مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 21 هڪٻئي مٿان ست آسمان

اَللّٰہُ الَّذِیۡ خَلَقَ سَبۡعَ سَمٰوٰتٍ وَّ مِنَ الۡاَرۡضِ مِثۡلَہُنَّ ؕ(الطلاق:١٢)
”الله اهو آهي جنهن ست آسمان ٺاهيا ۽ زمين به انهن وانگر آهي.“

ڪيترين ئي آيتن ۾ قرآن پاڪ اندر، جيڪو هڪ عظيم الشان ڪتاب آهي، ڪائنات ۾ ستن آسمانن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سائنس گذريل ٻه سؤ سالن ۾ ڪائناتي فضا (Cosmos) جو مطالعو ڪندي رهي آهي پر اڃا تائين انهيءَ موضوع تي ڪابه چٽي معلومات حاصل نه ڪري سگھي آهي. اهو رڳو گذريل پنجويهن سالن ۾ ممڪن بڻيو جو آسماني طبعيات (Astrophysics) جي ميدان ۾ تمام دلچسپ کوجنائون اهڙي طرح سامهون آيون جو قرآن جا معجزا بلڪل پڌرا ٿي پيا آهن. هن وقت تائين سائنس جيڪي کوجنائون ڪيون آهن، اهي سمنڊ منجھان هڪڙي بوند کان وڌيڪ ڪجھه به نه آهن. پر انهن گذريل ٻه سؤ سالن جي غلطين کي گھٽ ۾ گھٽ مڃڻ شروع ڪيو آهي.
اچو ته سڀ کان پهريان قرآن پاڪ جي انهن آيتن جو گڏيل طرح مطالعو ڪريون، جن جو تعلق ستن آسمانن سان آهي. ان کانپوءِ اسان انهن جي سائنسي توجيهن کي ڏسنداسين، جنهن سان اسان کي خبر پئجي ويندي ته اهي ڪهڙي طرح هڪٻئي سان مطابقت کي ظاهر ڪن ٿيون.
الف – سورت الملڪ جي آيت نمبر 3
ترجمو: ”اهو ئي (الله) آهي جنهن طبقا طبقا ست آسمان ٺاهيا.“
ب – سورت البقره جي آيت نمبر 29
ترجمو: ”اهو (الله) ئي ته آهي جيڪو آسمانن ڏانهن متوجه ٿيو ۽ انهن کي ست (آسمان) برابر ڪري بيهاريائين ۽ اهو هر شيءِ جي ڄاڻ رکندڙ آهي.“
ٻ – سورت بني اسرائيل جي آيت نمبر 44
ترجمو: ”انهيءَ جي پاڪائي (۽ عظمت) ته ست ئي آسمان ۽ زمينون ۽ اهي سموريون شيون بيان ڪري رهيون آهن جيڪي زمين ۽ آسمانن ۾ آهن، ڪابه شيءِ اهڙي نه آهي جيڪا ان جي واکاڻ سان ان جي تسيبح نه ڪري رهي هجي پر توهان انهن جي تسبيح نٿا سمجھو، سو حقيقت اها آهي ته اهو وڏو ئي بردبار ۽ درگذر ڪرڻ وارو آهي.“
ڀ – سورت نوح جي آيت نمبر 15
ترجمو: ”ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله تعالى ڪهڙي طرح ست آسمان طبقا طبقا ڪري ٺاهيا.“
ت – سورت الانبياء جي آيت نمبر 12
ترجمو: ”۽ (الله) توهان جي مٿان ست مضبوط آسمان قائم ڪيا.“
ٿ – سورت المؤمنون جي آيت نمبر 17
ترجمو: ”۽ توهان جي مٿان اسان ست رستا ٺاهيا. بناوت جي ڪم ۾ اسان ڪي اڻڄاڻ نه هئاسون.“
اچو ته هاڻي اسان ٿورو غور ڪري ڏسون ته جديد آسماني طبعيات فضا ۽ ڪائنات جي نظام جي باري ۾ اسان جي ڄاڻ ۾ ڪهڙو واڌارو ڪيو آهي.
