مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 44 دل جا راز

خَتَمَ اللّٰہُ عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ وَ عَلٰی سَمۡعِہِمۡ ؕ وَ عَلٰۤی اَبۡصَارِہِمۡ غِشَاوَۃٌ ۫ وَّ لَہُمۡ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ٪﴿۷﴾ (البقرة: ٧)
”الله تعالىﷻ انهن جي دلين ۽ ڪنن تي مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اکين تي ڇوڙ چڙهي ويا آهن. اهي سخت سزا جا مستحق آهن.“

هيءَ آيت قرآن پاڪ جي سڀ کان وڌيڪ اهم سائنسي شاهڪارن مان هڪ آهي. اهو ته بلڪل ئي ناممڪن آهي ته انهيءَ کي سمجھڻ کانسواءِ ۽ انهيءَ ۾ ڏنل سائنسي حقيقتن کي سمجھڻ بنا انسان کي سمجھي سگھجي. جيڪي ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته دل گوشت جي ٽڪري کان وڌيڪ ٻيو ڪجھه نه آهي ۽ اهو ته هڪ هٿراڌو دل به انهن جي مدد ڪري سگھي ٿي، سي هڪ تمام وڏي غلط فهمي ۾ ڦاسي وڃن ٿا، جنهن جو بنياد رڳو جهالت ئي آهي. قرآن ڪريم، جيڪو ڪائنات جي سڀني دانائين جو سرچشمو آهي، انسان جي تشريح ان جي انهيءَ سڀ کان وڌيڪ پراسرار ۽ اهم مرڪز جي نسبت سان ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو منهنجي لکڻين ۾ هنن پنجاهه آيتن جو مطالعو ڪندا رهيا آهن، جيڪي عظيم سائنسي عجوبن کي ظاهر ڪن ٿيون، اهو سوال پڇي سگھون ٿا ته قرآن جي انهن معجزن جي باوجود ماڻهو يڪدم ايمان ڇونه ٿا آڻين؟ ڇا انهن وٽ دماغ ۽ عقل نه آهي؟ قرآن ڪريم انهيءَ جو جواب اهو ڏئي ٿو ته ”انهن وٽ دماغ ته آهن پر انهن جون دليون نه آهن.“
اچو ته هاڻي اسان الله تعالىﷻ جي هن فرمان ۾ ڏنل پيغام جي نشاندهي ڪريون ڪريون.
(1) دل سان گڏوگڏ ٻن بنيادي عضون يعني اک ۽ ڪن تي لاڳاپي کي زور ڏئي بيان ڪيو ويو آهي.
(2) انهيءَ حقيقت کي بيان ڪيو ويو آهي ته دل ئي انساني شعور ۽ سمجھه جو مرڪز آهي ۽ انسان سچائي ۽ حقيقتن تائين ڪڏهن به پهچي نٿو سگھي جيڪڏهن خالق مطلق انهيءَ جي دل تي مهر هڻي ڇڏي.
(3) جيتوڻيڪ ظاهري طرح اک، ڪن ۽ دل پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندي محسوس ٿين ٿا پر اهي جاچڻ پرکڻ جي خوبي کان، جيڪو انهن جو اصل ڪم آهي، عاري به ٿي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن عضون جي ذريعي ڪائنات ۾ انسان جيڪا سڀ کان وڌيڪ عظيم الشان ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿو، سا الله تعالىﷻ جي سڃاڻ آهي. جيڪڏهن هو انهيءَ راز کي نٿو حاصل ڪري سگھي ته اهو سمجھڻ گھرجي ته اهي عضوا پنهنجي اصل صلاحيتن ۽ خوبين کان بلڪل خالي آهن. اها ئي اها علم جي گھرائي آهي جيڪا سائنس جي اندر موجود آهي.
(4) انسان کي جيڪا شيءِ انسان بنائي ٿي سا دل جو وجدان يا الهام ئي هوندو آهي.
(5) اک ۽ ڪن رڳو حسي ذريعا ئي نه آهن پر اهي پنهنجي عام ڪمن کان سواءِ فيصلو ڪندڙ ۽ سمجھه وارا پڻ هوندا آهن.
هن آيت سڳوريءَ کي سمجھڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ کان اڳ اسان کي انهيءَ عضوي جي، جنهن کي دل چوندا آهن، سڀني پاسن کان واقفيت حاصل ڪرڻ گھرجي. هتي مان دل جي ڪمن کي سائنسي اصطلاحن جي ذريعي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. مان هڪ تاريخي جواب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. انهيءَ جي لاءِ مان انهن ماڻهن جي معاملي ۾ هن آيت جي عظيم الشان معنى ۾ پناهه ڳوليندس، جيڪي پردي پٺيان ضمير، محبت ۽ ايمان جي خلاف ڪم ڪندي سالن کان اهو چوندا رهيا آهن ته دل ته عام قسم جي گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي. هيٺ بيان ڪيل تفصيلي معلومات مان اهو نه سمجھيو وڃي ته اسان پنهنجي اصل موضوع کان هٽي رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته دل جو رڳو رت جي ورڇ وارو ڪم ئي خدائي دانائيءَ جو هڪ عظيم مظهر آهي.
انهيءَ جا اهي ڪهڙا مخصوص ڪم آهن جيڪي ان کي ٻين عضون کان هڪ جدا حيثيت ڏين ٿا؟
پنهنجي بناوت جي لحاظ کان دل سيني تي مٺ جيترو هڪ عضوو آهي پر اصل ۾ اهو هڪ بلڪل ئي خاص قسم جو عضوو آهي جيڪو جسم جي سڀ کان ڏورانهين عضوي تائين رت کي پهچائي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي حصا جن کي اسان رت واريون رڳون چئون ٿا، رڳو دل سان ڳنڍيل پائيپ ئي نه آهن، پر اهي پاڻ دل جو واڌارو هوندا آهن. عضون جي تشريح جو علم (Anotomy) ۽ جين جي بناوت جو علم (Embryology) پڻ انهيءَ رد نه ڪري سگھڻ جهڙي حقيقت جي شاهدي ڏين ٿا، جنهن جو تفصيل هيٺ بيان ڪجي ٿو.
