مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

ضميموقرآنغير مسلم ڏاهن جي نظر ۾

ترتيب ۽ ترجمو
علامه عبدالمؤمن ميمڻ



[b]قرآن، هميشه مسلمانن جي لاءِ روشن دليل رهيو آهي
- پروفيسر ايڊورڊ مونتي[/b]

جيڪڏهن لغطي ۽ تاريخي حوالي سان شائستگي ۽ معقوليت (Rationalism) جي معنيٰ کي وڌيڪ اهميت ڏجي ته: اسلام، يقيناً هڪ معقول مذهب آهي. دليلن جي حوالي سان قائم ڪيل اصولن تي جن مذهبن جو بنياد رکيو وڃي ٿو ته، اُن قاعدي موجب اسلام تي ‘معقوليت’ جي تعريف بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. اهو سچ آهي ته: حضور اقدس ﷺ سراپا ذوق ۽ جذبي جو شاندار نمونو هئا ۽ پاڻ سڳورن جي دل جو آئينو، ايماني جوش جي روشني ۽ ڪامل يقين جي تجليءَ سان منور هو. پاڻ سڳورن، ان انمول صفت جي جلون سان پنهنجي کوڙ سارن پيروڪارن جي سينن کي روشني بخشي. پاڻ، پنهنجي ان آئين کي الهام طور دنيا جي سامهون پيش ڪيائون. ان قسم جو الهام هڪ قسم جو ڪشف آهي. پاڻ سڳورن جو مذهب مڪمل طور تي اهڙن اصولن جو مجموعو آهي جيڪي اصول معقوليت جي مڃيل ڳالهين تي بيٺل آهي. مسلمانن
اسلام کي اجمالي طور هنن لفظن ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو ته: خدا هڪ آهي ۽ ان جو رسول برحق آهي. اسين جڏهن ٿڌي دماغ سان، پاڻ سڳورن جي تعليم ۽ اصول تي ڳوڙهو غور ڪريون ٿا ته اسلام جي عقيدي کي مختصر تي هنن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو ته: توحيد ۽ رسالت جو يقين ۽ خدا ۽ آخرت تي ايمان. اهي ٻه اصول، جيڪي مذهبي عقيدي جو بنياد ۽ مذهبي ماڻهن وٽ استدلال ۽ معقوليت جي بنياد تي بيٺل آهن، سي در اصل قرآن حڪيم جي مقدس تعليمات جو لُب لُباب آهن. هن ڪتاب جي سادگي ۽ چِٽائي، حقيقت ۾ اهم ترين خصوصيتون آهن، جيڪي اسلام ۽ اسلامي دنيا ۾ لاڳيتو عمل ڪري رهيون آهن.
قرآن ، اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ توحيد جو مسئلو اهڙي ته نفاست ۽ پاڪيزگي، اهڙي ته جلال ۽ جبروت ۽ ڪمال يقين سان بيان ڪيو ويو آهي جو اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي مذهب ۾ ان جو مثال مشڪل سان ملندو. هڪ اهڙي مذهب بابت جيڪو ايڏو مڪمل، روحانيت جي مڙني پيچيدگين کان آجو ۽ ايڏو آسان آهي جو هر شخص ان جا مسئلا آساني سان سمجهي سگهي ٿو، يقيناً، قرآن پاڪ ۾، ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪرڻ جي معجزاڻي طاقت آهي ۽ واقعي به اسلام ۾ اهڙي طاقت موجود آهي.

[b]قرآن تي عمل ڪرڻ سان سموري دنيا جي حڪمراني ملي سگهي ٿي
- موسيوليون روشن
[/b]
(موسيوليون روشن، ماضي قريب ۾ فرانسي حڪومت جي هڪ نهايت اعتماد واري جاسوس جا تاثرات قابل غور آهن. ”موسيو“ کي فرانس جي حڪومت، امير عبدالقادر الجزائري جي جاسوسيءَ تي مقرر ڪيو ۽ اهو به اشارو ڏنو هو ته وٽس مسلمان ٿي رهي ۽ ڪو اهڙو رستو ڪڍي جو امير الجزائري جو مٿس اعتماد بحال ٿي وڃي. هن ائين ڪيو ۽ ڪامياب ٿيو ۽ مسلمانن جي ملڪ ۾ ٽيهه سال ٽڪيو رهيو. ان وچ ۾ ‘موسيو’ عربي ٻولي، ان جي فنون، اسلام ۽ اسلامي علوم جي تعليم حاصل ڪئي ۽ الجزائر، تيونس، مصر، حجاز ۽ قسطنطنيه جهڙن عظيم الشان اسلامي ملڪن جا حالات معلوم ڪيائين ۽ پوءِ هڪ ڪتاب لکيائين، جنهن جو نالو آهي: ”اسلام ۾ ٽيهه سال“ ان ۾ هن اسلام ۽ قرآن بابت جيڪي شاندار حقيقتون لکيون آهن، انهن جو خلاصو هتي بيان ڪجي ٿو.)
... مان وڏي عرصي کان اسلام کي ان ڪري اپنايو ته امير عبدالقادر کي حڪومت فرانس جي ڪنهن چال ۾ ڦاسايان. مان ان چال ۾ ڪامياب ٿيس ۽ امير، مون کي پوري اعتماد سان پنهنجو سيڪريٽري بڻائي ڇڏيو... مون ان دين کي، جنهن کي اسان منجهان گهڻا ماڻهو سمجهندا آهن، جيستائين منهنجو پنهنجو خيال آهي ته، مون ان کي هر دين کان افضل ڏٺو. اهو هڪ انساني، طبيعي، اقتصادي ۽ ادبي دين آهي. اسان جي وضعي قانونن ۾ مون کي ڪو ئي اهڙو قانون ياد ڪونهي، جيڪو قرآن ۾ موجود هجي. مون ان قانون ڏانهن به واجهايو ۽ جنهن کي جول سيمون، ‘شريعت طبيعية چوي ٿو اهو به اهڙو ئي ڏٺم جهڙو اسلامي شريعت مان ورتل هجي! وري اهو به ڏٺم ته، مسلمانن جي ذاتي زندگيءَ ۾ اسلام جو ڇا تاثير آهي. تڏهن مون کي اندازو ٿيو ته اسلام، جرئت، بهادري، سخاوت، غيرت، بردباري، نياز نوڙت ۽ سونهن سوڀيا سان ڀرپور آهي.
مون ڏٺو ته مسلمان بلڪل سڌا سادا آهن، جيڪي ڪنهن سان بدگماني نه ڪندا آهن. مسلمان، روزيءَ جي طلب ۾ ڪنهن حرام شيءِ کي حلال نه سمجهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو يهودين ۽ عيسائين کان مال ملڪيت ۾ پوئتي هجن ٿا.
مون، اسلام ۾ ٻن اهڙن اجتماعي مسئلن جو حل ڳولهي لڌو آهي، جنهن جي سڄي دنيا کي ضرورت آهي.
* پهريون حل قرآن پاڪ جي هن فرمان ۾ آهي ته:
اِنَمَا المُؤمِنُونَ اِخوَةً
”ايماندار پاڻ ۾ ڀائر هوندا آهن“
اهو، اشتراڪيت جو بهترين قانون آهي.
* ٻيون حل آهي: هر مالدار تي زڪوٰة جو فرض هجڻ، جيڪا مفلسن کي، جيڪڏهن مالدار ادا نه ڪن ته انهن کان مسلمان حاڪم کي زبردستي اوڳاڙڻ جو حق ڏنو ويو آهي.
اسلام، خوبين جي کاڻ آهي. جيڪڏهن اسلام کي اهڙا شخص ملي پون، جيڪي ماڻهن کي جيڪا تعليم ملڻ گهرجي اها تعليم ڏين، ان جو صحيح صحيح تفسير ڪن ته، يقيناً مسلمان، اڄ سڄي دنيا کان اڳتي ۽ هر ميدان م اڳڀرا ٿي وڃن. پر افسوس! جو مسلمانن ۾ اهڙا پير ۽ مشائخ پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي ان جي حڪمن ۾ هيرا ڦيري ڪن ٿا، ان جي سونهن کي نهوڙين ٿا ۽ ان ۾ جڙتو ڳالهيون شامل ڪن ٿا. مون، قيروان، اسڪندريه ۽ مڪي ۾ اهڙن کوڙ عالمن، پيرن ۽ مشائخن کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي! انهن کان اهڙيون اهڙيون فتوائون تحرير ڪرايم جن ۾ هنن ”دليلن“ سان ثابت ڪيو ته فرانس جي ماڻهن تي فرانس جي حڪمرانن جي اطاعت واجب آهي، سندن خلاب لب ڪشائي ڪرڻ حرام آهي ۽ اهو به لکرايو مان ته فرانس جي حڪومت، اتان جي عوام جي لاءِ خدا پاڪ جي بهترين نعمت آهي. مون اتان جي مفتين ۽ مشائخن کان اهڙو ڪم وٺڻ ۾ ٻي ڪا به تڪليف محسوس نه ڪئي سواءِ ڪجهه سونن ٿانوَن پيش ڪرڻ جي!


