مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 48 بهشت جو راز

عِنۡدَ سِدۡرَۃِ الۡمُنۡتَہٰی ﴿۱۴﴾ عِنۡدَہَا جَنَّۃُ الۡمَاۡوٰی ﴿ؕ۱۵﴾(النجم: ١٤ ۽ ١٥)
”سدرة المنتها تي (ٻير جي وڻ جي آخري چوٽيءَ تي) جنت الماويٰ (پناهه وارو باغ) موجود آهي.“

مون هي لکڻيون قرآني آيتن جون سائنسي توجيهون بيان ڪرڻ جي لاءِ وقف ڪيون آهن ۽ آخرڪار مون انهيءَ ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي آهي ته بهشت جي نظريي سان لاڳاپيل سائنسي تشريح به پيش ڪريان. انهيءَ احساس جا ٻه سبب آهن:
پهريون اهو ته انهن بي دين ماڻهن کي، جيڪي اهو چوندا آهن ته بهشت جو نظريو سائنس سان هڪجهڙائي نٿو رکي سگھي، هڪ اهڙو جواب ڏنو وڃي جنهن جا اهي حقدار آهن.
ٻيو اهو ته بهشت سان لاڳاپيل انهن جي غلط تشبيهن جو خاتمو آندو وڃي، جيڪي اهي ماڻهو پيش ڪندا آهن، جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ انهن جي ڪابه بدنيتي نه هوندي آهي.
اهو چوڻ جي ته ضرورت ئي نه آهي ته اسان بهشت جي نظريي کي رڳو دنياوي اصولن جي پويان ئي جاچي سگھون ٿا. بهرحال بهشت سان لاڳاپيل قرآن ۾ ٻين هنڌن تي بيان ڪيل خاصيتن کي سامهون رکي، مان انهيءَ تي سائنسي هڪجهڙائي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم سائنسي پيغام، جيڪو هن مضمون تي روشني وجھي ٿو، سو سورت النجم ۾ ئي موجود آهي. اچو ته سڀ کان اڳ انهيءَ سوال جو جواب ڳوليون ته بهشت ڪٿي آهي؟ انهيءَ جو جواب به هن ئي آيت مهيا ڪيو آهي.
بهشت ٻير جي وڻ جي آخري چوٽيءَ يا سرحد تي آهي. انهيءَ جي باري ۾ سمورين تفسيرن ۾ مختلف قسم جون تشريحون ڪيون ويون آهن. سڀ کان وڌيڪ سائنسي نقطي نظر کان، انهيءَ جو مطلب ڪائناتي نظام جو هڪ وڻ آهي، يا اسان جي هن ٽه پاسائين (Three Dimensional) ڪائنات جي سرحد. ڪن مفسرن ڇهين آسمان جي سطح کي مادي ڪائنات جي سرحد سڏيو آهي. حقيقت ۾ اهو تصور فلڪي طبعيات جي نظرين سان هڪجهڙائي رکي ٿو. اهو ڪو وڏو بحث طلب مسئلو نه آهي، ڇو جو هيءَ آيت بهشت کي اهڙو ظاهر ڪري ٿي جيڪو ان جي مادي ڪائنات جي سرحدن کان اڳتي آهي. هتي اهم نڪتو اهو آهي ته بهشت، هن مادي ڪائنات جي اندر نه آهي. جيئن مون هن کان اڳ موضوع نمبر 7 ۾ جسامت جي ماپن (Dimensions) تي بحث جي دوران نشاندهي ڪئي هئي ته ڪائنات ۾ طرفي ماپن جا ڪيترائي ماپا آهن. فضائي ويڪر جنهن جو بنياد ڊيگهه، اوچائي ۽ ويڪر جي ماپن تي آهي، مادي وجود جي فضا آهي. پر انهن ٽه پاسائين ماپن کان سواءِ جسامت جون ٻيون ماپون پڻ آهن جيڪي انهن پنجن ۽ ڇهن پاسن کان شروع ٿينديون آهن جن جو وجود به مڃيل ۽ يقيني آهي. طرفن جي اها ماپ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي وچ ۾ اهڙي فضا ٺاهي ٿي جيڪا عام فضا کان مختلف هوندي آهي. حقيقت ۾ الله تعالىﷻ ڪيترين ئي فضائن کي ڪتاب جي صفحن سان تشبيهه ڏني آهي.
