مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 42 سوئر جي گوشت جا نقصان

اِنَّمَا حَرَّمَ عَلَیۡکُمُ الۡمَیۡتَۃَ وَ الدَّمَ وَ لَحۡمَ الۡخِنۡزِیۡرِ وَ مَاۤ اُہِلَّ بِہٖ لِغَیۡرِ اللّٰہِ ۚ فَمَنِ اضۡطُرَّ غَیۡرَ بَاغٍ وَّ لَا عَادٍ فَلَاۤ اِثۡمَ عَلَیۡہِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۷۳﴾(البقرة: ١٧٣)
”الله تعالىﷻ جي طرف کان جيڪڏهن توهان تي ڪا جھل پل آهي ته اها هيءَ آهي ته توهان مئل ڍور نه کائو، رتُ ۽ سوئر جي گوشت کان پاسو ڪريو. يا اهڙي ڪا شيءِ نه کائو جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو نالو ورتو ويو هجي. ها، جيڪو ماڻهو مجبوري جي حالت ۾ هجي ۽ هو انهن (منع ڪيل شين) کي کائي پر شرط اهو آهي ته هو نافرماني جو ارادو نه رکندو هجي، يا حد کان لنگھندڙ نه هجي، ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ تي ڪو گناهه نه آهي. الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي.“

روزمره جي زندگيءَ ۾ سوئر جي گوشت کان پاسو ڪرڻ لاءِ اهو ئي سبب ڪافي آهي ته اهو هڪ انتهائي گندو جانور آهي. ان کان منجهس هڪ مشهور قسم جي نقصان ڏيندڙ جراثيمن جي ٿيلهي هوندي آهي پر بدقسمتيءَ سان انهيءَ معاشري ۾، جتي ڪيترن ئي سالن تائين سوئر جي گوشت تي پابندي رهي آهي، ڪجھه ماڻهن هاڻي اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته هن جانور جي ڊاڪٽري معائني کان پوءِ ان کي کائي سگھجي ٿو.
اچو ڏسون ته سوئر جي گوشت کائڻ کان روڪڻ جي پويان ڪهڙا سبب آهن؟ گذريل پنجويهن سالن ۾ قرآن جي انهيءَ حڪم جي تائيد ۾ سائنس ڪيترا ئي سبب ڳولي لڌا آهن ۽ سائنسدان پاڻ به الله تعالىﷻ جي انهيءَ چٽي حڪم تي حيران آهن، جيڪو قرآن پاڪ جي هن آيت سڳوريءَ ۾ ڏنو ويو آهي. هاڻي مان سوئر جي جسم جي انهن حصن بابت ڳالهه ٻولهه ڪندس جيڪا انساني صحت جي لاءِ نقصانڪار آهن.
جرمني جي مشهور طبي سائنسدان هائزڪ ريڪوگ (Heinrich Reckweg) سوئر جي گوشت ۾ هڪ عجيب قسم جي زهريلي پروٽين سٽوڪسن (Sutoxin) جي نشاندهي ڪئي آهي، جنهن سان ڪيترن ئي قسمن جي الرجي واري بيماري پيدا ٿيندي آهي. اهو زهر الرجي وارن بيمارين، مثال طور ايگزيما ۽ دم (Asthmatic Rash) جو سبب بڻبو آهي. جيڪڏهن سٽوڪسن جو مقدار يا خوراڪ گھٽ هجي ته به انهيءَ سان ٿڪاوٽ ۽ سنڌن جو مرض ٿي پوي ٿو. انهيءَ نقطه نگاهه کان جيڪڏهن ڪن ماڻهن جي انهيءَ ڳالهه کي ٿوريءَ دير لاءِ ئي مڃي وٺجي ته سوئر جو گوشت سستو هوندو آهي ته انهيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين سان وقت جي زيان ۽ دوائن جي خرچن کي به سامهون رکيو وڃي ته سوئر جي گوشت ۾ ڪابه چڱائي نظر نه ايندي.