دل سڀ کان ڏورانهين جيو گھرڙي کي به هڪ هڪ ماليڪيول ڪري زندگي پهچائي ٿي ۽ اهڙي حساب ڪتاب ۾، جنهن ۾ هزارين ڪمپيوٽرن جي ضرورت هجي، اها تِرَ جيتري به غلطي نٿي ڪري. هر جسم ۾ مخلتلف گڻ ۽ خاصيتون هونديون آهن، جن ۾ لڳاتار هر گھڙي تبديليون ٿينديون رهنديون آهن پر دل هڪ عظيم رياضيدان وانگر انتهائي مهارت سان انهن جو ڳاڻيٽو يا اندازو ڪندي رهندي آهي. اهڙي طرح اها جسم جي سڀني عضون جي سمورن حياتياتي عملن کي جاري رکندي آهي. اهو ڳاڻيٽو ۽ اندازا ڪنهن به طرح هڪ ڪهڪشان جي طبعي ڍانچي کان گھٽ اهم ۽ حيران ڪندڙ نه آهن. جيئن ته دل جي باري ۾ ڄاڻ کي اهو نڪتو سمجھڻ کان پوءِ ئي اڳتي وڌائڻ گھرجي، انهيءَ ڪري هن مضمون کي مان ڪجھه مثالن سان چٽو ڪرڻ گھرندس.
فرض ڪريو ته توهان ڪجھه پڙهڻ گھرو ٿا. انهيءَ جي جواب ۾ دل ۽ دماغ ياداشت جي مرڪزن ۾ موجود شريانين کي کولي ڇڏيندي. ٻئي پاسي آرام جي حالت ۾ هجڻ وقت معدي جو نسون يڪدم سسي وينديون. جيڪڏهن انهيءَ وقت توهان کير جو هڪ گلاس پيئو ته اهي نسون ٻيهر ڦهلجي وينديون، ايتري تائين جو مناسب توازن ٻيهر برقرار ٿي ويندو. فرض ڪريو ته توهاڻ ڊوڙڻ گھرو ٿا ته اهڙي حالت ۾ توهان جي ماس کي وڌيڪ رت جي ضرورت ٿيندي. اهڙي وقت ۾ دل پنهنجي ڌڙڪڻ کي وڌائي ڇڏيندي آهي. انهيءَ قسم جا پورا پورا اندازا لڳائڻ جي لاءِ دل کي ”جيئري“ هجڻ جي نشاني سڏي سگھجي ٿو. ڇا انهن حقيقتن کي ٺڪرائيندي توهان اڃا به دل کي سيني جي اندر هڪ عام قسم جي گوشت جوٽڪرو سڏي سگهو ٿا؟
انهيءَ کان به وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته دل پنهنجي نسن جي ڊيگھه جي ذريعي جسم ۾ ٻن کليل سوراخن وارين جائين تائين به رهنمائي ڪري ٿي. اهي جايون آهن ڦڦڙ ۽ بڪيون. پهرين جاءِ تي آڪسيجن جي ذريعي رت جي صفائي ٿيندي آهي، جڏهن ته ٻِي جاءِ تي کاڌي جي باقيات کي صاف ڪيو ويندو آهي. توهان ڏسو ته اهي ٻئي عمل دٻاءَ جي اهڙي ته نازڪ ترتيب سان ڪيا ويندا آهن جو جن جو تصور ڪرڻ به تمام ڏکيو آهي. انهيءَ دٻاءَ جي ننڍي کان ننڍڙي غلطي به رت جي ڦاٽي ڪري ٻاهر نڪرڻ جو سبب ٿيندي يا وري نسن مان انهيءَ جي واپسي ڏکي ٿي پوندي. هڪ غيرمعمولي ذهانت واري مالڪ جي مهارت جي ذريعي، جهڙي طرح هوندو آهي، انهن برابرين جو اندازو لڳائڻ لاءِ دل به واري واري سان ڦنڊندي ۽ سسندي آهي ۽ اهو عمل خدائي شان جي خوبصورت هڪجهڙائيءَ جي ذريعي هڪ ڏينهن ۾ هڪ لک ڀيرا ٿيندو آهي. جديد ترين پر حيرت ۾ وجهندڙ کوجنا اها ٿي آهي ته دل هارمون پيدا ڪرڻ وارن غدودن جو ڪم پڻ ڪندي آهي ۽ هڪ اهڙو مادي خارج ڪندي آهي جيڪو ٻين هارمونن سان ملي انهيءَ هڪجهڙائيءَ ۾ دل جي مدد ڪندو آهي.
