موضوع نمبر 17 الله تعالى جي حيرت ۾ وجھندڙ مخلوق، ماکيءَ جي مک
”۽ ڏسو، تنهنجي پالڻهار ماکيءَ جي مک تي اها ڳالهه الهام ڪئي ته جبلن ۾ ۽ وڻن تي ۽ جن شين مان ڇِتيون جوڙيندا آهن تن ۾ پنهنجو مانارو ٺاهه. ۽ هر قسم جي گلن جو رس چوس ۽ پنهنجي پالڻهار جي پکڙيل رستن تي هلندي رهه. انهيءَ ماکيءَ جي پيٽ مان رنگا رنگي پيئڻ جي شيءِ نڪرندي آهي، جنهن ۾ ماڻهن جي لاءِ شفا آهي. پڪ سان انهيءَ ۾ انهن ماڻهن لاءِ هڪ نشاني آهي جيڪي غور ۽ فڪر ڪندا آهن.“
جيئن اسين ڄاڻو ٿا ته هيءَ هڪ وڏي سورت آهي جيڪا 128 آيتن تي مشتمل آهي، ماکيءَ جي مک جي نالي النحل تي آهي، جنهن ۾ ماکيءَ جي مک ۽ ماکيءَ جي باري ۾ اهم سائنسي حقيقتون ڄاڻايل آهن.
کير جي باري ۾ آيت نمبر 65 ۾ جيڪو لهجو يا انداز ملي ٿو، ان کان يڪدم پوءِ 69 نمبر آيت ۾ ماکيءَ جي باري، انسان جي لاءِ قدرت جي انهن ٻن انتهائي قيمتي انعامن جي اهميت، چٽائيءَ سان بيان ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح اچو ته پهريان هن آيت سڳوريءَ جي آخري فقري تي توجهه ڏيون جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”پڪ سان انهيءَ ۾ هڪ نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪن ٿا.“
اچو ته هاڻي ماکيءَ جي مک جي خاصيتن تي سائنسي کوجنائن جي روشنيءَ ۾ نظر وجھون.
الف – ماکيءَ جي ماناري يا ماکيءَ جي گھر جي بناوت ڇهه ڪنڊي ۽ مخروطي شڪل جي هوندي آهي. اهو اڏاوتي فن جو هڪ اهڙو ته شاهڪار آهي جيڪو رڳو خدائي هدايت ۽ ذهانت جي روشنيءَ ۾ ئي تيار ٿي سگھي ٿو. اها جاميٽري جهڙي شڪل واري بناوت، اڏاوت جي بهترين استعمال کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪو هڪ وڏي مقدار واري شيءِ کي ٿوري ۾ ٿوري جاءِ استعمال ڪندي، محفوظ رکڻ جي فن جو اظهار هوندو آهي. وڌيڪ اهو ته انهيءَ جي اڏاوت ۾ استعمال جي لاءِ رڳو انهيءَ کئونر يا پِڪ جي چونڊ ڪئي ويندي آهي جيڪا انساني صحت جي لاءِ انتهائي موزون هوندي اهي. انهيءَ چونڊ ۾ تمام گھڻو احتياط ڪيو ويندو آهي.
ب – ماکيءَ جي مکين جو مانارو پنهنجي جاءِ تي هڪ حيرت ۾ وجھندڙ حقيقت آهي. هڪ ماکيءَ جي مک خاص ۽ جدا جدا قسمن جي آوازن ۽ پڙاڏن جي مدد سان پنهنجي جسماني بناوٽ جي تڪميل ڪندي آهي ۽ ماناري تائين واپس پهچڻ جي لاءِ پنهنجي واٽ به ڳولي سگھندي آهي. هن آيت ڪريمه ۾ اها حقيقت هڪ خاص سهولت طور بيان ڪئي وئي آهي. ماکيءَ جي مک جي ماناري جوڙڻ جي مهارت، واٽ ڳولڻ جي خاصيت ۽ انهيءَ جي زندگيءَ جي طور طريقن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. جيڪي پڙهندڙ انهيءَ باري ۾ وڌيڪ تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪرڻ گھرن، سي انهيءَ مان فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا.
