مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 3 قرآن ۾ نوبل انعام ماڻيندڙ نظريي جو مرتبو

سُبۡحٰنَ الَّذِیۡ خَلَقَ الۡاَزۡوَاجَ کُلَّہَا مِمَّا تُنۡۢبِتُ الۡاَرۡضُ وَ مِنۡ اَنۡفُسِہِمۡ وَ مِمَّا لَا یَعۡلَمُوۡنَ ﴿۳۶﴾ (يٰس: ٣٦)
”پاڪ (عظيم) آهي اها ذات جنهن سڀني قسمن جا جوڙا پيدا ڪيا، پوءِ ڀلي اهي زمين جي ٻوٽن مان هجن يا انهن جي پنهنجي جنس مان يا انهن شين مان جن کي اهي اڃا ڄاڻن به ڪونه ٿا.“

هن آيت ڪريمه ۾ لڪيل پيغام کي سمجھڻ جي لاءِ اسان کي انهيءَ جي متن کي وري وري پڙهڻ گھرجي.
الف – الله تعالى پنهنجي عظمت جا راز بيان ڪرڻ کان پوءِ اعلان ڪيو ته مخلوق جوڙن ۾ موجود آهي. الله تعالى پاڻ ڪنهن به جوڙي يا برابري کان مٿاهون آهي. هيءَ پاڪ آيت، جيڪا اهڙي طرح شروع ڪئي وئي آهي، انهيءَ جو مقصد اهو آهي ته مخلوق جي جوڙن ۾ موجودگي جي اندروني معنى ظاهر ڪئي وڃي.
جوڙن ۾ موجودگي هڪ ئي وقت مخالف ۽ گڏوگڏ مشابهت کي ظاهر ڪري ٿي. انهيءَ جو سڀ کان ظاهر ظهور مثال نر ۽ ماديءَ جي موجودگي آهي. سائنسي نقطي نظر کان جوڙن جي خلقت مشابهاتي مخالف (Similar Opposites) جي معنى رکي ٿي. گرمي ۽ سردي به هڪ جوڙو آهي. ٻه شيون هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ هجڻ جي باوجود به پنهنجي خاصيت ۽ اثر جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان مخالف ٿي سگھن ٿيون.
ب – هن آيت ڪريمه جو سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رخ اهو آهي، جتي اها جوڙن جو مثال اهو ڄاڻائيندي پيش ڪري ٿي ته ”اسان مخلوق کي جوڙن ۾ پيدا ڪيو.“ هتي الله تعالى ٽي مثال ڏنا آهن:
1. جوڙا – اهي جوڙا جن کي زمين اپائي ٿي.
2. مخلوق جا پاڻ ۾ جوڙا
3. ڪيترائي ٻيا خلقيل جوڙا جن جي اسان کي ڄاڻ ئي ڪانهي.
اچو ته هاڻي هن آيت جي رازن کي ڄاڻڻ جي لاءِ ڏسون ته سائنس انهيءَ سلسلي ۾ ڪهڙيون نيون کوجنائون ڪيون آهن.
ماهر طبعيات اينڊرسن (Anderson) جي مثبته يا مثبت اليڪٽرون (Positron) جي کوجنا انهيءَ سلسلي ۾ هڪ منزل جو ڏس ڏيندڙ ۽ اهم موڙ آهي. ان سان گڏوگڏ موريس ڊيراڪ (Maurice Dirac) به اهو سائنسدان هو جنهن مخلوق ۾ جوڙن جي هئڻ جو سڀ کان پهريان تصور ٻڌايو هو. اهو تصور طبعيات ۾ بنيادي اصول آهي. ڪائنات جي هر ذري جو هڪ بجلي بار (Charge) ۽ چڪر (Spin) هوندو آهي. جڏهن هڪ جوهر بڻجندو آهي ته ان جو مخالف جاڙو (Opposite Twin) به بڻجي ويندو آهي. جيڪي شيون جوڙن ۾ جڙنديون آهن انهن ۾ وڌيڪ مشهور هي آهن:
The Positron antiparticle of electron.
The Antiproton, antiparticle of proton.
The Antineutron, antiparticle of neutron.
The Antineutrino, antiparticle of neutrino.
نيوڪليائي طبعيات جي بنيادي اصولن مان اهو به هڪ اصول آهي ته هر جوهر يا ذري جو هڪ مخالف جاڙو به موجود هوندو آهي. انهيءَ موضوع تي اڳتي هلي ڪجھه تفصيلي گفتگو ٿيندي.
اهڙي طرح آيت نمبر 36 جي ذريعي چوڏهن صديون اڳ، تخليق جي بنيادي قانون جي تعليم ڏني وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته ”اسان ڪيترائي اڻڄاتل جوڙا پيدا ڪيا آهن.“
هاڻي آيت ڪريمه جي مجموعي تشريح ڪريون ٿا: آيت جي شروعات ۾ اهو چوڻ ته ”پاڪ (عظيم) آهي الله تعالى جي ذات“، انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته رڳو الله تعالى ئي بنا ڪنهن جوڙ يا مثال جو آهي. اسان کي ان وقت ڏکيائي پيدا ٿئي ٿي جڏهن اسان الله کانسواءِ ڪنهن مثال جي تصور ڪندا آهيون. اسان جي هر شيءِ کي ان جي مشابهت يا مثال سان يا ان جي مخالف جي حوالي سان ڄاڻڻ جي عادت پختي ٿي وئي آهي. پر هر شيءِ جنهن جو ڪو مخالف يا مثل آهي، انهيءَ جي هڪ حد آهي ۽ اهو فنا ٿيندڙ آهي. هُن الله تعالى انهيءَ کان پاڪ (عظيم) آهي. هو بنا ڪنهن مثال جي آهي. جڏهن ته انهيءَ ئي سڀني شين کي جوڙن جي شڪل ۾ پيدا ڪيو آهي.