دل انهيءَ وقت به زندگيءَ جا انتهائي دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ نمونا پيش ڪندي آهي جڏهن اها ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ رت جي نالين سان گڏو گڏ وڌندڙ عمل ۾ هوندي آهي. اها جھلي دار نالي (Valve) جي جوڙجڪ به هڪ عجوبو هوندي آهي. دل جا اندريان ۽ ٻاهران تاندورا چئن تهن جي شڪل ۾ اهڙن شاندار ۽ وڪڙن وارن چڪرن جي بڻاوت ڪندا آهن، جو ڄڻ ته ڪو شاهي پردو هجي. انهن مان ٽائيڪسڊ (Tricuspid)، پلمنري (Plumonory)، اي اورٽڪ (Aortic) ۽ مائيٽرل (Maietral) وال (Valves) حاصل ٿيندا آهن. جيئن جيئن دل رت کي اندر ۽ ٻاهر پمپ ڪندي آهي، اهي پردا به، جيڪي دل جي اندر تائين پهچندا آهن، دل ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ڀيرا اهڙي طرح کلندا ۽ بند ٿيندا رهندا آهن جو ڄڻ ته الله جي هٿان ترتيب ڏنل هڪ خوبصورت منظر پيش ٿي رهيو آهي. ريشمي ڪپڙي جي وڪڙن جهڙا اهي وال انتهائي نزاڪت سان هڪ سيڪنڊ جي به گھٽ مدت ۾ بند ٿي ويندا آهن. اهو سسڻ جو عمل هڪ سيڪنڊ جي سوين حصي ۾ ٿي ويندو آهي ۽ آهي ۽ پوءِ اهي آهستي آهستي لڳاتار کلندا آهن. اها حرڪت اهڙي طرح لڏندڙ هوندي آهي جو ڄڻ ته واپس ويندڙ رت جي لاءِ پردا انتهائي خوبصورتي سان ڪيرايا ويندا هجن ۽ اهي پردا آهستگيءَ سان ڏڪندي محسوس ٿيندا آهن. اهو سمورو عمل هڪ عبادت وانگر هوندو آهي. ”وال“ جي اها رياضياتي درستگي هڪ اهڙو ته شاندار ۽ عظيم ڪمپيوٽر وارو عمل هوندو آهي، جو جيڪڏهن انهيءَ سسڻ واري عمل ۾ هزارين جيو گھرڙن مان هڪ به غلطي ڪري وجهي ته موت اچي سگھي ٿو.
دل جو تاندورو هڪ عظيم خدائي مظهر هوندو آهي. سمورا عضوا اهڙن تاندورن مان ٺهندا آهن جيڪي پاڻ به خاص جيو گھرڙن مان ٺهندا آهن. دل جا تاندورا هڪ خاص بناوت رکن ٿا. بينادي طرح انهن کي ماس وارا جيو گھرڙا چئي سگھجي ٿو پر تنهن هوندي به اهي جسماني لحاظ کان ماس وارن ٻين سڀني تاندورن کان جدا قسم جا هوندا آهن. دل جا سڀئي جيو گھرڙا اهڙي طرح پاڻ ۾ مطابقت رکندا آهن، يعني Synchronized هوندا آهن جو ڄڻ ته اهي هڪڙو ئي جيو گھرڙو هجن. انهن جو عمل لازمي طرح سان جدا جدا نه هوندو آهي. وڌيڪ اهميت واري ڳالهه اها آهي ته ماس جي تاڃي پيٽي ۾ اهڙي طرح ئي عصبي تاندورن سان گينڊريل هوندا آهن جو دل کي عصبي ماس وارو تاندورو چئي سگھجي ٿو. انهيءَ کانسواءِ دل جي ماس اندر ۽ ٻاهر ٻه عصبي مرڪز هوندا آهن. اِن کان علاوه دل جي ڀتين وچ ۾ عصبي نسن جو هڪ بنڊل آهي. انهن ٽنهي عصبي مرڪزن کي ننڍڙن دماغن سان ڀيٽ ڏئي سگھجي ٿي ۽ اهي ئي ننڍڙا دماغ مٿي بيان ڪيل سڀني ڪمن جو حساب ڪتاب ۽ ڳاڻيٽي جو انتظام ڪندا آهن. دل جو هڪ جدا دماغ ۾ موجود سيريبرل (Cerebral) نظام هوندو آهي. اها حقيقت انهيءَ ڳالهه جي باوجود آهي ته هڪ ٻِي واضح نس به دل کي دماغ سان ملائي ٿي. جسماني علم (Anotomy) جي ڪيترن ئي ماهرن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو آهي ته دل جو هر هڪ جيو گھرڙو پنهنجي ئي بجلي پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ اهو آزاد طور تي هڪ عصبي (Neuron) وانگر ڪم ڪري ٿو. اها دل جي پنهنجي جدا نروس سسٽم جي برڪت آهي جو جيڪڏهن دل تائين دماغ کان اچڻ واري بجلي ڪٽجي به وڃي تڏهن به دل پنهنجو ڪم جاري رکي سگھي ٿي. انهيءَ انتهائي اهم ۽ قيمتي تنتي نظام کان علاوه اورٽا (Aorta) جي ويجھو عصبي بافتن يا نسن جو هڪ اهڙو ميلاپ ٿيندو آهي جيڪو دل ۽ تنتي نظام جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو مهيا ڪري ٿو. انهيءَ ميلاپ جي ذريعي غدودن جي باري ۾ ۽ جذبن جي اثرن بابت پيغام به دل کي پهچندو رهندو آهي.
دل جي جِھلي به الله تعالىﷻ جي ڪاريگريءَ جو شاهڪار نمونو هوندي آهي. انهيءَ ٻن تهن واري جھلي جو اهو ڪم اهو هوندو آهي ته جڏهن به اها ڌڙڪي ته ان جي ويجھو وارن عضون کي محفوظ رکيو وڃي. انهيءَ مقصد جي لاءِ انهيءَ جهليءَ جي ٻاهرين ڀت هڪ ته دل کي پاسرين جي ويجهو سيني سان چنبڙائي رکندي آهي، ٻيو اهو ته پنهنجي اندروني جھلي جي وچ واري جاءِ ۾ هڪ ننڍڙي رطوبت ڇڏيندي رهندي آهي.