[b]بيشڪ قرآن الهامي ڪتاب آهي
- ريورنڊ آر ميڪسيوئل ڪنگ [/b]

(ريورنڊ، 17 جنوري 1915ع تي، قديم پرسبي ٽيرين چرچ نيو ٽونارڊز ۾ جيڪا ‘دين اسلام’ جي موضوع تي تقرير ڪئي هئي، ان ۾ چيو هئائين ته:)
اسلام جو آسماني ڪتاب قرآن پاڪ آهي جيڪو حضورﷺ جي نبوت واري دؤ﷦ر جي احڪامات جو مجموعو آهي جنهن ۾ نه رڳو اسلام جا اصول ۽ قانون درج آهن بلڪه اخلاقيات جي تعلي، روزاني ڪار وهنوار بابت هدايتون ۽ قانون به بيان ٿيل آهن. ان لحاظ کان مسلمانن کي عيسائين تي فوقيت حاصل آهي ته اسلام جي مذهبي تعليم ۽ قانون ڪي الڳ شيون نه آهن.
قرآن پاڪ، يهودين، عيسائين ۽ زرتشتين جي مذهب تي پوري پوري روشني وڌي آهي.
جهڙيءَ ريت خدا، يهودين جي تورات ذريعي ۽ عيسائين جي انجيل جي ذريعي رهنمائي ڪئي، اهڙيءَ ريت مسلمانن کي قرآن جي ذريعي صراط مسطقيم ڏَسي آهي.
اسلام جو بنياد، جمهوري تي آهي. خدا، مڙني انسانن کي برابر سمجهي ٿو ۽ انساني روح کي ان پاڪ ذات سان اڃا وڌيڪ سلهاڙي ٿو، جنهن سان ان روح جو پهريان کان ئي گهرو تعلق آهي ۽ جيڪا ذات ان روح جو سرچشمو پڻ آهي.
اسلام جي جمهوري تعليم ۾ هڪ ڀاڱو عورتن بابت به آهي. قرآن ۾ جتي به ڪنهن جو ذڪر ڪرايو آهي اتي عورت جي لاءِ عظمت ڀريا الفاظ استعمال ڪيا ويا آهن، ماءُ سان محبت ڪرڻ ۽ ان جي تعظيم ڪرڻ زال سان پيار ۽ شفقت ڪرڻ تي تمام زورائتي نموني اتساهيو ويو آهي.
اسلام جي پيروڪارن جو اخلاق قابل تعريف آهي. سندن طرز عمل خدا جي احڪامات جي تابع آهي. تسليم ۽ رضا ـ يعني پنهنجا سمورا معاملا خدا جي حوالي ڪري ڇڏڻ، مسلمانن جي مذهبي زندگيءَ جو هڪ لازمي شرط آهي.
جيڪو مذهب، خدا جي فيصلن تي راضي رهڻ جي ايڏي عمدي تعليم ڏئي، ان جا پيروڪار، يقيناً سچ جا دوست ۽ انصاف پسند، وڻج واپار ۾ ۽ واعدي جا پڪا هوندا آهن. جيڪڏهن اسين قرآن جي خلاف انڪار جي واٽ وٺنداسين ته خود اسان جو عقل ئي اسان کي حيرت مان گهوريندو!
ڪي دوست چون ٿا ته: قرآن، حضرت محمدﷺ جي تصنيف آهي ۽ ان ۾ جيڪو ڪجهه آهي، سو تورات ۽ انجيل مان ورتل آهي پر منهنجو ايمان آهي ته: جيڪڏهن الهامي دنيا ۾، ايمان نالي ڪا شيءِ آهي ۽ الله جو وجود برحق آهي ته قرآن حڪيم بيشڪ الهامي ڪتاب آهي. عيسائي چون ٿا ته: پيغمبر اسلام سچو نبي نه هو ۽ قرآن سندس ذاتي تصنيف آهي. جيڪڏهن ائين هجي، ته محمد کي اهڙي ڪتاب جي ڪهڙي ضرورت هئي، جنهن ۾ هو پاڻ کي تنبيهه ڪري ۽ اها تنبيهه ان ڪتاب ۾ به رهڻ ڏي؟!

[b]بيشڪ قرآن وحيءَ جي ذريعي نازل ٿيو
- ڊاڪٽر غرينيه[/b]

(ڊاڪٽر غرينيه، اڳوڻو مجلس شورن فرانس، استاد محمود بڪ پنهنجي اسلام جي قبوليت جو سبب بيان ڪندي لکيو آهي ته:)
مان جوانيءَ ۾ بحري طبيب هيس ۽ هميشھ جهازن ۾، پاڻي ۽ آسمان جي درميان ڏينهن گهاريندو هئس. هڪ ڀيري مونکي، فرانسي ٻوليءَ ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو مليو، اُن ۾ سورة نور جي هڪ آيت جو ترجمو پڙهيم. جنهن ۾ ذڪر هو ته: اهو ديوانگيءَ جي حالت ۾ چرين وانگر ائين ٿو هٿ پير هڻي، جيئن، ڪو ٻڏندڙ، سياري جي ڏينهن ۾، جڏهن انڌاڌند بادل ڇانيل هجن ۽ لهرن وچ ۾ گهپ اوندهه ۾ هٿو راِڙيون هڻندو هجي:
اَو کَظُلُمت ... فَما لَھ مِن نورِ...
(ترجمو): يا وري انهن جو مثال ائين سمجهو، جيئن گهري سمنڊ کي لهرن جي چادر ڍڪي ڇڏيو هجي، هڪ لهر مٿان ٻي لهر ۽ لهرن جي مٿان بادل ڇانيل هجن. جهڙوڪ اوندهه ئي اوندهه ـ هڪ اوندهه جي مٿان ٻي اوندهه، ماڻهو جيڪڏهن پنهنجو هٿ ڏسڻ چاهي ته اهو به نه ڏسجيس. ۽ جنهن جي لاءِ الله ئي سوجهرو نه ڪيوآهي ته پوءِ ان جي لاءِ روشنيءَ ۾ ڪهڙو حصو ٿي سگهي ٿو؟ (النور: 40)
جنهن زماني ۾ مون اها آيت پڙهي هئي، تيستائين اڃا، اسلام قبول نه ڪيو هيم ۽ نه ڪي مون کي ڪو سر سيد اعظم ﷺ بابت ڪا ڄاڻ هئي. مذڪوره آيت پڙهڻ سان منهنجي دل ۾ اها ڳالهه ويهي وئي ته: يقيناً محمدﷺ ڪو اهڙو شخص آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي سمنڊ ۾ گذاري آهي پر ان جي باوجود به آئون حيران هئس ته ڪنهن شخص جي لاءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿئي ته، ڀٽڪيلن جو آواز ٿي جو ايڏو مختصر انداز ۾ حال بيان ڪري، جو ٿورن لفظن ۾ سمنڊن جا سمورا خطرات ۽ طبعي حالتون ايڏي جامع انداز ۾ اچي وڃن جهڙوڪ انسان، انهن جو پنهنجي حواس ذريعي مشاهدو ڪندو هجي ۽ اسلوب به اهڙو جو سمنڊن جي خطرن جي نشاندهي ڪو وڏي کان وڏو ماهر به ائين نه ڪري سگهي.
وري جڏهن مون کي اهو پتو پيو ته محمدﷺ ڪڏهن به ڪنهن به سمنڊ ۾ سفر نه ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته هو امي به هو، ته پوءِ مون قرآن پاڪ هٿ ۾ کنيو ۽ سورة نور ۽ باقي ٻين آيتن تي به خوب غور ڪيو، تڏهن مون کي يقين ٿي ويو ته هي ڪنهن بشر جو ڪلام ٿي ئي نه ٿو سگهي. ضرور اهو ڪلام وحيءَ جي ذريعي ئي نازل ٿيل آهي. پوءِ آئون مسلمان ٿي ويس ۽ هميشھ اسلام تي فخر ڪندو رهندس، جيڪو منهنجي نظر ۾ هڪ معقول فطري دين آهي ۽ جيڪي شيون ٻين مذهبن ۾ بت پرستيءَ جي باقيات آهي، اسلام انهن سڀني کان پاڪ آهي!