ويجهي ماضيءَ ۾ سائنسدانن جو اهو مفروضو هو ته ڪائنات ۾ لڳ ڀڳ ويهه لک ستارا آهن پر آسماني طبعيات جي ڄاڻ ۽ کوجنائن جي ڪري اهو مفروضو بلڪل ئي بي بنياد ثابت ٿيو آهي. جديد سائنسدانن ڪائنات جي نظام (Cosmos) کي هن طرح بيان ڪيو آهي:
ڪائنات جو نظام مختلف قسمن پر ساڳي مرڪز وارن چقمقي تهن کي ظاهر ڪري ٿو. وچ وارو پٽو (Band) ستارن جي انهيءَ جھڳٽي تي مشتمل آهي جنهن جي اندر سج به هوندو آهي جنهن کي کير ڌارا (Galaxy) به چوندا آهن. انهيءَ کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي کير ڌارائن جا جھڳٽا هوندا آهن. انهن ۾ ستارا اڻ ڳڻي تعداد ۾ هوندا آهن. ان جي مٿان يا ٻاهران هڪ ٻيو ميدان هوندو آهي جنهن ۾ مختلف چقمقي خاصيتون هونديون آهن ۽ جيڪو ڪيترن ئي ڪوثرن (Quasars) وارو ميدان هوندو آهي. اهي ستارن جي ٻج واري مشينون يعني ستارن جي ٻجن جون هيچريون (Hacheries) هونديون آهن، جن انهيءَ ميدان کي گھيري رکيو هوندو آهي. هڪ ٽين چقمقي پٽي ڪائنات جي اڃا اڳتي وارن علائقن تي ٻڌل هوندي آهي.
سڀ کان اندريون دائرو، خاص ڪري اسان جو پنهنجو نظام شمسي پنهنجي ستارن جي ڪٽنب سميت وڌيڪ آسانيءَ سان نظر اچڻ جي ڪري مطالعي هيٺ اچي سگھي ٿو. هن نظام اندريون ڍانچو ٽن جدا جدا چقمقي ميدانن تي مشتمل هوندو آهي. سڀ کان پهريان، هر فلڪي جسم (ستارو) جيڪو سج جي چوگرد ڦرندو آهي، هڪ چقمقي ميدان رکندڙ هوندو آهي ۽ ان جي پنهنجي هڪ فضا به هوندي آهي. انهيءَ جو لاڳاپو سياري جي اوسي پاسي وارن علائقي سان هوندو آهي. انهيءَ کان پوءِ اهو سيارو پنهنجي نظام شمسي سان ڳنڍجي هڪ ٻيو چقمقي ميدان ٺاهيندو آهي. هڪ ثريا ۾ هر شمسي نظام هڪ جدا چقمقي علائقو ٺاهيندو آهي ۽ رڳو اسان جي ستارن جي روشن پٽي واري کير ڌارا ۾ ئي هڪ سؤ ارب ستارا يا سج آهن ۽ ان سان مٿاهين درجي تي کيرڌارائن جي جھڳٽن جي اندر هڪ ٻئي سان ويجھيون کيرڌارائون ملي هڪ ٻئي چقمقي ميدان جي ماتحت ٿينديون آهن.
اهڙي طرح جڏهن توهان ڌرتيءَ يا ڪنهن ٻئي سياري کان آسمان يا فضائي ويڪر ۾ نظر ڪندا آهيو ته توهان انهن ستن چقمقي ميدانن ۾ گھيريل هوندا آهيو، جيڪي پوئتي هٽندي ۽ سڪڙجندي فضائي ويڪر جي بي انت Infinity تائين پهچندا آهن. زمين تان ڪائنات جي نظام (Cosmos) جو مشاهدو هن ريت آهي.
1. اهو فضائي ميدان (Spatial Field) جيڪو اسان پنهنجي شمسي نظام سان ملي ڪري ٺاهيندا آهيون، اهو آهي ”پهريون آسمان.“
2. اسان جي ثريا (کير ڌارا) جو فضائي ميدان ”ٻيو آسمان“ ٺاهيندو آهي. اهو چقمقي ميدان، جيڪو ستارن جي روشن پٽي کير ڌارا (Milky way) جي بلڪل اندر ”مغز“ کي ٺاهي ٿو، سو ويجھڙائيءَ ۾ ئي لڌو ويو آهي.