جانورن تي تجربن جي سلسلي ۾ سوئر جي گوشت جو خراب اثر هر دفعي نظر ايندو آهي. انهيءَ جانور جي رطوبتون ڇڏڻ وارن غدودن جي نظام (Lymphatic System) ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ ڪمزوري جي ڪري اهڙيون اوڻايون ٿي پونديون آهن جو هي جانور نقصان ڏيندڙ بيڪٽيريا سان ڀريل کاڌو لڳاتار ۽ بنا وقفي جي کائيندو رهندو آهي.
سوئر جي گوشت ۾ هڪ عنصر ميوڪوپولائزڪ چيرائڊز (Mucopolysac Charides) تمام گھڻي مقدار ۾ ملي ٿو. جيئن ته انهيءَ ۾ گندرف ضرورت کان وڌيڪ هوندو آهي، انهيءَ ڪري سنڌن جون ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي وينديون آهن. سوئر ۾ واڌ جي عمل ۾ تيزي پيدا ڪرڻ وارا هارمون جھجھي مقدار ۾ ٿيندا آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو اِن جي گوشت کائڻ وارن ماڻهن جا جسم به بي ڊولا ۽ عيبدار هوندا آهن.
هڪ ٻي پريشان ڪندڙ بيماري جيڪا سوئر جي گوشت کائڻ سان پيدا ٿيندي آهي، انهيءَ کي شيپ وائرس (Shape Virus) چوندا آهن. اهو وائرس انساني ڦڦڙن کي نقصان پهچائندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو وائرس سوئر جي ڦڦڙن ۾ به جھجھي مقدار ۾ هوندو آهي.
هاڻي مان انساني صحت تي سوئر جي نقصانڪار اثرن جي نشاندهي ڪندس.
سوئر جو گوشت رت ۾ چرٻي وارن جزن جو تناسب ضرورت کان وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ڪري ڇڏيندو آهي.
سوئر کائڻ وارن جا جسم آهستي آهستي هڪ لوهي چُلهي جي صورت اختيار ڪري وٺندا آهن. يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اها حقيقت آسانيءَ سان ڏسي سگھجي ٿي. پروفيسر ليٽري (Lettre) تابڪاري طريقا استعمال ڪندي اهو ثابت ڪيو آهي ته خوراڪ جسم جي انهيءَ حصي ۾ گڏ ٿي ويندي آهي، جنهن حصي جي اها خوراڪ آهي. ايئن انهيءَ نظريي جو ثبوت ملي وڃي ٿو ته سوئر کائڻ وارن جي چتڙن تي چرٻي گڏ ٿي وڃي ٿي.
هاڻي مان انهيءَ موتمار بيماريءَ جو ذڪر ڪندس جيڪا سوئر کائڻ وارن کي ٿي پوندي آهي. اها ڪيڙن واري بيماري هوندي آهي جنهن کي Trachina سڏبو آهي.
