موضوع نمبر 2 ڪائنات جون اڻ ڄاتل جايون
(الواقعة: ٧٥ ۽ ٧٦)
”پوءِ نه، قسم آهي ستارن جي واقعي واري جاءِ جو. ۽ جيڪڏهن توهان سمجھو ته اهو تمام وڏو قسم آهي.“
سڀ کان پهريان مان سورت واقعه جي مختصر تشريح ڪرڻ گھرندس. واقعه جو مطلب آهي ڊيڄارڻ وارو. واقعه يا وقوع جو مطلب آهي ماجرا يا حادثو. ڪنهن شيءِ جو اوچتو ٿي پوڻ. ڪيترن تفسيرن ۾ واقعه جو مطلب قيامت جو ڏينهن ورتو ويو آهي. بهرحال موت جي گھڙي يا ٻي ڪا وحشت ڀري گھڙي ”واقعه“ طور سڃاڻپ ۾ اچي ٿي.
هن آيت ۾ جنهن طريقي سان لفظ استعمال ٿيا آهن، سي حيرت ۾ وجھندڙ حد تائين دلچسپ آهن. انهن جي شروعات لفظ ”ف“ سان ٿيڻ عربي صرف ۽ نحو جي لحاظ کان پوري آيت کي گھيري ٿي. ”لا“ جي هتي جيڪا معنى نڪري ٿي سا آهي:
الف – لفظن جو حسن ترتيب ۽ هڪجهڙائي
ب – طاقت يا مدد پهچائڻ
ج – لا وجوديت جو حقيقي ذرو
اهڙي طرح آخرڪار انهن لفظن جي معنى اها ٿئي ٿي ته ”وڌيڪ ڪجھه چوڻ جي ضرورت نه آهي.“ انهيءَ مان اها ڳالهه سمجھه ۾ اچي ٿي هتي اهو چيو پيو وڃي ته ”وڌيڪ ڪجھه چوڻ جي ضرورت نه آهي، قسم آهي ستارن جي ٺيڪ جاءِ تي هجڻ جو، هائو! جيڪڏهن توهان سمجھو ته اهو هڪ وڏو قسم آهي.“
هن آيت ۾ اسان جنهن شيءِ ڏانهن توجھه ڇڪائڻ گھرون ٿا سو آهي ”ستارن جي پوري جاءِ تي هجڻ واري خاصيت.“ فلڪي طبعيات ۾ ڪجھه اهڙا مثال هن طرح آهن:
الف – اهي جايون جتان اهي اڀري ۽ لهي ويندا آهن.
ب – انهن جا اوڀر ۽ اولهه. انهن جون حدون ۽ موجودگيءَ جون جايون.
ج – اها جاءِ جتان شهاب ثاقب (Meteors) ظاهر ٿيندا آهن.
د – اها جاءِ جتان هڪ ستارو لڪي ويندو آهي.
اچو ته هاڻي ٻيهر هن آيت پاڪ جي اندر لڪيل باريڪين جي خلاصي تي نظر وجھون.
الف – قسم جي شروعات نفيءَ جي لفظ سان ٿئي ٿي. انهيءَ نموني جي قسم مان خبر پوي ٿي ته ڪو تمام اهم راز ظاهر ڪيو پيو وڃي. اها ڳالهه ان وقت خاص طرح سان وزنائتي ٿئي ٿي جڏهن جملي جي شروعات ”ف“ سان ٿئي.
ب – ستارن جي جاءِ جو قسم کنيو پيو وڃي. اهڙا قسم ٻين آيتن ۾ به موجود آهن، پر ستارن جي جڳهن جو قسم رڳو هن ئي آيت ۾ کنيو ويو آهي.
اهو چئي سگھجي ٿو ته الله تعالى پنهنجي عظيم دانائي ۾ هي جو قسم کنيو آهي ته ضروري نه آهي ته ڪنهن غير معمولي شيءِ جي باري ۾ هجي، پر ٻي آيت انهيءَ خيال جي نفي ڪري ٿي.
ٻ – ”جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا ته اهو هڪ عظيم قسم آهي،“ اهو بيان اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان ستارن جي جڳهن واري نظريي کي آسانيءَ سان سمجھي نٿا سگھون، ڇو ته اِن جون عظيم ۽ لڪيل معنائون آهن.
هيءَ آيت انهن مان آهي جيڪي ڀلي نموني ظاهر ڪن ٿيون ته سائنس جي ترقي سان گڏوگڏ ڪهڙي طرح قرآن جون نيون توجيهون ۽ تفسيرون ڪري سگھجن ٿيون.
