موضوع نمبر 16 قرآن ۾ آڪيسجن بابت ڪيل اڳڪٿي
”اهو ئي (الله) آهي جنهن توهان جي لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي ۽ توهان انهيءَ سان باهه ٻاريندا آهيو.“ (يٰس: ٨٠)
جيئن ته اسان ڄاڻو ٿا ته سورت يٰسين جي هيءَ آيت مبارڪه باغي انسانن جي بي ديني ۽ انهيءَ سان پيدا ٿيڻ واري بگڙيل استدلال جي خلاف هڪ خدائي اعلان آهي. ”ڇا ڳري، سڙي ۽ وکري وڃڻ واريون هڏيون ٻيهر پنهنجي اصلي حالت ۾ وجود ۾ اچي وينديون.“
سورت يٰسين جي آيت نمبر 78 جي شروعات کان الله تعال جي قدرت ۽ معجزن جو بيان ڪيو ويو آهي. آيت نمبر 80 جي بيان جي ذريعي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جو آفاقي ثبوت مهيا ڪيو ويو آهي. جيئن ته شروع وارين آيتن جي سلسلي ۾ اسان ڏٺو آهي ته هن آيت جون ڪيتريون ئي توجيهون ۽ تفسيرون ماضي ۾ ڪيون ويون آهن. اهو سڀ ڪجھه اسان جي لاءِ تعظيم لائق آهي پر ڀلو ائين ٿيندو ته انهيءَ جي انتهائي عظيم ۽ حيرت ۾ وجھندڙ معنى ڏانهن ڌيان ڏيون جيڪا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃڻ کان پوءِ هڏي جي ٻيهر نئين زندگيءَ کي ثابت ڪري ٿي.
اڄ کان چوڏهن صديون اڳ ڪافرن جي لاءِ اهو ناممڪن هو ته اهي انهن عظيم الشان حياتياتي رازن کي سمجھي سگھن ها، جيڪي هن آيت ڪريمه ۾ بيان ڪيا ويا آهن. ڇو ته مادي جو آڪسيجن سان ملي گرمي، روشني ۽ اُلو پيدا ڪرڻ جي صلاحيت يعني ساڙڻ (Combustion) جي کوجنا ان وقت تائين نه ٿي هئي. ڪيتريون ئي صديون پوءِ، هاڻي وڃي انهيءَ حقيقت جي پروڙ پئي آهي ته سڙڻ جو عمل مواد ۾ آڪسيجن ۽ ڪاربان جي ميلاپ سان ٿئي ٿو. انهيءَ کان پوءِ اها کوجنا ٿي ته آڪسيجن ٻوٽن ۽ ساون وڻن مان وجود ۾ ايندي آهي.
سڙڻ جو سڀ کان اهم جوهر ساون وڻن مان پيدا ٿيندو آهي. اهو واقعو جنهن کي اسان ”باهه“ جو نالو ڏيندا آهيون، عمل تڪسيد (Oxidation) تي مشتمل هوندو آهي. سڙڻ جو عمل آڪسيجن کانسواءِ نٿو ٿي سگھي، تنهن ڪري باهه جو ظاهر ٿيڻ ساون وڻن مان آڪسيجن جي نڪرڻ سان لاڳاپيل آهي.
”توهان جيڪا باهه ٻاريو ٿا سا ساون وڻن مان پيدا ٿيندي آهي.“
رڳو انهيءَ هڪڙي نقطي نظر سان هيءَ آيت ڪريمه هڪ تمام وڏي معجزي جي بنياد تي آڪسيجن ۽ انهيءَ مان پيدا ٿيڻ وارين شين جي باري ۾ اسان کي چوڏهن سؤ سال اڳ ئي ڄاڻ ڏئي ٿي. اهو ناممڪن آهي ته ڪو به ڪيميا جو ماهر يا علم حياتيات جو ڄاڻو، جنهن جي دل ۾ سائنس جي ٿورڙي به عزت هجي، سورت يٰسين جي هن آيت مبارڪه جي ايمان افروزيءَ جي ذريعي سمجھه حاصل نه ڪري.
انهيءَ کان سواءِ به هيءَ آيت سڳوري پنهنجي اندر تمام گھڻيون سائنسي حقيقتون رکي ٿي. ڇو ته هيءَ قيامت جي ڏينهن جي موقعي تي ٻيهر جيئرو ٿيڻ واري عمل تي به روشني وجھي ٿي. هاڻي آئون انهن سائنسي حقيقتن جو تت پيش ڪندس.