[b]قرآن، هڪ عظيم الشان ملڪي ۽ تمدني نظام پيش ڪري ٿو
- موسيو اوجين[/b]

(موسيو اوجين ڪلافل، ناليوارو فرانسي مستشرق ٿي گذريو آهي، هن يهودين، عيسائين ۽ مسلمانن جي مذهبي عقيدن ۽ مسئلن بابت تحقيق ۾ پنهنجي سڄي عمر صرف ڪري ڇڏي. 1901ع ڌاري فرانسسي اخبارن ۾ شايع ٿيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته:)
قرآن، رڳو مذهبي مسئلن ۽ عقيدن جو مجموعو ناهي، بلڪه ان ۾ اجتماعي (سوشل) احڪامات به آهن جيڪي انسانيت جي لاءِ زندگيءَ جي هر حالت ۾ مفيد آهن. ان لحاظ کان اسين چئي سگهون ٿا ته قرآن هڪ اهڙو مجموعو آهي، جنهن مان تمدن جا قانون، ڏوهن ۽ ان جي سزائن جا قانون ۽ اهي قانون. جن جي ذريعي دنيا جي مختلف قومن جي درميان تعلقات قائم ٿيندا آهن يعني بين الاقوامي سياسي قانون ۽ وڏي ڳالهه ته صحت جي حفاظت جا قانون به قرآن ۾ بيان ٿيل آهن. ان ۾ شڪ ڪونهي ته، حضرت محمدﷺ ان نظام کي جنهن جو دائرو وسيع آهي، دنيا جي سمورين قومن ۾ ڦهلائڻ ٿي چاهيو، ڇاڪاڻ جو سندن وڏي ۾ وڏو مقصد اهو هو ته مسلمانن کي مادي ترقيءَ جو بلند ترين درجو حاصل ٿئي. ان لحاظ کان مسلمانن جي قومي اتفاق جو مسئلو جيڪو اڄڪلهه يورپ ۾ زير بحث آهي، ڪا نئين ڳالهه ناهي. ڇاڪاڻ جو اسلام جو بنياد ئي ان اصول تي رکيو ويو آهي ۽ ان جو مقصد ئي اهو آهي ته دنيا جون مختلف قومون، اسلام جي جهنڊي هيٺان ڪٺيون ٿين. مسلمانن جي اتفاق جو مسئلو، سلافي ۽ جرمن قومن جي خيالن کان بنهه مختلف آهي ۽ ٻنهي جو مقصد ساڳيو ناهي.
جڏهن اسين ان زماني جو تصور ڪريون ٿا، جنهن ۾ پيغمبر اسلام پنهنجي نبوت ۽ رسالت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ جنهن ۾ هڪ اهڙو ڪامل قانون جو مجموعو تيار ڪيو ويو جيڪو دنيا جي ملڪي، مذهبي ۽ تمدني هدايتن جي لاءِ ڪافي آهي، ته اسين نهايت حيران ٿيندا آهيون.

[b]قرآن کان بهتر، انسان جي لاءِ ڪوئي دستور ڪونهي
- مسٽرجان ڊيون[/b]

(مسٽر جان ڊيون پورٽ، جڳ مشهور اديب ۽ ناميارو سيرت نگار ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي تصنيف: The Great Teacher ۾ لکي ٿو:)
قرآن هڪ عام فهم مذهبي قانون آهي، جنهن ۾ انساني زندگيءَ جي اصلاح جي لاءِ سڀ ڪجهه موجود آهي. ان جو هڪ نرالو شان اهو آهي ته ان جي تعليم انساني فطرت جي عيب مطابق آهي ۽ اهو دلڪش انداز ۾ اصلاح جي دعوت ڏئي ٿو. ان جي عام فهم تعليمات مان عرب جا جاهل وحشي سمجهدار ۽ پرهيزگار بڻجي ويا. ان جي مذهبي قانون، هڪ طرف روح جي اصلاح جي لاءِ هدايت ڪئي آهي ته ٻئي پاسي مادي ترقيءَ جا به انمول اصول پيش ڪيا.
قرآن چوي ٿو ته: پنهنجي روزيءَ جي لاءِ محنت ڪريو! ڇا اها هڪ سهڻي هدايت ناهي؟ تاريخ شاهد آهي ته جن شخصن قرآن تي عمل ڪيو، اهي روحاني حوالي سان به ڪامياب رهيا ۽ مادي حوالي سان به! جيڪي ان جي هدايت کي سامهون رکندا هئا، اهي حيرت انگيزتدبر جا مالڪ هئا. سندن ذهني صلاحيتون غير معمولي ۽ سندن تخيل اعليٰ درجي جو هو. هو پنهنجي نفس تي پورو ضبط رکندا هئا ۽ اميرن غريبن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪندا هيا. اسين انصاف جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته، قرآن کان بهتر ڪوئي دستورالعمل انسان کي عملي طور تي نيڪيءَ ڏانهن راغب نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ڪي قرآن کان بهتر ڪو ئي ڪتاب، براين کان بچائڻ ۾ رهنما ٿي سگهي ٿو.
(The Great Teacher P; 960)

[b]قرآن مشترڪه قانون ۽ هڪ زبردست عملي تحريڪ آهي
- مسٽر جان ڊيون[/b]

ساڳيو مصنف، پنهنجي ڪتاب: ‘محمد ۽ قرآن’ ۾ قرآن بابت آسماني صحيفو هجڻ جي حوالي سان لکي ٿو:)
قرآن، اسلامي دنيا جو مشترڪه قانون آهي. قرآن، معاشرتي، ملڪي، تجارتي، فوجي، عدالتي ۽ تجزيري معاملات ۾ به رهنمائي ڪري ٿو پر ان سان گڏ هڪ مذهبي ضابطو به آهي. ان هر شيءِ کي باقاعده جوڙيو آهي. مذهبي عبادتن کان وٺي روزانو جي ڪرت، روحاني نجات کان وٺي جسماني صحت، اجتماعي حقن کان وٺي انفرادي حقن تائين ويندي اخروي معاملات تائين ضابطي جي هڪ پويل لڙهي آهي.
قرآن جي اڻ ڳڻين خوبين مان ٻه خوبيون وڌيڪ نراليون آهن:
هيبت ۽ احترام جو لهجو، جيڪو خلقڻهار جي متعلق هرجاءِ تي محفوظ رکيو ويو آهي، جنهن خلقڻهار ڏانهن ڪا به انساني ڪمزوري ۽ انساني خواهش منسوب ڪيل ناهي.
قرآن ۾ منڍ کان آخرتائين، بي تڪي ڳالهه، اخلاق بگاڙيندڙ نامناسب خيالات، معاجز ۽ حڪايتون نالي باتر به توهان کي نظر نه اينديون. افسوس! اهي سڀ خاميون ان ڪتاب ۾ وڏي مقدار ۾ ملنديون، جنهنکي عيسائي ‘عهدنامه قديم’ جو نالو ڏين ٿا.
عيسائين ۽ اسلام جي ڀيٽ ڪندي لکي ٿو:
اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عيسائي، فطرتاً اهو ظاهر ڪندا آهن ته مٿن عيسائيت جو اثر ۽ گرفت، عيسائيت جي اصولن جي ڪري آهي. ان طرح عيسائي مذهب ۽ اخلاقيات کي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجندڙ قرار ڏيندا آهن. عيسائيت جي برعڪس، اسلامي اصول عملي طور تي پنهنجن پيروڪارن جي اخلاقي، اجتماعي، آئيني ۽ سياسي خيالن ۽ حالتن تي اثرانداز ٿيا آهن. ان جي ڪري مسلمانن وٽ هڪ لفظ: ‘اسلام’ حب الوطني، شريعت، روايت، حڪومتي آئين، حق جي سمورين معنائن جو احاطو ڪري ٿو. قرآن حڪيم، جنهن مذهب جو بنياد وڌو آهي، اهو زبردست ۽ مڪمل وحدانيت آهي. ان ۾ هرجاءِ تي صاف سٿرو الوهيت جو جلوو نظر اچي ٿو.
ٻي جاءِ تي لکي ٿو:
ڪجهه هوڙهيائي ڪندڙ ماڻهن جي اها ڳالهه مون کي بلڪل به سمجهه ۾ نه ٿي اچي، جيڪي چون ٿا ته: (مڪان اقامه) محمد جعل ساز هو ۽ قرآن، هن پاڻ لکيو هو! مان سمجهان ٿو ته جيڪو به مصنف ماڻهو قرآن پڙهندو، ان جو يقين، هوڙهن ماڻهن کان بلڪل مختلف هوندو.

[b]قرآن، دنيا جي ڪايا پلٽي ڇڏي
- پروفيسر ڪارلائل[/b]

قرآن هڪ آسان ۽ عام فهم مذهبي ڪتاب آهي، جنهن بابت مسلمانن جو اهو عقيدو آهي ته اهو خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي. اهو ڪتاب، اهڙي وقت ۾ دنيا جي آڏو آيو، جڏهن عجيب و غريب قسم جون گهرايون مشرق کان مغرب ۽ اتر کان ڏکڻ تائين ڦهليل هيون. انسانيت، شرافت، تهذيب ۽ تمدن جو دنيا ۾ نانءُ نشان به باقي نه رهيو هو. هر پاسي بي چيني ۽ بدامني نظر ايندي هئي ۽ چؤ طرف نفس پرستيءَ جو طوفان برپا هو. قرآن پنهنجي تعليمات جي ذريعي امن ۽ سڪون جا محبت ڀريا جذبا پيدا ڪيا. بي حيائيءَ جي اونداهين جو انت آيو. ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار ماٺي ٿي وئي. ڀٽڪيل انسان، سنئين واٽ تي اچي ويا ۽ بي شمار وحشي، تهذيب جا پرستار بڻجي ويا. هن ڪتاب دنيا جي ڪايا پلٽي ڇڏي. جاهلن کي عالم، ظالمن کي رحمدل ۽ عيش پرستن کي پرهيزگار بڻائي ڇڏيو. اهو ئي اهو ڪتاب آهي جيڪو اڄ به چاليهه ڪروڙ انسانن جي دلين تي حڪمراني ڪري ٿو.
(The Religion of the World * 115)

