مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 13 پاڻي ۽ زندگيءَ جي سگھه

اَوَ لَمۡ یَرَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ کَانَتَا رَتۡقًا فَفَتَقۡنٰہُمَا ؕ وَ جَعَلۡنَا مِنَ الۡمَآءِ کُلَّ شَیۡءٍ حَیٍّ ؕ اَفَلَا یُؤۡمِنُوۡنَ ﴿۳۰﴾(الانبياءَ: ٣٠)
”ڇا اهي ماڻهو جن (نبيءَ جي ڳالهه مڃڻ کان) انڪار ڪري ڇڏيو آهي، غور نٿا ڪن ته اهي سڀئي آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا. پوءِ اسان انهن کي جدا ڪيو ۽ پاڻي جي ذريعي هر جيئري شيءِ کي پيدا ڪيو. ڇا اهي (اسان جي انهيءَ پيدائش کي) نٿا مڃن؟“

”(ڇا اهي غور نٿا ڪن ته) اسان پاڻي مان هر جيئري شيءِ کي پيدا ڪيو؟ ڇا اهي نٿا مڃن؟“ هن حصي ۾ اسان آيت جي آخري حصي جي تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. آيت جي پهرين حصي جي باري ۾، جيڪو فضا بابت آهي، موضوع نمبر 10 ۾ بيان ٿي چڪو آهي.
جيئن ته ظاهر آهي ته هن آيت کي سمجھڻ جي لاءِ پهريان اسان کي زندگيءَ جي عجوبي جي ڄاڻ هئڻ گھرجي.
هڪ جسميه (Organisms) جي سڃاڻ ۽ تشريح ويهين صديءَ جي ٻئي اڌ حصي تائين تمام گھڻن مختلف طريقن سان ڪئي پئي وئي آهي. جيمس ڊي واسٽن جي 1950ع ۾ ڊي. اين. اي (DNA) کي ڳولي لهڻ کان پوءِ، جسميه جي صحيح سڃاڻ ۽ وڌيڪ چٽي تشريح ممڪن ٿي سگھي. چئي سگهجي ٿو ته زندگي انهيءَ ڊي اين اي تي دارومدار رکي ٿي جيڪو ڪنهن جسميه ۾ پهريان کان موجود هجي.
زندگي ۽ سگھه ۾ هڪڙو تمام ننڍڙو فرق آهي. زندگي هڪ طرح سان خاصيتن وارو ڍانچو هوندو آهي، جڏهن ته زندگيءَ جي سگھه کي انهيءَ ڍانچي جو مقرر ڪيل ڪم ڪرڻو هوندو آهي. اهو نظريو جيڪو ڪنهن حد تائين ڏکيائيءَ سان سمجھه ۾ ايندو آهي، هڪ مثال وسيلي آسانيءَ سان سمجهائي سگھجي ٿو.
زمين ۾ ڪجھه وائرس ۽ ڪجھه بيڪٽيريا پنهنجي اوسي پاسي جي حالتن جي ڪري پنهنجو ڪم ڪار ظاهر نه ڪري سگھندا آهن. يعني نه اهي چرپر ڪري سگھندا آهن ۽ نه ئي وڌيڪ تخليق ڪري سگھندا آهن. ڄڻ ڪا ڄميل زندگي هوندا آهن. ڪن خاص حالتن ۾ اهي پنهنجي چرپر واري صلاحيت حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ تخليقي عمل به شروع ڪري ڏيندا آهن. هتي اهو سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته زندگي وائرس ۽ بيڪٽيريا جي بيٺل ۽ چرپر ڪندڙ حالت تي دارومدار رکي ٿي، جڏهن ته زندگيءَ جي سگھه (Vitality) جو مطلب رڳو ان جي چرپر واري حالت ئي آهي.
آيت ڪريمه ۾ جيڪو لفظ استعمال ٿيو آهي، اهو زنده هجڻ آهي، جيڪو زندگيءَ جي سگھه (Vitality) واري معنى رکندڙ آهي.
