مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 31 قادر مطلق جي ڪمپيوٽري مرڪز ۾ ننڍڙي ڪائنات جو رڪارڊ

وَ قَالَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لَا تَاۡتِیۡنَا السَّاعَۃُ ؕ قُلۡ بَلٰی وَ رَبِّیۡ لَتَاۡتِیَنَّکُمۡ ۙ عٰلِمِ الۡغَیۡبِ ۚ لَا یَعۡزُبُ عَنۡہُ مِثۡقَالُ ذَرَّۃٍ فِی السَّمٰوٰتِ وَ لَا فِی الۡاَرۡضِ وَ لَاۤ اَصۡغَرُ مِنۡ ذٰلِکَ وَ لَاۤ اَکۡبَرُ اِلَّا فِیۡ کِتٰبٍ مُّبِیۡنٍ ٭ۙ﴿۳﴾ (السبا:٣)
”هُن کان ڪا ذرڙي جيتري شيءِ به نه آسمانن ۾ لڪيل آهي ۽ نه ئي زمين ۾، اُن کان تمام ننڍي (ڪا شيءِ اھڙي) ڪانھي ۽ نه ڪي تمام وڏي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.“

ننڍڙي ڪائنات (Microcosmos) جي سلسلي ۾، جيڪا علم طبعيات جي انتهائي خيال انگيز ۽ بيحد دلچسپ حد آهي، تنهن جي باري ۾ هيءَ آيت سڳوري غيرمعمولي اهميت وارا پيغام پيش ڪري ٿي.
غير ضروري تفصيل ۾ وڃڻ کانسواءِ، اسان کي هن آيت ۾ ڏنل ڪيفيتن ۽ اصطلاحن جو غور ۽ احتياط سان مطالعو ڪرڻ گھرجي. اسان جي مطالعي ۾ سڀ کان ننڍي ايٽم جو شروعاتي مطلب اسان جي ڄاڻ موجب ’اهو سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو ذرڙو آهي جنهن جي طبعياتي ڄاڻ ذريعي ماپ ٿي سگھي (مثقال ذره)‘. هڪ ٻي سڃاڻ ”ننڍڙي“ جي معنى رکي ٿي. اسان جي ترجمي جي لحاظ کان انهيءَ جو مطلب انتهائي ننڍڙو، گھٽ ۾ گھٽ آهي. بهرحال، ننڍڙو انتهائي ننڍو هجڻ جي بلڪل ئي ويجھو آهي، نه ڪي ٿوري ننڍي سائيز. لاطيني ٻوليءَ ۾ اهو گھٽ ۾ گھٽ (Minumum) جي هم معنى آهي.
ترجمي ۾ هڪڙو ٻيو ڏکيو مرحلو ظاهر ظهور يا کليل ڪتاب جي تشريح جو معاملو آهي. کليل ڪتاب، جنهن کي لوح محفوظ به چيو ويندو آهي، قرآن ۾ ڪيترين ئي جاين تي بيان ٿيو آهي. شروع ۾ اهو سمجھيو ويندو هو ته کليل ڪتاب جو مطلب اهو ڪتاب آهي، جنهن ۾ هر شيءِ لکيل هوندي آهي. ڪائنات جي رازن کي سمجھڻ جي سلسلي ۾ اها سڃاڻ اڻپوري ثابت ٿيندي آهي. پر اسان جي دؤر ۾ انهن اصطلاحن کي سمجھڻ گھڻو ئي سئولو ٿي پيو آهي. مون پنهنجي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ انهيءَ نظريي کي هن طرح سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهو هڪ قسم جو ڪمپيوٽر سينٽر آهي، جتي تقدير (Destiny) جي باري ۾ سڀني قانونن ۽ حڪمن جو رڪارڊ رکيو ويو آهي.
هن آيت جي تشريح جي لاءِ مان ننڍڙي ڪائنات (Microcosmos) جي طبعياتي خاڪي جو تت پيش ڪرڻ گھرندس.