[b]قرآن جي ڪلام تي عقل حيران آهي
- ڪونٽ هنري [/b]

(ڪونٽ هنري دي ڪاسٽري، فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب: ‘الاسلام’ ۾ جنهن جو ترجمو مصر جي مشهور عالم احمد فتحي بڪ زاغلول، 1898ع ۾ شايع ڪيو هو، لکي ٿو:)
قرآن جي وحي جو مسئلو اڃا به وڌيڪ مشڪل ۽ پيچيدو آهي، ڇاڪاڻ جو بحث جا ڪوڏيا، اڃا ان کي حل ڪري نه سگهيا آهن. عقل مڪمل طور تي حيران آهي ته اهڙو ڪلام، آخرڪار ان شخص جي زبان مان ڪيئن ادا ٿيو آهي، جيڪو امي هو؟! سموري مشرق اقرار ڪيو آهي ته هي اهو ڪلام آهي جو نوع انسان، لفظي توڙي معنوي، هر لحاظ کان ان جو مثال پيش ڪرڻ کان عاجز آهي. هي اهو ئي ڪلام آهي جنهن جي بلند انشا پردازيءَ عمر بن خطاب جهڙي ارڏي ۽ اڙينگ انسان کي سڪون بخشي ڇڏيو ۽ هو پيغمبر اسلام جو غلام ٿي ويو. هي اهو ئي ڪلام آهي جو، جڏهن حضرت يحيٰ جي ولادت بابت آيت، جعفر بن ابي طالب، نجاشيءَ جي آڏو پڙهي ته ان جا نيڻ برسي پيا ۽ بشپ رڙ ڪري چيو ته: هي ڪلام ان ئي سرچشمي مان نڪتو آهي، جنهن مان عيسيٰ عليھ السلام جو ڪلام نڪتو هو.
حضرت محمدﷺ قرآن کي پنهنجي رسالت جي دليل طور آڏو آندو ۽ اهو تڏهن کان اڄ سوڌو هڪ اهڙو نه زورائتو راز آهي جنهن جو طسم ٽوڙڻ، ڪنهن به انسان جي وس جي ڳالهه ئي ڪانهي.
ايشيا ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ اسلام جي ڦهلجڻ ۽ مختلف قومن کي پنهنجي آغوش ۾ آڻڻ جو هڪ ٻيو به سبب آهي... اسلام جو اصول اهو هو ته جيڪا قوم، اسلام قبول ڪندي هئي، ان جي هر شخص جي جان ۽ مال محفوظ ٿي ويندا هئا. باقي جيڪا قوم، اباڻي مذهب تي رهڻ کي ترجيح ڏيندي هئي، ان تي هڪ هلڪو ٽيڪس، جزيي جي نالي سان لاڳو ڪري، ان سان اهو ئي سلوڪ ڪيو ويندو هو جيڪو ڪنهن عام مسلمان سان ڪيو ويندو هو ۽ اسلام جا پرچارڪ، انهن کي بلڪل به نشانو نه بڻائيندا هئا. اهو قرآن پاڪ جي تعليم جو اثر هيو ۽ خلفاءِ راشدين به اُن تي ئي عمل ڪيو.
اسلام جي پناهه ۾ عيسائي به مطمئن ٿي ويا. اسلام جي دعوت ۾ ڪير به ٽڪراءُ ۾ نه ايندو هو؛ جيڪي عقلي بنياد تي پنهنجي تيز ذهانت سبب اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي نظريي جا پيروڪار ٿيندا هئا، انهن سان به اسلام جو سلوڪ نهايت مهربانن وارو هيو. اهڙو سلوڪ دراصل قرآن پاڪ جي تعليم جو نچوڙ آهي، جنهن تي خلفاءِ راشدين به ڪار بند رهيا.

[b]قرآن جو مَٽُ سڄي جهان ۾ نه ٿو ملي سگهي
- ڊاڪٽر گبن[/b]

(انگلستان جو ناليوارو مؤرخ ڊاڪٽر گبن پنهنجي مشهور تصنيف ‘رومي سلطنت جو زوال’ جي پنهنجين جلد جي پنجاهين باب ۾ لکي ٿو ته)
قرآن جي باري ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي، گنگا نديءَ تائين، مڙئي تهذيبون اها ڳالهه مڃن ٿيون ته: قرآن هڪ بنيادي دستور آهي، نه رڳو مذهبي اصولن جي لاءِ بلڪه دفتري فوجداري نظام جي لاءِ به ! ۽ جن قانونن تي عمرانياتي نظام جو مدار آهي، جن سان نوع انسان جي زندگي وابسته آهي، جن جو اجتماعي زندگيءَ جي ترتيب ۽ سليقي سان تعلق آهي، انهن کي خدا جي مرضيءَ جي ماتحت، هر قسم جي نقص ۽ عيب کان پاڪ سمجهيو ويندو آهي. حقيقت اها آهي ته حضرت محمد ﷺ جي شريعت سڀ تي حاوي آهي. هو پنهنجن سمورن حڪمت ۾، وڏي کان وڏي شهنشاهه کان وٺي ننڍي کان ننڍي مسڪين ۽ لاچار تائين، مڙني جي لاءِ هڪ بنيادي رهنما آهي.
هي اها شريعت اهي جيڪا اهڙن دانشمندانه اصولن ۽ اهڙي قسم جي عظيم الشان قانوني انداز سان مرتب ٿي آهي جو سڄي دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي.
هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
تثليث ۽ خدا جي مجسم هجڻ جون رمزون ۽ اسرار، وحدة الوجود جي عقيدي ۽ اصول جي ضافي آهن. تثليث مان صاف ظاهر آهي ته اهي ٽن هم مرتبه خدائن جي تعليم ڏين ٿا ۽ حضرت عيسيٰ عليھ السلام جيڪو هڪ انسان آهي، تنهن کي خدا جو پٽ ظاهر ڪن ٿا. قديم زماني جي تفسير صرف هڪ راسخ العقيده عيسائيءَ کي مطمئن ڪري سگهي ٿي. حضرت محمدﷺ جو پيش ڪيل عقيدو هر قسم جي ور وڪڙ کان پاڪ ۽ صاف آهي ۽ قرآن حڪيم، خدا جي وحدانيت بابت هڪ زبردست شاهد آهي.
پنهنجي تصنيف ۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
قرآن، خدا جي يڪتا هجڻ جو هڪ تمام وڏو شاهد آهي. هڪ موجد فيلسوف، بلا تڪلف اسلام قبول ڪري سگهي ٿو. هڪ مذهب ـ جيڪو شايد اسان ماڻهن جي موجوده سمجهه جي لاءِ تمام بلند آهي.
گبن، پنهنجي مشهور تاريخ: ‘هسٽري آف دي ورلڊ’ ۾ لکي ٿو:
هر انصاف پسند ماڻهو ان حقيقت جو اقرار ڪرڻ تي مجبور آهي ته قرآن هڪ بي مثال قانون هدايت آهي. قرآني تعليمات انساني فطرت جي عين مطابق آهن ۽ اهو پنهنجي اثر جي لحاظ کان هڪ حيرت انگيز پوزيشن رکي ٿو. قرآن، وحشي عربن ۾ زبردست سڌارا آندا. همدردي ۽ محبت جي جذبات سان سندن دلين کي واسي ڇڏيائين ۽ قتل و غارت کي ممنوع قرار ڏئي ڇڏيائين. اهو قرآن جو عظيم الشان ڪارنامو آهي.

[b]قرآن مسلمانن جي ترقيءَ جو ذريعو آهي
- ڊاڪٽر ڊريپر[/b]