انهيءَ رطوبت کي دل جي سڄي سطح تي اهڙي طرح ڦانڊيو ويندو آهي جو ڄڻ ته هڪ تمام نازڪ ٽيوننگ ڪئي وئي هجي. انهيءَ سان دل جي ٻاهرين سطح سڪندي ناهي. اها رطوبت ضرورت کان وڌيڪ به پيدا ناهي ٿيندي. جيڪڏهن ٽيوننگ ۾ خلل پئجي وڃي ۽ رطوبت خشڪ ٿي وڃي ته اسان جي دل ائين ڦٽجي ويندي ڄڻ ته اها ڪنهن ڪنڊائين تار ۾ وچڙي وئي هجي. ٻئي پاسي جيڪڏهن اها رطوبت وڌي وڃي ته دل جي ڌڙڪڻ بند ٿي ويندي. انهيءَ جھلي جا جيو گھرڙا رڳو الله تعالىﷻ جي حڪم مطابق ئي انهيءَ رطوبت کي لڳاتار ترتيب ڏيندا رهندا آهن. اهڙي طرح اهو ئي اهو عجوبو آهي جيڪو دل جي بناوت جو اصل حصو آهي.
دل جي باري ۾ سڀ کان اهم پاسو ان جي خاص بجليءَ واري چقمقي (Electromagnetic) بناوت آهي. پنهنجي عمل دوران هر عضوو بلڪل ٿورو بجلي ڪرنٽ پيدا ڪندو آهي پر ٻين تاندورن جي ڀيٽ ۾ دل ۾ انهيءَ ڪرنٽ جو مقدار يا طاقت ايتري ته وڌيڪ ٿي ويندي آهي جو انهيءَ کي جسم جي سڀني حصن ۾ محسوس ڪري سگھجي ٿو. جيئن ته اهو بجلي جو ڪرنٽ دل جي عمل ڪرڻ واري طريقي سان گڏ بدلبو رهندو آهي، تنهن ڪري انهيءَ کي هڪ ڪاغذ تي گراف جي شڪل ڏئي سگھجي ٿي. ان سان انهيءَ وقت دل جي چڱڀلائيءَ جي ڄاڻ حاصل ٿي ويندي آهي. انهيءَ کي اليڪٽرو ڪارڊيو گرام يا مختصر طور ECG چيو ويندو آهي.
دل جو سڀ کان گھٽ مشهور پر اهم سائنسي پاسو انهيءَ جو چقمقي ميدان آهي. دل کي قدرت واري ڇاتي جي کڏي ۾ بي ترتيبي يا بنا ڪنهن مقصد جي نه رکيو آهي. انهيءَ جي برخلاف اهو هڪ اليڪٽروني عضوو آهي جنهن کي هزارين پاسن جي اندازن کان پوءِ پنهنجي جاءِ تي لڳايو ويو آهي. اهو بلڪل راڊار جي رسيور وانگر هوندو آهي. اِن کي بلڪل صحيح جاءِ تي لڳائڻ جي ڪري ۽ ٽن مختلف هنڌن تي ٽن مختلف حصن جي مدد سان دل هڪ چقمقي ميدان ٺاهيندو آهي. انهن مان پهريان اها چقمقي سطح هوندي آهي جيڪا مرڪز کان کٻي پاسي جھڪيل هوندي آهي. ٻي اها عمودي سطح هوندي آهي جيڪا دل جي ساڄي ڪنڊ کان گذرندي انساني ڌڙ جي برابر ٿي ويندي آهي. ٽيون چقمقي ميدان انهيءَ سطح ۾ هوندو آهي، جيڪو کٻي ڪلهي کان شروع ٿي جيري جي مٿين ڪنڊ تائين پهچندو آهي. اهو ٽيون ۽ آخري محور ئي ECG رڪارڊنگ جي اصل رخ کي ظاهر ڪندو آهي.
جيئن ته دل جي ڪم ڪرڻ جو انتظام برقي طور ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ جي چقمقي نظام جو مضبوط هئڻ به انتهائي اهم آهي. پر هتي هڪ تمام اهم نڪتو لڪيل آهي. دل جي عمل سان پيدا ٿيڻ وارو چقمقي ميدان سموري جسم جي جيو گھرڙن تي اهڙي طرح اثر انداز ٿيندو آهي جو اهو جسم جي هر جاءِ کي پنهنجي توانائي جي نظام ۾ ويڙهي ڇڏيندو آهي. دل سڀني پراسرار عجوبن جو بنياد هوندي آهي.
مان پنهنجي پڙهندڙن کي درخواست ڪندس ته آيت سڳوريءَ جي هن موضوع جي تفصيلي معلومات سان هڪجهڙائي رکڻ لاءِ منهنجي بيان تي غور ڪن. ڇو ته دل جي سائنسي حقيقتن ۽ اهم نازڪ عملن کي سمجھڻ جي لاءِ پهريان اسان کي دل جي بناوٽ کي سائنسي طريقي سان سمجھڻ گھرجي. مان هاڻي انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪندس ته ڪيئن دل مادي ۽ روحاني تجربن جي لاءِ هڪ گڏيل جاءِ (Interface) آهي. انهيءَ جي مادي وجود جا حيرت ۾ وجھندڙ گڻ، جسماني چقمقي ميدان سان گڏ انتهائي بلندي تي پهچي ويندا آهن.
هاڻي ڏسو ته دل کي اهو چقمقي ڍانچو ان وقت ڪيئن سونپيو ويندو آهي جڏهن اها پنهنجي زندگي بخشيندڙ جادو جي ذريعي جسم جي آخري جيو گھرڙي تائين رت کي پهچائي ٿي ۽ جنهن جي ڪنهن حصي ۾ ٿيندڙ ڪنهن به واقعي جي نشاندهي دل جي انهيءَ اليڪٽراني (Electronic) نظام جي ذريعي ڪيئن ٿئي ٿي، جنهن کي هاڻي حياتيات جي علم الابدان (فزيالوجي) به مڃي ورتو آهي؟ دل جو پنهنجو هڪ جدا ننڍڙو (Artioventricule) دماغ يا A-V هوندو آهي. جڏهن ته جسم جي ٻيا سڀئي عضوا، هڪ تنتي تار جي ذريعي دماغ سان ڳنڍيل هوندا آهن. اهي سڀئي عجوبا ثابت ڪن ٿا ته دل هڪ عام قسم جو پمپ نه آهي پر انهيءَ ۾ ته الله تعالىﷻ جي هڪ انتهائي حيران ڪندڙ خوبصورت ڪاريگري لڪيل آهي.