ٻ – اچو ته هاڻي ماکيءَ جي بناوت ۽ انهيءَ جي خاصيتن جي باري ۾ غور ڪريون. ماکيءَ جي مک جي ماناري جي اڏاوت ئي اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ته ماکيءَ جي مک ڪيتري نه ماهر مخلوق آهي. انهيءَ جي جسماني زندگي جي باري ۾ تمام اهم تفصيل ظاهر ٿيا آهن. اها ڪهڙي قسم جي آوازن جي لهرن جو استعمال ڪندي آهي، پنهنجو پاڻ ئي هڪ خوبصورت ڪهاڻيءَ جو بيان آهي. پر ڇا ماکيءَ جي مک رڳو پنهنجي ضرورت جي لاءِ ماکي تيار ڪندي آهي؟ بلڪل نه! ڇو ته تيار ڪيل ماکيءَ جو هڪ سئون حصو به سندس ذاتي استعمال لاءِ تمام ججهو مقدار هوندو آهي. پوءِ ڇا اها ڳالهه تصور ۾ اچڻ جهڙي آهي ته ايتري اڏاوتي ماهر ۽ انجنيئر ماکيءَ جي مک، پنهنجي ضرورت کان ڪافي وڌيڪ مقدار ۾ ماکي تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايتري وڏي غلطي ڪندي؟
ڪجھه بي دين خيالن وارا سائنسدان دعويٰ ڪندا آهن ته ڪوئي ٻوٽو انهيءَ لاءِ ميوا جهليندو آهي ته جيئن جاندار مخلوق کي انهن جي ڍانچي ۾ پهچڻ جي لاءِ رهنمائي مهيا ڪري سگھي. اسان انهن گمراهه ڪندڙ نظرين تي اڳتي هلي بحث ڪنداسين، پر اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته ماکيءَ جي مک جي باري ۾ گمراهه ڪندڙ نظريا، پنهنجي بيان تي ذري جيترو به پورو نٿا لهن. ڇو ته ماکيءَ جي مک کي ڪنهن ٻئي جسميي جي ضرورت نه هوندي آهي. پوءِ اها ڇاجي لاءِ ايتري مقدار ۾ ماکي تيار ڪري؟ اهڙي طرح جيئن هن آيت سڳوريءَ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ماکي اصل ۾ انسانن جي لاءِ الله تعالى جي طرف کان هڪ خاص قسم جو تحفو آهي.
ماکيءَ جي تياريءَ واري عمل جون حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتون
هڪ جسميي (Organism) کي پنهنجي زندگيءَ جي قيام لاءِ کنڊ ۽ نشاستي جي ايتري ته ضرورت هوندي آهي جو ان جي خوارڪ جو بنياد سمجھي ويندي آهي. اها مختلف قسم جي ٻوٽن مان حاصل ٿيندي آهي ۽ زندگيءَ جي سگھه حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي اهو ٻارڻ جي طور استعمال ڪندو آهي. هڪڙو مختصر حصو رائبوز جي بناوت ۾ به استعمال ٿيندو آهي جيڪو ڊِي اين اي لاءِ هڪ بنيادي عنصر هوندو آهي.
رائبوز هڪ خاص قسم جي (Cyclic) کنڊ هوندي آهي. اها جسميي جي لاءِ هڪ بنيادي ڍانچي جو ڍير هوندي آهي. هاڻي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته سڀني قسمن جي خوراڪن مان رڳو ماکي ئي آهي، جنهن ۾ رائبوز ملي ٿي. جڏهن جسم جي نَون جيو گھرڙن جي بنائڻ جي ضرورت ٿيندي آهي، جيڪا ڪنهن بيماري کان پوءِ يا واڌ ويجھه يا رت ٺاهڻ جي عمل ۾ هوندي آهي ته رائبوز انهن سڀني جي لاءِ انتهائي اهميت حاصل ڪري وٺندو آهي. انهيءَ باري ۾ عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته ماکيءَ جي مکين ۾ راڻي مک کان سواءِ ٻين سڀني مکين لاءِ پيدائش جي عمل تي پابندي هوندي آهي، انهيءَ ڪري هڪ عام ماکيءَ جي مک کي رائبوز جي بلڪل به ضرورت نه هوندي آهي.