ڊاڪٽر ڊريپر، پنهنجي مشهور تصنيف : انٽلڪچوئل ڊويلپمينٽ آف يورپ (يورپ جي ذهني ارتقا) جي پهرئين جلد ۾ لکي ٿو:
اها قابل غور حقيقت آهي ته، عيسائيت جي عمر، ان وقت جڏهن اسلام هجرت کان تقريباً ڇهه سؤ سالن جو عرصو طئي ڪري چڪو هو، تيرهن سؤ ورهين کان وڌيڪ هئي پر جيڪڏهن تهذيب، تمدن، معاشرت ۽ سياست وغيره جي حوالي سان ٻنهي مذهبن ۾ ڀيٽ ڪجي ته سامهون جيڪو نتيجو اچي ٿو سو يقيناً اهو آهي ته: عيسائيت، انساني ترقيءَ ۾ رڪاوٽ رهي آهي.
عيسائي يورپ جي ان جهالت ۽ وحشت تي غور ڪريو ۽ پڻ انهن واقعن کي تنقيدي نگاهه سان جاچيو، جن جو اسين تذڪرو ڪنداسين ۽ ان جي مقابلي ۾ علم، فضيلت، تهذيب ۽ تمدن کي اسلام جي سرپرستي، حمايت ۽ ترقي ڪندي ڏسو، جن کان دنيا، بعثت کان پهريان اڻ سونهي هئي. بي شڪ! نتيجو پڌرو آهي ته: ترقيءَ جو ذريعو صرف اسلام آهي.
جيڪڏهن انهن تاريخي واقعن کي به سامهون رکجي جيڪي مسلمانن ۽ عيسائين جي موجوده حالت جو ڪارڻ آهن ته بيشڪ! ٽيون نتيجو ـ جيڪو پوين ٻن دعوائن جو ثبوت ٿي سگهي ٿو، سو اهو آهي ته عيسائي دنيا جي ترقيءَ جو آغاز تڏهن کان ٿيو آهي، جڏهن کان اسلامي تعليم جي واقفيت پيدا ٿي جنهن ڪري ماڻهو عيسائين کان عملي طور تي پاسيرا ٿيندا ويا. مسلمانن جو تنزل، نسبتاً تڏهن شروع ٿيو، جڏهن اسلام جي اصولن تي مسلمانن عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو. مطلب ته جيستائين عيسائي، عيسائيت تي عمل پيرا هئا، اهي ترقيءَ جا دشمن، جاهل ۽ وحشي هئا. جڏهن عيسائيت کي عملي طور تي ترڪ ڪري ڇڏيائون ۽ اسلامي اصولن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيائون تڏهن کان سندن ترقيءَ جي شروعات ٿي. ان جي برعڪس، جڏهن مسلمانن جو دستور العمل قرآن هو. تڏهن اهي روزانو نت نئين ترقيءَ ڏانهن گامزن رهيا. جڏهن قرآن کان غافل ٿي ويا، تڏهن پستين ڏي ڌڪجڻ شروع ٿي ويا.
ڊاڪٽر ڊريپر پنهنجي ساڳي ڪتاب جي ٻئي جلد جي ٻئين باب ۾ لکي ٿو ته:
جڏهن پيغمبر اسلام کان سندس رسالت جي ثبوت ۾ معجزو طلب ڪيو ويو ته پاڻ پنهنجي خاص انداز سان قرآن پاڪ جي ترتيب ڏانهن اشارو ڪيائون، جيڪا هڪ اهڙي خوبي آهي جنهن کي ڪائي شيءِ نه ٿي پهچي سگهي ۽ جيڪا قرآن جي الهامي هجڻ جو چٽو ثبوت آهي.

[b]قرآن جي تعليم اخلاقي قانون جو ساٿ ڏئي سگهي ٿي
- مسٽر مارما ڊيوڪ
[/b]
اهي قانون جيڪي قرآن پاڪ ۾ درج آهن ۽ جيڪي پيغمبر اسلام سيکاريا آهن، صرف اهي ئي اخلاقي تعليم جو ڪم ڏئي سگهن ٿا. توهين ان کان ڪنهن به طرح انڪار نه ٿا ڪري سگهو ته اهو ئي هڪ قانون آهي جنهن ۾ تي هر ملڪ، ملت ۽ قوم جا اهي رهواسي عمل پيرا ٿي سگهن ٿا، جيڪي انساني ڀلائي ۽ ترقيءَ جي ذريعي، خدا جو قرب حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. صرف قرآن ئي آهي جنهن اسلام جي ٻنهي رڪنن: حقوق العباد ۽ حقوق الله کي مڪمل طور تي هڪ ٻئي سان لازم ملزوم ڪندي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته، حقوق الله دراصل حقوق العباد کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي روحاني مشق آهي. ان ڳالهه جو اقرار نه رڳو مسلمانن، بلڪه انهن يهودين ۽ عيسائين به ڪيو آهي، جن قرآن پاڪ جو شعور ۽ ادراڪ سان مطالعو ڪيو آهي.
گذريل ڳچ ورهين کان، حڪمران، قرآن جي اوريجنل پيغام کي اپاهج بڻائي ۽ ان جي روح کي مسخ ڪندا رهيا آهن ۽ هو جڙتو ‘شيخ الاسلام’ ، مفتين ۽ ‘مجتهدن’ جي اهڙين فتوائن جي انڌي تقليد ۾ مست ۽ مگن آهن. جيڪي فتوائون دراصل هو س پرستيءَ جي نشي ۾ ڏنل آهن. حق جي احڪامات ۾ هيرا ڦيري ڪري، انهن کي مفاد پرست طبقن جي مفاد ۾ تحرير ڪري، علماءِ حق جي اقوال کي پاسيرو کي، علماءِ سو جي فتوائن کي اکين تي رکڻ جهڙين حرڪتن کي قرآن ۾ سختيءَ سان ننديو ويو آهي.
مسٽر ڊيوڪ، لنڊن جي مسلمانن آڏو ‘خدا باشاهيءَ’ جي موضوع تي تقرير ڪندي فرمايو ته:
قرآن جي جنهن معجزي کي خود حضرت محمدﷺ گهڻي ڀاڱي الاهي مقصد جي ثبو ت طور پيش ڪيو، سو حقيقت ۾ هڪ ئي معجزو ڏسجي ٿو: ڇاڪاڻ جو حضرت محمدﷺ توڙي تهذيب يافته هو پر ساڳي وقت امي به هو ۽ ان ڳالهه ۾ شڪ ڪرڻ جو ڪو به معقول سبب ڪونهي ته قرآن جهڙي عجيب و غريب فصاحت ۽ بلاغت جو هڪ وڏو حصو پاڻ سڳورن ﷺ تي بيهوشيءَ جي عالم ۾ نازل ٿيو...! هن ڪتاب جهڙو ڪوئي ڪتاب پوري دنيا ۾ موجود ڪونهي، قرآن واقعي زماني جو تمام وڏو عجائب آهي.

[b]قرآن هڪ چٽو معجزو آهي
- الڪس لوازون[/b]

الڪس لوازون، هڪ مشهور فرانسي فلاسفر پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ فرمائي ٿو:
قرآن جيڪو خدا، محمدﷺ جي دل تي انسانن جي رهنمائيءَ واسطي نازل ڪيو، سو بي شڪ، هڪ روشن ۽ حڪمت ڀريو ڪتاب آهي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي جي گنجائش ڪانهي ته حضرت محمدﷺ سچو نبي، صديق ۽ جيڪو خدا جو هر ڪم پورو ڪري سگهڻ جي طاقت رکي ٿو، ان جي پاران موڪليل آهي. بلڪه حضرت محمدﷺ هڪ اهڙو عظيم الشان ۽ جليل القدر نبي هو جنهن الله پاڪ جي مشيت سان اسلام جهڙي عالمگير مذهب جو بنياد رکيو ۽ جنهن کي عدم جي پردي مان وجود جي جهان ۾ آڻڻ جي توفيق ماڻي. ان جي پيروڪارن جو انگ ٽيهن ڪروڙن بلڪه (چاليهن ڪروڙن) کان وڌي هليو، جن روم جهڙي سلطنت کي پنهنجي گهوڙن جي ٽاپن هيٺان چيٿاڙي ڇڏيو ۽ گمراهيءَ جون، پنهنجن تيرن سان پاڙون اکيڙي ڇڏيون. ايستائين جو، سندن ذڪر سان مشرق ۽ مغرب جون سگهاريون طاقتون به ڇرڪڻ لڳيون!
ساڳيو محقق پنهنجي ڪتاب: لائف آف محمدﷺ ۾ لکي ٿو :
محمدﷺ باوجود ان جي ته هو امي هو ۽ لکي پڙهي نه سگهندو هو، هڪ ئي وقت ۾ ٽن عظيم مقصدن يعني ـ قوميت، ديانت ۽ خلافت جو بنياد رکيو. ان کان علاوه هڪ اهڙو ڪتاب دنيا جي آڏو پيش ڪيائين جيڪو بلاغت جو هڪ زبردست نشان، شريعت جو واجب العمل دستور ۽ دين ۽ عبادت جو قابل يقين فرمان آهي. اِهو اُهو مقدس ڪتاب آهي جيڪو هن وقت دنيا جي 6/1 حصي ۾ معتبر ۽ مسلم سمجهيو وڃي ٿو. ان جي حڪمت کي چٽو معجزو مڃيو وڃي ٿو ۽ خود ان جي مخاطب به ان کي معجزي طور پيش ڪيو آهي.
هڪ ٻِي جاءِ تي فرمائي ٿو:
جديد علمي انڪشافن ۾ يارهن مسئلا جيڪي اسان پنهنجي علم جي زور تي حل ڪيا آهن يا کڻي اڃا تحقيق هيٺ آهن، ڪائي اهڙي ڳالهه ڪانهي جيڪا قرآني تعليمات جي مخالف هجي. اسان عيسائين، عيسائيت کي علم ۽ سائنس سان هم آهنگ ۽ هم نشين بنائڻ ۾ هينئر تائين جيڪي ڪوششون ڪيون آهن، اسلام ۽ قرآن ۾ اهو سڀ ڪجهه پهريان کان موجود آهي.

