موضوع نمبر 47 “ٿي پئو” واري حڪم جو راز
”هو جڏهن ڪنهن شيءِ (جي ٺاهڻ) جو ارادو ڪندو آهي ته ان جو ڪم رڳو اهو هوندو آهي ته هو ان کي حڪم ڏئي ته ’ٿي پئو‘ ۽ پوءِ اها ٿي پوندي آهي.“
جڏهن سائنسي علمن اڻويهين صديءَ ۾ اڃا ترقي نه ڪئي هئي ته اهو سمجھيو ويندو هو ته ڪائنات هڪ اهڙو نظام آهي، جيڪو ابديت کان آهستي آهستي ارتقا واري عمل ذريعي وجود ۾ آيو آهي. اسان جي دؤر ۾ به ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي اڃا به انهيءَ بي بنياد نظريي تي ويساهه رکن ٿا. اها هڪ اهڙي چريائپ آهي، جنهن کي ڪي نالي چڙهيا جديد ماڻهو ڇڏي نٿا سگھن. باقي انهن کي تخليق جي باري ۾ الله تعالىﷻ جي عظيم رمزن ۽ اسرارن تي ايمان آڻڻو پوندو، پوءِ ڀلي اهي ڪائنات جي ابتدا جي باري ۾ هجن يا کڻي ڪائنات جي مادي پاسن کان تحقيق بابت هجن.
بهرحال تخليق سان لاڳاپيل حقيقتن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽن اهم شين يعني مفاصلي، فضائي ويڪر، ۽ وقت جي باري ۾ نظرين ۽ تصورن جي مڪمل سمجھه حاصل ڪرڻ پهريون شرط آهي. اهڙي طرح آسماني طبعيات جو علم، جيڪو تخليق جو ارضياتي پروگرام پيش ڪري ٿو، پڻ تمام ئي ضروري آهي. ماضيءَ جي برخلاف، اڄوڪي سائنس اهي سڀئي حقيقتون ڳولي لڌيون آهن، جيڪي قرآني سائنس سان هڪجهڙائي رکن ٿيون. مان انهن کي هڪ جدا ڪتاب جي صورت ۾ سهيڙڻ جو ارادو رکان ٿو پر هن وقت مان الله تعالىﷻ جي تخليقن جي انهن سائنسي تشريحن کي مختصر طور بيان ڪندس جيڪي قرآن ڪريم ۾ ڏنل انهيءَ حڪم ’ٿي پئو‘ سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.
ڪنهن واقعي جي ابتدا ۽ انتها ٿيڻ جي وچ ۾ هڪجهڙائي هڪ تمام ڌيان طلب نڪتو آهي. انهيءَ واقعي جي وچ وارو اهو عرصو، هڪ معنى ۾ موجودات جو قسم به هوندو آهي ۽ ٻي معنى ۾ اهو زندگيءَ جو عرصو يا وقت به هوندو آهي. جديد طبعيات ۽ حياتيات اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته ڪابه شيءِ پنهنجي تخليق جي ابتدائي رياضياتي پروگرام کي بدلائڻ سان ئي پنهنجي ظاهر شڪل کي بدلائي نٿي سگھي. مثال طور طبعيات ۾ ڪنهن چرپر ڪندڙ شيءِ جي فطرت ئي اها آهي ته اها انهيءَ نتيجي سان هڪجهڙائي رکي، جيڪو ان جي تيزي (رفتار) يا فريڪوئنسي، لهر جي عمل (Lengh Wave) ۽ توانائي جي پاڻ ۾ عمل سان پيدا ٿيو هجي. ائين سج ۽ زمين جي وچ ۾ هزارين اثرن مان گذري، روشني جو هڪ ڦڪو ڪرڻو، بنا ڪنهن تبديليءَ جي اسان جي اکين تائين پهچي ٿو.