جيڪڏهن اسان دل جي جذباتي پاسي کي ڏسون ته اسان ڏسنداسين ته دل جو جذباتي اثر عام قسم جي تنتي نظام کان انتهائي مٿاهون ۽ اوچو آهي. هڪ ماڻهو جڏهن پنهنجي محبوب يا محبوبه سان هم ڪلام ٿيندو آهي ته ان کي بک يا سُور جو احساس نه رهندو آهي. ڏُکاري ڪهاڻي ٻڌڻ وقت توهان جون اکيون آليون ٿي وينديون آهن. انهيءَ تجربي ۾ دماغ يا تنتي نظام جو ڪوبه حصو نه هوندو آهي. توهان کي انهيءَ موقعي تي رڳو دل جي ئي ويجھو ڪجھه اثر محسوس ٿيندا آهن. ماضيءَ جي ياد توهان جي دل کي انبوريءَ وانگر مضبوطيءَ سان ڀڪوڙيندي آهي. محبت جي اثر هيٺ توهان پنهنجي سيني ۾ گرمي، جوش ۽ سرهائي محسوس ڪندا آهيو.
اڄڪلهه جي روسي سائنسدانن به دل ۽ تنتي سسٽم کان سواءِ انهيءَ ٽئين تنتي نظام جي موجودگيءَ جو خيال پيش ڪيو آهي. هُنن انهيءَ ٽئين نظام کي پيش ڪندي ٻڌايو آهي ته انساني سيني جي اندر هڪ اهڙو حيران ڪندڙ فعل هوندو آهي، جنهن جي جاءِ کي مقرر نٿو ڪري سگھجي پر حقيقت اها آهي ته انهيءَ تنتي سرشتي جو مرڪز دل ئي هوندي آهي جيڪا دماغ کان مٿي يا ماورا جذباتي واقعن کي پنهنجو پاڻ سان هڪجهڙائي عطا ڪري ٿي. اها حقيقت جنهن جي چانئٺ تي سائنس اڃا هاڻي هاڻي پهتي آهي، انسان جي هستيءَ جو هڪ بنيادي راز آهي. هاڻي مان قرآن جي اڻ کٽ ۽ عظيم ڪائناتي علم جي روشنيءَ ۾ انهيءَ نظام کي بيان ڪندس.
تنتي سرشتو اڻ سڌي طرح سمورن عضون سان مليل هوندو آهي. جيتوڻيڪ هڪ پاسي ته مرڪزي تنتي سرشتو ۽ جسم جي هڪ مخصوص جاءِ تي واڌ ۽ اوسر سان تعلق رکندڙ تنتي سرشتو دل سان ڳنڍيل هوندو آهي. ٻئي پاسي دل پاڻ به پنهنجي طور تي انهن سان ڳنڍيل هوندي آهي. جيتوڻيڪ اهڙن ڳانڍاپن جي باري ۾ قطعي طور ڪجهه به نٿو چئي سگھجي، پر اهو سمجهيو ويندو آهي ته تاري جي شڪل جهڙن عصبي تاندورن جي انهيءَ ميلاپ جي ذريعي، جيڪو ساهه واري رڳ جي بلڪل ويجھو هوندو آهي، دل سموري واڌ ۽ اوسر سان تعلق رکندڙ تنتي سرشتي کي مدد پهچائي ٿي. دل کان شروع ٿي تنتي سرشتي جي مرڪز تائين پهچندڙ اثرَ، بڪين جي ويجهو موجود هارمون خارج ڪرڻ وارن غدودن (اڊرينل گلينڊ) تائين پهچندا آهن ۽ انهن غدودن تائين به پهچندا آهن جن جي عمل سان اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا آهن. وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته دل پنهنجي چقمقي ميدان جي ذريعي واڌ ويجھه ۽ اوسر سان لاڳاپيل تنتي سرشتي تي به پنهنجو ضابطو قائم رکندي آهي.
اڻويهين صدي عيسويءَ جي دقيانوسي تُڪ بندي هاڻي تمام پري جي ڳالهه ٿي چڪي آهي. هاڻي اسان انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون ته دل گھٽ ۾ گھٽ برقي چقمقي پيغام پهچائڻ جو هڪ اهم ذريعو ضرور آهي.
اسان جي جسم ۾ مرڪزي تنتي سرشتو ۽ دماغ، جتي رڪارڊ رکيا ويندا آهن، هڪ اهڙو ڪمپيوٽري نظام آهي، جتان جسم جي مختلف حصن کي حرڪت جا حڪم جاري ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته جسم جي واڌ ويجھه سان لاڳاپو رکندڙ حصا ڪيترن ئي پاسن تي مشتمل اهڙو نظام ترتيب ڏيندا آهن، جيڪو جذباتي اثرن ۽ ٻين ڪيترن ئي حياتياتي عملن تي نظر رکندو آهي. ٻئي پاسي هڪ ٽيون نظام، جيڪو اهم ماپن کي ظاهر ڪندو آهي، سا دل آهي جيڪا اسان جي سموري مادي ۽ روحاني وجود کي هڪ ايڪي ۾ مڙهي برق چقمقي ٻنڌڻن جي ذريعي دماغ ۽ ٻين تاندورن سان جوڙي ٿي.