اچو ته هاڻي ٻيهر آيت ڪريمه ڏانهن موٽون. انهيءَ جي اصل معنى هن طرح آهي: ”اسان سڀني زنده شين کي پاڻي مان پيدا ڪيو آهي.“ اچو ته هاڻي هن آيت جي اهم نڪتن جي نشاندهي ڪريون.
الف – پندرهن صديون اڳ زندگيءَ جو تصور جانورن تائين محدود هو. ڪجھه علائقن ۾ ٻوٽن کي به انهيءَ ٽولي ۾ شامل سمجھيو ويندو هو. ٻئي پاسي هيءَ آيت بلڪل چٽائيءَ سان جانورن ۽ ٻوٽن کان مٿاهون نظريو پيش ڪري ٿي؛ ”سڀني زنده شين“ جي عنوان هيٺ ”شيءِ“ جي نظريي سان زندگيءَ جي سگھه ڪيترن ئي قسم جي شين کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ٿي. قرآن جي انهيءَ هڪڙي بيان سان زندگيءَ جي سگھه واري نظريي کي ايتري ته وسعت ملي وڃي ٿي جو اهو وائرس ۽ (DNA) ماليڪيول وغيره کي به پنهنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏي ٿو. اهڙي طرح هڪ سائنسي حقيقت چوڏهن صديون اڳ ئي انسانيت کي ٻڌائي وئي هئي.
ب – زندگيءَ جي سگھه پاڻي مان ئي نڪري ٿي ۽ پاڻي مان ئي توانائي حاصل ڪري ٿي. آيت مبارڪه تخليق جي سلسلي ۾ ”خلقنا“ نٿي چوي پر ”وجعلنا“ يعني ”سگھه ڏني“ چوي ٿي.
ٻ – انهيءَ کان پوءِ اها آيت هِن اعلان تي ختم ٿئي ٿي ته ”پوءِ اهي ڇو نٿا مڃين؟“ اهو اشارو ڪافرن ڏانهن آهي. هيءَ آيت خاص ڪري اسان جي موجوده دؤر جي ڪافرن جي لاءِ آهي. ڇو ته رڳو ويهه سال اڳ ئي ته زندگيءَ جي سگھه جي لاءِ پاڻي جي لازم هئڻ واري حقيقت کي مڃيو ويو آهي.
اچو ته هاڻي غور ڪريون ته ويجھڙائيءَ ۾ ئي علم حياتيات جي قانونن جي کوجنائن مطابق زندگيءَ جي سگھه جي لاءِ، پاڻيءَ کي ئي ڇاجي ڪري اڻٽر سمجھيو ويو آهي؟
اسان پهريان ئي ڏسي چڪا آهيون ته زندگيءَ جو بنيادي ايڪو يعني انهيءَ جو نمائندو هڪ سالمو آهي، جنهن کي (DNA) چون ٿا. زندگيءَ جي سگھه رڳو انهيءَ سالمي ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن اهو سالمو رڳو پاڻي جي سالمي ئي مان پيدا ٿئي ها ته پوءِ اها آيت هن طرح هجي ها ”اسان سڀني زنده شين کي پاڻي مان پيدا ڪيو“ جڏهن ته زندگيءَ جي سگھه هڪ نئين ۽ هڪ جهڙن ئي سالمن جي بناوت آهي، جنهن نامياتي ڪيميا اصلي يا شروعاتي سالمي مان حاصل ڪئي هوندي آهي.