هاڻي اسان هن آيت سڳوريءَ جي تشريح ڏانهن اچون ٿا. هن آيت جو مفهوم ٻن لفظن تي آڌاريل آهي. انهن مان پهريون اهو آهي جيڪو تخليق يعني ڪائنات جي ابتدائي تخليق جي باري ۾ آهي. هن آيت ۾ ٿيل ارشاد موجب قادر مطلق اهو حڪم ڏنو ته ’ٿي پئو‘ ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سموري ڪائنات وجود ۾ اچي وئي.
ٻيو هن آيت جي معنى انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪري ٿي ته الله تعالىﷻ جي مرضي، ڪائنات جي عملن ۾ جڏهن به گھري دخل انداز ٿي سگھي ٿي. الله تعالىﷻ جڏهن به گھري، هو پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن ٻي شيءِ کي يڪدم وجود ۾ آڻي سگھي ٿو.
اهي ٻئي خاصيتون پنهنجي اندر عظيم سائنسي معنى رکن ٿيون، جن کي سمجھڻ جي لاءِ اڳواٽ ئي ڪجھه بنيادي مادي باريڪين جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. انهيءَ درجي کان اڳتي انسان جي لاءِ اهو ناممڪن آهي ته هو زمين تي پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ ٿيل تجربن جي آڌار تي، ڪائنات جي آخري سوڌي علم جي اونهائين تائين پهچي سگھي.
هن آيت جو اهم نڪتو اها حقيقت آهي ته اهو سمورو خدائي عمل هڪ پلڪ ۾ ئي ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڪري سڀ کان اڳ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته وقت جي پنهنجي نوعيت کي سمجھيو وڃي. اِن سلسلي ۾ ڪجھه تشريحون ته موضوع نمبر 19 ۾ به بيان ٿي چڪيون آهن. بهرحال هن وقت مان هن موضوع کي هڪ ٻئي نقطي نظر سان بيان ڪرڻ گھران ٿو.
ٻين موجود شين جي وچ ۾ وقت جي ڪهڙي حيثيت هوندي آهي؟ ڇا وقت هڪ سرگرميءَ جو نالو آهي يا اهو پنهنجو پاڻ به ڪا مخلوق آهي؟ پڪ سان هر مؤمن انسان اهو سمجھي ٿو ته هن ڪائنات جي اندر جيڪا به شيءِ موجود آهي، سا الله تعالىﷻ جي ئي پيدا ڪيل آهي. اچو ته هاڻي ڏسون ته سائنس انهيءَ موضوع بابت ڇا ٿي چوي.
عظيم ڌماڪو يا بگ بينگ نظريو، جنهن جي باري ۾ اسان هن کان اڳ به بحث ڪري چڪا آهيون، وقت جي سوال تي هڪ تمام خوبصورت ۽ دلچسپ نقطو پيش ڪري ٿو. اهو ياد رکڻ گھرجي ته انهيءَ نظريي هيٺ، ڪائنات جي پيدائش جو عمل هڪ ابتدائي عظيم ڌماڪي جي ذريعي، هڪ سيڪنڊ جي هزارين حصي جي اندر ئي مڪمل ٿي ويو هو. ڪهڪشائن جي ابتدائي جوڙَ پهرين ڇهن سيڪنڊن جي اندر ئي ٿي وئي هئي. پر انهيءَ جي برخلاف زمين جي گولي تي کنڊن جي ٺهڻ ۽ پنهنجي موجوده بيهڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪروڙين سالن جو عرصو لڳي ويو. انهيءَ علم جي روشنيءَ ۾، جيڪو طبعي نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو، سو اهو آهي ته وقت هڪ اهڙو ايڪو يا مقدار آهي، جيڪو ’عظيم ڌماڪي‘ سان گڏ ئي وجود ۾ اچي ويو هو. ڪيترائي طبعيات جا ماهر اهو مڃن ٿا ته ابتدائي عظيم ڌماڪي سان گڏ ئي وقت جو وهڪرو شروع ٿي ويو هو. انهيءَ واقعي کان اڳ وقت جي باري ۾ اڄ وانگر سوچڻ ئي هڪ بيڪار ڳالهه آهي.
