مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 49 ماءُ جي کير جي اهميت

وَ الۡوَالِدٰتُ یُرۡضِعۡنَ اَوۡلَادَہُنَّ حَوۡلَیۡنِ کَامِلَیۡنِ لِمَنۡ اَرَادَ اَنۡ یُّتِمَّ الرَّضَاعَۃَ ؕ وَ عَلَی الۡمَوۡلُوۡدِ لَہٗ رِزۡقُہُنَّ وَ کِسۡوَتُہُنَّ بِالۡمَعۡرُوۡفِ ؕ لَا تُکَلَّفُ نَفۡسٌ اِلَّا وُسۡعَہَا ۚ لَا تُضَآرَّ وَالِدَۃٌۢ بِوَلَدِہَا وَ لَا مَوۡلُوۡدٌ لَّہٗ بِوَلَدِہٖ ٭ وَ عَلَی الۡوَارِثِ مِثۡلُ ذٰلِکَ ۚ فَاِنۡ اَرَادَا فِصَالًا عَنۡ تَرَاضٍ مِّنۡہُمَا وَ تَشَاوُرٍ فَلَا جُنَاحَ عَلَیۡہِمَا ؕ وَ اِنۡ اَرَدۡتُّمۡ اَنۡ تَسۡتَرۡضِعُوۡۤا اَوۡلَادَکُمۡ فَلَا جُنَاحَ عَلَیۡکُمۡ اِذَا سَلَّمۡتُمۡ مَّاۤ اٰتَیۡتُمۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ بَصِیۡرٌ ﴿۲۳۳﴾
” ۽ مائرون پنھنجن ٻارن کي پورا ٻه ورھيه ٿڃ پيارين (اِھو حڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو ٿڃ پيارڻ جي مدت پوري ڪرڻ گھري ۽ اُنھن (مائرن) جي خوراڪ ۽ اُنھن جي پوشاڪ ھليءَ چليءَ وانگر پيءُ تي آھي، ڪنھن کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نٿي ڏجي، ماءُ کي ٻار سببان تڪليف نٿي ڏجي ۽ نڪي پيءُ کي ٻار سببان (تڪليف ڏجي)، ۽ وارث تي (به) اھڙو ئي (حق) آھي، پوءِ جيڪڏھن ٻئي پنھنجي رضامندي ۽ صَلاح سان (ٻار جي ٿڃ) ڇڏائڻ گھرن ته مٿن گناھ نه آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي اولاد کي (ٻئي کان) ٿڃ پيارڻ گھرو ته جڏھن اوھان رواج موجب (پياريندڙ کي) جيڪي ڏيڻو ڪيو سو پھچايو تڏھن اوھان تي ڪو گناھ نه آھي ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.“

ماءُ جو ٻار کي کير پيارڻ، ان جي ٻار جي صحت لاءِ انتهائي اهم شيءِ آهي پر بدقسمتيءَ سان ڪن مادي پرست ڊاڪٽرن ۽ دٻي وارو کير ٺاهيندڙ ڪمپنين جي پروپيگنڊا، ماءُ جي قدرتي کير جي خلاف اهڙو ته زهر پکيڙي ڇڏيو آهي جو ماءُ جي کير کي ڪڏهن ڪڏهن ته مذاق طور ڏٺو ويندو آهي پر ويجھڙائي وارن سالن ۾ سائنس انهيءَ ڳالهه تي مجبور ٿي وئي آهي ته اهي صحت جي عالمي اداري (WHO) جي چوڻ موجب اهڙي قسم جي پروپيگنڊا کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن.
مان انهيءَ آيت جي تشريح جي سلسلي ۾ هيٺين سوالن جا جواب سائنسي نقطي نظر کان ڏيندس.
1. ماءُ جو کير ٻار کي ڇاٿو ڏئي؟
2. ماءُ جو کير ڪيترا دفعا ۽ ڪيتري وقفي سان ڏيڻ گھرجي؟
3. کير پيارڻ سان ماءُ تي ڪهڙو اثر ٿيندو آهي؟
هاڻي مان مٿين سوالن جا جواب ساڳي ئي ترتيب سان ڏيندس:
1. ماءُ جي کير جون فطري صفتون:
اها عام سمجھه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي ته غذائيت جي لحاظ کان انسان کي ٽن قسمن جي بنيادي خوراڪ يعني فاسفورس ۽ وٽامن جي ضرورت ٿيندي آهي. اهي سڀئي جزا يعني حياتين، گلوڪوز، سڻڀ، فاسفورس ۽ وٽامن ماءُ جي کير ۾ موجود هوندا آهن، پر انهيءَ کير جو خاص فرق اهو آهي ته انهيءَ ۾ اهي جزا انتهائي حيران ڪندڙ ۽ تمام ئي نازڪ تناسب سان ترتيب ڏنل هوندا آهن. انهيءَ جو سڀ کان وڏو راز اهو آهي ته انهيءَ جي اندر چرٻيءَ وارا ذرڙا تمام ننڍڙن ذرڙن جي شڪل ۾ هڪ جهڙا پکڙيل هوندا آهن.