اچو ته هاڻي اسان انهن حقيقتن کي هڪ جاءِ تي آڻي ڏسون ته ڪهڙي طرح فلڪي طبعيات جي علم، گذريل پندرهن سالن ۾، ستارن جي جڳهن جي باري ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون کوجنائون ڪيون آهن؟
ڪائنات ۾ اهڙيون جايون آهن، جن کي روسي سائنسدان ”ستارن جون جڳهون“ سڏين ٿا، جڏهن ته اولهه جا سائنسدان انهن کي اڇيون غارون (White Holes) يا ڪاريون غارون (Black Holes) سڏين ٿا. فلڪي طبعيات جي علم ۾ ترقي جي ڪري گذريل پندرهن سالن ۾ سائنس اسان کي ستارن، گرهن يا کيرڌارائن جي ڪائنات جي باري ۾ چڱي خاصي معلومات پهچائي آهي. انهيءَ باري ۾ ٻن قسم جون جايون يا جڳهون ملن ٿيون جيڪي ستارن جون خاصيتون نٿيون رکن.
1. اڇيون غارون (White Holes) يا ڪوثرز (Quasars)
2. ڪاريون غارون (Black Holes)
[b]اڇيون غارون (White Holes)
[/b]اهي ستارن جي جاءِ تي هڪ نه مڃڻ جوڳي مقدار ۾ توانائيءَ جو ذخيرو هونديون آهن. اهو ائين آهي جيئن بي پناهه توانائيون ڪائنات ۾ هڪ جاءِ تان ڇڏيون وڃن ، جيڪي لکين نوري سالن جي مفاصلي تائين پهچن ٿيون. اهي ايتريون ته سگھاريون آهن جو کير ڌارائن يا اربين ستارن جو جھڳٽو جوڙي وٺنديون آهن. ڪجھه سائنسدان انهن ڪوثرن کي کير ڌارائن جو ٻج سمجھن ٿا، جن مان اڃا به ڪي وڌيڪ آسماني جسم نڪرندرهندا آهن.
[b]ڪاريون غارون (Black Holes)
[/b]انهن ٻنهي مان وڌيڪ دلچسپيءَ واريون ڪاريون غارون آهن. اهي ان جاءِ جي نشاندهي ڪن ٿيون، جيڪا انهيءَ ستاري جي فنا ٿي وڃڻ جي ڪري خالي رهجي ويندي آهي. جڏهن ڪو ستارو فنا ٿي يا مري ويندو آهي ته ڇا ٿيندو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب ڄاڻڻ کانسواءِ انهن غارن يعني ستارن جي دنيا جي انهن جڳهن جن کي هن آيت ڪريمه ۾ بيان ڪيو ويو آهي، سمجھڻ ناممڪن آهي.
اها ڄاڻ ته موجود آهي ته ستارا اڻ ڳڻين ايٽمن يا جوهرن تي مشتمل هوندا آهن. اليڪٽران يا ڪاٽو بجلي ذرڙا ايٽم جي مرڪز جي چوگرد ڦرندا رهندا آهن. انهيءَ ڪري ئي هر ستارو پنهنجو هڪ خاص مقدار رکندو آهي. ستارن جي فنا ٿي وڃڻ يا مري وڃڻ جو مطلب اهو آهي ته اها توانائي، جيڪا انهيءَ جي مقدار کي قائم رکيون پئي آئي سا ختم يا خرچ ٿي وئي آهي. جيئن ئي ڪو ستارو مرندو آهي ته اهو پنهنجي ئي ڪشش ثقل جي ڪري سسي يا دٻجي ايترو ته ننڍو ٿي ويندو آهي جو اتي رڳو ايٽمن جا مرڪز (Nuclei) ئي رهجي ويندا آهن. پوءِ جڏهن مرڪز هڪ ٻئي جي مٿان ڄمندا ته ستارو سسي ويندو آهي ۽ هڪ مرندڙ ستارو پنهنجي اصل قد ڪاٺ کان، پنهنجي مقدار (Mass) ۾ ڪا خاص تبديلي ڪرڻ کانسواءِ ئي، ڪيترائي لک دفعا ننڍو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن مرڻ وارو ستارو ننڍي قد ڪاٺ وارو، يعني اسان جي سج جيترو آهي، ته اهو هڪ پلسر (Pulsar) (يعني هڪ اهڙو ستارو، جيڪو انيڪ باقاعده وٿين سان ريڊيو تعدد بجلي ۽ چقمقي شعاع خارج ڪندو آهي) بڻجي ويندو آهي. اها پلسر هڪ ايڪو آهي، جيڪو هر 0.03 سيڪنڊ جي وقفي سان ايڪس ريز(X-Rays) خارج ڪندو آهي. اهو ستارو پنهنجي ئي چوگرد ڪروڙين ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گھمندو آهي. انهيءَ جي باوجود به اهو ايترو ته سسي چڪو هوندو آهي جو نظر ئي نه ايندو آهي. انهيءَ جو وجود رڳو ان جي بجلي وارين چقمقي لهرن جي موٽ سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. اهڙي طرح اهو مڪمل نجي جاءِ يا ٽڪاڻو بڻجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن مرندڙ ستارو وڏو آهي ته ثقلي ڀڃ ڊاهه ايتري ته شديد هوندي آهي جو اهو مرڪز جي سطح تي نٿو رڪجي، پر اها ڀڃ ڊاهه ان وقت تائين جاري رهي ٿي جيستائين سمورو مادو ۽ توانائي ايترا سسي نٿا وڃن جنهن کي هڪ ايڪو (Singularity) چوندا آهن. انهيءَ کي ڪائناتي ڪاريون غارون (Black Holes) سڏيو ويندو آهي. اهي غارون ڪنهن به ريت ڏسي نٿيون سگھجن. انهن کي رڳو هيٺين خاصيتن جي ذريعي ئي سڃاڻي سگھجي ٿو.