مادي نقطي نظر کان وقت هڪ تخليق آهي ۽ هڪ پيدا ڪيل سرگرمي آهي. ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ اسلامي سوچ تحت ’وقت کان اڳ‘ جو بيان انهيءَ طبعي علم ۽ سمجھه سان پوريءَ طرح هڪجهڙائي رکي ٿو.
انهيءَ نظريي جي بنياد تي هاڻي اسان طبعيات جي اهم حقيقتن جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪريون ٿا. توهان کي ياد هوندو ته هن ڪتاب جي موضوع نمبر 4 ۾ اسان ڏٺو ته مشهور سائنسدان آئن اسٽائن مطابق وقت به هڪ خاص ماپو (Dimension) آهي ۽ هڪ برابري تمثيل (Coordinate) آهي. جڏهن ته مشهور روسي ماهر طبعيات نڪولائي ڪوزيريف مطابق وقت پاڻ به هڪ توانائيءَ جي شڪل آهي. ماهر طبعيات ڊيوڊ فنڪل سٽائن ته ’ڪرونونز‘ (Coronons) يا وقت جي ذرڙي جي وجود جو تصور ڏنو آهي. اهي سمورا طبعي نظريا صاف ظاهر ڪن ٿا ته وقت هڪ مخلوق آهي ۽ اهو ته اهو هڪ اهڙو ايڪو آهي جنهن کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي.
اسان انهيءَ باري ۾ ڪو به سبب نٿا سوچي سگھون ته الله ﷻ انهيءَ جي تخليق ڇو ضروري سمجھي. پوءِ به اسان کي ڪائنات جي ڪمن ۾ انهيءَ جي اثر ۽ عمل جو چڱيءَ طرح سان اندازو آهي. آسماني نظام ۾ وقت جو اهم استعمال مختصر طور هيٺين طريقي سان بيان ڪري سگھجي ٿو.
1. واقعن جي ترتيب: انهيءَ جو مثال ”اڳ ۽ پوءِ“ جو تصور آهي ۽ جنهن جو مثال رات ۽ ڏينهن جي اختلافن کي ظاهر ڪرڻ آهي.
2. جھجھائي واري دؤر ۾ واقعن جو مڪمل ٿي وڃڻ: واقعن جي شروعات ۽ پڄاڻي، جيئن زندگي ۽ موت يا ننڍ ۽ ٻيا فعل وغيره.
3. مختلف حالتن جي مادي ۽ توانائيءَ جي تخليق: اِن سلسلي ۾ وقت جيڪو ڪردار ادا ڪري ٿو، سو تمام اهم آهي. توانائيءَ جي مختلف سطحن تي ڪوانٽا جي ڏڪڻي ذريعي مادي ۽ توانائيءَ جي وچ ۾ سڃاڻ پيدا ٿيندي آهي. ايتري تائين جو وقت جي مخصوص ماپ جي اندر ئي برقي چقمقي شعاعن (Photons) جي لڏڻ واري عمل سان مختلف رنگ پيدا ٿيندا آهن. جيڪڏهن روشني جا شعاع جدا جدا قسم جون حرڪتون يا لهرون نه رکن ته سموري ڪائنات رڳو هڪ ئي رنگ جي روشني واري هجي ها.
4. پهريان کان مقرر ڪيل قسمت جو عمل ۾ اچڻ: اهو ايڪو رياضيءَ تي دارومدار رکي ٿو جنهن کي اسان ”وقت“ جو نالو ڏيون ٿا. مثال طور جيڪڏهن سموري زندگيءَ جو پروگرام پهريان کان حامله بيضي ۾ داخل ڪجي ٿو، ته انهيءَ داخل ڪيل پروگرام هيٺ عمل دوران ٿيندڙ منتقلي، وقت جي محور تي ئي مدار رکي ٿي. چاليهن هفتن جي اندر هڪ ٻچو ماءُ جي ڳڀيرڻ کان ٻاهر رهڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح زندگي جي پردي تي وقت هڪ پهريان کان مقرر ٿيل پروگرام کي ظاهر ڪري ٿو.