ماءُ جي جسم جي حالت ڀلي ڪهڙي به هجي، انهيءَ جو کير ايترو ته سگھارو هوندو آهي جو هڪ ارب پتي رئيس جي مانيءَ واري ميز تي رکيل ڪا ڀلي ۾ ڀلي شيءِ به انهيءَ جو مقابلو نٿي ڪري سگھي. خاص ڪري پهرين ڇهن مهينن ۾ ته نيئن ڄاول ٻار جي وٽامنز جون سموريون گھرجون ماءُ جي کير ۾ موجود هونديون آهن. سچي سائنس ته انهن پيءُ ماءُ جي اٻوجھائپ تي کلندي نظر اچي ٿي، جيڪي ٻين هٿرادو طريقن سان ٻار جي ضرورتن کي، جن ۾ وٽامن سي آهي، پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهن.
هاڻي مان ماءُ جي کير ۾ رکيل هڪ تمام حيران ڪندڙ خاصيت کي بيان ڪري ٿو.
شروع وارن ڇهن مهينن ۾ ماءُ جي کير ۾ اهڙيون اينٽي باڊيز (Anti Bodies) ملنديون آهن، جيڪي ٻار کي هر قسم جي بيمارين کان محفوظ رکن ٿيون. ماتا واري بيماريءَ کان بچاءَ جون اينٽي باڊيز انهيءَ ماءُ جي کير ۾ به هونديون آهن جنهن کي پاڻ کي به ڪڏهن ماتا نه ٿي هجي. حياتياتي طور اها هڪ سمجھه کان مٿاهين ڳجھارت آهي. باقي اها انهيءَ حقيقت جي نشاندهي آهي ته الله تعالىﷻ انسان کي ڪيترو نه پيارو رکي ٿو ۽ ان کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو.
ڪن بي دين سائنسدانن جو اهو چريائپ وارو بيان آهي ته ماءُ جي کير ۾ فولاد (آئرن) جي کوٽ هوندي آهي. موجوده سالن ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته ٻاروتڻ ۾ رت جيري ۾ ئي پيدا ٿيندي آهي (جڏهن ته وڏن ۾ رت هڏين جي مِک ۾ پيدا ٿيندي آهي) ۽ اهو ته ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هوندو آهي جو ان جي جيري ۾ فولاد ذخيرو ٿيل هوندو آهي. انهيءَ خيالي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ فولاد واريون دوائون جيڪي ٻارن کي ڏنيون وينديون آهن، سي ان کي سموري زندگي لاءِ آنڊن جي سوج جو مريض بڻائي ڇڏينديون آهن.
حياتياتي علم موجب اهو تمام ضروري آهي ته ٻار کي شروع وارن ڇهن مهينن ۾ ماءُ جو کير لازمي طور ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيرو، جيڪو عام طور هاضمي جي ڪم جو مرڪز هوندو آهي، سو انهيءَ دؤر ۾ ٻار جو رت ٺاهڻ واري ڪم ۾ جنبي ويندو آهي. وڌيڪ اهو ته انهيءَ زماني ۾ ٻار غذائيت وڌڻ ۽ وڏو ٿيڻ جي مقصد لاءِ خرچ ڪندو آهي، نه رڳو توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ. انهيءَ ڪري اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي ته خاص قسم جي خوراڪ ۽ حياتين (وٽامن) ٻئي ڪنهن طريقي سان حاصل ڪيون وڃن. اسان اهو ڄاڻون ٿا ته پنجاهه کان وڌيڪ وٽامن ٿينديون آهن جن مان ڪن ٿورڙين ئي وٽامن کي علم طب (Medicine) سمجھي سگھي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جهانن جي خلقڻهار نئين ڄاول ٻار جي واڌ ويجھه، پنهنجي بي مثال ۽ مڪمل ضابطي هيٺ رڳو کير ۾ ئي رکي آهي. انهيءَ آسماني نعمت جو نقل ناقص انساني عقل جي ذريعي ڪرڻ ائين ئي چريائپ واري ڳالهه آهي جيئن ڪو ماڻهو خلائي جنگ تيرن ۽ تلوارن سان وڙهي.