الف – هيءَ آيت انهن ڪافرن کي، جيڪي هڏين کي مٽيءَ جي ذرڙن ۾ ڳرندي ڏسي، قيامت جي ڏينهن تي ٺٺوليون ڪن ٿا، سمجھائي ٿي ته هن آيت ۾ سائنس جو هڪ تمام اهم نڪتو لڪيل آهي:
”توهان سمجھو ٿا ته جڏهن ڪا به شيءِ ساڙي وڃي ته انهيءَ جي هر شيءِ فنا ٿي ويندي آهي. يعني اهڙي سخت رد عمل سان هڏيون چورو بڻجي، عضوا سڙي زندگيءَ کان خالي ٿي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ بدلجي ويندا آهن. پر نه! سائو وڻ انهيءَ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس کي پنهنجي اندر جذب ڪري، ان جي عضون لاءِ هڪ بنيادي مرڪب تيار ڪندو، جنهن کي کنڊ (Sugar) چوندا آهن ۽ اها ئي کنڊ آخر ڪار ٻين عضون تائين پهچي ان کي زندگي عطا ڪري ٿي. وڌيڪ اهو ته کنڊ ٺاهڻ جي عمل ۾ هڪ ٻوٽو آڪسيجن کي ٺاهيندو آهي، جنهن سان توهان ساڙڻ جي عمل ۾ مدد وٺي سگھو ٿا.“
هتي حياتيات جي هڪ بنيادي قانون کي ظاهر ڪيو پيو وڃي. الله تعالى ئي ٻوٽن جي ذريعي باهه (آڪسيجن) پيدا ڪندو آهي، جيڪا سڙندي آهي. اها اسان کي جانورن جي ذريعي حياتياتي تاليف (Biosynthesis) جي عجوبي جي يادگيري ڏياريندي آهي. اها انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿي ته قوت پنهنجو پاڻ جوهر جي ڪاربان جي ميلاپ يا گرفت ۾ تبديلين سان پيدا ٿيندي آهي. اها انهيءَ ڳالهه تي به زور ڏيندي آهي ته سموري ڪائنات ۾ هر شيءِ الله تعالى جي حڪم سان آسانيءَ سان ٿي پوندي آهي. اهڙي طرح آيت سڳوري ائين چوندي محسوس ٿئي ٿي ته:
”انهن ڳريل سڙيل هڏين ڏانهن ئي نه ڏسو، پر حياتياتي تاليف (ٻيهر ٿي پوڻ) جي آسماني راز ڏانهن ڌيان ڏيو. ڏسو ته الله تعالى جي لاءِ زندگي عطا ڪرڻ ڪيترو نه سئولو آهي.“
ب – ساون وڻن جو مثال ڏئي الله تعالى هڪ ٻئي قسم جي سمجھه عطا ڪري ٿو. ڄڻ چيو ويندو پيو هجي ته ”ڇا توهان نٿا ڏسو ته جڏهن هڪ وڻ مڪمل طور تي سڪي ويندو آهي، اهو هڪ ڳريل هڏي کان مختلف نه هوندو آهي. الله ئي بهار جي موسم ۾ پنهنجي مرضيءَ سان انهيءَ کي زندگي عطا ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي ذريعي آڪسيجن بڻائي توهان کي ڏئي ٿو ته جيئن توهان انهيءَ مان ٻارڻ جو ڪم وٺي سگھو.“
اها هڪ رد نه ڪري سگھڻ جهڙي حقيقت آهي ته مٽي ۾ زندگيءَ جو وجود قيامت جي ڏينهن ٻيهر جيئرو ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي. جيئن مون ٻي آيت جي تشريح واري حصي ۾ بيان ڪيو آهي ته زميني مٽي پنهنجي عاليشان ليبارٽري ۾ هر انهيءَ مئل شيءِ جو چڱيءَ طرح سان تجزيو ڪندي آهي، جيڪا انهيءَ ۾ داخل ٿيندي آهي. يعني اهڙي طرح اها انهيءَ شيءِ جي سڀني جزن کي ان جي بنيادي حصن ۾ ڀڃي ڀوري ڇڏيندي آهي. ان کان پوءِ انهيءَ زميني ليبارٽري جا ڪارندا، يعني انتهائي ننڍڙا جراثيم، جن کي مائيڪروبس (Microbes) سڏيو ويندو آهي، اهڙو ڪيميائي مرڪب جوڙيندا آهن جنهن سان ٻوٽي جي نئين زندگيءَ جي شروعات ٿي ويندي آهي. علم حياتيات ۾ آڪسيجن پيدا ڪرڻ واري سائي وڻ ڏانهن اشارو هڪ گَهرَي مطالعي جو مضمون آهي جيڪو انهن سڀني حقيقتن جو تفصيلي جائزو پيش ڪري ٿو.