ايئن بهشت پرانهين سرحد تي ٻير واري وڻ جي ويجھو آهي، يعني انهيءَ جاءِ يا ڪائناتي نقطي تي، جتي ڪائنات ختم ٿئي ٿي. هتي هڪ ٻيو باريڪ نُڪتو سامهون اچي ٿو، سو اهو ته انهيءَ حد کان اڳتي ڪهڙي شيءِ آهي؟ ان جو جواب اهو آهي ته اتي ”پناهه وارو باغ“ يا جنت الماوى آهي. انهن جاين تائين پهچڻ لاءِ اسان کي هن مادي ڪائنات جي حدن مان نڪري وڃڻ ضروري آهي. هتي سوال مفاصلي جو نه پر رفتار (Speed) جي ڳالهه آهي. هڪ گھمندڙ تيز حرڪت، هڪ اهڙو ٺينگ (Jump) مهيا ڪري ٿي جيڪو مادي وجود جي صفحي کان بهشت جي صفحي ۾ پهچائي ڇڏي ٿو. بيشڪ اها هڪ اهڙي صلاحيت آهي جيڪا انسان کي الله تعالىﷻ وٽان ملي ٿي ۽ جنهن جو استعمال به انهيءَ سمورن جهانن جي پالڻهار جي حڪم سان ٿيندو آهي.
هن آيت سڳوريءَ جو ٻيو پيغام انهيءَ بيان ۾ ڏنو ويو آهي جيڪو مادي جي آخري سرحد جي نشاندهي ڪري ٿو. عربيءَ ۾ حدن جي نظريي کي بيان ڪرڻ جي لاءِ مختلف قسم جا ڪيترائي طريقا موجود آهن. پوءِ به الله ﷻ انهيءَ طريقي کي خاص طور تي چونڊيو آهي. بهشت ڪائنات جي ڪنارن تي آهي. اها خلقيل شين جي نظام جي ڪنارن تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪائناتن جون سڀ کان اهم اصليتون بهشت ۾ به موجود آهن. اڃا به ڪائناتن جو وڻ جيڪو جيتوڻيڪ عام ڪائنات ۾ به نظر اچي ٿو، اصل ۾ بهشت جي ايڪن جو ٻوٽو آهي. هن موجوده دنيا جو سمورو حسن، بهشت جي حسن جو هڪ ميرانجهڙو اولڙو آهي. بهشت هڪ حقيقي زندگيءَ جو نالو آهي، جڏهن ته هيءَ مادي دنيا رڳو ٻن طرفن وارو هڪ فلمي ڪارٽون آهي.
ٻه نظريا، جن جي سلسلي ۾ انساني ذهن کي سڀ کان وڌيڪ ڏکيائي پيش ايندي سي بهشت ۾ وقت ۽ ڪشش ثقل (وزن) جي باري ۾ آهن. ٽي طرف (Three Dimensions) ڪائنات يعني اسان جي مادي دنيا جون مادي نسبتون ۽ لاڳاپا سمورين شين ۽ جاندارن تي تمام ئي شدت سان اثرانداز ٿيندا آهن سي آهن وقت ۽ ڪشش ثقل يا وزن. جڏهن ته بهشت ۾، جيڪو ماپن جي اهڙن طرفن، جيئن ڇهين، ستين ۽ اٺين طرف جو ٺهيل هوندو آهي، اتي اهي گھٽجي مطابقت پيدا ڪري وٺندا آهن يا وري اهي اثر اڻ چٽا ۽ غائب ٿي ويندا آهن.
اچو ته سڀ کان پهريان اسان بهشت ۾ ڪشش ثقل ۽ وزن جي موضوع تي غور ڪريون. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي قرآن ڪريم مان ٻه اهم پيغام ملن ٿا؛ ”اهي باغ جن جي هيٺان واهيون وهن ٿيون“ ۽ ”اريڪتہ“ (چڱيءَ طرح سينگاريل تخت) جنهن جي تعريف يا توجيهه انسان سان ئي نسبت رکي ٿي ۽ بهشت جي جاءِ کي ظاهر ڪري ٿي.
ڄاڻايل ٻنهي تعريفن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته بهشت ۾ ڪشش ثقل يعني وزن ۽ جذب ٿي وڃڻ واري خاصيت گھٽجي وڃي ٿي. جيڪڏهن بهشت ۾ به وزن جو اهو ئي تصور هجي ها جيڪو زمين تي آهي ته آيت هن طرح هجي ها ته ”باغ جن جي اندر درياءَ وهن ٿا“ نه ڪِي ائين ته ”باغ جن جي هيٺان درياءَ وهن ٿا.“ ائين هڪ لحاظ کان بهشت جو هوا ۾ ئي ٽنگيل رهڻ ممڪن آهي. يعني انهيءَ خوبصورت ۽ شاندار زندگيءَ ۾ بهشت جا دريا بهشتي ماڻهن جي هيٺان وهي رهيا هوندا. اريڪة جو تصور انهيءَ تشريح کي اڃا به اڳتي کڻي وڃي ٿو. انهيءَ جو مطلب بهشتي ماڻهن جي لاءِ اهڙو بهشت هوندو جتي اهي قرآن ۾ ڄاڻايل هڪ جاءِ کان سمورن طرفن کي ڏسي سگھندا. ائين وزن جو وجود ۽ ڪشش ثقل، جيڪا دنيا جي موجودات لاءِ لازمي سمجھي وڃي ٿي، بهشت ۾ به هوندي. باقي ايترو سو آهي ته انهيءَ جو دارومدار هڪ ٻئي عجوبي تي هوندو. يعني جيڪڏهن انهيءَ عجيب شيءِ جي لاءِ ضروري هوندو ته انهيءَ جي تخليق به هڪ خاص واقعي سان لاڳاپيل هوندي (جيئن دريائن جو وهڻ).