1. اهي غارون انهيءَ تابڪاري (Radiation) ۽ ستارن کي ڳڙڪائي وڃن ٿيون جيڪي انهن جي ويجھو گذرن ٿا.
2. اهي گاما ريز ۽ ايڪس ريز کي اڻ سڌي طرح خارج ڪن ٿا.
3. سندن ويجھو وقت اوچتو ڳري وڃي ٿو.
ٻين لفظن ۾ اها ڪاري غار هڪ ستاري جي حيرت ۾ وجھندڙ قبر آهي. اها مادي شين ۽ وقت کي ڇڪي پنهنجي اندر لڪائي ڇڏي ٿي.
پهريان پهريان پرنسٽن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ريمو روفيني (Remo Ruffini) ڪارين غارن جي موجودگيءَ جي باري ۾ نظريو قائم ڪيو. هن سائنسدان انهن جاين کي ستارن جي جاءِ (Star Location) سڏيو. ان کان پوءِ جان وهيلر (John A. Wheeler) انهن جاين کي ڪارين غارن جو نالو ڏنو.
مادي جي نقطي نظر کان اهي جايون ثقلي جهٽڪي يا ڀڃ ڊاهه جا علائقا آهن. هر شيءِ انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ فنا ٿي غائب ٿي وڃي ٿي. آئن اسٽائن جي پيروڪارن ۾ اوپن هائمر Oppenheimer ۽ سنائڊر (Snyder) انهن جون سائنسي توجيهون ڪيون آهن ۽ انهن جاين کي ڪائنات ۾ توازن جا علائقا سڏيو آهي.
هڪ ستاري جو توازن هڪ طرف نيوڪلائي رد عمل جي ڪري پکڙيل ۽ ٻئي پاسي شديد ڪشش ثقل جي موجودگيءَ جي ڪري قائم هوندو آهي. ڪائنات ۾ اربن کربن جي تعداد ۾ ستارن جو توازن هڪ سمجھه کان مٿي ڪمپيوٽري نظام تي قائم آهي. هڪ نظريي موجب نيوڪلائي رد عمل به ڪيترن ئي ثريائن يعني ستارن جي جھرمٽن جي لاءِ ٻج جو ڪم ڏيندو آهي.
اچو ته هاڻي ٻيهر سورتِ واقعه جي آيت نمبر 75 تي اچون.
”پوءِ نه، قسم آهي ستارن واري جاءِ جو ۽ جيڪڏهن توهان سمجھو ته اهو هڪ وڏو قسم آهي.“
انهيءَ سان گڏ ئي پنهنجي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي انهيءَ ارشاد ڏانهن ته ڌيان ڌرڻ گھرجي جيڪو پاڻ هن سورت جي باري ۾ فرمايو هئائون:
”پنهنجي ٻارن کي سورتِ واقعه پڙهايو ۽ اهي پنهنجي ٻارن کي پڙهائن.“
ڇا الله تعالى جو اهو معجزو هاڻي صاف نظر نٿو اچي؟ هن سورت کي پڙهو ۽ هن آيت کي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پڙهايو، آخرڪار هي انتهائي اهم ڪائناتي راز وائکو ٿي ويندو.
هن سورت مبارڪه جو نالو ئي هن آيت جي تشريح ۾ خدائي طور تي اثر انداز آهي. اسان مٿي هن آيت کي ڪائناتي طبعيات جي نقطي نظر سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڪائنات ۾ مخلوقن جي هجوم ۽ کربين ستارن جا راز انساني ذهن جي لاءِ قياس کان ٻاهر نه آهن پر قرآن ڪريم ۾ انهن جي مقدار ۽ بناوت کي ڪٿي تفصيل سان ۽ ڪٿي مٿاڇري طرح بيان ڪيو ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي سوال آهي ۽ هڪڙو ئي راز؛ اهو هي ته قرآن ڏانهن دل وارين اکين کي کليل رکيو وڃي. مثال طور، ٿي سگھي ٿو ته اسان ڏسون ته هڪ جاڳندڙ دل رکندڙ مؤمن هن آيت کي پڙهي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، جيتوڻيڪ هو عربي نٿو ڄاڻي ۽ نه ئي وري هن ڪا طبعيات پڙهي آهي. هو پنهنجي حالت کان پاڻ به غافل ٿي سگھي ٿو، پر دل جي اک کي هڪ راز ٻڌايو ويو آهي، جيڪو ان جي سچار ۽ پاڪباز هئڻ جي ڪري آهي.