5. سڀ کان آخري پر تمام ئي اهم ڳالهه اها آهي ته وقت به ماپن يا طرفن واري نظام اندر تبديليءَ جو شڪار ٿي سگھي ٿو. عام طور ڄاتل سڃاتل ٽن پاسن يا طرفن (Dimensions) ۾ وقت جو عمل بلڪل چٽو نظر اچي ٿو پر اهو پنجين ۽ ڇهين طرف ۾ غير مادي ۽ لچڪدار هوندو آهي.
ڄاڻايل سڀني سائنسي حقيقتن کي سامهون رکندي هاڻي اسان ’ٿي پئو‘ واري حڪم جو مطالعو ڪنداسين. الله تعالىﷻ جو فرمان ته ”جڏهن اسان ان کي حڪم ڏيندا آهيون ته ’ٿي پئو‘ ته اهو ٿي پوندو آهي“ ائين ئي عظيم ڌماڪي واري وقت به ٿيو. ڇو ته وقت به ٻي هر شيءِ سان گڏوگڏ انهيءَ ئي خدائي حڪم ۽ مرضيءَ جي ذريعي پيدا ٿيو. خدائي مرضيءَ جي زمان ۽ مڪان کان مٿي قوت ۽ شدت جو عمل، جيئري ۽ مئل هر مخلوق تي انهيءَ ئي گھڙيءَ، سندن وجود جي پنهنجي پنهنجي مخصوص پروگرامن جي شڪل ۾ ٿيو. اهو واقعو وقت جي تسلسل ۾ پنهنجو وارو اچڻ تي وري انهيءَ ڳالهه تي مجبور هوندو آهي ته اهو ’ٿي پئو‘ واري حڪم جي خاصيتن هيٺ، پنهنجي ڏنل پروگرام تي عمل ڪري. مثال طور دنيا جو خاتمو ’ٿي پئو‘ جي حڪم مطابق پروگرام ڏنو ويو آهي. جڏهن ته وقت هڪ ڀلي خدمتگار وانگر انهيءَ پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ کان پوءِ، ان کي ختم ڪري ڇڏڻ تي مقرر آهي. اچو ته هاڻي انهن سمورن سوالن جا جواب ’ٿي پئو‘ واري حڪم جي تناظر ۾ ڏسون، جن کي اسان سموري زندگي سوچيندا رهندا آهيون.
ظالم پنهنجي ئي ظلم سان تباهه ٿيندو. اهو خدائي پروگرام جو اڻٽر ۽ اٽل قانون آهي. جهڙيءَ ريت اگھاڙي تار کي ڇهڻ سان ماڻهو موتمار بجليءَ جي جھٽڪي جو شڪار ٿي وڃي ٿو، ائين ئي ظالم ماڻهو به پنهنجي ئي انسانيت سوزي جي ذريعي تباهه ٿي ويندا. کين خاص وقت تائين ڏنل مهلت لازمي مقدر کان نٿي بچائي سگهي.
هاڻي ڏسو ته زميني گولي جي پوريءَ طرح ٺهڻ ۾ هڪ وڏو عرصو ’ٿي پئو‘ واري حڪم کي پورو ڪرڻ ۾ لڳو ته اهو هڪ غير متوقع سستي کي ظاهر نٿو ڪري، پر ان جي برعڪس زمين جي گولي جو ٿڌو ٿيڻ ۽ ان جي ڪيميائي ۽ ارضياتي ڍانچي جو ٺهڻ، ان جون هوائون ۽ ان جي فضا ’ٿي پئو‘ جي حڪم هيٺ پهرين ئي گھڙيءَ ۾ پروگرام ڏئي ڇڏيو ويو هو. ان جي اٽل تقدير کي ته وقت جي عمل هيٺ ائين ئي پورو ٿيڻو هو. اهي دنياوي وقفا، جيڪي اسان کي ايترو ڊگھا محسوس ٿين ٿا، سو انهيءَ جي ڪري جو اسان جون پنهنجون زندگيون ئي مختصر آهن ۽ انهيءَ لاءِ به جو اسان کي لوح محفوظ ۾ لکيل پروگرام جي ڄاڻ به نٿي ٿي سگھي.