3. ثريائن جو اسانجو علائقائي جھڳٽو (Local Cluster) ٽيون آسمان ٺاهيندو آهي.
4. ڪائنات جو اهو وچ وارو چقمقي ميدان جيڪو ثريائن جي جھڳٽي جي هيڪڙائي (Collectivity) کي ظاهر ڪندو آهي اهو ”چوٿون آسمان“ آهي.
5. اها ڪائناتي پٽي (Cosmic Band) جيڪا ڪوثرز کي ظاهر ڪري ٿي، سان ”پنجون آسمان“ آهي.
6. ڦهليل ڪائنات جو اهو ميدان جيڪو پوئتي هٽندڙ ثريائن کي ظاهر ڪري ٿو سو ”ڇهون آسمان“ آهي.
7. سڀ کان ٻاهر (ڏُوري) وارو ميدان آهي جيڪو ڪائنات جي بي انت هجڻ جو مظهر آهي، سو ”ستون آسمان“ آهي.
اهڙي طرح تهه در تهه ستن آسمانن جي نشاندهي ٿئي ٿي جن جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ چوڏهن سؤ سال اڳي ڪيو ويو هو.
اهو معجزو جيڪو سچ پچ به ذهن کي لوڏي ڇڏي ٿو سو اهي آيتون آهن جيڪي مٿي بيان ڪيل حقيقتن تي روشني وجھن ٿيون ۽ جن کي سائنس هلندڙ دؤر ۾ ئي ثابت ڪيو آهي، جن مان ڪن جو اسان اڳي ئي ذڪر ڪري چڪا آهيون. انهن جو تت مٿاڇري طرح ٻيهر ورجايون ٿا:
الف – سورت الشورى جي آيت نمبر 5 جي لحاظ سان ڪيترائي آسمان، سخت چقمقي ميدانن جي پيدا ڪيل تمام گھڻي دٻاءَ ۽ ڇڪ جو شڪار آهن.
ب – سورت الذاريات جي آيت نمبر 47 ۾ چيو ويو آهي ته ”آسمان کي اسان زور سان ڦهلايو“ (يا پکيڙيو). انهيءَ جي تشريح اڳتي موضوع نمبر 30 ۾ ايندي.
ٻ – سورت الانبياء جي آيت نمبر 106 ۾ فرمايو ويو آهي ته ”اسان ڪائنات کي ڪتاب جي ورقن وارو بنايو جنهن کي اسان ويڙهي ڇڏيندا آهيون.“
ڀ – سورت الانبياء جي آيت نمبر 30 ۾ فرمايو ويو: ”سڀئي آسمان ۽ زمينون پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، پر اسان انهن کي الڳ ڪيو.“
انهن آيتن جي جدا تشريح ايندڙ صفحن ۾ بيان ڪئي ويندي پر هن موقعي تي اهم ڳالهه اها آهي ته قرآن ستن آسمانن جو رڳو ذڪر ڪري انهيءَ موضوع کي اڌورو نٿو ڇڏي ڏئي، پر ڪائناتي طبعيات جي تناظر ۾ سڀ کان جديد مادي تشريحن تي به روشني وجھي ٿو.
ستن آسمانن جي نظريي کي سٺي نموني سمجھڻ لاءِ مان آسماني طبعيات جي باري ۾ ڄاڻ جو وڌيڪ تت پيش ڪرڻ گھرندس.