[b]قرآن ۾ حڪمت ۽ فلسفي جا آداب ۽ اصول موجود آهن

- موسيو سيديو[/b]

موسيو سيديو، جيڪو فرانس جو هڪ مشهور مستشرق آهي، ‘خلاصئه تاريخ عرب’ جي 59، 63 ۽ 64 صفحن تي لکي ٿو:
قرآن، هڪ واجب التعظيم ڪتاب آهي، جنهن ٻڌايو آهي ته خدا جا حق ٻانهن تي ڪهڙا آهن ۽ ٻانهن جا حق ۽ تعلقات، خدا سان ڪهڙي قسم جا هجڻ گهرجن. قرآن ۾ هر قسم جي فلسفي ۽ اخلاق جون ڳالهيون موجود آهن. فضل و ڪمال ـ عيب نقصان ـ شين جي حقيقت ـ عبادت ۽ اطاعت ـ گناهه ۽ نافرماني ـ مطلب ته ڪائي اهڙي ڳالهه ڪانهي جيڪا قرآن ۾ موجود نه هجي. واقعات جي حوالي سان قرآن جون آيتون، رسول الله تي نازل ٿينديون رهيون آهن ۽ قرآن ئي هو، جنهن سموري عرب ۾ قومي جذبو پيدا ڪيو. جنگجو قبيلن ۾ اتفاق ۽ اتحاد جو بنياد وڌائين ۽ دنيا ۾ هڪ عالمگير رابطو پيدا ڪيائين.
اهي آداب ۽ اصول جيڪي فلسفي ۽ حڪمت تي قائم آهن، جن جو بنياد عدل ۽ انصاف تي بيٺل آهي، جيڪي دنيا کي ڀلائي ۽ انصاف جي تعليم ڏين ٿا، انهن منجهان ڪو به اهڙو جز ڪونهي، جيڪو قرآن ۾ موجود نه هجي. قرآن، اعتدال ۽ وچٿرائيءَ جو سڌو رستو ڏيکاري ٿو. گمراهيءَ کان بچائي ٿو. اخلاقي ڪمزورين جي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍي فضيلت جي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو ۽ انساني زندگيءَ جي ڪوتاهين کي ڪمالات ۾ بدلائي ڇڏي ٿو...
اسلام کي جيڪي ماڻهو وحشياڻو مذهب چون ٿا، انهن جي ضمير جي انڌي هجڻ جو وڏو دليل هيءُ آهي ته هو قرآن جون اهي آيتون ڏسڻ کان بلڪل اکيون ٻوٽي ويٺا آهن، جن جي ئي اثر جي ڪري عرب جون سڀ بڇڙايون، جيڪي وڏي عرصي کان لاڳيتو منجهن هلنديون پئي آيون، سڀ جو سڀ نه رڳو مِٽجي ويون بلڪه چڱاين ۾ تبديل ٿي ويون، جهڙو ڪ: پلاند وٺڻ ـ خانداني دشمني پاڙڻ ـ ڪدورت رکڻ ـ ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ، جنهن جو رواج يورپ ۾ پهريان هو ۽ هاڻي به آهي. نياڻين جي تذليل ۽ کين زندهه پورڻ وغيره؛ قرآن اهي سموريون بڇڙايون مِٽائي ڇڏيون.

[b]قرآن هڪ ٺوس عملي مذهب پيش ڪري ٿو
- ڊڊلي رائٽ[/b]

ڊڊلي رائٽ، هڪ مشهور عيسائي مصنف لکي ٿو ته:
حضرت محمدﷺ جي دؤر م عيسائين جو هڪ فرقو سانئڻ مريم عليھ السلام جي پوڄا بطور خدا جي ڪندو هو. ٻيو فرقو پنهنجي تثليثي تصور جي آڌار تي کين عزت بخشيندو هو. هڪ ٻئي فرقي وٽ، يسوع مسيح، الله جو پٽ نه بلڪه خود خدا هو، جيڪو انسان جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. عيسائين ۾ ٻيا به کوڙ فرقا هئا. هڪڙو فرقو ته عيسائي هجڻ جي باوجود ماڳهين، حضرت عيسيٰ کي محض انسان سمجهڻ ۽ يهودي قانون جو معترف ۽ يهودي رسمن جو پابند هو.
اهڙي ابتري ۽ انتشار جي حالت ۾ حضرت محمدﷺ جي ذريعي خدا جو ڪلام نازل ٿيو، جنهن انسان کي خدا جي ڪامل اطاعت سيکاري .
رسول الله جو مقصد قومن ۾ بت پرستيءَ کي مٽائڻ هو، ماڻهن کي خدا جي صحيح پرستش ڏانهن مائل ڪرڻ . توحيد ڪامل ڦهلائڻ ۽ ڪافرن کي حق جي نور کان آگاهه ڪرڻ هو.
هڪ قادر مطلق خدا جو يقين، دين اسلام جوهڪ اهم ترين ابتدائي اصول آهي. اهڙو خدا، سمورن ديوتائن ۽ بتن کان بالاتر آهي. رب العالمين آهي، جنهن نه ڪنهن کي ڄڻيو آهي، نه ڪي کيس ڪنهن ڄڻيو آهي ۽ نه ڪي سندس ڪو شريڪ آهي. خدا جي وحدانيت، هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن کي قرآن ۽ قرآن جا علمبردار وڏي اهميت ڏيندا آهن.
اسلام ۾ يقين ۽ عقيدي جا لفظ، علم ۽ عمل ٻنهي تي ٺهڪن ٿا. اسلامي عقيدا ، ڇڙو رٿڻ جي لاءِ نه آهن بلڪه انساني زندگيءَ جي روحاني ۽ اخلاقي ٻنهي پاسن جو دارومدار انهن ئي عقيدن تي آهي.
اسلام قطعي طور هڪ مذهب آهي، جيڪو پنهنجي پابندي ۽ سختيءَ جي باوجود سمورن زمانن ۽ سمورين قومن جي سمورين ضرورتن سان مطابقت رکي ٿو ۽ انسان کي ان قابل بڻائي ٿو ته هو انهن فرضن کي احسن طريقي سان ادا ڪري، جيڪي خدا ۽ خدا جي خلق سان لاڳاپيل، سندس ذمي آهن.


[b]قرآن کان سواءِ دنيا جو امن قائم نه رهي سگهندو
- موسيو گارسٽن[/b]

ناليواري فرينچ مستشرق: ‘موسيو گارسٽن’ فرانس جي مشهور اخبار ‘فگارو’ ۾ هڪ نهايت دلچسپ مضمونن جو سلسلو شايع ڪيو، جنهن جو عنوان هو: ڇا، اسلام دنيا مان گم ٿي ويو ته امن امان قائم رهي سگهندو؟ جنهن جو ترجمو ان زماني م بيروت جي مشهور اخبار: ‘البلاغ’ (مطبوعه 13 صفر 1330هه) شايع ڪيو، جنهن مان هڪ ٽڪرو هتي پيش ڪجي ٿو.
اها هڪ واضح ۽ چٽي ڳالهه آهي ته اسلام حقيقت ۾ هڪ قسم جو اجتماعي مذهب (سوشل رليجن) آهي جنهن کي دنيا جي 3/2 آبادي حق جو دين تسليم ڪري ٿي، يعني دنيا جي هستي، گويا اسلام جي بقا ۽ هستيءَ تي منحصر آهي. اسان کي پتو آهي ته ان عقلي مذهب جي قانون (قرآن حڪيم) ۾ اهي سمورا قاعدا ۽ مصلحتون موجود آهن، جن جي ذريعي موجوده ترقي ممڪن ٿي آهي ۽ جيڪا ترقي، گويا اسلام جي ئي عناصر جي مرهون منت آهي. اسلام جهڙي حيرت انگيز سائنٽيفڪ مذهب، دنيا جي عمراني ترقيءَ جي لاءِ بنيادي وسيلا ۽ ذريعا يورپ کي ميسر ڪيا آهن. ڀلي اسان منجهان ڪير به ان فضيلت جو اعتراف نه ڪري اسلام جو ٿورائتو نه بڻجي، پر بهرحال اها حقيقت آهي.
روءِ زمين مان اگر اسلام مٽجي ويو، مسلمان نابود ٿي ويا، قرآن جي حڪمراني ويندي رهي ته ڇا ان کان پوءِ به امن امان قائم رهي سگهندو؟
۽ پوءِ فاضل مصنف پاڻ ئي جواب ڏئي ٿو ته:
نه هرگز نه!

[b]قرآن صحت جي حفاظت جي لحاظ کان سمورن الهامي ڪتابن ۾ نرالو آهي
- دي بولف
[/b]
دي بولف، جرمنيءَ جي مشهور رسالي ‘دي لائف’ (بابت 1913ع) ۾ ‘اسلام جا صحت جي حفاظت بابت واجب ۽ فرض’ تي بحث ڪندي لکي ٿو:
مان هن وقت اسلام جي ان خاص پهلوءَ تي بحث ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن تي هن وقت تائين، شايد ڪنهن يورپيءَ غور ناهي ڪيو. اهو پهلو انهن احڪامن ۽ قانونن سان تعلق ٿو رکي جيڪي قرآن پاڪ، صحت جي حفاظت ۽ تندرستيءَ جي حوالي سان پنهنجن پيروڪارن تي فرض ڪيا آهن. مان وڏي اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته روءِ زمين جي سمورن آسماني ڪتابن ۾ قرآن کي، ان حوالي سان نرالي حيثيت حاصل آهي. جيڪڏهن اسين انهن شاندار پر صحت جي حفاظت جي حوالي سان سادن ضابطن ۽ فرضن تي غور ڪريون، جيڪي قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل آهن. ۽ پوءِ ان ڳالهه تي غور ڪريون ته انهن جي پابندي ڪندڙن کي جنت الفردوس جو حقدار قرار ڏيڻ ۾ ان جي ڪهڙي حڪمت عملي آهي، ته اسان تي واضح ٿي ويندو ته جيڪڏهن آسماني صحيفو الاهي ڪلام ايشيا جي رهواسين کي نه ملي ها ته ايشيا جهڙو وبائي زميني خطو يورپ جي حق ۾ اڃا به وڌيڪ خطرناڪ هجي ها. اسلام، صفائي، طهارت ۽ پاڪيزگيءَ جون صاف ۽ صريح هدايتون نافذ ڪري تباهي ڦهلائيندڙ جراثيمن کي مات ڏئي ڇڏي آهي.

