مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 30 پکڙندڙ ڪائنات

وَ السَّمَآءَ بَنَیۡنٰہَا بِاَیۡىدٍ وَّ اِنَّا لَمُوۡسِعُوۡنَ ﴿۴۷﴾(الذاريات:٤٧)
”آسمان کي اسان پنهنجي طاقت سان بنايو آهي ۽ اسان ان کي وڌايون ۽ پکيڙيون ٿا.“

هيءَ آيت سڳوري چٽائيءَ سان اهو بيان ڪري ٿي ته ڪائنات هڪڙي مرڪزي نقطي يا جاءِ کان ٻاهرين پاسي پکڙجي رهي آهي. جيئن مون هن کان اڳ هڪ موضوع ۾ تهه در تهه آسمانن جي باري ۾ بيان ڪيو آهي. ڪائنات جي پکڙجڻ جو مطلب ان جي آسمانن جي چقمقي پٽيءَ جو پکڙجڻ آهي. بهرحال، هن آيت جي منڍ ۾ هڪڙو تمام اهم پيغام موجود آهي. اهو هيءُ ته آسمانن جي بناوت قادر مطلق، وڏي طاقت واري الله تعالىﷻ ئي ڪئي آهي. ڪائنات جي هر شيءِ انهيءَ عظيم طاقت جي حڪم سان ئي جڙي آهي. هتي اهم نڪتو انهيءَ حقيقت جو اهو زوردار بيان آهي ته آسمانن جي چقمقي پٽي جون صلاحيتون، انهيءَ خدائي حڪم جو مظهر آهن، جيڪو آيت ڪريمه ۾ هن طرح آهي ته ”اسان ئي آسمانن کي بنايو.“
دنيا جي اڻ ڳڻين شين جو وجود، جنهن کي اسان ڪثرت (Multiplicity) سڏيون ٿا، تنهن جو بنيادي اصول پکيڙ آهي. حقيقت ۾ جديد سماوي طبعيات (Astrphysics) جي علم ۾ انهيءَ اصول کي تڪوينيات، يعني آسماني جسمن جي سائنس (Cosmogony) جو بنيادي نظريو مڃيو ويو آهي. ڪائنات جو ڌماڪي سان وجود ۾ اچڻ واري وزنائتي نظريي، جنهن کي بگ بينگ ٿيوري (Big Bang Theory) به چيو وڃي ٿو؛ ۽ ڪائنات جي پکيڙ (خاص ڪري آسماني جسم (Qausars)) کي جديد علم طبعيات مڃي ورتو آهي. هن نظريي موجب ڪائنات اڻ کٽ توانائين جي ايڪي (Singularity) ۽ هم مرڪز تهن جي شڪل ۾ ڌماڪي سان ڪرندي جدا جدا ٿي آهي. پوءِ مادي ۽ توانائيءَ جي مختلف علائقائي دٻاءَ ۽ لطيف پاڪائيءَ (Parfaction) جي ذريعي ملي ڪري گڏ ٿي آهي. عظيم ابتدائي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري ويڪر جو عمل اڃا تائين جاري آهي. اها به حقيقت آهي ته هن نظريي جا تنقيد جوڳا پاسا پڻ آهن پر اهو نظريو انهن ٻنهي بنيادي اصولن کي بيان ڪري ٿو، جن هيٺ فضائي ويڪر ۾ موجود ڪيترين ئي شين ۽ انهن جي جاين کي بيان ڪيو وڃي ٿو.
1. پکيڙ حاصل ڪرڻ ۽ هڪ خاص جاءِ تي هئڻ.
2. انهيءَ چقمقي اهليت وارو ٿيڻ ته جيئن انهيءَ مخصوص جاءِ تي موجودگي قائم رهي.
ايئن اها آيت پنهنجي انهيءَ ارشاد ته ”اسان آسمان کي پکيڙي ڦهلايون ٿا.“ جي ذريعي انهيءَ ڦهلاءَ کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪو سموري مخلوقات جي حياتيءَ جو بنيادي قانون آهي ۽ جيڪو انهن جا علائقا مهيا ڪرڻ يا مخصوص ڪرڻ جو سبب آهي. آسماني طبعيات (Astrophysics) جي انهيءَ پيغام کي، جيڪو اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ انسانيت کي ڏنو ويو، ڪهڙي علم يا سمجھه سان سمجھي سگھجي ٿو، سواءِ ان جي ته اهو قرآن جو هڪ معجزاتي راز آهي.
اڄ ڪلهه آسماني طبعيات جا ماهر انهيءَ پکيڙ کي ويهه ارب نوري سالن جي حساب سان بيان ڪن ٿا. يعني نظر اچڻ واري ڪائنات جو قطر پنهنجي هم مرڪز آسماني پٽين جي نسبت سان 20 ارب نوري سالن تي يا 1021×193 ڪلوميٽرن جي وٿي تي آهي. ويجھڙائيءَ وارن سالن ۾ ريڊيو ٽيلي اسڪوپ جي ذريعي اها به شاهدي ملي آهي ته اها حد لڳ ڀڳ روشنيءَ جي رفتار جي حساب سان وڌندي پئي وڃي.