زمين تي موڪلڻ کان اڳ اسان جي پياري پالڻهار اسان کي ٻه انتهائي اهم راز عطا ڪري ڇڏيا آهن. انهن مان هڪ ذهن يا سمجھه آهي جيڪا دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ اچڻ واري معلومات جي ڇنڊڇاڻ واري عمل ذريعي حاصل ٿيندي آهي. جڏهن ته انهن مان ٻي دل آهي جيڪا پاڻ علم ۽ وجدان کي تخليق ڪندي آهي. ان کي انهيءَ باري ۾ ٻئي ڪنهن عضوي جي مدد جي ضرورت نه هوندي آهي. دل ئي انهيءَ علم ۽ ادراڪ جي توجيهه ۽ تشريح ڪندي آهي. اسان دماغ جي ذريعي بحث ۽ تمحيص ڪري معلومات کي اهڙي طرح استعمال ۾ آڻيندا آهيون جو منطقي نتيجا حاصل ٿي ويندا آهن پر دل جي ذريعي اسان علم کي پيدا به ڪري سگھون ٿا ۽ انهيءَ جو مشاهدو به ڪري سگهون ٿا. انهيءَ عجوبي جو نالو وجدان آهي. وجدان دماغ ۾ موجود معلومات جي ڪري ئي پيدا نه ٿيندو آهي پر اهو خدائي راز جي ذريعي علم جي حاصلات هوندي آهي جنهن کي اسان شعور يا ادراڪ چوندا آهيون. اسان جي رسول ﷺ ڪائنات جي عظيم ترين هستيءَ جو امي (اڻ پڙهيل) هئڻ جو راز به اهو ئي آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ ﷺ دنياوي احساس کان مٿي، عظيم سچائين کي پنهنجي پاڪ دل جي شعور ذريعي ئي بيان ڪيائون.
ان ڪري ئي سورت البقره جي شروع ۾ ايمان کي ايمان بالغيب سڏيو ويو. اهو انهيءَ حقيقت جي بنياد تي آهي ته قرآن سڌو سنئون دل کي مخاطب ٿئي ٿو ۽ انهيءَ جي جواب ۾ رڳو دل ئي انهيءَ کي سمجھي سگھي ٿي. اصل ۾ ذهن نه ته ڏسي سگھي ٿو ۽ نه ئي محسوس ڪري سگھي ٿو ته ڪائنات جا سمورا ذرڙا الله تعالىﷻ جي نالي جي تسبيح ڪن ٿا. ڇو ته اهو ايٽم کي نٿو ڏسي سگھي پر دل، جيتوڻيڪ اهو نه به ڏسي سگھي ته به انهيءَ حقيقت کي محسوس ضرور ڪري سگھي ٿي. اڃا به ائين چئي سگھجي ٿو ته اها نڙيءَ مان لهندڙ پاڻيءَ جي هر هڪ ذرڙي (ماليڪيول) جي حمد جي موسيقي کي به ٻڌي رهي آهي.
جڏهن دل تي مهر لڳل هجي ته اکين جي ڏسڻ ۽ ڪنن جي ٻڌڻ واري صلاحيت غائب ٿي ويندي آهي. ائين مرڪز کان شروع ٿي سموري واڌ ويجھه سان لاڳاپيل تنتي نظام ۾ پکڙجي وڃڻ واري عمل جي ذريعي دل ئي اکين ۽ ڪنن کي اهڙو شعور ۽ ادراڪ عطا ڪري ٿي، جيڪو روشني ۽ آواز جي مادي حساب ڪتاب کان اعليٰ ۽ جدا هوندو آهي. وڌيڪ اهو ته دل پنهنجي برق چقمقي قوت جي ذريعي، جيڪا اک ۽ ڪن کي پنهنجي گھيري ۾ آڻيندي آهي، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيندي آهي. اچو ته هاڻي انهيءَ اثر کي سائنسي نقطي نظر کان ڏسون.
جڏهن توهان ڪنهن خوبصورت ناريءَ کي ڏسندا آهيو ته توهان کي يڪدم احساس ٿيندو ته ڪهڙي طرح توهان جي دل جي چقمقي سطح يا ميدان لڏي پوي ٿو. نتيجي ۾ توهان جا احساس جاڳي پوندا آهن. توهان جي محبوب هستيءَ جي آواز جو مادي پيمانو ڀلي ڪهڙو به هجي، ڇا توهان انهيءَ خوشيءَ واري احساس کي بيان ڪري سگھو ٿا، جيڪو اهو آواز توهان تي اثر ڇڏي ٿو؟ ڇا توهان ڪڏهن غور نه ڪيو آهي ته جڏهن توهان هزارين سال پراڻي داستان کي به ٻڌندا آهيو ته ڪهڙي طرح توهان جي دل جي چقمقي سطح لڏي پوندي آهي ۽ ڪهڙي طرح يڪدم پوءِ توهان جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا آهن؟ اهو سمورو سلسلو دل کان ئي شروع ٿيندو آهي ۽ ڳوڙها پيدا ڪندڙ غدود ۽ انهيءَ جي نالي پنهنجو ڪم رڳو دل جي حڪم تي ئي ڪندا آهن. اها عجوبي جهڙي صلاحيت رڳو دل کي ئي حاصل آهي. دل ۽ شريانين مان پيدا ٿيندڙ تڪليف سموري واڌ ويجھه سان لاڳاپيل اعصابي نظام ۾ ڦهلجي، سموري جسم جي چقمقي سطح تائين پکڙجي ويندي آهي. انهيءَ جي ڪري ئي اسان اداسي، ڪمزوري ۽ سخت ٿڪاوٽ محسوس ڪندا آهيون. اسان جي هر بک، ويندي جنسي خواهش به ختم ٿي ويندي آهي.