’ٿي پئو‘ جي حڪم ۾ ٻئي شيون يعني اٽل ٿي وڃڻ ۽ رفتار يا شدت جو هئڻ ضروري آهن جيڪو فوري خدائي مرضيءَ جو انهيءَ پروگرام ۾ ظهور آهي. انهيءَ خاصيت جي شروعات هڪ چاٻيءَ تي هلندڙ گھڙيءَ وانگر يڪدم شروع ٿي ويندي آهي. جڏهن هڪ دفعو ڪنهن ٿيڻ واري شيءِ جي زندگيءَ جو پروگرام جڙي وڃي ٿو ته هڪ طرح سان اهو واقعو ٿي چڪو هوندو آهي. انهيءَ ڪري هيءَ آيت سڳوري ارشاد فرمائي ٿي ته ”جڏهن اسان چوندا آهيون ’ٿي پئو‘ ته اها شيءِ ٿي پوندي آهي.“
هاڻي ٻيهر انهن سمورين ڪهڪشائن، جيو گھرڙن، ايٽمن ڏانهن ڌيان ڪريو جن جي وجود سان ڪائنات ٺهي آهي. اهي سڀئي هڪ نه بدلجندڙ خاصيت وارا هوندا آهن ۽ اهو انهن شين جو ارضياتي پروگرام آهي، نه ڪو انهن جو مادي وجود. ٻه جيو گھرڙا ڪيميائي طور تي بلڪل هڪ جهڙا هوندا آهن پر اهو انهن جو جدا جدا پروگرام ئي هوندو آهي، جيڪو انهن کي مختلف خاصيتون عطا ڪندو آهي. سمورا ايٽم ۽ شعاع انهيءَ ئي اصول هيٺ ڪم ڪندا آهن. ايئن هر مخلوق جي لاءِ ان جي انفراديت ان جي رياضياتي پروگرام ۾ لڪيل آهي. جڏهن ته ’ٿي پئو‘ جي حڪم سان پيدا ٿيندڙ پروگرام ئي انهيءَ جو مقدر آهي. سائنس جي اها حقيقت صاف ظاهر ڪري ٿي ته ’ٿي پئو‘ جي حڪم جي ذريعي ئي هر شيءِ پيدا ٿيندي آهي ۽ پهريان کان ئي مقرر هوندي آهي. حقيقت ۾ آيت سڳوريءَ جي تشريح ئي مرڻ کان پوءِ موت ۾ ايمان نه رکڻ وارن جي لاءِ هڪ پڪو پختو ۽ سائنسي جواب آهي.
انهيءَ نقطي نظر کان هيءَ آيت سڳوري صاف ظاهر ڪري ٿي ته هن ارضي دنيا جي خاتمي ۽ موت کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ ’ٿي پئو‘ واري حڪم جي سري هيٺ اچي ٿو. يعني انسانن جي مرڻ کان پوءِ واري زندگي جو پروگرام انهيءَ مٽيءَ ۾ اهڙي طرح قائم ڪيو ويو آهي، جهڙو هن دنياوي حياتيءَ جو پروگرام منيءَ جي قطري ۾ پهريان کان مقرر ڪيو ويو آهي. قيامت جو ڏينهن به انهيءَ ’ٿي پئو‘ جي حڪم موجب آهي جنهن جي ذريعي هيءَ ڪائنات وجود ۾ آئي.