سٽاهل اِن موضوع تي پنهنجي ڪتاب ”دي وارمي ورلڊ“ (The Wormy World) ۾ اهو ٻڌايو آهي ته دنيا ۾ لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ ماڻهو انهيءَ بيماريءَجو شڪار آهن. اڻ ڄاڻائيءَ تي ٻڌل خيالن جي برخلاف مٿي بيان ڪيل بيماري دماغ ۾ رڳو نقصان ڏيندڙ ڳنڍ ئي نٿي ٺاهي، پر اها رت ۾ رڪاوٽ يا ڄمائڻ جو عمل به پيدا ڪندي آهي، جنهن ڪري انهيءَ منجھان ٽائفائيڊ جهڙو موذي مرض به پيدا ٿي پوندو آهي. ان کانسواءِ انهيءَ بيماري جي ڪري اوچتو موت به اچي سگھي ٿو. سوئر جو گوشت جسم جي ماس ۾ گڏ ٿي ماس جي خطرناڪ بيمارين کي جنم ڏيندو آهي. سوئر جي گوشت کائڻ سان”ويڪرا سوئر وارا ڪيڙا“ (Tape Worm) نالي هڪ ٻي بيماري پڻ ٿي پوندي آهي. تنهنڪري ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ سوئر جا ڦڦڙن کائڻ کان منع ڪيل آهي. پوءِ به سوئر جي عام گوشت کائڻ سان به بيماري پيدا ٿي سگھي ٿي. انساني صحت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان انهيءَ بيماريءَ سان ٿيندو آهي، جنهن ۾ انهيءَ جانور جي گردن جي سخت چرٻيءَ جي ڪري، آنڊن ۾ خاص قسم جا طفيلي ڪيڙا پيدا ٿي ويندا آهن. اها عام سمجھه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي ته جانورن جي گوشت ۾ ٻن قسم جي چرٻي ٿيندي آهي. هڪ ته اها آهي جيڪا صاف نظر ايندي آهي ۽ گوشت جي مٿان ويڙهيل هوندي آهي. جڏهن ته چرٻيءَ جو ٻيو اهو قسم آهي جيڪو ماس جي تاندورن ۾ اندر ئي اندر موجود هوندو آهي. جيستائين چرٻيءَ جو گوشت ۾ گڏ ٿيڻ جو معاملو آهي، ٻئي قسم جي چرٻيءَ کان خاص طرح هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ سلسلي ۾ عام قسم جي گوشت وارين شين ۾ چرٻيءَ جو تناسب هيٺين ريت هوندو:
1. گابي جو گوشت 10 سيڪڙو
2. رڍ جو گوشت 20 سيڪڙو
3. گھٽي جو گوشت 23 سيڪڙو
4. سوئر جو گوشت 35 سيڪڙو
جانورن مان حاصل ٿيندڙ چرٻي جيڪا اسان جي جسم ۾ وڃي ٿي تنهن بابت اها تحقيق ٿي چڪي آهي ته انساني رت ۾ اها سڀ کان گھٽ مقدار ۾ ڳرندي آهي. ايئن سوئر جي گوشت کائڻ سان، جنهن ۾ چرٻي جو گھڻو مقدار موجود هوندو آهي، رت ۾ چرٻي (Lipid) ۽ ڪوليسٽرول (Cholesterol) جي مقدار ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اهي جزا رت جي وهڪري ۾ گھڻي عرصي تائين موجود رهن ته اهي پنهنجي چنبڙڻ واري خاصيت جي ڪري رت جي وهڪري ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندا آهن ۽ رت جي شريانين کي سخت ڪري ڇڏيندا آهن. اڄ ڪلهه ته خاطريءَ سان مڃيو ويو آهي ته کاڌي ۾ چرٻي جو مقدار وڌيڪ هجڻ ئي دل جي شريانين جي بيمارين جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. رت ۾ چرٻي جو مقدار ضرورت کان وڌيڪ هجڻ ئي وقت کان اڳ ڪراڙپ، هيڻائي، اڌرنگي ۽ دل جو دؤرو پوڻ جو اهم سبب آهي.
اڄڪلهه قاصائيءَ جي دڪان ۾ داخل ٿيڻ وارو هر گراهڪ بنا چرٻيءَ واري گوشت جي گُهر ڪري ٿو. اصل ۾ انهيءَ چرٻيءَ جي ڪابه اهميت نه آهي جيڪا گوشت جي ٻاهران ظاهري طرح نظر اچي ٿي، پر انهيءَ چرٻيءَ کان هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي، جيڪا ماس جي تاندورن ۾ اندر لڪيل هوندي آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اتي ڇا ڪيو وڃي، جتي قاصائي پنهنجي دڪان تي رڳو سوئر جو گوشت ئي وڪرو ڪندو هجي؟ انهيءَ باري ۾ ٻه ڳالهيون آهن:
(الف) يا ته انهيءَ گوشت کي خريد ڪيو وڃي جيڪو سڄي صحت کي زهريلو ڪري ڇڏي ٿو، خاص ڪري تي رت جي شريانين کي.