مٿي بيان ڪيل آسمانن جي تهن جو مطلب تصور کان به مٿي مفاصلن جو معاملو آهي. پهريون آسماني تهه لڳ ڀڳ ساڍا سٺ کرب ڪلوميٽر ويڪرو آهي. ٻيو تهه يا اسان جي ثريا (Galaxy) جو قطر هڪ لک ٽيهه هزار نوري سال* آهي. ٽيون آسمان يا اسان جي ثريائن جو علائقائي جھڳٽو ويهه لک نوري سالن تي ٻڌل آهي. چوٿون آسمان جيڪو ثريائن جو جھڳٽو آهي ۽ جيڪو ڪائنات جو بلڪل اندريون مغز يا مرڪز آهي، ان جو قطر هڪ ڪروڙ نوري سالن جي برابر آهي. پنجون آسمان هڪ ارب نوري سالن جي مفاصلي تي آهي. ڇهون آسمان ويهه ارب نوري سال پري آهي. هڪ آسمان کان ٻئي آسمان تائين ڪابه مادي سواري يا شيءِ نٿي پهچي سگھي. ان جو هڪ سبب ته انهيءَ باري ۾ رفتار جو معاملو آهي. ٻيو اهو ته رستي ۾ موجود چقمقي ميدانن کي پار نٿو ڪري سگھجي. ٽيون اهو ته انهن آسمانن تائين پهچڻ جي لاءِ يا انهن جي وچان گذرڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته جنهن رفتار سان سفر ڪيو وڃي سو روشنيءَ جي رفتار کان به وڌيڪ هجي. انهيءَ جو مطلب آهي ته مادي جي دنيا مان ئي نڪري وڃڻو پوندو.
جيئن ته اسان موضوع نمبر 2 ۾ بيان ڪيو آهي ته قرآن ڪريم مفاصلن جي ننڍڙن رازن کي به بيان ڪيو آهي. ڪجھه سائنسدانن جي خيال ۾ ستارن جي جھڳٽن جي وچ ۾ ڪاريون غارون هڪ جھڳٽي کان ٻئي جھڳتي ڏانهن ٺينگ ڏيڻ (Jumps) جي مرحلي ۾ مددگار هوندا آهن. هڪ ڪاري غار جو وجود گليڪسي M87 جي ذريعي تصور ۾ آڻي سگھجي ٿو. اها سمجھاڻي قرآن پاڪ جي سورت ”واقعه“ ۾ اسان کي ملي ٿي. قرآن پاڪ ستن آسمانن جي ڳالهه ڪري آسماني طبعيات سان لاڳاپيل سمورين حقيقتن کي بيان ڪري ڇڏيو آهي.
اچو ته هاڻي ستن تهن وارن آسمانن جي اصولن تي شروع ۾ ڏنل آيتن جي روشنيءَ ۾ تحقيق ڪريون.
اها ڳالهه بلڪل پڌري آهي ته ستن تهن واري آسمان جي باري ۾ هڪ مڪمل نظم ۽ انهن جو مضبوط مادي وجود ئي اهو پهريون نڪتو آهي، جنهن تي هنن آيتن ۾ زور ڏنو ويو آهي. ٻيو اهم نڪتو جيڪو هنن آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي سو هيءُ آهي ته سڀئي شيون جيڪي انهن آسمانن ۾ آهن، سي الله تعالى جي واکاڻ ۽ الله تعالى جو شڪر ادا ڪن ٿيون. ٽيون اهم نڪتو هيءُ آهي ته الله پاڪ انهن آسمانن ڏانهن انهن جي خالق هئڻ جي حيثيت ۾ توجهه ڏنو ۽ پنهنجي رضا ۽ پنهنجي پاڪ طاقت سان کين هڪ خاص شڪل ۾ قائم ڪيو. اهو الله تعالى جو هر جاءِ تي موجود هئڻ جو ثبوت آهي، جنهن آسمانن جي چقمقي قوت ۽ خاصيتن جي شروعات ڪئي.
جيستائين سورت المؤمنون جي آيت نمبر 17 جو تعلق آهي، انهيءَ ۾ ستن آسمانن، يعني ستن رستن جو ذڪر آيو آهي. سڀني مفسرن وٽ ستن رستن جو مطلب ست آسمان ئي آهي ۽ حقيقت به اها ئي آهي. هتي اهم ڳالهه اها آهي ته ستن آسمانن کي ست رستا (طريقا) انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته جيئن اسان ستن ميدانن کي آسانيءَ سان سمجھي سگھون. اهڙي طرح قرآن پاڪ ۾ رستن جو ذڪر ڪري جسماني ماپ، آسماني مفاصلن ۽ لامحدود رفتارن کي قرآني زبان ۾ اهڙي طرح بيان ڪيو ويو آهي جو انهن کي سمجھڻ آسان ٿي وڃي ٿو.