ننڍڙي ڪائنات (Microcosmos) ڇا آهي؟
ٻه هزار سال اڳ يونانين ايٽم جي مادي کي ننڍي ۾ ننڍي ايڪي سان تعبير ڪيو هو. ذرڙي جو اصطلاح پنج هزار سال اڳ مصر، شام ۽ هندستان ۾ به استعمال هيٺ هو. ايٽم جنهن جو تصور مادي جي سڀ کان ننڍڙي ايڪي طور موجود هو، (وڌيڪ نه ورڇجي سگھجندڙ Atom) سڀ کان ننڍڙي شيءِ جي نمائندگي ڪري ٿو پر عربي ٻوليءَ ۾ لفظ مثقال، ڪجھه ٻي معنى رکي ٿو. منهنجي تحقيق موجب اهو نظريو سڀ کان پهريان قرآن ۾ ئي ڏنو ويو آهي. ڇو ته جيڪڏهن ننڍين ۾ ننڍين ورڇ جوڳين شين کي قادر مطلق جي ڪمپيوٽر ۾ لکيو ويو آهي ته انهيءَ مان اهو ظاهر آهي ته اهي ذرڙا رياضياتي خاصيتن وارا آهن.
اچو، هاڻي ڏسون ته جديد علم طبعيات ننڍڙي ڪائنات کي ڪهڙيءَ ريت بيان ڪري ٿو؟
ڪائنات ۾ سڀ کان ننڍڙيون شيون، جنهن ۾ مادو به اچي وڃي ٿو، سڀ کان وڏين ڪهڪشائن کي وجود ڏين ٿيون. جديد طبعيات ۾ مادي جي سڀني خاصيتن جو تعين، ان جي تمام ننڍين شين (Infinitesimals)، جن کي بنيادي ذرڙا چيو ويندو آهي، جي وسيلي ٿيندو آهي. پوءِ وري مختلف شيون، جهڙوڪه رُڪ، هوا ۽ وڻ جي بناوت انهن ننڍڙن ذرڙن واري ننڍڙي ڪائنات جي سطح تي ئي وجود ۾ اچڻ شروع ٿي وينديون آهن.
ننڍڙي ڪائنات هڪ مرڪزي ڍانچي تي مشتمل هوندي آهي. هڪ ايٽم جي مرڪز کي هڪ گاديءَ جي هنڌ سان ڀيٽ ڏئي سگھجي ٿي. اهو گھڻو ڪري ته پروٽانز (Protons) ۽ نيوٽرانز سان ملي ڪري ٺهيل هوندو آهي. ايٽم جي مضبوط سگھه، انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکي ٿي ۽ اهڙي طرح مرڪز ۽ نتيجي طور مادي جي وجود جي تسلسل کي برقرار رکي ٿي. هن ايٽمي شهر جي آسپاس اليڪٽرانن جا ڪڪر هوندا آهن جن جي توانائيءَ جي سطح تبديل ٿيندي رهندي آهي. انهن کي ڪائنات صغير جو آسمان به چئي سگھجي ٿو. هن کان اڳ ستن آسمانن جي تشريح مهل ۽ ان کان پهريان موضوع نمبر 6 ”جوهري مرڪز“ جي تشريح ڪندي مون ڪائنات صغير جون ڪجھه خاصيتون بيان ڪيون آهن. ايٽم جي مرڪز ۾ پروٽانن ۽ نيوٽرانن سان گڏ اهي ابتدائي ذرڙا به چهٽيل رهندا آهن يعني ميزان (Meson)1، نيوٽرينو (Neutrino)2، اينٽي نيوٽرينو (Anti Neutrino) ۽ بريمزشٽالنگ 3(Bremsstrahlung) هڪ مرڪز ۾ ڪنهن ذرڙي جي داخل ٿيڻ تي، ان جي ”انگيختگي“ ۽ ايڪسري ۽ گاماريز جا قدريا (Quantas)، ايٽمي توانائي جي مختلف سطحن تي گرفتار ٿي يا ڦاسي پوندا آهن. اهي سڀئي ايٽم کان انتهائي ننڍڙا هوندا آهن. اسان انهن مان ڪن ٿورڙن جي خاصيتن تي هيٺين بحث ڪنداسين.
ڇا توهان کي هن آيت ۾ موجود نه وسهڻ جوڳو پيغام نظر اچي ٿو؟ اسان کي اهو اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ ٻڌايو پيو وڃي ته جن جزن منجھان مادو جڙندو آهي، سي ايٽم کان به ننڍڙا هوندا آهن ۽ انهن جو ڳاڻيٽو قادر مطلق وٽ اڳي ئي موجود آهي.