بهشت ۾ وقت جو تصور به ڪشش ثقل سان اهڙي طرح هڪجهڙائي رکي ٿو ته جڏهن ضرورت هوندي ته وقت واقعن سان گڏ گڏ ئي هوندو آهي. اِن جي ڪري جيئن ته وقت جو ڪوبه عمل دخل نه هوندو آهي، انهيءَ ڪري بيزاري (بيزار ٿيڻ) جو به ڪو تصور ئي نه آهي ۽ نه ئي وري انهيءَ جو ڪو سوال ئي پيدا ٿئي ٿو. بهشت جي اندر ڪنهن به خواهش جو يڪدم پورو ٿي وڃڻ، بيحد خوبصورت خوشين جو هڪ ٻئي پٺيان حصول به وقت جي تمام آهستي هلندڙ لهرن سان گڏ گڏ هوندو آهي. ائين وقت اتي هڪ نه رڪجندڙ انسان کي لازمي طور تي فنا ڏانهن وٺي وڃڻ وارو عمل نه آهي، پر بهشت ۾ اهو انسان جي خدمت جو هڪ خوشيءِ ڀريو وسيلو آهي. مثال طور روشنيون ۽ قسمين قسمين رنگ، عام دنيا ۾ پنهنجا جلوا ڏيکارڻ لاءِ وقت جي عملن جو سهارو وٺندا آهن. جڏهن ته انهيءَ جي برخلاف بهشت ۾ انهن جون خاصيتون ۽ اثرَ جدا جدا قسمن جا هوندا. سڀ کان اهم مثال سورت الرحمٰن ۾ زمرد جهڙي سرسبز بهشت جو ذڪر آهي. اهڙي طرح بهشت ۾ سنگھڻ جي حس به مختلف قسم جي هوندي، جيڪا اهڙي ته خوشيءَ جي نمائندگي ڪندي جيڪا انسان جي رڳ رڳ ۾ پکڙجي ويندي. اها قدرتي ڳالهه آهي ته هن ڪتاب ۾ جتي اسان بنيادي طور سائنسي حقيقتن جو مطالعو ڪري رهيا آهيون، بهشت جي جاءِ ۽ اتان جي حالتن تي وڌيڪ تفصيلي ڳالهه ڪرڻ ممڪن نه آهي.
بهشت جو هڪ اهم پاسو، انهيءَ جي اندر انسان جي مادي ۽ جسماني وجود جو غير فاني هئڻ به آهي. هرڪو ماڻهو اهو ڄاڻي ٿو ۽ مڃي ٿو ته مٽيءَ مان پيدا ٿيڻ کان پوءِ حضرت آدمؑ پنهنجي خاڪي جسم سان گڏ ئي بهشت ۾ رهندو هو. ائين اها ڳالهه ثابت آهي ته انساني جسم جي تخليق انهيءَ ئي نموني تي ڪئي وئي آهي ته هو سدائين جي لاءِ بهشت ۾ رهي سگھي ٿو. زمين تي انسان جو هي فاني وجود ته هڪ ٿورڙي عرصي لاءِ ۽ وقتي آهي. خاص ڪري جڏهن اُن جي ڀيٽ انهيءَ اصلي حياتيءَ سان ڪئي وڃي جيڪا جسماني حالت ۾ ئي بهشت ۾ سدائين جاري رهندي.
هن دنيا ۾ جيڪا شيءِ جسم کي موت جي ويجھو ڪري ڇڏي ٿي سا توانائيءَ جو ختم ٿي وڃڻ آهي. وقت جي عمل ۽ ڪشش ثقل (وزن) جي ڪري هيءَ دنيا انساني جسم جي توانائيءَ جي وڌ کان وڌ خرچ ڪرڻ ۽ انهيءَ موجب خوراڪ کي جسم ۾ وجھڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏي ٿي. آخرڪار انهيءَ سموري سلسلي جو نتيجو پريشاني ۽ موت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي. حقيقت ۾ جيو گھرڙن ۽ تاندورن جي پوڙهو ٿي وڃڻ ۽ موت جي ويجھو ٿي وڃڻ ڪري، جسم ۾ خوراڪ جي ذخيرو ٿيڻ واري عمل جي ڪري رت جي نالين جو سسڻ، بيڪار ٿي وڃڻ ۽ سخت ٿي وڃڻ وغيره جهڙا مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن.
