موضوع نمبر 32 اهو اسرار ته الله تعالى جهانن جو پالڻهار آهي
”ڪيترائي جانور آهن جيڪي پنهنجو رزق کڻي نٿا هلن، الله انهن کي (به) رزق ڏئي ٿو ۽ توهان جو رزاق به اهو ئي آهي. هو سڀ ڪجھه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.“
سورت العنڪبوت، جيڪا الله تعالىﷻ جي نالي ”رب“ جي خاصيت بيان ڪري ٿي، قرآن جي تمام ڏکين سورتن منجھان آهي. هن آيت ۾ جيڪو خاص پيغام ڏنو ويو آهي سو اهو آهي ته ڪهڙي طرح قادر مطلق پنهنجي انهيءَ مخلوقات جي مدد ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي لاءِ کاڌو يا زندگيءَ جا وسيلا حاصل نٿيون ڪري سگھن. ويجھڙائيءَ ۾ ئي اهڙيون شاهديون مليون آهن جيڪي هن آيت جي سچائيءَ کي ثابت ڪن ٿيون. انهيءَ باري ۾ تفصيل ۾ پوڻ کان اڳ مان علم حياتيات جي پس منظر ۾ الله تعالىﷻ جي نالي ”رب“ جي اهم خاصيتن جو تت پيش ڪرڻ گھرندس.
الله تعالىﷻ جي وجود بابت سڀ کان اهم شاهدين مان هڪ نشاني مخلوقات جي کاڌي خوراڪ جي ڪڙي (Food Chain) ٺاهڻ جي سلسلي ۾ آهي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن مخلوق هڪ ٻئي کي کائي ٿي ته پوءِ زمين تي ايترو جھجھي تعداد ۾ جاندار ڪهڙيءَ طرح سان موجود ۽ جيئرا آهن. انهن مان سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ سڀ کان وڌيڪ هوشيار مخلوق باقي ٻين سمورين مخلوقن کي ماري ختم ڇو نٿي ڪري ڇڏي؟ ان جي برعڪس هر جاندار يا مخلوق، ڀلي ڪيترو ئي ڏٻري ڇونه هجي، پنهنجي نسل کي جاري رکيو پئي اچي ۽ بلڪل ناپيد نٿي ٿئي. جيڪا مخلوق مري کپي وئي يا گھٽجي وئي، سو خاص ۽ غير معمولي حياتياتي حالتن جي نتيجي ۾ ٿيو ۽ انهن جو خوراڪ جي ڪَڙِيءَ سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي.
انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ مان توهان کي هن مطالعي ۽ تحقيق ڏانهن توجه ڪرڻ گھرندس جيڪو اڏوهيءَ تي ويجھڙائيءَ وارن سالن ۾ ڪيو ويو آهي.
اڏوهي به ٻين زميني ڪيڙن ماڪوڙن وانگر آنا لاهي پنهنجي نسل کي وڌائيندي آهي. هڪ اڏوهي عام طرح هڪ هزار کان ٻه هزار آنا لاهيندي آهي. انهن مان رڳو اڌ جيترا ئي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيندا آهن. انهيءَ معاملي ۾ مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته اڏوهيءَ جو هڪ قسم اهڙو به آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ويهه لک آنا لاهيندو آهي. تحقيق سان ثابت ٿيو آهي ته اهي آنا ٻين ڪيترن ئي جيتن جڻن لاءِ انتهائي وڻندڙ ۽ مزيدار طعام هوندا آهن ۽ هر جيت جڻو ڪوشش ڪندو آهي ته انهن کي پنهنجي غذا بڻائي. انهيءَ ڪري ئي الله تعالىﷻ انهيءَ اڏوهيءَ کي اها خاص قسم جي اهليت ڏني آهي جو اها ايتري جھجھي تعداد ۾ آنا لاهي ٿي. ائين انهن ويهه لک آنن منجھان رڳو پنج ڇهه سؤ آنا ئي ڪنهن طرح بچي ويندا آهن ته جيئن انهن جو نسلي تسلسل جاري رهي. نسل جي جاري رهڻ جو اهو عمل، انهيءَ حقيقت جي باوجود آهي ته الله تعالىﷻ هڪڙي مخلوق کي ٻي مخلوق جي خوراڪ ٺاهيو آهي ۽ اها حقيقت هڪ ننڍڙي مخلوق يعني اڏوهي مان ظاهر ٿئي ٿي.
الله تعالىﷻ سموري مخلوق تي انهيءَ قسم جي عددي توازن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جو ڪوبه جاندار نسل انهيءَ مقرر ڪيل حد کان اڳتي وڌي نٿو سگھي. علم حياتيات جو اهو قانون ان وقت تائين انسان جي علم ۾ نه اچي سگھيو هو، جيستائين پوکن ۾ موجود ڪيڙن ماڪوڙن تي ڪيميائي جنگ جي شروعات نه ٿي هئي. اهڙيون ڪيميائي دوائون، جهڙوڪه ڊي ڊي ٽي جي وڏي پيماني تي استعمال سان اها خبر پئي ته ڪيڙن ماڪوڙن جا نسل اهڙي طرح قدرتي طور هڪ اهڙي توازن ۾ موجود آهن جو انهن مان هڪ قسم جي ڪيڙن جي تباهيءَ سان ماحوليات جي توازن تي اهڙو ته اثر ٿيو جو هڪ ٻئي قسم جو نقصان پهچائيندڙ ڪوريئڙو پيدا ٿي پيو جنهن سان سموري ماحول جو توازن بگڙي ويو.
