مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 28 جبلن جا راز

وَ اَلۡقٰی فِی الۡاَرۡضِ رَوَاسِیَ اَنۡ تَمِیۡدَ بِکُمۡ وَ اَنۡہٰرًا وَّ سُبُلًا لَّعَلَّکُمۡ تَہۡتَدُوۡنَ ﴿ۙ۱۵﴾
(النحل:١٥)
”۽ زمين ۾ مضبوط جبل کوڙيائين ته متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون (وھايائين) ۽ رستا بڻايائين ته منَ اوھين سِڌو رستو لھو.“

انهيءَ آيت ڪريمه جي تشريح کان پهريان مان مختصر طور ارضي طبعيات جي انهن واقعن کي بيان ڪرڻ گھرندس جيڪي زمين جي ابتدائي جوڙجڪ کان وٺي اڄ تائين ٿيندا رهيا آهن.
جيئن ته هرڪنهن کي خبر آهي ته زمين جو مٽي ۽ پٿرن مان ٺهيل مٿين تهه (Crust) هيٺان زمين جي پڃري ۾ داتن جو پٽڙو ميگما (Magma) هوندو آهي. زمين، گرهن ۽ ستارن جي جھرمٽن کي نظر ۾ رکندي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته جڏهن زمين وجود ۾ آئي هئي ته ان وقت اها تمام ئي گھڻي گرمي پد واري هئي، پگھريل ڌاتن تي ٻڌل هئي ۽ بلڪل هڪڙي باهه جي گولي وانگر هئي پر انهيءَ باري ۾ ڪابه پڪي ڳالهه نٿي ڪري سگھجي ته مٽي ۽ ڇپن جا تهه ۽ ڪيترائي سمنڊ ڪيئن وجود ۾ آيا. انهن جو آسان حل انهن وضاحتن ۽ تشريحن ۾ ملي وڃي ٿو، جن موجب موجوده نظر اچڻ واري زمين آهستي آهستي ۽ لڳاتار ٿڌي ٿي. پر سمنڊن جي ٺهڻ جي باري ۾ سمورا نظريا، خاص طور تي ، انسان جي پنهنجي ذاتي سمجھه جي پيداوار آهن. ڪجھه سائنسدانن موجب گرم زمين جي ٽهڪندڙ اٻڙس جهڙي حالت ۾ پاڻيءَ جا ماليڪيول فضا ۾ آهستي آهستي ٿڌا ٿيندا رهيا، جيڪي تمام وڏي مينهن جو سبب بڻيا ۽ ايئن سمنڊ وجود ۾ اچي ويا. پر اها سمجھه کان ٻاهر ڳالهه آهي ته پاڻيءَ جا قطرا ايترو سخت گرم ۽ ساڙيندڙ باهه واري گولي تي پئجي به سگھيا ۽ وڌيڪ اهو ته ان تي ايترا قطرا گڏ به ٿي سگهيا. اها به اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي ته اهو سمجھيو وڃي ته قطبن تي ٻاڦ جا قطرا گڏ (Condensed) ٿي ويا ۽ ڳڙي ڳڙي سمنڊن جي حوضن ۾ گڏ ٿي ويا. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ تمام گرم باهه وارو ٿانءُ پنهنجي مخالف ڪنارن تي ڪيئن ٿڌو ٿي ڄمي ويو؟
زمين جي بناوت جي ترڪيب، سليڪون جي مرڪبن (Silicon Compound) جي صورت ۾ هئڻ هڪ حقيقت آهي. سچ اهو آهي ته الله تعالىﷻ جي سائنس ئي سليڪون جي جٽادار مرڪبن کي زمين جي سطح تي مهيا ڪيو ۽ هڪ اهڙي قسم جو عمل ٿي پيو، جيئن ڪنهن بوائلر کي بند ڪيو ويندو آهي. زمين جي مٿاهين سطح سخت ٿي ڪري پنهنجي اندر موجود باهه کي لڪائي ڇڏيو آهي اهڙي طرح پاڻي کي هيٺاهين وارين جاين تي گڏ ٿيڻ جو موقعو ملي ويو آهي. جيڪڏهن اهو بوائلر جهڙو بند ٿيڻ نه هجي ها ته نه زمين تي پاڻي گڏ ٿي سگھي ها ۽ نه وري سمنڊ وجود ۾ اچي سگھن ها. اصل ڪائنات جي ڪيترن ئي ستارن جي باري ۾ اهو سمجھيو ويندو آهي ته انهن تي پاڻيءَ جو وجود نه آهي. ايئن انهن کي زمين جهڙي بناوت به نه آهي. اسان جي زمين جو اهو مٿيون تهه، جنهن پنهنجي اندر هڪ باهه کي لڪائي رکيو آهي هڪ پاڻمرادو ٿي وڃڻ وارو قدرتي عمل نه آهي. جي ايئن هجي ها ته زمين ۾ سليڪون کان به هلڪڙا ايٽم يا مادا موجود آهن سي پاڻمرادو انهن جي جاءِ والارين ها. جيڪڏهن زمين جي موجوده مٿين سطح يا تهه جهانن جي پالڻهار جي مرضيءَ يا حڪم سان نه ٺهيل هجي ها، يعني اهو پنهنجو پاڻ ئي وجود ۾ آيل هجي ها ته زمين جي اندر موجود تمام سخت طوفان ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين ها ۽ آتشي ڍانچو ڦاٽي زمين جي مٿاڇري تي نڪري اچي ها ۽ ان جي پنهنجي ئي وجود کي به ختم ڪري ڇڏي ها.