هاڻي اسان هنن مبارڪ آيتن جي انهن تشريحن تي اچون ٿا جيڪي حقيقت ۾ ستن آسمانن جي نظريي تي وڌيڪ روشني وجهن ٿيون.
”سبع سموات طباقا“
لفظ طباقا جو مطلب آهي هڪ ٻئي سان مطابقت يا اتفاق رکڻ. اها معنى ظاهر ڪري ٿي ته ست جدا جدا چقمقي ميدان هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي ۽ سهڻي ترتيب سان ڳنڍيل آهن. ساڳئي وقت اها هڪجهڙائي انهن آسمانن جي بنيادي جوڙجڪ جي ڍانچن جي اختلاف ڏانهن به اشارو ڪري ٿي. پر جيڪڏهن ست ئي آسمان هڪجهڙن ڍانچن وارا هجن ها ته خاص طرح اهو چوڻ جي ضرورت ئي نه هئي ته اهي پاڻ ۾ هم آهنگ آهن.
مادي نقطه نظر سان اها هڪجهڙائي ظاهر ڪري ٿي ته آسمانن جا اهي ميدان، جن جون چقمقي خاصيتون ۽ صلاحيتون جدا جدا آهن، پنهنجي سرحدي نقطن يا جڳهن تي مناسب خاصيتن سان جڙيل آهن. وڌيڪ جيئن هن کان اڳ به بيان ٿي چڪو آهي ته سورة الشوريٰ جي آيت نمبر 5 اعلان ڪري ٿي ته انهن آسمانن جي انتهائي سگھاري حيثيت واري طاقت، انهن جي ٻاهرين سرحد تي تمام گھڻي هوندي آهي. انهيءَ نقطي نظر سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته توانائيءَ جي مدارن ۽ بيضوي چقمقي ليڪن جو پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکڻ سمجھه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري هي آيتون اهڙن امڪانن کي ممڪنات کان خارج سڏين ٿيون، ڇو جو مٿاهين سرحد تي موجود سخت مخالفت واريون توانائيون ڪنهن به طرح آسمانن جي انهيءَ نظام کي درهم برهم ڪري سگھن ٿيون. اهو انهيءَ لاءِ جو ستن آسمانن جي وچ ۾ هر جاءِ تي هڪجهڙائي موجود آهي.
هڪڙي آسمان کان ٻئي آسمان تائين گذري وڃڻ ۾ اها هڪجهڙائي جدا جدا خاصيتون رکي ٿي. ڄڻ ته ست ئي آسمان پنهنجو پاڻ ۾ هڪجهڙائيءَ جو مظاهرو ڪن ٿا. پر هڪڙي آسمان کان ٻئي آسمان تائين ٽپي وڃڻ جو رستو رڳو ڪارين غارن (Black Holes) يا فضا ۾ انهيءَ قسم جي ”ڪيڙي جي گذري وڃڻ وارن رستن“ جهڙن سوراخن مان ئي لنگھي ٿو.
(ب) ”طباقاً“ جي معنى هڪ قسم جو تهه به ٿي سگھي ٿي. ائين هيءَ آيت سڳوري آسمانن جي تسلي بخش نوعيت تي زور ڏيندي نظر اچي پئي. جيتوڻيڪ قرآن جون آڳاٽيون تفسيرون طبقي مان ”طباقا“ جي مٿي بيان ڪيل معنائن ڏانهن ڪا چٽيءَ طرح همٿ افزائي نٿيون ڪن، پر جڏهن اهي تفسيرون لکيون ويون هيون ان وقت تائين چقمقي تهن ۽ ميدانن جي دريافت به ڪونه ٿي هئي.