ماکيءَ جي اندر پاڻيءَ ۾ ڳري وڃڻ واريون سڀئي وٽامن موجود هونديون آهن. وڌيڪ اهميت واري ڳالهه اها آهي ته ان ۾ وٽامن B-13، B-14 ۽ BT موجود هونديون آهن، جيڪي ٻيو ڪنهن به خوارڪ ۾ نه هونديون آهن. اهي جسمين جي جيري ۾ به ملنديون آهن. اهي وٽامن جيو گھرڙن جي DNA ٺاهڻ واري عمل ۾ انتهائي پيچيده طريقي سان اثر ڏيکارينديون آهن.
ماکيءَ ۾ ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي مرڪب هوندا آهن، جهڙوڪه فاسفورس جا ڪيميائي جوهر، جيڪي جيو گھرڙي جي ڀڃ ڊاهه لاءِ ضروري هوندا آهن، وٽامن بي ڪمپليڪس، Folic Acid وغيره.
شاهي جيلي (Royal Jelly)
ماکيءَ جي مک جي واڌ ويجھه ۾ هڪ خاص قسم جي هارمون جو ميلاپ هوندو آهي، جيڪو حياتياتي مادن ۾ انتهائي سنهو ۽ حيرت ۾ وجھندڙ هوندو آهي. انهيءَ کي شاهي جيلي جو نالو ڏنو ويندو آهي. اهي هارمون ماکيءَ جي مک جي راڻيءَ جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن. انهيءَ جي کائڻ کان پوءِ اها راڻي عام مکين کان گھڻو وڏي جسم واري ٿي پوندي آهي. بهرحال جيڪي هارمون خارج ٿيندا آهن، انهن جو مقدار راڻي مک جي ضرورت کان ڪيترائي سؤ دفعا وڌيڪ هوندو آهي. وڌيڪ اهو ته ٻين سڀني ماکيءَ جي مکين کي انهيءَ جيليءَ جي کائڻ جي منع ٿيل هوندي آهي. اهڙي طرح ماکيءَ جي مکين جو ضرورت کان وڌيڪ مقدار ۾ ماکي پيدا ڪرڻ ڪنهن غلطيءَ جي ڪري نه ٿيندو آهي، پر اها الله تعالى جي مرضي پوري ڪندي انسان جي ڀلائيءَ لاءِ ضرورت کان وڌيڪ مقدار ۾ ماکي پيدا ڪندي آهي.
ماکيءَ ۾ موجود مٿي بيان ڪيل هارمونن جي موجودگي، انهيءَ کي پراڻين بيمارين ۽ جمساني ڪمزوريءَ جو بي مثال علاج بڻائي ڇڏيندي آهي.
هن موقعي تي مان اهو ٻڌائڻ گھرندس ته جسماني طور تي ڪمزور ماڻهن کي ڪجھه عرصو اڳي، تِري پچائي علاج طور کارائي ويندي هئي. پر نه تري ۽ نه ئي وري جيرو کائڻ ڪمزوريءَ جو ڪو خاص علاج آهي. انهيءَ جي برخلاف ڏٻرن ماڻهن جي لاءِ جديد علاج طور اڻ رڌل ڀاڄيون، خاص ڪري سايون ڀاڄيون، ماکي ۽ زيتون جو تيل ڀلي ۾ ڀليون غذائون مڃيون ويون آهن. زيتون جي تيل ۾ وٽامن اِي هوندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ به قرآن جو هڪ معجزو آهي. سورت التين ۾ خاص طرح زيتون جو ذڪر ٿيل آهي.