[b]قرآن انساني دنيا لاءِ بهترين راهنما ڪتاب آهي
- ٽالسٽاءِ[/b]

روس جو مشهور فلاسافر ۽ اديب ٽالسٽاءِ، پنهنجي هڪ شاندار تصنيف: دي لا آف رليجن ۾ لکي ٿو:
قرآن، مسلمانن جو هڪ مذهبي ڪتاب آهي، جنهن بابت سندن خيال آهي ته اهو خدا جي پاران نازل ڪيل آهي. اهو ڪتاب، انساني دنيا جي رهنمائيءَ جي لاءِ هڪ بهترين رهبر آهي. قرآن ۾ تهذيب آهي، شائستگي آهي، تمدن آهي، معاشرت آهي ۽ اخلاقيات جي اصلاح لاءِ هدايت آهي. جيڪڏهن صرف اهو ڪتاب دنيا جي به آڏو هجي ها ۽ ٻيو ڪوئي ريفارم (مصلح) پيدا نه ٿئي ها تڏهن به اهو عالم انسانيت جي هدايت جي لاءِ ڪافي هو. اهڙين خصوصيتن سان گڏ جڏهن اسين ان ڳالهه تي غور ڪريون ٿا ته اهو ڪتاب، اهڙي وقت ۾ دنيا جي آڏو پيش ڪيو ويو هو جڏهن هر پاسي فساد جي باهه جا ڀڀڙ ڀڙڪي رهيا هئا. رتوڇاڻ ۽ مار ڌاڙ جي تحريڪ جاري هئي، فحش ڳالهين کي بلڪل معيوب نه سمجهيو ويندو هو ۽ ڪتاب انهن مڙني گمراهن کي پاڙئون اکيڙي ڇڏيو ته اسان حيران ٿي دنگ رهجي وڃون ٿا.

[b]قرآن جي ذريعي انسان روحاني ۽ مادي ترقي ڪري سگهي ٿو
- پروفيسر هربٽ وائل[/b]

پروفيسر هربٽ وائل، جيڪو يورپ جو هڪ ڏاهو مورخ ٿي گذريو آهي، اهو پنهنجي ڪتاب: ‘اَ ليڪچر آف اسلام’ ۾ لکي ٿو:
قرآن، جيڪو اخلاقيات ۽ ڏاهپ جي ڳالهين سان ڀرپور آهي، اهڙي وقت ۾ دنيا جي آڏو پيش ٿيو، جڏهن هر پاسي جهالت جي اوندهه ڇانيل هئي. ڌرتيءَ تي ڪو به اهڙو خطو نه هو جتي نيڪيءَ جو راڄ هجي ۽ ڪا به اهڙي جماعت ڪا نه هئي جيڪا سڌي رستي تي هلندڙ هجي. قرآن، انسانيت جو زبردست اصلاح ڪيو ۽ وحشين کي ڪامل انسان بڻايائين. جن ماڻهن، قرآن جي مطالب تي غور ڪيو آهي اهي خوب سمجهن ٿا ته قرآن مڪمل هدايت جو قانون آهي. انساني زندگيءَ جو ڪو به رخ کڻو، ناممڪن آهي جو قرآني تعليم ان بابت رهنمائي نه ڪندي هجي. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن قرآني تعليمات تي عمل ڪيو وڃي ته سمجهدار ماڻهو هڪ ئي وقت روحاني ۽ مادي ترقي ماڻي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن اهي اخلاق کڻو جيڪي انسانيت جو شرف آهن، مثال طور: سچ گوئي، پرهيز گاري، رحم ۽ ٻاجهه جي ته قرآن ۾ انهن مڙني بابت هدايتون موجود آهن. جيڪڏهن انهي اخلاقيات کي وٺو جنهن جو تعلق مادي ترقيءَ سان آهي، مثال طور: محنت ۽ حيثيت، عزم ۽ استقلال، جرئت ۽ شجاعت ته اهڙين هدايتن سان به قرآن ڀريو پيو آهي. مطلب ته قرآن پاڪ هدايت جي قانونن جو هڪ حيرت انگيز ڪتاب آهي. (صفحه : 153)

[b]قرآن پرزور ايماني جوش پيدا ڪري ٿو
- ڊاڪٽر گسٿاولي[/b]

فرانس جو ناليوارو مستشرق ڊاڪٽر گسٿاولي بان چوي ٿو:
قرآن، جيڪو مسلمانن جو مقدس ڪتاب آهي، نه رڳو مذهبي دستور العمل آهي بلڪه سندن ملڪي ۽ معاشرتي دستور العمل به اهو ئي ڪتاب آهي. سمورن عالمي مذهبن ۾ اهو فخر رڳو اسلام کي ئي حاصل آهي جو ان (قرآن جي ذريعي) دنيا ۾ خالص وحدانيت جي اشاعت ڪئي. جنهن، انهن مڙني قومن کي، جيڪي قسطنطنيه جي مصري بادشاهن کان وٺي عيسائي رهنديون پئي آيون، نبوي دعوت ملڻ سان مسلمان بنجڻ تي آماده ڪري ڇڏيو. حالانڪه اهڙو ڪو به مثال ڪنهن به قوم جو خواه اها فاتح هجي يا مفتوح، موجود ڪونهي، جنهن ڪنهن ڪو عيسوي دين قبول ڪيو هجي!
ڪنهن مذهبي ڪتاب جي عام فائدن جو اندازو ڪرڻ وقت اهو نه ڏسڻ گهرجي ته ان ۾ فلسفي جي حوالي سان ڪهڙا خيالات آهن، (ڇاڪاڻ جو فلسفي خيال گهڻو ڪري ڏاڍا ڪمزور هوندا آهن) بلڪه اهو ڏسڻ گهرجي ته جن ديني عقيدن جي تعليم هن ڪتاب ۾ ڏني وئي آهي، تنهن دنيا ۾ ڪهڙو اثر پيدا ڪيو؟ جڏهن اسلام کي ان نگاهه سان ڏسون ٿا ته پتو پوي ٿو ته اسلام، دلين ۾ ان قسم جو زنده ۽ پرجوش ايمان پيدا ڪري ٿو جو وري ان ۾ بهرحال ڪنهن به شڪ ۽ ابهام جي ڪا ئي گنجائش نه ٿي رهي.

[b]قرآن قانون فطرت آهي
- سر وليم ميور[/b]

سر وليم ميور، پنهنجي سڄي ڄمار جي توانائي تثليث جي حمايت ۽ اسلام جي مخالفت ۽ صرف ڪري ڇڏي هئي. توڙي جو، تعصب کيس پيغمبر اسلام جي رسالت ۽ قرآن پاڪ جي معجزا تي ڪتاب هجڻ جو اعتراف ڪرڻ نه ڏنو پر سچ جي طاقت ڏسو ته آخرڪار اسلام جي خوبين جو اعتراف، کيس چاهيندي يا نه چاهيندي به بهرحال ڪرڻو ئي پئجي ويو. هو لکي ٿو:
قرآن ۾، فطرت ۽ ڪائنات مان کوڙ دليل ورتا ويا آهن، جن مان مقصد، خدا جي اعليٰ ترين هستي ثابت ڪرڻ ۽ انسانيت کي ان جي اطاعت ۽ شڪرگذاريءَ ڏانهن متوجهه ڪرڻ آهي. قرآن ۾، نيڪين ۽ بَديَن جي حوالي سان آخرت ۾ اجر، چڱائي ڪرڻ ۽ برائيءَ کان بچڻ جي ضرورت، مخلوق تي خلقڻهار جي عبادت جو فرض هجڻ ۽ ان جا خوشگوار نتيجا وغيره نهايت فصيح ۽ مؤثر انداز ۾ بيان ٿيل آهن. ڪيترن ئي موقعن تي حقيقي شاعريءَ جهڙو شان پيدا ٿي پيو آهي. اهڙي ريت قيامت جي عقيدي جو معقول هجڻ سگهارن دليلن سان ثابت ڪيل آهي، ان ڏس ۾ خاص طور تي ان زمين جو مثال پيش ڪيو اٿس، جيڪا وڏي عرصي کان ويران پئي هجي پر اوچتو وڏ ڦڙو مينهن وسي پوي ۽ ان ۾ زندگيءَ جا، ساوڪ جا وڻندڙ آثار پيدا ٿي پون...


