موضوع نمبر24 ڪائنات جا پنا
”انهيءَ ڏينهن جڏهن آسمان کي اسان اهڙي طرح ويڙهينداسين جيئن ڪاغذ جا پنا ويڙهيا ويندا آهن. جهڙي طرح اسان توهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هو، ائين ئي اسان توهان کي ورائي پيدا ڪنداسين. اهو هڪ واعدو آهي جيڪو اسان جي ذمي آهي ۽ اهو ڪم اسان کي هر حال ۾ ڪرڻو آهي.“
قرآن کي سمجھڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکين آيتن مان هيءَ آيت به هڪ آهي جيڪا آسمان جي تهن کي هڪ ڪتاب سان ڀيٽي ٿي. ڪائنات مان هتي اسان جو مطلب مادي ڪائنات آهي ڇو جو مادي ڪائنات کي آسمانن سان ڀيٽيو ويو آهي.
هيءَ آيت سڳوري آسمانن جي تهن کي ڪتاب جي پنن سان ڇو ٿي تشبيهه ڏئي؟ بيشڪ، انهيءَ ڀيٽ جا ڪيترا ئي سبب آهن جن مان ڪن جو تفصيل مان هيٺين سٽن ۾ بيان ڪندس.
(الف) آسماني فضائن جون اڳي ئي مقر ڪيل جايون لوح محفوظ جي هر هڪ پني تي لکجي چڪيون آهن. اهي پنا هڪڙي سپر ڪمپيوٽر جي ٽيپ وانگر هڪ ڪڏهن به نه خراب ٿيندڙ نظم يا پروگرام ۾ رڪارڊ آهن.
(ب) آسمانن جي وچ ۾ چقمقي صلاحيتن ۾ اختلاف کي پنن سان تشبيهه ڏني وئي آهي. هر هڪ فضا يا خلا الله تعالى جي جوڙيل هڪ جدا نظام سان پنهنجي خاص ڪيفيتن سان جڙندي آهي.
(ٻ) آسماني فضائون هڪ پاڪ حڪم هيٺ کلنديون ۽ بند ٿينديون آهن، بلڪل ائين جيئن ڪتاب جا پنا کلندا ۽ بند ٿيندا آهن. انهن جي مفاصلن ۾ واڌارو، کوٽ يا انهن جو بلڪل ئي ختم ٿي وڃڻ رڳو الله تعالىﷻ جي مرضيءَ تي ئي دارومدار رکي ٿو.
(ڀ) آسمان جي تخليق ۽ مادي خلائن کي ڪتاب جي پنن سان تشبيهه ڏيندي هيءَ آيت سڳوري مادي حيات جي بنيادي ڪيفيتن کي چٽو ڪري ٿي، يعني پکيڙ کي. ٻين لفظن ۾ مادي زندگي جو مختلف فاصلن تي وجود ڪائناتي ڇڪ يا نظم جي ڪري اهڙي طرح ثابت ٿيندو آهي، ڄڻ ڪنهن ڪتاب جا پنا اٿلايا پيا وڃن. اِتان کان مان هن آيت جي تشريح شروع ڪرڻ گھرندس. مادي حياتي يا وجود ڪهڙي قسم جي طبعي مظهرن يا عجوبن تي آڌاريل آهي؟
اها يڪدم سمجھ ۾ اچي وڃڻ واري ڳالهه آهي ته مادي وجود جو مطلب آهي فضا ۾ هڪ جاءِ جو ڀرجڻ ۽ اتي هڪ خاص طرح جو واڌارو ٿيڻ آهي. هن آيت ڪريمه جي اندر انهيءَ انوکي ڳالهه جو مثال موجود آهي، جنهن جي ذريعي هن تشريح کي هڪ ڪتاب جي پنن کُلندي ڄاڻايو ويو آهي. آيت جي ٻئي حصي ۾ اهو بيان آهي ته جهڙي طرح اسان جي پهرين پيدائش ٿي... اُن کي انهيءَ جاءِ تي واضح ڪري ٿو. اچو ته هاڻي انهيءَ باري ۾ ڪجھه مثالن تي غور ڪريون.
(1) هڪ گرهه (Planet) ڪهڙي طرح پنهنجو وجود قائم رکي ٿو ۽ اهو انهيءَ مفاصلي کي قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ اُن مرڪز جي چوڦير گھمي ٿو. ڇا اسان جي دنيا به انهيءَ ئي اصول جي پابندي ڪندي قائم نه آهي؟ هيءَ ئي اها خاص جاءِ آهي جنهن کي هن هڪ خاص مفاصلي کان ڀري ڇڏيو آهي. بلڪل ائين جيئن ڪنهن ڪتاب جا پنا هوندا آهن.
(2) هڪڙي ايٽم جو وجود ڪيئن هوندو آهي يا قائم رهندو آهي؟ ڇا اهو اهڙو نظام نه آهي جتان ڪاٽو برقي ذرا (Electrons) مرڪز کان هڪ خاص مفاصلي تي ڪشش جي مرڪز جي نسبت سان فضا ۾ هڪ خاص جاءِ تي قابض يا موجود هوندا آهن.
