو مثال وٺو. ان جي اندر وٽامن سي جو ايترو مقدار هوندو آهي جيترو انساني جسم کي روزانو گھرج هوندي آهي. انهيءَ کي محفوظ رکڻ جي لاءِ صوف پنهنجي اندر موجود فروٽ ايسڊ کي ڪاربونيٽ آئن جي لوڻ وسيلي متوازن رکندو آهي. وڌيڪ اهو ته فولاد جنهن جي جوهر جي ميلاپ جي طاقت يا پڪڙ (Valence) ٻه هوندي آهي ۽ جيڪو انسان جي لاءِ تمام اهم هوندو آهي، سو به انسان جي روزانو جي گھرج جيترو هڪڙي صوف ۾ موجود هوندو آهي. جيتوڻيڪ صوف جي اندر موجود اهي سڀئي جزا، پنهنجو پاڻ ئي انهيءَ فروٽ يا ان جي نسل جي لاءِ فائدو نٿا رکن. جيڪڏهن صوف ۾ اهي خاصيتون موجود نه به هجن ها ته به اسان صوف ۾ موجود فرڪٽوز (Fructose) حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي پوکي ڪريون ها. اهو مٺو حل ٿيڻ جوڳو قلمي مرڪب، مٺن ۽ پڪل ميون، گلن ۽ ماکيءَ ۾ ملي ٿو.
انهيءَ قسم جي صورتحال اسان ماکيءَ جي باري ۾ پڻ پَسون ٿا (جنهن جوذڪر موضوع نمبر 17 ۾ اچي چڪو آهي). اهڙيءَ طرح اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته جيڪي جانور کير ڏيندا آهن، اهي پنهنجي ٻچن جي ضرورت کان ٽيڻ کان ٽيهوڻ تي وڌيڪ کير ڏيندا آهن. انهيءَ کان به وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪيئي مائيڪروب يا انتهائي ننڍڙا خوردبين سان نظر اچڻ وارا جراثيم به انسان جي خدمت جي لاءِ هڪ ٻئي کان گوهه کٽڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ۾ مقابلو ڪندا آهن. اسان جي آنڊن ۾ موجود اربين بيڪٽيريا يعني جاندار سيل اسان جي استعمال جي لاءِ ڪيترين ئي قسم جون رطوبتن جون يا انزائيم ۽ وٽامن مائيڪروب تيار رهندا آهن. مثال طور ڌؤنري جي تياري ۾ اهي بيڪٽيريا ايترو ته گھڻو خمير ۽ حياتين تيار ڪندا آهن جو انهيءَ عمل ۾ اهي پنهنجو پاڻ کي ئي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن.
ايئن اسان جو عظيم ڪتاب يعني قرآن مجيد جڏهن اسان جو ڌيان اٺ جي تخليق وارن رازن ڏانهن ڇڪائي ٿو ته انهيءَ جو مقصد انساني توجهه کي انهن سڀني واقعن ۽ تخليقن ڏانهن ڇڪائڻ به هوندو آهي جن جون عظيم معنائون هونديون آهن. انهيءَ جو مطلب انسان کي اها دعوت ڏيڻ آهي ته هو پنهنجي غفلت واري ننڍ مان سجاڳ ٿي الله تعالى جي عظيم نعمتن مان لاڀ پرائي.
اٺ جا اهي گڻ الله تعالىﷻ جي طرف کان ڄڻ ته هڪ خاموش دعوت ڏئي رهيا هجن ته:”اي انسانو! جيڪڏهن اٺ کي پنهنجي مرضيءَ واري زندگي گذارڻي هجي ها ته هو رڳو ٿڌن ۽ ساون ستابن ٻيلن ۾ ئي ملي ها پر اهو تتل ۽ ڪڙاهيءَ وانگر ڪڙهندڙ بيابانن جي سختين ۾ به توهان جي خدمت ڪرڻ لاءِ سڙي ٿو ۽ پنهنجي تمام وڏي جسامت جي باوجود به هو پنهنجو پاڻ کي انسان اڳيان فرمانبردار رکيو اچي. پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو توهان پنهنجي پالڻهار جي نافرماني ڪريو ٿا؟“
”پوءِ توهان ڇا جي ڪري الله تعالى جي مرضيءَ جي خلاف بغاوت ۽ ڇڙواڳيءَ جو اظهار ڪريو ٿا، جيتوڻيڪ توهان ڏسو ٿا ته ڪهڙي ته طرح هڪڙو حيوان به صبر ۽ شڪر جو نمونو آهي؟.“