پر اهي ذرڙا کليل ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڇاجي لاءِ لکيا ويا آهن؟ جڏهن ڪنهن شيءِ جي لکت انهيءَ سائنسي مرڪز ۾ ڪئي ويندي آهي ته ڇا ٿيندو آهي؟ انهيءَ کي هڪ سائنسي تقدير عطا ڪئي ويندي آهي. انهن ذرڙن جو طبعياتي ڍانچو انهيءَ مرڪز ۾ متعين ٿيندو آهي. اهي ذرڙا پنهنجي اٽل ۽ نه بدلجندڙ حساب ڪتاب جي خاصيت انهيءَ ڪمپيوٽر مان حاصل ڪندا آهن.
اهي لفظ رڳو اندازا نه آهن ۽ نه وري منهنجي پنهنجي ايجاد آهن. دنيا جي پنجن سڀ کان وڌيڪ مشهور طبعيات جي ماهرن مان هڪ ورنر هائزن برگ موجب انفرادي طبعي واقعن، جيڪي ايٽم جي مرڪز ۾ پيدا ٿيندا آهن، انهن جي باري ۾ اڳڪٿي نٿي ڪري سگھجي. انهيءَ کي بي يقينيءَ وارو اصول (Principle of Uncertainty) چيو ويو آهي. هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ اهي انتهائي ننڍڙا ذرڙا پنهنجو وجود ڪهڙي طرح قائم رکي سگھن ٿا؟ اهي يڪدم توانائيءَ جي شڪل ڇاجي ڪري اختيار نٿا ڪري سگھن؟ هيءَ آيت سڳوري انهن سوالن جو جواب تمام چٽائيءَ سان ڏئي ٿي ته ايٽم کان به ننڍڙا ذرڙا قادر مطلق جي جوڙيل مرڪز ۾ پروگرام ڏنا ويا آهن. انهيءَ ڪري اهي تمام ننڍڙا ذرڙا، کليل ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل پنهنجي مخصوص پروگرام تي عمل ڪندا رهندا آهن ۽ ڪنهن به قسم جي وائڙائپ يا پريشانيءَ جو شڪار نه ٿيندا آهن.
هن آيت جو هڪڙو ٻيو معجزو اهو به آهي ته اها اسان کي اڻ ورڇجندڙ شين (مخلوقات) ۽ ننڍڙن ذرڙن جهڙوڪه، ايٽم، پروٽونز، نيوٽرونز ۽ اهڙي قسم جي ٻين شين جي باري ۾ ڄاڻ ڏين ٿيون جيڪي ڀلي زمين تي هجن يا آسمان ۾. پراڻي زماني وارن انسانن جي لاءِ اها اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي ته اهي آسمان ۾ موجود ذرڙن جو تصور به ڪري سگھن، جڏهن ته انهيءَ جو ادراڪ زمين تي به مشڪل هو.
کليل ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ان ايٽم کان ننڍڙن ذرڙن (Subatoms) جي تقدير مان ڪهڙي قسم جو طبعي عمل سمجھيو وڃي ٿو؟ اچو، انهيءَ جو جواب علم طبعيات جي هڪ نئين شاخ ۾ ڳوليون ٿا.
جوهري چقمقي پڙاڏو (Nuclear Magnetic Resonance) يا N.M.R هر ذرڙي يا ايٽم جي سڃاڻپ ان مان نڪرندڙ لرزش يا آوازن جي ذريعي ڪندي آهي. N.M.R هڪ مقداري مڪينيڪل عمل جي خاصيت آهي جيڪا پروٽانن يا نيوٽرانن جي ايٽمي مرڪز ۾ اڪي عددن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. اهڙا مرڪز غير ٻڙي (Non-Zero) چڪر وارا ٿيندا آهن. اهي چقمقي ميدان وارا ٿيندا آهن. جڏهن انهن کي ٻاهرين ساڪن چقمقي ميدان ۾ رکيو وڃي ته اهي ان سان سڌائي يا قطار ۾ ٻڌجي ويندا آهن. انهيءَ ٻڌجي وڃڻ واري عمل دوران مرڪز چقمقي ميدان جي چوگرد لڏندي چرپر ڪندا آهن. اها پڙاڏي واري چرپر (N.M.R) قدرت جي نشاني آهي. ٻاهرين چقمقي ميدان جي استعمال جو مثال تنبوري جي آواز سان ڏئي سگھجي ٿي.