2. ماءُ جي کير جا وقفا ۽ گھربل مدت
ٻار جي کير پيئڻ تي بي دين ماڻهو جيڪا پابندي لڳائيندا آهن، سا اها هوندي آهي ته ان کي ڄمڻ جي چئن ڪلاڪن کان پوءِ کير ڏنو وڃي. هاضمي جي عام وقت کي سامهون رکي انهن اها خيالي پابندي لڳائي آهي. ويجھن سالن جي تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته کير رڳو 45 منٽن ۾ هضم ٿي ويندو آهي. جڏهن اهو وقت يا وقفو پورو ٿي ويندو آهي ته ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ اضطراري روحاني تعلق (Telepathic Reflex) جي ذريعي کير پاڻمرادو لهي ايندو آهي ۽ ٻار عام طور تي بک کان روئڻ لڳندو آهي. اهو سڀ ڪجھه هڪ طرح سان حياتياتي ڪمپيوٽري نظام آهي ۽ جڏهن قدرت جي عطا ڪيل وقت واري نظام کي ڇڏي ڊگھو عرصو ڪيو وڃي ته انهيءَ جي ڪري ٻار جي پيٽ ۾ تيزابيت (Acid) گھڻي مقدار ۾ پيدا ٿي ويندي آهي، جنهن سان ان جي هاضمي واري نظام کي سخت نقصان پهچندو آهي. اهو به اندازو ڪيو ويو آهي ته اڳتي ايندڙ زندگي ۾ انهيءَ جي ڪري السر (Ulcer) پيدا ٿي پوي ٿي، جنهن جو عذاب سموري زندگي رهي ٿو.
جيستائين کير پيارڻ واري وقت يا عرصي جو واسطو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ علم طب ويجھڙائيءَ ۾ ئي ماءُ جي کير جي اهميت کي سمجھڻ شروع ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ دل گھريو وقت تجويز ڪيو ويو آهي، جيڪو رڳو نو مهينا آهي. ماءُ جي کير پيارڻ جو سبب رڳو ٻن حقيقتن جي بنياد تي رکيو ويو آهي.
پهريون اهو ته جيرو اڳي ئي تمام مصروف هوندو آهي ۽ سدائين رت ٺاهڻ ۾ لڳو پيو هوندو آهي. ائين کير جي سخت ضرورت ٿيندي آهي. رت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ جيري کي پورا ٻه سال لڳي ويندا آهن. انهيءَ کان اڳ جو هو پنهنجي اصلي ڪم ڏانهن اچي، اهو ئي سبب آهي جو ماءُ جو کير به ٻن سالن تائين جاري رکڻ تمام ضروري هوندو آهي.
ٻيو اهو ته ٻار جي وڌڻ جو سڀ کان اهم مرحلو، جڏهن حياتياتي طور تي سخت ضروري ٿيندو آهي، پهرين ٻن سالن وارو وقت ئي هوندو آهي. طبي سائنس به انهيءَ حقيقت کي مڪمل طور مڃي ورتو آهي ته ٻار جي زندگيءَ جا پهريان ٻه سال ان جي واڌ ويجھه لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
هاڻي ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح هن آيت ۾ اهو معجزو بيان ڪيو ويو آهي ته ماءُ جو کير پيارڻ جي مدت ٻه سال ئي آهي.
بي دينن کي لڄي ڪرڻ لاءِ مان هتي هڪ ٻئي نڪتي جي باري ۾ به توهان کي ٻڌائڻ گھران ٿو. اسلام کان اڳ به وچ اوڀر جي معاشرن ۾ کير پيارڻ جي مدت چئن کان پنجن سالن تائين هوندي هئي.
کير پيارڻ جي سلسلي ۾ هڪ آخري نڪتو اهو به آهي ته ٻالڪپڻ واري زماني جي ذهني تڪليف ۽ بيمارين جي باري ۾ تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي، ته جيڪو ٻار ٻن سالن تائين پنهنجي ماءُ جو کير پيئندو رهي ته ان جي ذهني صحت تمام مضبوط هوندي آهي. سڄي دنيا جي اندر ٿيندڙ تحقيق اهو ظاهر ڪيو آهي ته انڊونيشيا ۽ فلپائن ۾ ڪوبه ٻار ذهني مرض جو شڪار نه ٿيو آهي. انهيءَ تي تحقيق ڪندڙ ڪميٽيءَ جاچ سان ڄاڻي ورتو ته انهيءَ حيران ڪندڙ حقيقت جو سبب، انهن ملڪن ۾ ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير ملندو رهڻ آهي، جيڪو ٻارن ۾ تحفظ ۽ ماءُ جي شفقت جو احساس پيدا ڪري ٿو.