انهيءَ ڳالهه کان هٽي ڪري ته لفظ تهن ۽ هڪجهڙائيءَ جي ڪهڙي معنى ورتي وڃي ٿي، اهم ڳالهه اها آهي ته فضائي ويڪر ۾ چقمقي ميدانن جي وچ ۾ موزونيت، تسلسل ۽ مطابقت موجود آهي. آيت ڪريمه جي معنى اهو ظاهر ڪري ٿي ته اهي ٽيئي خاصيتون ستن آسمانن ۾ موجود ۽ روان دوان آهن.
ستن آسمانن جي سلسلي وارين آيتن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم اها آيت آهي جيڪا بلڪل ئي مختلف قسم جي رازن کي بيان ڪندي نظر اچي ٿي. اها آيت ڪريمه سورت الطلاق جي آيت نمبر 12 آهي، جنهن ۾ ارشاد ٿيو آهي ته الله تعالى اهو آهي جنهن ستن آسمانن کي بڻايو ۽ زمين جو قسم به انهيءَ وانگر آهي (يعني زمينون به ايتري تعداد ۾ آهن) انهيءَ جو ئي حڪم هلي ٿو.
جوهر يا ايٽم جي باري ۾ اها ڳالهه ڪيترائي ماڻهو ڄاڻيندا هوندا ته اهي دنيا جي اڏاوت ۾ سر واري حيثيت رکن ٿا. ايٽمن جي بناوت کي مختصر طرح هيئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته اهي هڪ اهڙي مرڪز وارا آهن جنهن جي اوسي پاسي اليڪٽرانن جو حرڪت ڪندڙ ڪڪر ڇانيل هوندو آهي. اليڪٽرانن جو اهو ڪڪر خاص اليڪٽرانن جي توانائيءَ جي نوعيت کي ظاهر ڪندو آهي. شروع شروع ۾ هڪ ايٽم جي ڍانچي يا بناوت کي نظام شمسي سان ڀيٽي سگھجي پيو پر اڳتي هلي خبر پئي ته اها هڪ غلط ڀيٽا هئي ۽ گمراهه ڪندڙ پڻ هئي، ڇاڪاڻ ته هيءُ نظام مشابهت ۾ نظام شمسي بنسبت ستن آسمانن جي نظام سان وڌيڪ هڪجهڙائي رکندو آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اليڪٽرانن جو هجوم ڪنهن اهڙي مدار واري کوپي جو، پنهنجو پاڻ ئي بنا ڪنهن پروگرام جي چونڊ نٿو ڪري سگھي. اڃا به انهن کي اڻن يا مرڪزن کي گھيريل بلڪل ٺيڪ ۽ مخصوص توانائي جي سطح جي تابع ٿيڻو پوي ٿو.
هائو، منهنجا دوستو! ايٽمي مرڪزن کي گھيريل ست ئي مدارن وارا کوپا آهن، جن کي اليڪٽرانن جي نسبت سان ئي مداري کوپا سڏيو وڃي ٿو. هڪ اليڪٽران ۾ جيڪڏهن مناسب توانائي هجي ته اهو انهن مدارن مان ئي هڪڙي جي اندر حرڪت ڪندڙ ٿي سگھي ٿو. اهڙي صورت ۾ هيءَ آيت سڳوري پنهنجو پاڻ ئي هڪ سائنسي معجزو ثابت ٿئي ٿي. ڇو ته اها اسان کي انهيءَ حقيقت جو شعور ڏئي ٿي ته آسمانن جي عظيم ڪائناتن، يعني ميڪرو ڪوسموس ۾ موجود ستن چقمقي ميدانن، زميني ايٽم جي ڪائنات (مائيڪرو ڪوسموس) ۾ به اهڙي طرح موجود آهي ۽ پهرين جو عڪس ٻئي ۾ نظر اچي ٿو.