پر جڏهن هڪ دفعو مرڪزَ ٻاهرين چقمقي ميدان سان سڌائي ۾ اچي وڃن يا Allign ٿي وڃن ته چقمقي چرپر هر ايڪي ۾ ڪنهن قسم جي لڏڻ لمڻ واري خاصيت کان خالي ٿي ويندي آهي. N.M.R جي اشاري يا سگنل جي مطالعي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته انهيءَ توازن کي لوڏيو وڃي. اهو اهڙي طرح لڏڻ يا بي قراري واري حالت ۾ اچي ٿو جو هڪ ٻئي عارضي فرق واري چقمقي ميدان کي، جيڪو اصلي ميدان کان هزارين ڀيرا هيڻو هجي ۽ جيڪو گوني ڪنڊ تي هجي، تنهن کي هن سان استعمال ۾ آندو يا ملايو وڃي. انهيءَ ميدان ۾ جيڪو مثال ريڊيائي ارتعاشي ميدان هوندو آهي، تنهن کي ضروري طور تي مرڪزن جي ارتعاشي فريڪوئنسي سان مڪمل طور تي ميلاپ ڪرڻ گھرجي. هن ٻئي ميدان جي استعمال کي ڪنهن ساز جي تار کي ڇيڙڻ سان ڀيٽائي سگھجي ٿو ۽ مرڪزَ ان جواب، ميگا هرٽز جي سطح تي ڪو سُر ڪڍڻ جي انداز ۾ ڏيندا آهن. اهو سر هر قسم جي ايٽم ۽ هر جدا جدا سڪوني ميدان جي لاءِ ڪنهن حد تائين مختلف هوندو آهي. اهو ارتعاش بجلي جي وهڪري يا وولٽيج ۾ بدلجي ويندو آهي ۽ هر مرڪز جي نشاندهي اُن جي جھونگاريندڙ سُر سان هوندي آهي.
سورت يٰس جي آيت نمبر 40 ۾ جيڪو چيو ويو آهي ته هر شيءِ ۽ هر ذرڙو هڪ خاص مدار ۾ چڪر هڻي رهيو آهي ۽ الله تعالىﷻ جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي ته اهو سُر يا موسيقي ئي الله تعالىﷻ جي نالي جو ذڪر آهي. ائين اهو به قادر مطلق جي انهيءَ کليل ڪتاب ۾ پهريان کان ئي لکي ڇڏيو ويو آهي ته ايٽم کان به ننڍڙو جوهر ڪهڙي موسيقي يا ذڪر پيش ڪندو ۽ جيڪڏهن توهان تصوراتي طور هڪ ”ايٽم جي شهر“ ۾ داخل ٿي وڃو ته توهان کي اهو خدائي ذڪر حيرت ۾ وجھندڙ حد تائين بيحد وڻندڙ موسيقيءَ جي شڪل ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو. جيڪڏهن توهان اهو سڃاڻي سگھو ته ڪهڙو سُر ڪهڙي عنصر سان مطابقت رکي ٿو ته توهان اهو به سڃاڻي ويندؤ ته توهان ڪهڙي شهر ۾ داخل ٿيا آهيو. وڌيڪ اهو ته توهان کي روشنيءَ جا اهي نقطا به ڏسڻ ۾ ايندا جيڪي مختلف رنگن واري آسمان جي وچ ۾ هڪ جرڦل وانگر جھرمر ڪندا آهن. اهي هر قسم جون خوبصورت روشنيون ۽ آواز يڪسوئي وارين عبادتن ۽ ذڪرن کي بيان ڪن ٿا، جيڪي اسان جي روزاني واري سائنسي دنيا جي لحاظ کان، انهن جي واکاڻ ڪرڻ (يُسَّبِحۡنَ) واري راز جو اظهار آهن.
اهو ئي سبب آهي جو قرآن ڪريم، علم طبعيات (Physics) آسماني طبعيات (Astrophysics) ۽ علم حياتيات جي عقلي ۽ استدلالي سائنسن کي ايتري پسنديدگي ۽ اهميت عطا ڪري ٿو جو جيڪڏهن سائنس قرآن جي عظيم بابرڪت نقطه نظر کان حيات جو مشاهدو ڪري ته ان کي انهيءَ ۾ ڏنل اڻ کٽ معنى نظر ايندي. ان کي ننڍي ۾ ننڍي مخلوق ۾ الله تعالىﷻ جي واکاڻ ۽ ذڪر جو شعور حاصل ٿيندو. ٽيڪنيشن يا سپروائيزنگ ليول جا ماڻهو ڀلي انهيءَ ڳالهه جو احساس ڪن يا نه، پر اڄ N.M.R ليبارٽرين ۾ ذرڙن (Molecules) جي ذڪر واري موسيقيءَ جو مشاهدو انهن جي وڊيو اسڪرينن تي ڪيو پيو وڃي.