3. کير پيارڻ جو ماءُ تي پوندڙ اثر
(الف) ڇاتيءَ جي غدودن جي صحتمند ڪارڪردگي:
سموري دنيا مان ملندڙ انگ اکر اهو ٻڌائين ٿا ته انهن مائرن، جن پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين کير پياريو هجي، تن کي ڇاتين جي ڪينسر نه هئڻ جي برابر ٿيندي آهي. ٻئي پاسي جن مائرن پنهنجي ٻارن کي کير نه پياريو هو، تن کي انهيءَ بيماريءَ لڳڻ جو سخت خطرو رهي ٿو. رڳو انهيءَ ئي سبب جي ڪري هڪ کان ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ ان جي لاءِ ڪينسر کان بچاءَ جو هڪ اثرائتو ذريعو پڻ آهي.
(ب) کير پيارڻ دوران ماءُ جي جسم جو نئين زندگي ماڻڻ:
کير پياريندڙ مائرن جو جيرو پوري طاقت سان ڪم ڪري رهيو هوندو آهي. اهڙي طرح ماءُ جي جسم جي سمورن ڪيميائي مسئلن جو قدرتي طور معائنو ٿيندو رهندو آهي. وڌيڪ اهو ته جيئن ته انهيءَ وقت ماءُ جي رت ۾ سمورن جوهرن کي هڪ ٿي يا گڏجي وڃڻو هوندو آهي، تنهن ڪري ماءُ جا جيو گھرڙا کير پيارڻ واري زماني ۾ سموري قسم جي کوٽ کي پورو ڪري وٺندا آهن. اِن کانسواءِ کير پيارڻ وقت جسم جا پيچوٽري گلينڊ پوري طرح ڪم ڪري رهيا هوندا آهن. اهڙي طرح ماءُ جون نفسياتي ڪيفتون به سٺي حالت ۾ هونديون آهن. ايئن ماءُ جو هارموني توازن ۽ هڪجهڙائي ۽ نفسياتي ڪيفيتن ۾ سڪون جو زمانو، ٻار لاءِ هڪ املهه تحفو آهي. توهان ڏٺو هوندو ته جسماني ٿڪاوٽ جي باوجود به کير پياريندڙ مائرون ڪڏهن به بدمزاجيءَ جو شڪار نه ٿينديون آهن. انهيءَ جو اصل سبب کير پيارڻ دوران مختلف قسم جي غدودن جي رطوبتن ۾ هڪجهڙائي ۽ توازن جو پيدا ٿي وڃڻ آهي.
اها انهيءَ هارموني توازن جي ئي برڪت آهي جو کير پياريندڙ ماءُ جي ڳڀيرڻ (Womb) ۽ ٻچينداني (Overies) کي آرام ۽ سڪون جو وقفو ملي ويندو آهي. جيتوڻيڪ اهو وقفو کير پيارڻ وقت هڪجيترو نه هوندو آهي، پر پوءِ به ماءُ جي جنسي عضون کي گھٽ ۾ گھٽ ڇهن مهينن جو آرام ملي وڃي ٿو جيڪا پڻ هڪ وڏي نعمت آهي. انهيءَ دوران ماءُ جي ڳڀيرڻ ۽ ٻچينداني جي عام قسم جون تڪليفون به ختم ٿي وينديون آهن. کير پيارڻ ۾ ٻن سالن جو وقفو به هڪ مثالي دؤر هوندو آهي، جنهن سان ماءُ کي گھڻو ئي فائدو ٿيندو آهي.
مائرن ۽ ٻارن جي خلاف بي دين طب جيڪي ڏوهه ڪيا آهن ۽ جهڙي طرح موتمار ۽ غلط علاج ڪيا آهن، سي تمام ئي شرمناڪ ۽ طب جي تاريخ تي ڪارو چُٽو آهن.
هڪ کير پياريندڙ ماءُ صحتمند هوندي آهي ۽ انهيءَ جو کير پيڻ واري ٻار کي سڄي ڄمار تندرست رهڻ جي ضمانت ملي ويندي آهي. اهي انعام به قرآن ڪريم جو هڪ وڏو معجزو آهن.