لوح محفوظ جي اندر، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ الله تعالىﷻ ڪيترين ئي جاين تي ڪيو آهي، سموري مخلوق جو اهڙو اهم رڪارڊ آهي، جو ڄڻ ته اهو هڪ ڪمپيوٽر ۾ انتهائي احتياط سان لکيو ويو هجي. انهيءَ شيءِ جو اڳواٽ فيصلو ٿي چڪو هوندو آهي ته ڪهڙي مخلوق ڪهڙي ٻي مخلوق کي ۽ ڪيتري تعداد ۾ پنهنجي خوراڪ بنائيندي. اهو حساب ڪتاب جيڪو ذهن ۽ سمجھه کي ئي ڦيراٽيون ڏئي ڇڏي، الله تعالىﷻ جي انهيءَ خاصيت جي عڪاسي ڪندڙ آهي جنهن مان سندس ربوبيت ظاهر ٿئي ٿي.
سمورن صحيح ذهن وارن حياتياتي ماهرن جي لاءِ انهيءَ عجوبي جي ڪري الله تعالىﷻ جي حمد ۽ ثنا لازم ٿي پوي ٿي. جيڪڏهن فطرت بي ترتيب ۽ جھنگلي ڳڻن واري هجي ها، جيئن ڪفر ۾ ڦاٿل ماڻهو اڃا تائين سمجھن ٿا، ته خوراڪ جو اهو اصول لکين ڪروڙين سال اڳ ئي ختم ٿي چڪو هجي ها ۽ ڪي چند گوشت خور جانور ئي هڪ ٻئي کي کائي کپائي ڇڏين ها ۽ زمين تان زندگيءَ جا آثار وقت کان گھڻو اڳ ئي ختم ٿي وڃن ها. اهو ئي سبب آهي جو قرآن ۾ الله تعالىﷻ، غير الله کي مڃيندڙن ۽ بي دينن کي زور ڏئي ياد ڏياري ٿو ته قرآن ۾ واکاڻيل رب جي خاصيتن جو ڇا مطلب آهي. زمين تي خوراڪ جي انهيءَ ڪَڙِي يا سلسلي کي ايمان جو نصاب سمجھيو وڃي ٿو. انهن بي دين حياتياتي سائنسدانن جي لاءِ، جيڪي اڃا تائين اونداهي ماضيءَ ۾ ٽِڪيا پيا آهن، جيڪا انهن لاءِ وڏي ئي بدنصيبي آهي، هيءَ آيت سڳوري هڪ وڏو سبق آهي.
سوچ سمجھه کان ڪي ڪورا ماڻهو خوراڪ جي سلسلي ۾ جيتن جڻن ۽ ننڍڙن جاندارن جي هڪٻئي تي گذاري کي هڪ وڏو الميو سمجھندا آهن. پر نامياتي حيات ۾ جيڪا گوناگون ۽ جھجھائيءَ جو هڪ اظهار آهي، سا تباهه ٿي وڃڻ ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ واري گوناگون ۽ جھجھائيءَ جو هڪ اڻمٽ ۽ لافاني قانون آهي. هڪڙي ماليڪيول کان ٻئي ماليڪيول ۾ بدلجي وڃڻ خدائي ڪاريگريءَ جو ڏس ڏيندڙ آهي. مٽيءَ جي ليبارٽريءَ ۾ هڪ مئل پوپٽ، هڪ نه رڪجڻ واري سلسلي جي ذريعي، هڪ نازڪ گلاب جي شڪل ۾ نڪري نروار ٿيندو آهي.
جيستائين هن آيت جي خاص پيغام جو لاڳاپو آهي، ڪيترين ئي مخلوقات لاءِ انهن جي جيئري رهڻ خاطر وسيلن جي فراهميءَ جو اهڙو ته خدائي نظام موجود آهي، جنهن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ هرڪو سالن تائين حيران ۽ پريشان رهي سگھي ٿو. مثال طور هڪ خاص قسم جو چٻرو پنهنجي خاص جاءِ تي بنا چرڻ پرڻ جي ويٺو هوندو آهي ۽ هڪ اهڙي خاص قسم جا برقي شعاع خارج ڪندو آهي جنهن جي اثر جي ڪري ڪا جھرڪي يا اهڙي قسم جو ٻيو ڪو پکي، پاڻمرادو ان جي اڳيان اچي ويهي رهندو آهي. ائين اهو چٻرو پنهنجي شڪار کي بنا ڪنهن محنت جي پڪڙي وٺندو آهي. هڪ خاص قسم جو پاڻيءَ وارو پکي (پليڪان) مڇيءَ کي ان وقت تائين پڪڙي نٿو سگھي، جيستائين جو هو ڌٻڻ ۾ بنا چرڻ پرڻ جي لڳاتار ڇهن ڪلاڪن تائين پنهنجي شڪار جو انتظار نه ڪري.