هڪ انتهائي اهم حقيقت هڪ ٻي شيءِ کي کليل طرح سان ثابت ڪري ٿي ۽ اها آهي الهام يا اڳواٽ آگاهي.
اڳواٽ آگاهي يا الهام، محسوس ڪري وٺڻ جو اهو فن آهي، جيڪو دماغ جي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ظاهر نه ٿيندو آهي. بي چيني يا خوشيءَ جو احساس دل جون ئي حيران ڪندڙ ۽ خوبصورت صلاحيتون آهن. دل هڪ اهڙو اوزار يا مانيٽر آهي جيڪا وقت جي مدار ۾، ڪائنات جي سمورين سچائين سان لاڳاپيل ڪنهن به واقعي جي ٿيڻ کان اڳ ئي انهيءَ جو ادراڪ حاصل ڪري وٺندي آهي. توهان کي هر هڪ پيغام دل جي ذريعي ئي ملندو آهي. دل جو اهو راز انهيءَ جي مادي وجود جي برقي چقمقيت کان به وڌيڪ اعلى ۽ عظيم صلاحيت آهي. اهڙا الهام ايترو ته وڌيڪ چٽائيءَ سان دل تي ايندا آهن جو سائنس جي لاءِ اهو انتهائي حيرت، تجسس ۽ مدح ۽ ثناء واريون ڳالهيون آهن.
انهيءَ کان اڳتي دل جي سڀ کان حيران ڪندڙ صلاحيت ظاهر ٿئي ٿي. اها آهي ان جي محبت جي خاصيت.
محبت جو جذبو، جنهن کي ڪا مادي شيءِ يا ڪا اسڪرين ظاهر ڪرڻ کان عاجز آهي، هڪ لحاظ کان خود دل جي وجود جو مقصد آهي. انهيءَ جي اسان جي پوري وجود تي حڪمراني هوندي آهي. دل، اک جي پردي جي پويان انساني وجود جي جنهن خوبصورت پاسي جو نظارو ڪري ٿي سا محبت آهي.
محبت جو حسن ۽ دانائيءَ کان، جيڪا رڳو دل سان لاڳاپو رکي ٿي، انڪار ڪرڻ ائين آهي جيئن سموري ڪائنات جو انڪار ڪيو وڃي. جڏهن توهان پنهنجي اندر محبت جو ڀرپور طريقي سان احساس ڪريو ٿا ته توهان کي اندازو ٿي ويندو ته توهان جي دل انهيءَ وقت ڪيتري شدت سان ڌڙڪي رهي آهي.
دل جي مادي خاصيتن کان مٿاهان گڻ، انهيءَ جي مادي عمل تي به اثرندار ٿيندا آهن. هڪ محبت سان سرشار دل، جسم ۾ 150000ڪلوميٽر ڊگھين نسن جي ذريعي رت جي پهچ وڌيڪ طاقتور ۽ سٺي نموني ڪندي آهي. انهيءَ حالت ۾ رت ورهائيندڙ ناليون هڪ بهترين ڪمپيوٽري نظام جي ذريعي وڌڪ ويڪريون ۽ وڌيڪ پرسڪون هونديون آهن. نفرت ڀريل دل پنهنجو پاڻ کي به تباهه ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انهن جيو گھرڙن کي به جن تائين اها نسن جي ذريعي رت پهچائيندي آهي. محبت هڪڙو راز آهي. اهو هڪ خدائي حڪم آهي ۽ هڪ اهڙو پاڪيزه جذبو آهي جيڪو جهانن جي پالڻهار تي ايمان جي برڪت سان دل ۾ پيدا ٿيندو آهي.
الله پاڪ، جنهن انسان کي جيڪو ڪائنات جي اک جو تارو بڻايو ويو آهي، پنهنجي پاڪ اسرار سان دل جو معجزو عطا ڪيو آهي. ان انساني دل تي پنهنجي مهر هڻي ڇڏي آهي. هاڻي مان توهان کي انسان جي دل تي الله تعالىﷻ جو اهو آٽوگراف ڏيکارڻ گھرندس جنهن کي مان گذريل ويهن سالن کان مختلف موقعن تي شايع ڪندو رهيو آهيان.
لفظ الله جي ٻاهرين پاسي هڪ پردو ”١ “ شڪل ۾ ٺهيل آهي. هتي جيڪا تصوير پيش ڪئي پئي وڃي سا جڳ مشهور سوبوٽا اٽلس، 1952ع واري ڇاپي جي 60-61 صفحي تي ڏنل آهي ۽ اها ئي مهر صاف صاف طريقي سان ايبٽ جي جڳ مشهور ٽرانسپيرنٽ اٽلس آف اناٽومي ۾ به ڏسي سگھجي ٿي.
هن آٽوگراف کي ڏسڻ لاءِ هڪ مئل ماڻهوءَ جي دل کي ٻن پاسن کان چيرڻو پوندو. ڇو ته اها مهر ٻن تهن جي شڪل ۾ اهڙي طرح هوندي آهي جيئن هٿ جي تري هوندي آهي.