[b]1. اهي جوڙا جيڪي زمين پيدا ڪري ٿي
[/b]ڪجھه عالمن آيت جي انهيءَ حصي کي رڳو ٻوٽن جي سلسلي ۾ ئي سمجھيو آهي، پر اِن لاءِ اها تشريح ناڪافي آهي. ڇو ته الله تعالى جيڪڏهن گھري ها ته اهو نه چوي ها ته ”سڀئي شيون جيڪي زمين پيدا ڪري ٿي“ پر رڳو ٻوٽن جو ئي ذڪر ڪري ها. اهڙي طرح هيءَ آيت ٻين شين سان گڏوگڏ ٻوٽن جي جوڙن جي موجودگيءَ ڏانهن به اشارو ڪري ٿي. اڃا به آيت جو پهريون حصو ان جي ٽئين حصي جي وضاحت به ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو انهيءَ فقري جي تشريح ته ”اسان ٻيا به ڪيترائي جوڙا پيدا ڪيا جن جي توهان کي ڄاڻ نه آهي،“ اهڙي طرح ڪري ته اهو رڳو بجلي يا زميني چقمقيت جي باري ۾ ته هو غلطي تي هوندو، ڇو ته انهيءَ جو جوڙو زمين پيدا ڪيو آهي. زمين جي پيدا ڪيل جوڙا هيٺ ڏئي سگھجن ٿا.
الف – هڪجهڙا (Similar) جوڙا، جيڪي پنهنجي مادي ۽ ڪيميائي خاصيتن ۾ مختلف هوندا آهن، مثال طور ڌاتو ۽ غير ڌاتو.
ب – حياتياتي (Biologically) طور تي مخالف جوڙا، مثال طور ٻوٽن ۽ جانورن جون نر ۽ ماديون.
ج – مادي طور تي مخالف جوڙا، مثال طور واڌو ۽ ڪاٽو بجلي سگھن يا جوهرن جو گروهه (Ions) ۽ ان طرح جي برقي چارج جو الٽو هجڻ (Polarity) وغيره.
د – زمين ۾ زندگيءَ جي تاڃي پيٽي تي اثرانداز ٿيڻ وارو تجزيو (Analysis) ۽ عنصرن جو گڏ ٿيڻ (Synthesis)، جيئن ٻوٽن ۾ جراثيمن (Bacteria) جي مدد سان روح ڦوڪڻ، جيڪو نائٽروجن کي به ٺاهي ٿو. جراثيمن جي اها خاصيت جنهن سان نامياتي (Organic) شين کي ٽوڙڻو ۽ تباهه ڪرڻو آهي جنهن سان سڙڻ ۽ بيڪار ٿي وڃڻ جو عمل پيدا ٿيندو آهي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا مثال، جهڙوڪه چقمقي مخالف جوڙا يا چقمقي قطب يعني اتر ۽ ڏکڻ قطب وغيره.

[b]2. پنهنجا ئي جوڙا (Pairs of Theirselves)
[/b]”اسان انهن جا پنهنجا جوڙا پيدا ڪيا“ يعني مخالف جاڙا جوڙا.
آيت جي هن حصي جون مختلف معنائون ڪڍي سگھجن ٿيون. جهڙوڪه:
الف – مرد ۽ عورت جا مخالف جوڙا
ب – امدادي شخصي خاصيتون، مثال طور ظالم۽ همدرد، دلير ۽ ڊڄڻو، سخي ۽ ڪنجوس وغيره.
ج – خاصيتون جي مشابهت ته رکن ٿيون، پر مخالف اخلاقي فيصلي (Value Judgement) واريون هونديون آهن، جهڙوڪه وحشي پڻو ۽ بهادري، منافقت ۽ لحاظ، حلم يا نرمي ۽ سادگي وغيره. انهن مان ڪجھه لفظن جو ترجمو ۽ تشريح تمام ڏکي آهي. ڪنهن حد تائين مناسب معنى ڪڍي سگھجي ٿي.