(3) ڪوانٽم ويوڪل (Quantam Vavicle) جنهن هستي جو بنياد سمجھيو ويندو آهي سو ڇا آهي؟ اهو زمان ۽ مڪان (Space & Time) جي تاڃي پيٽي ۾ هڪ مستقل لهر جو نمائندو آهي جنهن جي اوچائي ۽ اونهائيءَ جي شڪل هڪٻئي پٺيان پنن وانگر آهي.
اهڙِي طرح مادي شين فضائي ويڪر ۾ ڪيترن ئي چقمقي سطحن کي اهڙي طرح ڀري ڇڏيو آهي جو ڄڻ ڪي ڪتاب جا پنا ترتيب سان کُلي رهيا آهن. جيڪڏهن الله تعالىﷻ جي مرضي انهيءَ وڌاري کي رڪجي وڃڻ جو حڪم ڏئي ٿي ته مادو انهيءَ ئي گھڙيءَ ۾ ڄمي وڃي ٿو پر جيڪڏهن الله تعالىﷻ گھري ته نيون هستيون، نون وٿين سان وجود ۾ اچي وڃن ٿيون. اِها ئي اُها طبعي حقيقت آهي جنهن جو ادراڪ انتهائي ڏکيائيءَ سان ٿيندو آهي.
اچو ته هاڻي هن آيت جي گڏيل انداز ۾ تشريح ڪريون. اها قيامت جي باري ۾ انسانن جي ٻڏتر جي مقابلي ۾ هڪ اهڙي صورت پيدا ڪري ٿي، جيڪا خدائي فال يا علامت آهي. قيامت اصل ۾ ڪائنات جي سڀني جزن جو هڪ ٻئي قسم جي زندگي يا موجودات ۾ بدلجي وڃڻ جو نالو آهي. قرآن ۾ انهيءَ حوالي سان ڪجھ مثال ۽ تشريحون موجود آهن. انهيءَ باري ۾ آيل پاڪ آيتن مان اسان کي اها ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ته قيامت جي باري ۾ پهريون مرحلو مڪمل تباهي ۽ ڊاهه ڊوهه آهي. ان کان پوءِ اسان سڀئي هڪڙي نئين وجود ۾ داخل ڪيا وينداسين. هيءَ آيت انهيءَ تباهي ۽ نه سمجھه ۾ ايندڙ رياضياتي ۽ طبعي حقيقتن جي کان آگاهه ڪري ٿي. انهن مفاصلن کي سسڻ ۽ فضائي ويڪر جي ويڙهجي وڃڻ سان اهڙي طرح تعبير ڪيو ويندو آهي ڄڻ هڪ ڪتاب کي بند ڪيو وڃي. ان جي برعڪس اها حياتيءَ جي واڌ ويجھه جي تعبير اهڙي طرح ڪرائي ٿي جيئن مفاصلن جو پکيڙن ۽ فضائي ويڪر جو ويڙهيل حالت ۾ کُلڻ. يعني بلڪل ائين جيئن هڪ ڪتاب کي کوليو وڃي. انهيءَ مثال جي تناظر ۾ هر فضا جي وجود ۾ اچڻ جو حڪم ڪتاب جي هڪ پني وانگر آهي. سمورو جهان اهڙين ڪائناتن تي آڌاريل آهي جيڪي انهيءَ هڪڙي ڪتاب جي پنن وانگر پاڻ ۾ جڙيل آهن، جيڪو جهانن جي پالڻهار جي سامهون آهي. جيڪڏهن هو گھري ته انهيءَ واڌ کي ممڪن بنائي ڇڏيندو آهي جنهن سان ڪيترن ئي تهن واريون دنيائون ۽ آسمان وجود ۾ اچن ٿا. پر جيڪڏهن هو گھري ته انهن مفاصلن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سڀئي وجود رکندڙ شيون هڪ ٻئي پني تي تهه ٿي وينديون آهن.
هن آيت ڪريمه جو هڪ ٻيو اهم نظريو جنت ۽ دوزخ جي باري ۾ به آهي. هڪ طبعي مادي ڪائنات ۾ جديد انسان به جنت ۽ دوزخ جي ڳولا ۾ خاص طرح اٻهرو آهي. بهرحال هيءَ آيت پاڪ اسان کي ٻڌائي ٿي ته الله تعالىﷻ جي هن ڪائناتي صفحي تي هڪ ٻي به جنت موجود آهي. اسان جي موجوده جاءِ جي نسبت سان اها نه ته پري آهي ۽ نه ئي ويجھو آهي. اها ته رڳو هڪ ٻئي صفحي تي موجود آهي ۽ جڏهن الله تعالىﷻ انهيءَ ڪتاب جو پنو اٿلائيندو ته نه ڪو ڪائناتي فرق ۽ نه ئي ڪو مفاصلو اسان جي ۽ ان جي وچ ۾ باقي رهندو.