زندگيءَ جي سگھه ۽ ٻيهر زندگي حاصل ڪرڻ، الله تعالي جي طرف کان، زميني مٽيءَ ۾، زندگيءَ جي وجود واري راز وسيلي شعور ۽ القاء جو هڪ ذريعو آهي. جڏهن جهانن جي پالڻهار جو حڪم ٿيندو آهي ته ڳريل سڙيل ۽ زرڙن ۾ وکريل هڏيون به حشر جي ميدان ۾ بي عيب شڪل ۾ واپس اچي وينديون آهن.
ٻ – هڪ ٻيو دلچسپ ۽ اکيون کوليندڙ مثال، جيڪو وڻن ۽ هڏين ۾ ساڳيو آهي، اهو هيءُ ته ٻئي پنهنجي اندر زندگيءَ جي سگھه جا بنيادي راز رکن ٿا. هڏيون ۽ انهن جي اندرين مک جي اندر اهو راز هوندو آهي جيڪو رت جي جيو گھرڙڻ جي بناوت جي سلسلي ۾ انتهائي آهي ۽ جنهن سان زندگيءَ جي سگھه جاري رهي ٿي. جيستائين ساون وڻ جو تعلق آهي ته اهي باهه (آڪسيجن) کي ٺاهيندا آهن ۽ اهڙي طرح زمين تي زندگيءَ جي هڪ بنيادي جوهر جي موجودگيءَ جي ضمانت مهيا ڪندا آهن.
مٿي ڄاڻايل ٽن نُڪتَن ۾ جيڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن، اهي پاڻ ۾ الله تعالى جي انهيءَ حڪم هيٺ مضبوطيءَ سان ڳنڍجي وينديون آهن، جنهن ۾ بلڪل چٽائيءَ سان سورت يٰسين جي آخر ۾ فرمايو ويو آهي ته ”پاڪ آهي اهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جو مڪمل اقتدار آهي.“
ڄاڻايل سائنسي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ اسان حيرت ۽ سرهائيءَ سان انهيءَ ڳالهه جو مشاهدو ڪريون ٿا ته هڪ مرندڙ انسان تي سورت يٰسين جي تلاوت ڪرڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگھي ٿو.
جيئن ته سورت حٰم سجده ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪافرن جي خاص نشانين مان هڪ اهم نشاني انهن جو قيامت ۽ جزا ۽ سزا جي ڏينهن ويساهه نه هئڻ آهي. جزا ۽ سزا ۾ ويساهه جو نه هئڻ هميشه موت جي عجوبي جي غلط توجيهه سان پيدا ٿيندو آهي. مطالعي هيٺ آيل آيت ڪريمه موت جي باري ۾ اصل سچائي بيان ڪري ٿي، جيڪو حياتياتي نقطي نظر سان شڪل ۽ صورت جي تبديليءَ جو ٻيو نالو آهي. انهيءَ ڪري ساون وڻن مان باهه جي نڪرڻ جو مثال ڏنو ويو آهي. علم حياتيات موجب موت ته رڳو انهن ڪيميائي مادن ۾ گرفت يا جوڙن جي (Valence) ۾ ردوبدل جو ٻيو نالو آهي، جيڪو جسميي يا عضون جي بناوت جو بنياد هوندا آهن.
اسان انهيءَ جو مشاهدو ڪري سگھون ٿا ته دنيا ۾ ڪيترائي جسم، جهڙوڪه ٻوٽا، جانور ۽ جراثيم يعني بيڪٽيريا، جيڪي اسان کي نظر ايندا آهن تبديليءَ جي هڪ اڻ کٽ سلسلي يا موت ڏانهن وڌي رهيا آهن. پر هڪڙو مرڻ وارو ڪيڙو، مثال طور زميني مٽيءَ جي ليبارٽري ۾ تجربي هيٺ اچي ٿو، سو وکري وڃي ٿو ۽ آخرڪار هڪڙي گل جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ انهن گلن مان ڪيترائي جيت جڻيا زندگي ۽ وجود حاصل ڪندا آهن.