جديد علم حياتيات اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻي جا سالما H+ ۽ OH- اڻن (هلندڙ بجلي چارج جي جوهر يا جوهرن) جي ذريعي پيدا ٿي سگھن ٿا. خاص طور تي (ATP)، جيڪو فارسفورس، امينو ايسڊ ۽ کنڊ جو مرڪب هوندو آهي، جي ڳار جي عمل ۾ پاڻي H+ آئن ئي استعمال ٿيندو آهي. تابڪار هائيڊروجن (Tritium) سان تجربن اها ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي آهي ته ڊي اين اي جا سالما هائيڊروجن آئن رڳو پاڻيءَ مان ئي حاصل ٿيندا آهن. انهيءَ تجربي اهو به ظاهر ڪري ڇڏيو ته هائيڊروجن آئن، جنهن کي ”حرڪت ڪندڙ هائيڊروجن“ چوندا آهن، رائبوز، کنڊ ۽ امينو ايسڊن ڪلائيڊ جي وچ ۾ هڪ لڳاتار بجلي ميدان پيدا ڪندو آهي. اهڙي طرح اهو بنياد تيار ٿيندو آهي جنهن تي زندگيءَ جي سگھه برقرار رهندي آهي. جيئن ته آءٌ مينهن واري موضوع تي پهريان به بيان ڪري چڪو آهيان ته زندگيءَ جي سگھه ان وقت چرپر ۾ اچي ويندي آهي جڏهن اهو بجلي جو ميدان بيڪٽيريا هڪ جيئرو پر ننڍ جي حالت ۾ هوندو آهي. يعني بيڪٽيريا چرپر ڪندي وڌيڪ پيدائش جي عمل ۾ لڳي ويندو آهي.
اهو اصول هر قسم جي ننڍڙن جسمن (Organisms) جي باري ۾ به ائين ئي آهي. يعني جيو گھرڙا (Cells) رڳو هائيڊروجن جي مدد سان ئي پنهنجون مصروفيتون يا چرپر جاري رکي سگھن ٿا. جيوگھرڙن جي بناوت تي تحقيق اهو ظاهر ڪيو آهي ته سڀئي بجلي سلسلا جيو گھرڙي ۾ لائسوسوم (Lysosome) ۽ پاڻي جي بجلي چارج (Ions) جي مدد سان قائم رهندا آهن. وڌيڪ اهو ته سڀئي ڪيميائي سلسلا، جيو گھرڙن جي ليبارٽري، جنهن کي اسان مائٽو ڪونڊريا (Mitochondria) چئون ٿا، پاڻي جي آئن جي وسيلي ئي ڪم ڪار جي لائق هوندا آهن.
”ڳري پاڻي“ سان تجربن ۾ جتي هائيڊروجن کي آئسوٽوپس ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، اتي اهو ثابت ٿيو آهي ته پاڻيءَ جو سالمو جسم ۾ ستن کان چوڏهن ڏينهن تائين رهندو آهي، ان کان پوءِ نڪري ويندو آهي ۽ پاڻيءَ جا نوان آئن انهن جي جاءِ والاريندا آهن. اهڙي طرح پاڻي نئين ۽ تازي زندگيءَ جي سگھه مهيا ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جسميا پاڻي جي ختم ٿي وڃڻ (سخت اڃ) کي برداشت نه ڪري سگھندا آهن.
پاڻي ۽ زندگيءَ جي سگھه جو پاڻ ۾ لاڳاپو اتي ئي ختم نٿو ٿئي. عام معنى ۾ زندگيءَ جي قوت لاءِ توانائيءَ جي لڳاتار ضرورت رهندي آهي. اها توانائي آئن جي مٽاسٽا سان حاصل ٿيندي آهي. کاڌي کائڻ جو عمل ڪيميائي ڳانڍاپي ۽ ڪن سالمن جي ڳرڻ سان پيدا ٿيڻ واري بجلي سان هڪجهڙائي رکندڙ عمل پيدا ڪندو آهي. انهن سڀني چست عملن ۾ H+ ۽ OH- آئن مٽاسٽا جو بنياد مهيا ڪندا آهن، بلڪل ائين جيئن ڪنهن بين الاقوامي واپار ۾ ناڻي جي مٽاسٽا ٿيندي آهي. هڪ جيو گھرڙو ان وقت صحتمند هوندو آهي جڏهن پاڻي جا اهي آئن، جيڪي ان کي گھيري ۾ آڻي رکندا آهن، پاڻ توازن ۾ هجن؛ ٻي صورت ۾ يا ڪا بيماري لڳي پوندي يا وري جاندار مري ويندو آهي.