اچو ته هاڻي هن آيت کي پوريءَ طرح پڙهي ان ۾ بيان ڪيل ڳالهين کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون، جن ۾ چوڏهن سؤ سال اڳ انهن ذڪرن يا خدائي واکاڻ جي موسيقيءَ جي موجودگيءَ بابت ٻڌايو ويو هو. ان جي منڍ ۾ الله تعالىﷻ پهريون سائنسي پيغام، انسانيت کي ۽ قيامت تي ايمان نه آڻيندڙن کي ڏنو آهي ته ”مان ئي ڳجهه کي ڄاڻيندڙ آهيان.“ ان کان پوءِ هن هڪ پاڪ آسماني ڪمپيوٽر جي باري ۾ ٻڌايو آهي جنهن ۾ ايٽم ۽ ان کان به ننڍڙن ذرڙن جي وجود جا سائنسي ماخذ ملن ٿا. هيءَ آيت سائنسدانن کي بي دينيءَ کان اهڙيءَ طرح پاسو ڪرڻ لاءِ چوي ٿي جو جن کي ڄاڻ آهي سي انهن حقيقتن جو انڪار (ڪفر) نٿا ڪري سگھن. هڪ ماڻهو، جنهن اسڪرين تي آندل انهن تمام ننڍڙن ذرڙن ۽ انهن مان نڪرندڙ موسيقيءَ جو مشاهدو ڪيو هجي، سو ڪيئن انڪار (ڪفر) ڪري سگھي ٿو. اهڙين حقيقتن کي ڏسندي ڪفر جو وجود ڄڻ ته جاهل هجڻ جي مهر يا ثابتي آهي.
هتي هڪ ٻي اهم نڪتي واري ڳالهه قادر مطلق جي سائنسي ڪمپيوٽر جي رڪارڊ ۾ موجود وڏي ڪائنات (Macrocosmos) بنسبت آهي. يعني اها ڪائنات جنهن جو تعلق ستارن ۽ ڪهڪشائن سان آهي. ٻين لفظن ۾ اهو تفصيل ته فلاڻو ستارو ڪائنات جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ۽ ڪنهن وقت ۽ ڪهڙي حالت ۾ هوندو، انهيءَ حيرت ۾ وجهندڙ ڪمپيوٽر يعني لوح محفوظ ۾، اڳي ئي لکيل آهي. انهيءَ ۾ موت کان پوءِ واري زندگيءَ جو حساب پڻ لکيل آهي. ”پوءِ ڇا سبب آهي جو توهان اڃا تائين شڪ ۾ پيل آهيو؟.“
ابتدائي ذرڙن بابت بحث ۾ مون ڄاڻي واڻي ڪوارڪز (Quarks) جي مضمون کي ناهي ڇيڙيو. ڇاڪاڻ ته اهو موضوع ذراتي طبعيات جي ماهرن وچ ۾ اڃا تائين هڪ اختلافي مسئلو آهي. ڪوارڪز جي باري ۾ اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته اهي پروٽان ۽ نيوٽران جون اڏاوتي سرون آهن. ائين قرآن جي اصطلاح ”ذرڙي “ جي معنى ڳولڻ ۾ علم طبعيات انتهائي ننڍڙي شيءِ، اڃا به سڀ کان ننڍڙي شيءِ جي ڳولا ۾ اڃا تائين ڊڪ ڊوڙ ڪري رهي آهي.

______
1 ايٽمي ذرڙن جو درجو، جن لاءِ سمجھيو وڃي ٿو ته ايٽمي نيوڪليئس ۾ نيوڪليان کي پاڻ ۾ جهلي بيهن ٿا.
2 بي بار زير ايٽمي مستحڪم ذرڙو، جنهن جو مايو تقريباً ٻڙي ٿئي ٿو ۽ روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو ۽ عام مادي سان ورلي وچڙي ٿو.
3 برقي چقمقي تابڪاري جيڪا ڪنهن چارج ٿيل ذري جي نيوڪليئس جي چقمقي ميدان مان لنگھڻ بعد ان جي تيزي يا سست ٿيڻ سان پيدا ٿئي ٿي.