وڌيڪ اهو ته پيدائش، تقدير جو جيئن لکيل آهي تيئن ٿيڻ، موت ۽ انسان جو قيامت جي ڏينهن ٻيهر جيئرو ٿيڻ به انهيءَ خدائي حڪم موجب پروگرام ترتيب ڏنل آهي. ائين، انهيءَ ڳالهه جو نه ٿيڻ ناممڪن آهي. اها انساني تقدير ئي آهي جو هو زمين مان ٻيهر پيدا ٿي پوي ۽ اهو ائين ئي آهي جيئن الله تعالىﷻ جي حڪم ’ٿي پئو‘ جي پهريان کان ئي لکيل ثبوت جي طور تي ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ پوندڙ مني، ٻار جي پيدائش کي لازمي بڻائي ڇڏي ٿي. آيت نمبر 83 جو اهو فرمان ته ”پاڪ آهي اها ذات جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪمراني آهي ۽ انهيءَ ڏانهن ئي توهان موٽايا ويندؤ“ ’ٿي پئو‘ واري حڪم جي تشريح ڪري ٿو ۽ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته جهانن جي پالڻهار ڏانهن اسان جو موٽي وڃڻ هڪ اڻٽر ۽ اٽل خاتمو آهي.
سورت يٰس جي آخري صفحي تي آسانيءَ سان نظر اچي وڃي ٿو ته ڪهڙي طرح قرآني آيتن جي تشريح ان جي ٻين آيتن جي مدد سان ڪري سگھجي ٿي، جتي هر هڪ آيت ٻي آيت جي شارح آهي. هن آيت کان اڳ، جيڪا ’ٿي پئو‘ جي حڪم کي مستحڪم ڪري ٿي. انهيءَ ۾ انسان جي منيءَ جي هڪ قطري جي مدد سان تخليق ٿيڻ واري پروگرام جو ذڪر آهي. پوءِ آيت نمبر 82 جي قرآني تشريح سموري مخلوق جي رياضياتي پروگرام جي سلسلي ۾ آيت نمبر 71 کان 81 ۾ ئي ملي ٿي.
آخر ۾ انهيءَ فرمان ته ”انهيءَ ڏانهن ئي توهان موٽايا ويندؤ“ جي باري ۾ ڪجھه چوڻ گھرندس. الله تعالىﷻ ڏانهن موٽ جو ڪهڙو مطلب ٿي سگھي ٿو؟
هن آيت جي ظاهر معنى ته انسان جو قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب جو ٿيڻ آهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي ڪيترائي مفسر متفق به آهن. پر هيءَ آيت بلڪل صاف طرح سان سائنسي معنائون رکي ٿي. جيئن مون مٿي بيان ڪيو آهي ته هر تخليق پنهنجو پاڻ ئي ’ٿي پئو‘ جي حڪم جو هڪ کليل ثبوت آهي، تنهن ڪري هر واقعي کي انهيءَ حڪم جي ذريعي ترتيب ڏنو ويو آهي. ائين انهيءَ جو هڪ خاتمي تي پهچڻ انهيءَ جي قسمت آهي. انسان جو دنياوي وجود به انهيءَ ئي حڪم جو هڪ حصو آهي. يعني انهيءَ جو وجود هن دنيا کان اڳ به ۽ پوءِ به. ان جي ڪري دنياوي زندگيءَ جو نتيجو روح ڏانهن مڙڻ تي ظاهر ٿئي ٿو. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته انسان جو روح دنيا جي امتحانن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ کان پوءِ الله تعالىﷻ کي وڌيڪ ويجھو ٿي وڃي ٿو. الله تعالىﷻ جو اصل تصور، هڪ طرح ان ڏانهن موٽي وڃڻ جي تصور کي پيدا ڪري ٿو. طبعيات ۾ اهڙي قسم جو نظريو ملي ٿو. هڪ ايٽم ۾ قيد ٿيل مادو توانائيءَ جي شڪل ۾ جڏهن آزاد ٿيندو آهي ته اهو هڪ اڻ کٽ ويڪر ۽ ڪائنات جي ويجھي لاڳاپي مان مزو ماڻيندو آهي. اهڙي طرح انسان جي مرڻ کان پوءِ واري زندگي به الله تعالىﷻ جي ويجھڙائپ حاصل ڪندي، جنهن جو وسيلو پڪو پختو ايمان ۽ عقيدو آهي.