دنيا جي عظيم خلقڻهار زمين جي سطح کي جٽاءُ ڏيڻ جي لاءِ، ان تي هڪ طرح سان وڏن وڏن ڇپن جو وزن رکي ڇڏيو آهي، جيڪو جبلن جي سلسلن جي صورت ۾ موجود آهي. انهن جي بناوٽ ۾ پوٽاشيم، سليڪون ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڌاتون شامل آهن. جابلو سلسلن کي زمين جي سطح تي ۽ سمنڊ جي تهن ۾ هڪ انتهائي نازڪ ۽ پيچيده پر گڏوگڏ بلڪل ٺيڪ ٺيڪ اندازي سان ٺاهيو ويو آهي. بلڪل هڪ مادي گريويور (Gravure) وانگر. ائين انهيءَ طريقي سان زمين جي مرڪز ۾ اندر واري پاري واري باهه کي ضابطي ۾ رکيو ويو آهي.
اچو ته مٿي ڏنل معلومات جي روشنيءَ ۾ انهيءَ آيت سڳوريءَ کي ٻيهر پڙهي انهيءَ مان لطف ماڻيون.
جبل هڪ لحاظ کان ڄڻ ته بجلي واري لٺ آهن جيڪي عظيم زلزلن کي روڪي بيهن ٿا. جبلن کان سواءِ ته اڻ کٽ چرپر ۽ زمين جي اندر ڌاتن جا لڳاتار جاري رهندڙ وهڪرا اسان کي هڪ پلڪ لاءِ به آرام سان ويهڻ نه ڏين. اسان کي هر گھڙيءَ نه رڪجندڙ زلزلن کي منهن ڏيڻو پوي ها. زمين تي وڏا وڏا شهر اڏڻ ته پري، پر اسان جيڪر هڪڙو خيمو به کوڙي نه سگھون. ايئن هيءَ آيت ڪريمه اسان کي اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ ئي زمين جي انهيءَ بناوت جي باري ۾ ٻڌائي رهي آهي ۽ تخليق جي باري ۾ اڻ ڳڻئي ۽ اڻ کٽ انتظام جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري رهي آهي.
ٻرندڙ جبل پڻ، جن جي باري ۾ بي دين ماڻهو عجيب غريب ۽ بيڪار قسم جون توجيهون پيش ڪن ٿا، اصل ۾ هڪ خدائي نعمت آهن. جيڪڏهن ٻرندڙ جبلن جو عمل نه هجي ها ته اسان ڪيترن ئي قسم جي ڌاتن کي رڳو عجائب گھرن ۾ ئي ڏسي سگھون ها. تنهن ڪري سمجھڻ گھرجي ته ٻرندڙ جبل هڪ قسم جا ڌاتو ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن، جيڪي زمين جي اندر موجود ڪيترين ئي شين کي مٿين سطح تي آڻڻ جو ڪم ڪن ٿا. ان کان سواءِ اهي زمين جي پڃري لاءِ هڪ قسم جو حفاظتي بٽڻ يا وال (Safety Valve) جو ڪم پڻ ڪن ٿا. جيڪڏهن انهن کي دٻايو يا ختم ڪيو وڃي ته اهي تمام تيز ۽ خطرناڪ زميني عمل جو سبب بڻجيو پون.
ايئن جيڪي ماڻهو قرآن مان نڪرندڙ نوراني روشنيءَ ۾ الله تعالىﷻ جي اڻ کٽ حڪمت ۽ دانائيءَ جو ادراڪ حاصل نٿا ڪري سگھن، سي ڪنهن به شيءِ جو علم حاصل نٿا ڪري سگھن.