(ب) يا وري اهو ته توهان اهو چئي سگھو ٿا ته مان مسلمان آهيان، تنهنڪري انهيءَ دڪان تان ڪجھه خريد ڪرڻ کانسواءِ ئي ٻاهر نڪري اچو ۽ ايئن پنهنجي صحت کي خراب ٿيڻ کان بچائي وٺو.
اسان چٽيءَ طرح ڏسي سگھون ٿا ته قرآن انهيءَ فرمان جي ذريعي اجائي نڪته چيني نٿو ڪري، پر اهو فرمان هڪ طرح انساني صحت جي لاءِ هڪ تمام قيمتي تحفو پڻ آهي.
حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته سوئر جي گوشت جي انهن نقصانن جي وڏي پيماني تي ڄاڻ ملڻ کان پوءِ به انهيءَ کي لڳاتار کاڌو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ انهيءَ سلسلي ۾ معاشي حالتن جو وڏو عمل دخل آهي پر تمام جلد اها شيءِ صحت جي لاءِ هڪ خطرناڪ مسئلو بڻجي ويندي. اڄڪلهه اها ڳالهه بلڪل پڌري ٿي پئي آهي ته دل ۽ رت جي شريانين جون بيماريون انهن معاشرن ۾ گھڻيون ٿين ٿيون، جتي سوئر جو گوشت عام کاڌو ويندو آهي. پوءِ به هاڻي ويجھي وقت تائين سوئر جي گوشت ۾ ضرورت کان وڌيڪ چرٻيءَ جو وجود، عوام ۾ ڳڻتي يا بحث مباحثي جو موضوع نه بڻيو آهي. بهرحال اهو مسئلو هاڻي انهيءَ حد تي پهچي چڪو آهي ۽ اها اميد ڪري سگھجي ٿي ته دنيا مستقبل قريب ۾ سوئر جي گوشت کان پاسو ڪندي ان کي ان جي حال تي ڇڏي ڏيندي.
سوئر جي گوشت ۾ موجود تمام گھڻي چرٻي سان هڪ ٻيو نقصان به ٿئي ٿو، سو اهو آهي ته انساني جسم ۾ وٽامن اِي (Vitamin – E) ضرورت کان وڌيڪ خرچ ٿي وڃي ٿي. اِن گوشت کائڻ وارن ۾ وٽامن اِي جي جلدي ڳري وڃڻ جي عمل جي ڪري انهيءَ وٽامن جي اندروني ڳجھي کوٽ پيدا ٿي پوندي آهي. هاڻي اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته وٽامن اِي ڪيترائي اهم ڪم ڪندي آهي. انهن مان هڪ اهم ڪم جنسياتي غدودن تي پوندڙ اثر آهي. ٿلها ماڻهو، خاص ڪري سوئر جو گوشت کائڻ وارا ماڻهو وٽامن اِي جي کوٽ جو شڪار ٿي ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ جنسي طور نامرد ٿي ويندا آهن. وٽامن اِي جي کوٽ جي ڪري مختلف قسم جون چمڙي ۽ اکين جون بيماريون به پيدا ٿي پونديون آهن.