وڏي ڌماڪي (Big Bang) واري نظريي موجب شروع شروع ۾ اهو سمجھيو ويندو هو ته هڪ مرڪز کان اڳتي توانائي لڳاتار گھٽبي ويندي آهي پر آسماني جسمن (Quasars) جي کوجنا کان پوءِ اها ڳالهه پڌري ٿي پئي آهي ته سموري ڪائنات ۾ توانائي جا سمجھه کان مٿاهين حد تائين وارا ماخذ موجود آهن. گھٽ يا هيڻو ٿيڻ جي خلاف تمام تيز توانائيءَ جا عجوبا، لڳاتار ظاهر ٿيندا رهندا آهن. انهيءَ باري ۾ ٿيل جديد تحقيق پڻ بي دين سائنسدانن کي لاجواب ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
ڪهڪشائن جي باري ۾ ٿيل کوجنائن اهو ظاهر ڪيو آهي ته انهيءَ وسعت يا پکيڙ جو مرڪز اسان جي پنهنجي ڪهڪشان ئي آهي. ستارن جون موسمي تبديليون، جيڪي اتر ۽ ڏکڻ زميني اڌ گولي تان نظر اچن ٿيون، انهيءَ حقيقت جو وڌيڪ ثبوت مهيا ڪن ٿيون ته اسان جي ڪهڪشان ئي انهيءَ پکيڙ جو مرڪز آهي. جيئن ته مڪاني زمان (Space Time) پنهنجو پاڻ ئي هم طرف ۽ هم رخ (Isotopic) آهي، ڪنهن ٻِي ڪهڪشان کان مشاهدو ڪندڙ کي به اهو ئي نتيجو نظر ايندو.
پڪ سان اها هڪ قدرتي ڳالهه آهي ته الله تعالىﷻ جي مخلوق ڪائنات جي هر ڪنڊ ۾ موجود آهي. جيتوڻيڪ اسان جي هن زماني ۾ لڳاتار ڪوششون ٿينديون رهيون آهي ته ماڻهن کي اها پڪ ڏياري وڃي ته فضائي ويڪر مان ڪنهن قسم جي مخلوق زمين تي اچي وئي آهي. سندن پکيڙيل ارتقا واري نظريي جا جڏهن پول پڌرا ٿي پيا ته بي دين ماڻهن وري غير دنياوي (Extra Terrestrial) زندگي ۽ ذهانت جون ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون.
حقيقت ۾ اربن جي تعداد ۾ موجود ستارن جو جيڪڏهن معائنو ڪيو وڃي ته خبر پوندي ته اهي سڀئي برداشت کان وڌيڪ گرمي ۽ انتهائي گھڻي توانائيءَ جي طوفانن وارا هوندا آهن. قادر مطلق انهن جڳهن تي به مخلوقن کي پيدا ڪيو آهي. اهڙين مخلوقن جو وجود ئي توانائين مان ٺاهيو ويو آهي. پڪ سان سموري ڪائنات ويران ته نٿي ٿي سگھي. اِن ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته انهن جاين تي ملائڪ ۽ جن الله تعالىﷻ جي حڪمن جي تعميل ڪري رهيا آهن. انهيءَ موضوع تي اڳتي هلي موضوع نمبر 36 ۾ تفصيلي بحث ٿيندو.
هن آيت جي تشريح جيئن مون ڪئي آهي، انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ تشريحون اسلام جي مشهور مفڪرن به ڪيون آهن. هُنن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته الله تعالىﷻ جي خالق هئڻ واري صفت جي معجزي تحت، تخليق جو عمل لڳاتار جاري رهندو آهي ۽ اڃا به سموري ڪائنات ۾ جاري و ساري آهي. مثال طور ابن العربي به پنهنجي لکڻين ۾ اهو ئي موقف اختيار ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان آسماني طبعيات جي نقطه نظر کان هن آيت پاڪ جو ۽ ان سان گڏوگڏ قرآن ۾ بيان ڪيل ستن آسمانن ۽ ڪائناتن جي صفحن جو غور سان مطالعو ڪريون ته اسان انتهائي حيرت ۽ دلچسپيءَ سان ڏسنداسين ته الله تعالىﷻ ڪيئن نه اسان جي زماني جي آسماني طبعيات جي حقيقتن کي تمام مهارت سان ۽ کليل طرح بيان ڪيو آهي.
اها اسان جي بدنصيبي آهي جو اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جي زور تي خراسان جي جابر، البيروني ۽ عمر خيام، (جيڪو اصل ۾ ماهر رياضيدان هو) علم طبعيات ۽ رياضي تي جيڪي کوجنائون شروع ڪيون هيون، سي اسان جي هٿن مان کسجي ويون آهن. اسان ته اها ڳالهه ڏسڻ ۾ به ناڪام ٿي ويا آهيون ته بي دين ماڻهن پنهنجون حقيقتون اصل ۾ اسلام جي سائنسدانن وٽان ئي حاصل ڪيون آهن. اها ڪيترو نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اڄوڪي ڏينهن ۽ انهيءَ زماني ۾ پڻ اسان جا ڪيترائي سائنسدان اهڙا آهن، جن انهن مسلمانن سائنسدانن جي باري ۾ ٻڌو ئي نه آهي.