سڙي وڃڻ قدرت جو هڪ عجيب مظهر آهي جيڪو جسميي جي مڪمل تباهيءَ جي عڪاسي ڪندو آهي. اهو سڙڻ جي سخت عمل جي ذريعي تباهه ٿيندو آهي، پر انهيءَ جي دونهين مان، جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ نڪرندي آهي، هڪڙي پن ۾ زندگيءَ جو نشان بڻجي ويندي آهي. انهيءَ حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ آيت ڪريمه انتهائي وڻندڙ انداز ۾ ساون وڻن مان پيدا ٿيڻ واري باهه (آڪسيجن) جو مثال پيش ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اهو بار بار ورجاءُ پيو ڏسڻ ۾ اچي، پر اسان کي انهيءَ حقيقت کي پوريءَ طرح سمجھڻ گھرجي. اصل ۾ سورت يٰسين جو آخري حصو پيدائش جي شروعات وارن رازن کي بيان ڪري ٿو. پڪ سان آيت نمبر 77 اعلان ڪري رهي آهي ته ” ڇا انسان نٿو ڏسي ته اسان اُن کي هڪ نطفي مان پيدا ڪيو.“ اهڙي طرح انساني حياتيءَ جي شروعاتي مرحلي کي بيان ڪيو ويو آهي. وري آيت نمبر 80 حياتياتي تعلق کي ٻيهر ورجائي ٿي، جڏهن آيت نمبر 79 ۾ اهو اعلان ڪيو ويو ته اهو (الله) سڀني جو پيدا ڪرڻ وارو آهي. اهو سڀ ڪجھه ڄاڻي ٿو ۽ پيدائش جي لاءِ انهيءَ (الله) جو علم اڻ کٽ آهي.
اهڙي طرح اي انسان! تون ته سائي وڻ جي تازگيءَ جا نشان ئي سمجھين ٿو، پر اهو باهه جي هڪ فيڪٽري يا قدرت جو ڪارخانو آهي. الله تعالى انهيءَ سان آڪسيجن پيدا ڪري ٿو جيڪا زندگيءَ جي ٻَلَ جو سرچشمو ۽ ذريعو آهي.
انهيءَ خدائي دانائيءَ جي سامهون ڪوبه بي دينيءَ وارو نظريو قائم نٿو رهي سگھي. ڪوبه بي دينيءَ تي ٻڌل نظريو ڳريل سڙيل هڏين جو مثال پيش نٿو ڪري سگھي ۽ نه ئي قيامت جي ڏينهن جي باري ۾ وڌيڪ شڪ ۽ شبهي جو سبب ٿي سگھي ٿو.
هن عظيم الشان راز کي بيان ڪرڻ کان پوءِ الله تعالى ڪائنات جي بناوت جو احوال سورت يٰسين جي آيت نمبر 81 ۾ بيان ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي عظمت ۽ شان اهڙي طرح بيان ٿئي ٿو، جيئن آيت نمبر 82 ۾ چيو ته ”اهو جڏهن به ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪندو آهي ته انهيءَ لاءِ حڪم ڏيندو آهي ”ٿيءُ“ ته اها ٿي پوندي آهي.“
هاڻي اسان صحيح طرح سان سمجھي سگھون ٿا ته ڪهڙي طرح جڏهن ڪو مؤمن انسان پنهنجي دنياوي زندگيءَ جا آخري پساهه کڻي رهيو هوندو آهي ته اُن جي لاءِ سورت يٰسين جي تلاوت ڪئي ويندي آهي.
اهو مؤمن انسان ٻِي دنيا ۾ هليو وڃڻ وقت ڪيترين ئي سچائين کي سمجھي ويندو آهي، جڏهن ان کي سورت يٰسين جي خوبصورت ترتيب ۽ هڪجهڙائيءَ جي ذريعي قيامت ۽ حساب ڪتاب جي خوشخبري ڏني ويندي آهي. هو ٻي دنيا ۾ اهڙي طرح داخل ٿيندو جو هُن جي چپن تي مُرڪ هوندي. ائين انهيءَ سورت جي تلاوت آخري پساهه کڻندڙ انسان لاءِ خوبصورت ڏڍ هوندي آهي.