جڏهن ته بهشت ۾ توانائيءَ جي اهڙي ڪابه ضرورت نه ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته اتي وزن ۽ وقت جي عمل کي ئي جدا جدا ڪيو ويندو آهي. رڳو بهشت جا ميوا ئي اتي جي خوشيءَ جو ذريعو هوندا آهن. اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ميوا تاندورن ۽ رت جي نالين جي بيڪار ٿي وڃڻ جو سبب نه هوندا آهن. تشريح واري علم جي ذريعي اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته بهشت ۾ اسان جي کَل هڪ خاص بڻاوت واري هوندي. ڇو ته حضرت آدم ؑ کي بهشت مان ڪڍڻ وقت اهو حڪم ڏنو ويو هو ته ”اگھاڙا ٿي وڃو ۽ هيٺ لهي وڃو.“
اها مخصوص کَل هميشگيءَ جو غلاف سمجھي ويندي آهي. دنيا ڏانهن ايندي وقت اسان کي انهيءَ خاص کَل کان جدا ڪرڻ ئي اهو سڀ کان اهم ڪارڻ آهي، جنهن هن مادي دنيا ۾ اسان کي فنا جي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيو آهي.
جيئن ته بهشت ۾ وچڙندڙ بيماريون جهڙوڪ ڪينسر يا دل جون بيماريون ، جيڪي فنا ۽ موت جو ڪارڻ ٿينديون آهن، پيدا نٿيون ٿين، ته اتي زندگي جي هميشگيءَ جو تصور به ڏکيو نه آهي. وڌيڪ اهو ته جيئن ته خوبصورتيءَ کي بگاڙيندڙ عمل يعني ڪراڙپ ۽ گهنج پئجي وڃڻ، انهيءَ خاص کَل جي ڪري نٿو ٿئي، ته پوءِ بهشت ۾ انهيءَ ابدي حيات سان گڏو گڏ لافاني حسن به برقرار رهندو.
هڪ ٻيو اهم نڪتو اهو آهي ته بهشت ۾ جيڪي شربت پيئڻ لاءِ ملندا، انهن ۾ آبِ حيات وارو راز لڪيل آهي. جيئن ته ڪيترين ئي آيتن ۾ انهيءَ جو ذڪر ٿي به چڪو آهي، اهي شربت خوشين سان گڏ گڏ انسان کي دائمي توانائي، نه ختم ٿيڻ واري غذائيت ۽ تازگي مهيا ڪندا رهندا.
ائين بهشت هڪ جدا قسم جي ڪائنات آهي، جيڪا هن مادي ۽ طبعي وجود کان بلڪل جدا آهي، جنهن جا اسان هن دنيا ۾ عادي هوندا آهيون. جيئن ته مون وضاحت ڪئي آهي ته سائنسي نقطي نظر کان انهيءَ جو گھٽ ۾ گھٽ هڪ تصور ته قائم ڪري سگھجي ٿو. انهيءَ جاءِ کي بيان ڪندي قرآن ڪريم انهيءَ تصور کي هن طرح پيش ڪري ٿو ته ”آخري سرحد واري ٻير جي وڻ جي ڀرسان“؛ اها تخليق جي عظيم طبعيات کي ظاهر ڪري ٿي. هاڻي انهيءَ بيان کان صديون پوءِ وڌيڪ تعداد وارن پاسن (Dimensions) جو شعور پيدا ٿيڻ شروع ٿيو آهي ۽ اهو احساس پيدا ٿي ويو آهي ته پنجين، ڇهين ۽ ستين طرف جي ڪري ڪيتريون ئي ٻيون فضائون به وجود رکن ٿيون.
بهشت ۾ ملائڪن جو وجود به اهڙن خاص طرفن کي ظاهر ڪري ٿو. هتي به اسان کي طبعي ۽ مادي علم جا اهم تفصيل قرآن جي ذريعي ئي حاصل ٿين ٿا. بهشت ۾ وقت جي وهڪري جي رفتار تمام تيز ٿي ويندي آهي. ايتري تائين جو مفاصلا ئي ختم ٿي ويندا آهن. بهشت ۾ وقت ۽ ڪشش ثقل جيئن ته هڪ معمولي نظر ايندڙ پردي جي شڪل ۾ رهجي ويندا آهن، انهيءَ ڪري اسان اهڙو آخري نتيجو ڪڍي سگھون ٿا. ائين بهشت هڪ اڻ مٽ حسن ۽ خوشيءَ جي هڪ اهڙي بيان کان وڏي دنيا آهي، جيڪا مادي فضا جي سرحدن کان گھڻو پري آهي.