جيئن مون هن باب جي شروع ۾ بيان ڪيو آهي ته مستقل ۽ لڳاتار گندو کاڌو ۽ گونهه کائڻ جي ڪري سوئر جي جسم جو لمفي (رطوبتون پيدا ڪرڻ وارو) نظام لڳاتار ڪم ڪندو رهندو آهي ۽ انهن مدافعتي جزن سان هر وقت ڀريل رهندو آهي جنهن ۾ خاص اڇي چرٻي البومن (Albumin) هوندي آهي. اهي جزا جيڪي جسم جي مدافعتي نظام (Immunse System) ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ جن ۾ موذي مرضن جي باري ۾ کوجنائون ٿي رهيون آهن، سي ٻين جاندارن يا مخلوق جي لاءِ انتهائي زهريلا اثر رکن ٿيون. ڇاڪاڻ ته هڪ جاندار يا مخلوق پنهنجي جسم جي جيو گھرڙن لاءِ زهر جو اثر رکي ٿو. انهيءَ حقيقت جي بنياد تي سوئر جي گوشت جي لڳاتار استعمال سان مختلف قسم جون الرجي پيدا ڪندڙ ۽ سوج جهڙيون بيماريون ٿي پون ٿيون. جيتوڻيڪ اهو قطعي طور ثابت نه ٿي سگھيو آهي، پر اها ڳالهه قياس جوڳي آهي ته اهي ئي جزا اسان جي نسن ۾ رطوبت پيدا ڪرڻ واري نظام جي عمل ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو سبب بڻجندا آهن.
جيئن ته سوئر هڪ اهڙو جانور آهي، جيڪو ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار رهندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ناممڪن آهي ته ان جي گوشت کائڻ ۽ هاضمي جي ذريعي نقصان ڏيندڙ اڇي چرٻي واري البومنز، جن کي اينٽي باڊي (Antibodies) به چوندا آهن، سي انسان جسم ۾ اندر داخل نه ٿي وڃن. حاصل مطلب ته سوئر جو گوشت هڪ اهڙي خوراڪ آهي جنهن کي واڌ ويجھه لاءِ نه پر پنهنجو پاڻ کي زهريلو مواد کارائڻ جي لاءِ ئي استعمال ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته اِن سلسلي ۾ هر قسم جون حقيقتون سامهون اچي چڪيون آهن. اهي ماڻهو جيڪي ان کي رڳو شوق ۽ ڏيکاءَ لاءِ ئي کائيندا آهن، تن جو مسئلو ته اڃا به وڌيڪ خراب آهي.
آخر ۾ آئون اهو سائنسي نقطه نظر پيش ڪندس، جنهن ۾ سوئر جي گوشت بابت هڪ ٻي اهم ڳالهه ڪئي ويندي آهي. ڪيترن ئي مسلمان دانشورن اها دعوى ڪئي آهي ته رڳو سوئر ئي هڪ اهڙو جانور آهي جنهن ۾ پنهنجي مادي جي سلسلي ۾ ڪنهن قسم جي غيرت جو جذبو نه هوندو آهي ۽ اهو انهيءَ ڪري جو هو پنهنجي ماديءَ جي لاءِ وڙهندو به نه آهي. انهيءَ نسبت سان سوئر جو گوشت کائڻ وارا ماڻهو به جنسياتي طور بي حس هوندا آهن. جيئن ته هن کان اڳ به مون بيان ڪيو آهي ته وٽامن اي جي سخت کوٽ، جيڪا سوئر جي چرٻيءَ جي ڪري پيدا ٿيندي آهي، پڻ هن نظرئي کي سگھارو ڪري ٿي.
هڪ ٻي اهم نشاني اها آهي ته اسان جو پاڪ ڪتاب يعني قرآن ڪريم لحم الخنزير کائڻ کان چئن جدا جدا آيتن ۾ روڪي ٿو. ان جي حرام هجڻ جو حڪم سورت البقره جي آيت نمبر 173، سورت المائده جي آيت نمبر 3، سورت الانعام جي آيت نمبر 145 ۽ سورت النحل جي آيت نمبر 115 ۾ چٽائيءَ سان ڏنو ويو آهي. انهيءَ حڪم کي چئن مختلف سورتن ۾ ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته انهيءَ حقيقت کي زور ڏئي ڪري ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته هر ماڻهو انهيءَ مسئلي تي مڪمل ڌيان ڏئي. ڇاڪاڻ ته سوئر جي گوشت جي مسئلي جي نشاندهي اسان جي پنهنجي زماني ۾ ئي ٿي وئي آهي ۽ سائنسدانن هن خطرناڪ خوراڪ تي تفصيلي کوجنائون ڪري ورتيون آهن.