تمام ننڍڙي اليڪٽراني دنيا ۾ انهن ننڍڙن ننڍڙن کوپن جا تهه وڏي اهميت وارا آهن. هڪڙي مدار کان ٻئي مدار ڏانهن منتقلي جي لاءِ وڏو توانائيءَ جو مقدار گھرجي. هر مرڪز يا نيوڪلس، اليڪٽرانن جي سڀني ستن کوپن ۾ قيد نٿو ڪري سگھي. اهو اليڪٽرانن کي رڳو انهيءَ حد تائين ئي قائم رکي سگھي ٿو جيستائين بجلي وارو چقمقي پڃرو (Electromagnetic structure) يعني پروٽرانن جو تعداد انهيءَ جي اجازت ڏئي ٿو. انهيءَ سموري بحث جو نچوڙ اهو آهي ته جيڪڏهن اسان هڪ انتهائي ننڍڙي ايٽمي مرڪز تي زندگي گذارڻ جي لاءِ مجبور هجون ها، تڏهن به جيڪڏهن اسان آسمان ڏانهن ڏسون ها ته اسان کي ست ئي آسمان نظر اچن ها ۽ اليڪٽرانن جي موجودگي اسان جي لاءِ گرهن وارو منظر پيش ڪري ها.
ستن آسمانن جي باري ۾ هڪ ٻيو نظريو اڻ کٽ جسماني ماپ (Infinite Dimensions) واور به آهي. جيڪڏهن اسان موضوع نمبر 7 ۾ بيان ڪيل درجي به درجي گهٽجندڙ فضائي ويڪر کي ذهن ۾ رکون ته اهو ظاهر ٿي ويندو ته ڪائنات ۾ فضائي ويڪر مختلف طرفن ۽ ماپن سان ملي ڪري وجود ۾ آئي آهي. اولهه جي ڪيترن ئي سائنسدانن، جن کي اسان آئن اسٽائن جي نظرين کي مڃڻ وارا چئي سگھون ٿا، اها ڳالهه مڃي ورتي آهي ته چئن کان وڌيڪ طرف هن ڪائنات ۾ موجود آهن.
هاڻي اسان ڏسنداسين ته مختلف آسمانن ۾ مختلف ماپ واري بناوت رکندڙ جدا جدا طرف هن فضا ۾ ڪهڙي طرح موجود آهن. انهيءَ معنى ۾ ستن مختلف آسمانن وارو نظريو ستن جدا جدا ڪائناتي موجودات (Continua) جو احاطو ڪري ٿو. جيئن ته اسان چوٿين طرف يعني وقت کان اڳتي ڪجھه به تصور نٿا ڪري سگھون ، تنهن ڪري اسان پنهنجي موجوده زماني ۾ انهن ماپن جو ڪو تفصيل به نٿا ڏئي سگھون. اسلام جي عظيم مفڪرن ۽ عالمن جي خيالن ۽ لکڻين ۾ انهن ماپن جي سلسلي ۾ مختلف جهانن جو ذڪر ملي ٿو. سندن بيان ڪيل مثالن ۾ ملائڪن جي جهان ۽ روحن جي جهان جهڙا ذڪر موجود آهن.
اسان کي گھرجي ته اسان عقلي سائنس جي ذريعي اڄ تائين حاصل ڪيل سمجھه جي اندر نه رڳو ستارن جي جھرمٽن ۽ مادي ڪائنات جي باري ۾ غور فڪر ڪريون، پر ستن آسمانن جي نظريي سان وڌيڪ جسامتي ماپن جي باري ۾ به تحقيق ڪريون. هڪ ٻيو اهم پر ڏکيو مطالعو ۽ تحقيق ايٽمن جي مختلف توانائيءَ جي پٽين جي باري ۾ آهي. جيئن ته مون موضوع نمبر 20 ۾ الله تعالى جي ڪامل قدرت جو آسمانن کي چيري جدا ڪرڻ ۽ انتهائي سخت ڇڪ (نظم) قائم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي. قرآن ڪائناتن جي طبعي علمن کي اسان جي اکين اڳيان پکيڙي ڇڏيو آهي ته جيئن اسان آسانيءَ سان انهن جو مطالعو ڪري سگھون.

________
* § اهو مفاصلو جيڪو روشني هڪ سال ۾ پورو ڪري انهيءَ مفاصلي کي هڪ نوري سال مفاصلو سڏيو ويندو آهي. ياد رکڻ گھرجي ته روشني هڪ سيڪنڊ ۾ لڳ ڀڳ ٽي لک (300000) ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪندي آهي. (سنڌيڪار)