جيئن ته دل هڪ منٽ ۾ اسي دفعا ڌڙڪندي آهي ته اها هر ڌڙڪڻ تي کُلندي آهي، هر دفعي انهن مهرن کي هڪ جھنڊي وانگر کولي ظاهر ڪندي آهي. اهو جهنڊو اربن جي تعداد ۾ انسانن جي دلين ۾ ائين ئي هر گھڙي جھولندو رهندو آهي. اهو هڪ اهڙو آٽوگراف آهي، جنهن تي پاڻ الله تعالىﷻ پنهنجو نالي سان صحيح ڪئي آهي. اهو هن آيت سڳوريءَ جو خوبصورت معجزو آهي جنهن جي اسان هن باب ۾ تشريح ڪري رهيا آهيون. ايئن ٿو معلوم ٿئي ته رب جليل اهو حڪم ڪيو آهي ته ”مون دل تي پنهنجي مهر هنيئن آهي، اها دل منهنجي تخليق جو شاهڪار آهي. جيڪڏهن توهان ان کي ايمان سان نٿا ڀريو ته مان ان تي هيءَ مهر لڳائي ڇڏيندس.“
پڪ سان ڪيترا ئي ماڻهو اهڙا به هوندا جيڪي الله تعالىﷻ جي خوبصورت تخليق ۾ اهڙي طرح ايمان نه رکندا هوندا. انهن جي دعوى هوندي ته اها هڪ اجائي سجائي توجيهه آهي ۽ اهو ته اها مشابهت رڳو اتفاقي ۽ سطحي قسم جي آهي. اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي پوري ڪائنات کي ئي هڪ اتفاق جو نتيجو سمجھن ٿا. انهن کي هيءَ ئي آيت سڳوري اهو جواب ڏئي ٿي ته ”جڏهن توهان جي دلين تي مهر لڳي وئي هجي ته توهان پنهنجي اکين سان ڪهڙي طرح ڏسي سگھو ٿا؟“ اهو جنهن جي دلين تي مهر ۽ اکين تي ڇوَڙ چڙهي ويو هجي ته پنهنجي نڪ هيٺان به سچ کي نٿو سڃاڻي سگھي.
انساني جسم ۾ موجود ٽيهه ٽرلين ٽرلين ٽرلين ايٽمي مرڪزَ هر وقت الله تعالىﷻ جي نالي جي تسبيح سوريندا رهن ٿا. اها تسبيح سمورين دنيائن ۾ نشر ٿيندي آهي ۽ هر جوهر جي مختلف شڪل هوندي آهي. جيئن ته بي دين ماڻهن جي دلين تي مهر لڳل هوندي آهي ۽ اکين تي پردا چڙهيل هوندا آهن، تنهن ڪري انهن جون دليون انهيءَ سرور بخشيندڙ خدائي موسيقي جو مزو نٿيون ماڻي سگھن، جنهن موسيقيءَ جي حسن جي ڪابه حد نه آهي. اهڙيءَ طرح هن آيت جو هڪ ٻيو معجزو به ظاهر ٿئي ٿو ته ”انهن جا ڪن به بند ٿي چڪا هوندا آهن.“
هوائن ۾ اڏامندڙ ايٽمن جي شاندار ۽ وڻندڙ موسيقي، ڪائناتي جسمن جي اڻکٽ تسبيحن جي لهرن جا ايٽمي چقمقي پڙاڏا ۽ دل جا راز ايمان وارن ماڻهن کي پڪ سان ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، باقي نه ته انسان هن دنيا کي گونگو ئي سمجھندو.
سموري ڪائنات ۾ خدائي شان جو ظهور آهي. جيتوڻيڪ ڇوڙَ چڙهيل اکيون انهيءَ جو نظارو نٿيون ڪري سگھن، اها ڳالهه ته مهر لڳل ڪن، ڪائنات جي اڻ کٽ موسيقي کي ٻڌي نٿا سگھن، الله تعالىﷻ جي عظمت کي نٿا لڪائي سگھن. الله تعالىﷻ جي اڻ کٽ ڪاريگري پنهنجي اسرار کي هر وقت قائم رکيو اچي. اهو رڳو انهن ئي اکين کي نظر اچي سگھي ٿو، جن ۾ ايمان جي ذريعي صلاحيت حاصل ٿي چڪي هجي. شڪرگذاريءَ جون دائمي لهرون پاڻ به زمان ۽ مڪان کي پري نه آهن. اڃا به فضائي ويڪر جي وڏي پيماني وارين ۽ تمام ننڍڙي پيماني وارين ڪهڪشائن جي وچ ۾ ناچ ڪري رهيون آهن.
هڪ دفعي جڏهن روحاني اک تي ڇوَڙ چڙهي وڃي، جڏهن ڪنن ۽ دل تي مهر لڳي وڃي ته واقعي هر شيءِ ختم ٿي ويندي آهي. اهڙو ماڻهو ڊگھو سفر ڪري سگھي ٿو، اهو لکي سگھي ٿو، پڙهي سگھي ٿو، ايتري تائين جو حسابي عددن کي ٻڌي سگھي ٿو پر انهيءَ جي لاءِ موسيقي رڳو آواز جو لاهه چاڙهه ۽ جيڪو ڪجھه پڙهندو يا سوچيندو، انهيءَ جي لاءِ اهو ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي انگن کان وڌيڪ ڪجھه نه هوندو.
اهو ماڻهو جيڪو دل جي اک سان نٿو ڏسي سگھي، اها دعوى نٿو ڪري سگھي ته هُن ڪجھه ڏٺو آهي. جيڪو ڪجھه هو ڏسي سگھي ٿو، سو هڪ ڪارٽون جهڙي فلم کان وڌيڪ ڪا اهميت نٿو رکي. هر قسم جي فساد، غلط فهمي ۽ چراخ جهڙي سخت لالچ واري زندگي، هڪ مهر لڳل دل کي ظاهر ڪري ٿي. ان جي برخلاف جيڪو ماڻهو دل جي خدائي راز واري دريءَ مان مشاهدو ڪري ٿو، سو خدائي فنڪاري جي حسن ۽ بي حساب ۽ بيمثال ڪاريگري کي پنهنجي سامهون ڏسي ٿو ۽ جيڪو کليل دل سان ٻڌي ٿو، تنهن کي هر شيءِ ۾ الله تعالىﷻ جي تسبيح ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.