[b]3. اهي جوڙا جن کي اسان نٿا ڄاڻون
[/b]هڪجهڙائيءَ وارو قانون Law of Parity مادي ۽ توانائي جي نظرين جو احاطو ڪري ٿو. اهو هن طرح جو قدر(Quanta) ۽ اهو نظام جيڪو انهيءَ مان جڙي ٿو، پنهنجو پاڻ کي مخالف جوڙن ۾ ظاهر ڪن ٿا. ڪوانٽم نظريي موجب توانائي واضح ايڪن ۾ هوندي آهي جيڪا پورن عددن ۾ ٿي سگھي ٿي.
الف – توانائي جي خارج ۽ ڳرڻ يا جذب ٿيڻ جي عمل کي طبعيات جي علم ۽ ڪائناتي طبعيات جديد دؤر ۾ مڃي ورتو آهي. پوءِ به اسان کي انهيءَ عمل جي رازن کي اڃا به وڌيڪ سمجھڻ جي ضرورت آهي. باقي هاڻي اسان انهن ڪارن غارن کي ڄاڻڻ لڳا آهيون جتان توانائي خرچ ٿي فنا ٿي ويندي آهي ۽ تارن جي انهن جهرمٽن کي به سمجھڻ شروع ڪيو ويو آهي جيڪي نه مڃڻ جي حد تائين توانائيءَ کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪن ٿا. اهي علائقا به اهڙا آهن جيڪي پاڻ جاڙن جي شڪل ۾ آهن، پر هڪ ٻئي جي سلسلي ۾ پوريءَ طرح مخالف اثراندازي جون خاصيتون رکن ٿا.
ب – ڇڪ ۽ ڌڪار واريون قوتون. خاص طور تي ڪشش ثقل جون قوتون، مرڪز گريز قوتن جي ڪري متوازن ٿي وينديون آهن. جيڪڏهن انهن ٻنهي قوتن ۾ اها مخالفت موجود نه هجي ها ته پوءِ يا ته سڀئي ستارا پنهنجن پنهنجن سِجن ۾ ڪري پون ها يا وري ٻاهرين علائقي ۾ گم ٿي وڃن ها.
ڪائنات ۾ ڪشش ثقل ۽ گردشي چرپر هڪ نه وسهڻ جوڳو توازن قائم ڪري ڇڏيو آهي. اهو عجوبو اڃا به حيرت ۾ وجھي ڇڏي ٿو جڏهن اسان ان کي پنهنجي زمين ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ ڏسون ٿا. زمين سان گڏ شمسي نظام بنائڻ کان سواءِ اسان جا گرهه به هن قسم جو گردشي توازن پنهنجي پنهنجي سيٽلائيٽ سان قائم رکن ٿا. اهي ننڍڙا ننڍڙا نظام سج جي چوڌاري چڪر جو هڪ ٻيو نظام جوڙين ٿا. اهڙي طرح نَوَ (9) سيٽلائيٽ يا گرهه ۽ وري انهن جا ڪيترائي گرهه سج جي چوڌاري مختلف مدارن ۾ گردش ڪن ٿا. اهڙي طرح اهي ڪائناتي جسم سج ۾ ڪري فنا ٿي وڃڻ کان بچي وڃن ٿا. ٻئي پاسي سج انهن جسمن کي انهن جي مدارن ۾ توازن ڏئي ٿو ته جيئن اهي فضائي ويڪر (Space) ۾ گم نه ٿي وڃن. ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿئي پر هڪ وڌيڪ گردشي نظام به آهي جنهن ۾ ستارن جي کير ڌارا (Milky Way Galaxy)، جنهن ۾ اسان جي زمين به شامل آهي، اسان جي سج سميت هڪ ٻئي مدار ۾ گردش ڪري رهي آهي. هر گردش جو سفر پنجويهن ڪروڙ سالن ۾ پورو ٿيندو آهي.
اهڙي طرح اسان قرآني معجزن جي رازن جوڙن جا اهڙا مثال ڪڍي ڏنا آهن جن کي ڪالهه تائين سان نه ڄاڻيندا هئاسين.
اسان جون کيرڌارائون پاڻ به وڌيڪ کير ڌارائن جي مرڪز جي چوگرد هڪ عظيم سفر تي روان دوان آهن. اهڙي طرح اسان جي زمين به ڇڪڻ ۽ ڌڪار وارين جاڙين قوتن جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ چئن مختلف مدارن تي گهمندي، چئن مختلف سفرن تي روان دوان آهي جنهن جو ڳاڻيٽو اربين سالن تي ٻڌل آهي.