اهڙي طرح پاڻي، زندگيءَ جي جين (Genesis) ۽ زندگيءَ جي سگھه جو بنياد آهي ۽ هيءَ آيت ڪريمه انهيءَ چٽي حقيقت کي اهڙي ته خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿي جو انهيءَ سلسلي ۾ قرآني معجزي کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. اها انهيءَ حقيقت کي ٻيهر انتهائي زوردار طريقي سان بيان ڪري ٿي ته ”ڪهڙي طرح اهي ايمان نٿا آڻين.“
جيو گھرڙي جو ساهه کڻڻ يعني سگھه ڏيندڙ شين جو خرچ، آئن جي مٽاسٽا جو هڪ خاص عجوبو آهي جيڪو پاڻي جي آئن سان لاڳاپو رکي ٿو. پاڻي ۽ زندگيءَ جي سگھه جي وچ ۾ عظيم تعلق کي اڃا تائين تسلي واري طريقي سان ظاهر نٿو ڪري سگھجي. مثال طور اليڪٽرو ڪيميسٽري (Electrochemistry) ۽ بائيو ڪيميسٽري (Biochemistry)، اهي ٻئي پوريءَ طرح سان نٿيون ٻڌائي سگھن ته هڪ خاص وقت کان پوءِ پاڻي جا سالما ڇاجي ڪري زيان ٿي ويندا آهن. وڌيڪ اها ڳالهه ته هڪ جيو گھرڙو ڪهڙي طرح پاڻيءَ جو ذخيرو ڪندو آهي؟ انهيءَ باري ۾ اڃا تائين صحيح طرح کوجنا نه ٿي سگھي آهي. اسان رڳو اهو ڄاڻون ٿا ته جيو گھرڙي ۾ کائڻ واري لوڻ يا سوڊيم ڪلورائيڊ جي استعمال جو مقصد سالمن ۾ پاڻي جي خرچ ۽ انهن جي گڏ ٿيڻ جي باري ۾ آهي.
حقيقت ۾ هر ننڍڙو جسم پنهنجي ننڍڙي ليبارٽريءَ ۾ پاڻي کي هٿو هٿ خرچ ڪندو آهي جنهن ڪري اسان جي جسم جي غدودن ۾ خاص قسم جا هارمون پيدا ٿيندا رهندا آهن جيڪي جيو گھرڙن جي پنهنجي اندر ۽ هڪٻئي جي وچ ۾ پاڻيءَ جي مٽاسٽا ڪندا رهندا آهن. جسم ۾ موجود ڪيترائي مرڪز، بدن جي رطوبت کي جدا ڪرڻ وارن غدودن سان هڪڙي ڪمپيوٽر جهڙي نظام سان ڳنڍيل آهن. مثال طور بخار کان پهريان فالتو پاڻي نڪري ويندو آهي جيڪو اهو ظاهر ڪندو آهي ته جسم انهيءَ قسم جي مدافعتي جنگ ۾ مصروف آهي جنهن ۾ بيڪٽيريا جي موجودگي يا حملو ڏکيو ٿي وڃي. اسان جو جسم هاڃيڪار جراثيمن کي جيئرو رهڻ جي مهلت نه ڏيندو آهي. ائين پيو محسوس ٿيندو آهي ته اهو عمل هن آيت ڪريمه جي راز جي احساس هيٺ ئي ڪم ڪري رهيو آهي.
اهڙي طرح اها عظيم معنى الله تعالى جي هن ڪلام ۾ لڪيل آهي ته ”اسان سڀني جيئرن شين کي پاڻي جي ذريعي پيدا ڪيو.“