[b]ماکيءَ ۾ موجود ڪي ٻيا جوهر
[/b]ماکيءَ جي مک مختلف قسمن جي پوکن ۽ ٻوٽن مان طبي نقطه نظر سان تمام ڪارائتا ۽ املهه جوهر گڏ ڪندي آهي، پوءِ انهن کي ماکيءَ ۾ ملائي ڇڏيندي آهي. انهيءَ ڪري ئي مختلف علائقن ۾ ٺهندڙ ماکي، مختلف خاصيتن جي ڪري خاص قسم جي بيمارين جي لاءِ فائديمند هوندي آهي. اهڙي قسم جوهرن جي اها خاصيت هوندي آهي ته اهي اهڙين بيمارين، مثال طور اعصابي بيمارين، دل جي بيمارين، نڙيءَ ۾ ساهه وارين نالين سان لاڳاپيل بيمارين ۽ معدي جي ورم (Gastritis) جي لاءِ انتهائي فائديمند هوندا آهن. آيت ڪريمه ۾ ماکيءَ جي تندرستي عطا ڪرڻ وارن رازن جو لاڳاپو، انهن ئي خاصيتن سان واڳيل آهي.
اچو ته هاڻي هن آيت مبارڪه ۾ بيان ڪيل سهڻائين کي ورجايون. انهيءَ سلسلي ۾ مان آيت نمبر 68 ۽ 69 جي آخر ۾ بيان ڪيل حقيقتن جو ذڪر سڀ کان پهريان ڪندس.
الف – پڪ سان انهيءَ ۾ هڪ نشاني (حيرت ۾ وجھندڙ سائنسي حقيقتن مان هڪ حقيقت) آهي، انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪن ٿا.“
تنهن ڪري اهو ثابت ٿيو ته اسان کي اها صلاح ڏني پئي وڃي ته ماکي ۽ ماکيءَ جي مک سان لاڳاپيل رازن تي پورو توجهه ڏيون ۽ غور سان معائنو ڪريون. ڇو ته انسان، جيڪو هر شيءِ ۾ تجسس ظاهر ڪندو آهي، ڪائنات جي انهن رازن کي ڳولي لهي. هو گھڻو ڪري ڪيترن ئي واقعن مان غلط نتيجا پيو ڪڍندو آهي ۽ پوءِ باغي ٿي ويندو آهي، انهيءَ ڪري قرآن جي روشنيءَ ۾ غور ۽ فڪر جي صلاح ڏني پئي وڃي. اهڙي طرح جيڪڏهن ماکيءَ جي مک جي باري ۾ چڱيءَ طرح ويچاريو وڃي ته سڀئي حقيقتون صحيح طرح سان سمجھه ۾ اچي وينديون. جيئن ته مان پهريان بيان ڪري چڪو آهيان ته اهو الله تعالى جي قدرت جي حيرت ۾ وجھندڙ ڪاريگري آهي جو ماکيءَ جون مکيون پنهنجي ضرورت کان ڪيترائي سؤ دفعا وڌيڪ مقدار ۾ ماکي ٺاهين ٿيون. اهو اِن جي باوجود آهي ته سندن ڪمپيوٽر جهڙيون صلاحيتون هڪ انجنيئر کان به ڀليون هونديون آهن ۽ انهن جو پاڻ ۾ رابطو به وڏي آواز وارين (Ultrasonic) لهرن جي مدد سان ٿيندو آهي. اهي ٻئي حقيقتون آيت نمبر 68 ۾ کليل نموني بيان ڪيون ويون آهن. هن موقعي تي مان اهو چوندس ته ملحد ۽ بي دين ماڻهن جي دعوائن ۾ مونجھارو ۽ افراتفري انهيءَ جي ڪري آهي جو اهي سمجھن ٿا ته سموري دنيا هڪ عظيم اتفاق سان وجود ۾ آئي آهي، جڏهن ته اها حقيقت ته الله تعالى ماکيءَ جي مکين کي جڏهن حڪم ڏئي ٿو ته اهي پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ ماکي تيار ڪن، جيڪا انسان جي فائدي جي لاءِ آهي، ته اها ڳالهه اهڙن هوڏي بي دينن کي چپ ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آيت مبارڪه انهيءَ ڳالهه تي ختم ٿئي ٿي ته ”ماکيءَ جي مک ۾ نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪن ٿا.“