پر هن آيت ۾ ڏنل پيغام انهن عجائبن کان به اڳتي وڌي وڃي ٿو جتي اها مخلوق، جيڪا ظاهري طرح پنهنجو پاڻ جيئري نٿي رهي سگھي، پنهنجي خوراڪ ڪيئن حاصل ڪري ٿي؟ ويجھڙائيءَ وارن ڪجھه سالن ۾ انهيءَ سان لاڳاپيل ۽ حيران ڪندڙ دريافتون ڪيون ويون آهن جيڪي هن طرح آهن:
پهرين دريافت الاسڪا ۾ حياتياتي تحقيق ڪندڙ هڪ گروپ ڪئي آهي. اها هڪ تمام سهڻي فوٽو تي ٻڌل آهي جنهن ۾ هڪ ننڍڙي ڪيڙي کي برف ۾ ڦاٿل ڏيکاريو ويو آهي، پر ان جي وات ۾ سائي پن جو هڪ ٽڪرو آهي. ايئن پيو معلوم ٿئي ته الله تعالىﷻ هن آيت جو هڪ جيئرو جاڳندو ثبوت ڏيکاريو آهي جو هڪ ڪيڙي کي خوراڪ پهچائڻ جي لاءِ، ڪهڙي طرح ايتري برفاني گهرائيءَ ۾ به ٻوٽي جو بندوبست ڪيو ويو آهي.
ٻيو مثال پڻ حياتياتي سائنس جي علم ۾ انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
ٻرندڙ جبلن مان وهندڙ لاوي جي ڪري، لاوي جو هڪ غار ٺهي ويندي آهي. جيئن ته اها غار گرم لاوي جي ڪري وجود ۾ ايندي آهي، جنهن جو گرمي پد 200 کان 3000 سينٽي گريڊ تائين هوندو آهي، اهڙين غارن ۾ نئين زندگيءَ جي تخليق جي امڪانن تي تحقيق ڪرڻ واري هڪ ٽيم انهيءَ غار ۾ نانگ سان ملندڙ جلندڙ هڪ مخلوق ڳولي لڌي آهي. پهريان ته انهن کي خيال ٿيو ته اهو ٻاهرين دنيا جو هڪ عام نانگ آهي پر اهو ڏسي اهي حيران ٿي ويا ته انهيءَ مخلوق جو نانگن جي نسل سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي. اهو هڪڙو ديو قامت ڪيڙو هو، جيڪڏ ڏيڍ ٻه ميٽر ڊگھو هو. پر حقيقي حيرانگي ان وقت ٿي جڏهن انهيءَ جو معائنو ليبارٽري ۾ ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ تمام وڏو ڪيڙو ٻين عام ڪيڙن جهڙو نه هو. ان ۾ نه ته ڪو هاضمي جو نظام هو ۽ نه ئي ساهه کڻڻ جو. ان مخلوق ۾ هڪ ئي شيءِ هئي ۽ اها هئي ان جي دل. هو ڪيئن جيئرو رهيو هوندو؟ ڪيئن کائيندو هوندو؟ ۽ ڪيئن ساهه کڻندو هوندو؟
انهيءَ مخلوق جي کَلَ تي تحقيق انهن سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا. اُن جي کَلَ تي رهندڙ خوردبيني جراثيم ان کي خوراڪ پهچائن پيا ۽ انهن جي ئي وسيلي اها مخلوق آڪسيجن حاصل ڪري پئي. ايئن هڪ دفعو ٻيهر الله تعالىﷻ هن آيت سڳوريءَ ۾ بيان ڪيل اسرار کي حياتياتي ليبارٽري ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو.
اِن ٻه ميٽر ڊگھي ڪيڙي جي کوجنا ارتقا واري نظريي جي حامين جي غلط استدلال کي پڻ هميشه هميشه جي لاءِ ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪيڙي نه ته هڪ گھرڙي واري اميبا (Unicellular Amoeba) مان ارتقا ورتي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جاندار مان. ڇو جو اهو ته پيدا ئي انهيءَ غار ۾ ٿيو جنهن کي ٻرندڙ جبل جي تمام گھڻي گرميءَ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو هو. اهو هڪ انتهائي حيرت ۾ وجھندڙ واقعو هو جيڪو الله تعالىﷻ جي رب هجڻ واري صفت جو ثبوت آهي.
انسان کي سائنس جو علم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو آهي ته جيئن هو الله تعالىﷻ جي ڪاريگريءَ جو ادراڪ حاصل ڪري. انهيءَ جي مخالفت ۾ جيڪا به سوچ آهي، اها انسان جو پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ برابر آهي. اها رڃ آهي ۽ اهڙي سوچ لازمي طور ارتقا واري نظريي وانگر ختم ٿي ويندي.