ب – آيت سڳوريءَ جو ٻين حقيقتن بابت زوردار اظهار ماکيءَ جي انهن سڀني خاصيتن بابت آهي جيڪي ان جي چڱڀلائيءَ بنسبت آهن. اهو اظهار ته ”انهيءَ جي پيٽ ۾ پيئڻ جي رنگا رنگي شيءِ نڪرندي آهي.“ (آيت نمبر 69) ماکيءَ ۾ موجود مختلف قسمن جون ڪيميائي خاصيتون انهيءَ ئي ڳالهه ڏانهن اشارو آهن، جن مان ڪجھه ڪيميائي شيون رڳو طبي خاصيتون رکندڙ هونديون آهن. ماکيءَ جي خاصيتن مان واڌ ويجھه ڏيارڻ وارا هارمون، جهڙوڪ شاهي جيلي اڇي رنگ جي هوندي آهي. رائبوز هلڪي ڦڪي رنگ جي هوندي آهي ۽ وٽامن بي-12 ڦڪي رنگ جي هوندي آهي. ڪجھه لاک (نامياتي مرڪب) ۽ ڪي صحت بخش ڪيميائي جزا نارنگي رنگ جا هوندا آهن. فاسفورس جا ڪجھه مرڪب ۽ ڪجهه قسم جا خمير ڳاڙهي ڀوري پاڻيٺ جي صورت ۾ هوندا آهن.
هڪڙي اهم ڳالهه اها آهي ته هيءَ آيت مبارڪه بيان ڪري ٿي ته اهو ”جيڪو انهيءَ جي اندران (پيٽ مان) نڪرندو آهي“ سو انهيءَ حقيقت کي زوردار طريقي سان بيان ڪرڻ آهي ته ماکيءَ جي مک جيڪو ڪجھه حاصل ڪندي آهي، تنهن کي انهيءَ ئي شڪل ۾ ماکيءَ ۾ تبديل نه ڪندي آهي پر اها انهن سڀني ڪيميائي جزن کي، جن کي اها مختلف گلن مان گڏ ڪندي آهي، هڪ خاص طريقي واري عمل جي ذريعي ماکيءَ ۾ بدلائيندي آهي. ڄڻ ته هڪ ليبارٽريءَ ۾ مختلف جزن کي خاص فارمولي هيٺ ملائي محلول تيار ڪيو ويندو آهي.
ٻ – ماکيءَ جون اهي خاصيتون جيڪي ڦٽن کي ڇُٽائڻ ۽ چڱڀلائيءَ لاءِ انتهائي فائديمند هئڻ سان لاڳاپيل آهن، تن تي ڪنهن به طبي بحث مباحثي جي ضرورت نه آهي.
[b]جيو گھرڙن جي ٻيهر ٺهڻ واري عمل تي اثر
[/b]ماکي سڀني قسم جي پراڻين بيمارين جي لاءِ ڏاڍي ڪارائتي آهي، خاص ڪري سنڌن جي پراڻي سور، جسماني ڪمزوري، وزن ۾ کوٽ، معدي ۽ آنڊن جي ڦٽن يا ناسور (السر)، چمڙيءَ وارين پراڻين بيمارين ۽ بخار کان پوءِ چڱڀلائيءَ جي بحال ٿيڻ جي وچ واري وقفي ۾ اها تمام ئي ڪارائتي ثابت ٿيل آهي. ماکيءَ جو اهو اثر (رائبوز، فاسفورس، فولڪ ايسڊ، مڪمل طرح سان حل ٿي وڃڻ وارين وٽامن (Vitimins) ۽ ڪيميائي خمير (Enzymes) جي ڪري آهي جيڪي ماکيءَ جا اهم جزا هوندا آهن.
[b]مختلف علائقن مان حاصل ٿيندڙ ماکيءَ جو اثر ۽ خاصيتون
[/b]اهڙن علائقن ۾ جتي سَرو جي وڻن جا ٻيلا هجن، ماکيءَ ۾ هڪ مسڪن دوا (جيڪا سُورَ کي گھٽائڻ جي صلاحيت رکندي آهي) وانگر اثر هوندو آهي، جڏهن ته ٻين علائقن جي ماکي دل کي طاقت ڏيڻ وارو اثر رکندي آهي. اها ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گھرجي ته ماکيءَ ۾ موجود وٽامن بي (Vitemin B) جا مرڪب رائبوز ۽ ليولوز (Levulose) کنڊ، دل جي ماس لاءِ تمام اهم غذا جو ڪم ڏيندي آهي. انهيءَ حقيقت جي به ڄاڻ حاصل ٿي چڪي آهي ته دل جو خاص اعصابي نظام، ماکيءَ سان ۽ خاص ڪري انهيءَ ۾ موجود وٽامن بي جي گروپ ۽ فاسفورس سان، تمام گھڻو فائدو حاصل ڪندو آهي. وڌيڪ اهو ته دماغ جي لاءِ به ماکيءَ ۾ موجود رائبوز، وٽامن بي ۽ فاسفورس انتهائي ڪارائتا آهن.
هن موقعي تي هڪ اهم نڪتو اهو به آهي ته هن آيت ڪريمه جي حساب سان وجدان (Intution) ۽ الهام (Insiration) ۾ فرق ظاهر ٿي وڃي ٿو. جيئن ته مان پنهنجي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ بيان ڪري چڪو آهيان ته وجدان هڪ ڪائناتي ادراڪ يا ڪائناتي ذهن جو پرتوو هوندو آهي، جنهن جي ذريعي جاندار پنهنجي زندگي گذاريندا آهن. جڏهن ماکيءَ جي مک انسانيت جي خدمت جي لاءِ هڪ خاص الاهياتي الهام حاصل ڪندي آهي ۽ انهيءَ جي مدد سان انتهائي حيرت ۾ وجھندڙ طريقي سان، ڄڻ ته دوائن ۽ حياتياتي ڪيميا جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي هجي.
قرآن پاڪ ۾ انهيءَ جو اعلان موجود آهي ته ڪيترن ئي قسمن جا جسميا، ويندي مئل شيون به الله تعالى جي طرفان ڪيل حڪم يا الهام کي ٻڌنديون ۽ انهيءَ موجب عمل ڪنديون آهن. الله تعالى جسمين کي الهام جي ذريعي مختلف قسم جا ڪم حوالي ڪندو آهي، جيڪي انهيءَ وجدان کان جدا هوندا آهن. اهو الله تعالى مرضيءَ سان ئي آهي جو ماکيءَ جي مک کي، جيڪا رڳو هڪڙي جيت جو معمولي قسم آهي، حيرت ۾ وجھندڙ راز اهڙي طرح ملي ويندا آهن جن سان معجزاتي اثر ظاهر ٿيندا آهن. ماکيءَ جي مک، جيڪا انجنيئرن جي لاءِ هدايت ۽ لاڀ حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، انهن جيتن مان هڪ آهي، جن کي اهي راز عطا ڪيا ويا آهن. الله تعالى ان جي ذهن کي، جيڪو هڪڙي پن چڪيءَ جي چوٽيءَ کان به ننڍڙو هوندو آهي، اهڙي هدايت ۽ راز رکڻ وارو بنائي ڇڏيو آهي جنهن جو ڪوبه مثال پيش نٿو ڪري سگھجي. اهو ئي سبب آهي جو هن عظيم الشان سورت جو نالو ئي ”نحل“ يعني ماکيءَ جي مک رکيو ويو آهي. انهيءَ جو مثال ائين آهي جيئن ماکيءَ جي مک پنهنجي اندر داخل ڪيل رازن جي ذريعي بي دين، مادي پرستن ۽ ڪافرن جي زبان کي پنهنجي ڏنگ سان ڏنگي رهي آهي.