[b]قرآن عقل ۽ علم کي جِلا بخشي ٿو
- عما نوئل [/b]

محقق نوئل ڊي . ايڇ (اسرائيلي) ڪوارٽرلي رويو جي جلد نمبر 127 جي صفحي نمبر 254 تي ‘اسلام’ جي عنوان تحت لکي ٿو:
اسين ان عجيب ڪتاب جي ماهيت ڏانهن توجهه ڪريون ٿا، جنهن جي مدد سان عربن، سڪندرِ اعظم جي جهان کان به وڏو جهان جوڙيو ۽ روم جي سلطنت کان وسيع تر سلطنت فتح ڪري ورتي ۽ جيترو زمانو، روم کي فتوحات ۾ گهربل هو، ان جي ڏهوڻ جيترو وقت به انهن کي نه لڳو. اهڙو ڪتاب ـ جنهن جي مدد سان سمورن سامي نسلن ۾ صرف عرب ئي سپهه سالار جي حيثيت سان يورپ جي سلطنتن ۾ آيا هئا، جتي فتيقيه وارا، تاجر جي حيثيت سان ۽ يهودي پناهه گيرن، قرآن جي مدد سان، انسانيت جي روشني ڦهلائڻ لاءِ ظاهر ٿيا هئا. اهي عرب، جڏهن جهالت جي اوندهه جو راڪاس ڇانيل هو، يونان جي مرده عقل ۽ علم کي زنده ڪرڻ واسطي ۽ مغرب ۽ مشرق وارن کي، فسلفي ـ طب ـ معيشت ۽ انتظامي معاملات جهڙا دلچسپ فنون سيکارڻ واسطي آيا ۽ جديد علمن جا باني بڻيا.
هو هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
هي تبادل (ڪلام پاڪ جو هڪ حالت مان ٻِيءَ حالت ۾ بدلجي دلين کي جنجهوڙي ڇڏيندڙ انداز) جيڪو وچ جي وراڪن وانگر تيز ۽ تُز آهي، قرآن پاڪ جو نهايت سحر انگيز انداز بيان آهي.

[b]قرآن وڌيڪ ترقيءَ جو ذريعو ٿي سگهي ٿو
- پروفيسر آرنلڊ[/b]

پروفيسر ڊي ڊبليو آرنلڊ، پنهنجي ڪتاب ‘پريچن آف اسلام’ جي صفحي 379 کان 381 تائين آفريقا جي شروعاتي مدرسن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
جيڪڏهن انهن مدرسن ۾ صرف قرآن پڙهايو وڃي ٿو ته اهو به ترقيءَ جو ڪم گهٽ ذريعو نه آهي ڇاڪاڻ جو اهو ته وڌيڪ ترقيءَ جو ذريعو ٿي سگهي ٿو... عربي ٻولي سکڻ جو هڪ فائدو اهو به ٿيو ته آفريقا جي سردارن کي بجاءِ ان جي ته هو محض پنهنجي مرضيءَ سان حڪومت ڪن، کين سلطنت جي انتظام لاءِ هڪ ضابطو ۽ دستور العمل ملي ويو ۽ اها هڪ اهڙي تبديلي هئي جنهن سان سندن تهذيب ۾ ترقي ٿي، تجارت ۽ صنعت وڌي وئي ۽ هاڻي سوداگري صرف ايتري نه رهي جو گونگن وانگر آيا ۽ شين جو، شين جي بدلي سودو مُڪائي هليا ويا... مسلمانن جي تاثير ۽ اسلام جي طرز حڪومت کي ڏسندي آفريقا ۾ ايڏا وڏا وڏا شهر قائم ٿي ويا جو يورپ جي سياحن جڏهن شروع ۾ انهن جا حالات لکيا ته يورپ جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح يقين ئي نه پئي آيو.

[b]قرآن انسانيت ۽ رواداري سيکاري ٿو
- مسز سروجني نائيڊو[/b]

مسز سروجني نائيڊو، 28 ڊسمبر 1919ع تي ووڪنگ سجد ۾ مسلم جماعت جي آڏو تقرير ڪندي فرمايو:
محمدﷺ کي جنهن مذهب جي تبليغ ڪرڻ واسطي موڪليو ويو هو، بي تعصبي ان جو عجيب و غريب پهلو هئي. محمدﷺ جي وطن واسين ذري گهٽ روءِ زمين تي حڪمراني ڪئي ۽ عيسائين جي سلطنت: اسپين تي ست سؤ سالن کان وڌيڪ ڌاڪو ڄمائي رکيو پر ايڏي اختيار جي باوجود عوام جي عبادت ۽ پوڄا جي حقن ۾ دست اندازي بلڪل به نه ڪئي.
مسلمان عيسائيت جو احترام ان جي ڪري ڪندا هئا جو قرآن حڪيم کين، غير مسلمان سان رواداريءَ جو سلوڪ ڪرڻ سيکاري ٿو.
دنيا جا سمورا وڏا وڏا مذهب، گهڻو ڪري قربانيءَ جي تعليم ڏين ٿا پر اسلام، ان ڏس ۾ سڀ کان اڳاهون آهي. تنهن ڪري اسلام عالمگير ڀائيچاري جو اصول دنيا جي آڏو پيش ڪيو. اڄ به دنيا ان اصول تي عمل پيرا ٿي ڪري خوشحال بڻجي سگهي ٿي.

[b]قرآن زندگيءَ جو ڪُلي احاطو ڪندڙ ڪتاب آهي
- ڊاڪٽر جانسن[/b]

ڊاڪٽر جانسن، جنهن ڪمال جو هو، اهو ڪنهن به تعليم يافته ماڻهو کان ڳجهو ناهي، قرآن حڪيم بابت سندس راءِ آهي ته:
جيڪڏهن قرآن شعر ناهي ۽ اهو چوڻ مشڪل آهي ته قرآن شعر آهي يا نه ـ ته اهو شعر کان به ڪا وڏي شيءِ آهي!
قرآن نه ڪِي تاريخ آهي ۽ نه ڪِي سوانح عمري! اهو پهاڙي گونج (انجيل جي هڪ حصي وانگر شاعريءَ جو مجموعو به ناهي، نه ڪِي ٻُڌَ جي ڪتاب وانگر مابعد الطبيعيات وارو منطق آهي ۽ نه وري افلاطون جي عاقلن جي مجلسن وانگر نصيحت نامو آهي!
قرآن،هڪ پيغمبري آواز آهي، جيڪو ڀلي شروع کان آخر تائين سامي آهي، تڏهن به ان جا مطالب، ايڏا ته عام فهم ۽ وقتائتا آهن جو زماني جا سمورا آواز، ان جي آڏو دٻجي وڃڻ ٿا. قرآن جا پڙاڏا محلن ۽ ريگستانن ۾ ساڳيءَ طرح گونجندا رهن ٿا. اهي پڙاڏا پهريان ته منتخب دلين کي آماده ڪري تيار ڪن ٿا ۽ پوءِ پاڻ کي مصلح ۽ تاريخ ساز طاقت جي شڪل ۾ائين سميٽين ٿا جو يونان ۽ ايشيا جي سموري تخليقي روشني، عيسائي يورپ جي گهپ اوندهه ۾ ان وقت لاٽ ٻاري ٿي جڏهن عيسائيت، محض هڪ اونداهي رات جي راڻي هئي.
[b]
قرآن رڳو تخيل نه، مستقل لائحه عمل آهي
- ڊاڪٽر رامداس[/b]

ڊاڪٽررامداس، (رشيد الدين ناز) ايم ـ اي ـ پي ـ ايڇ ڊي، اڳوڻو پرنسپل سناتم ڌرم ڪاليج لاهور ۽ پرنس آف ويلز ڪاليج ڄمون، بادشاهي مسجد لاهور ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو هو:
قرآن پاڪ ئي واحد دستورالعمل آهي، جيڪو مختلف فرضن جي هر دائري ۾ انسان جي پوري پوري رهنمائي ڪري ٿو. گيتا ۽ قرآن ۾ هڪجهڙائيءَ جا کوڙ سارا پهلو آهن. گيتا جي دعوت جو دنگ اهو آهي ته: انسان جا جوڙيل سمورا مذهب ڇڏي ڪري، صرف هڪ ئي برتر خدا جي حضور پناهه وٺجي... اهو حقيقت ۾، اسلام جي ان هدايت جي نور جو پهريون ڪرڻو آهي جنهن جي تڪميل جون سموريون منزلون قرآن حڪيم ۾ پوريون ٿيون.
قرآن پاڪ ۾ اسلام (يعني پنهنجو پاڻ کي اندر جي رضا جي حوالي ڪري ڇڏڻ) محض هڪ تخيل ناهي، بلڪه زندگيءَ جو مستقل لائحه عمل آهي. قرآن حڪيم جي دائمي تقديس جي اها سڀ کان وڏي علامت آهي ته ان عملي زندگيءَ کي مرڪز ۽ محور بڻايو ۽ ٻين شين کي ان جي تابع رکيائين. تعصبات جو دؤر ختم ٿي چڪو آهي. اچو، اسين وري هن مقدس ڪتاب يعني قرآن پاڪ ڏانهن متوجهه ٿيون. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي ته اسين هن هدايت جي سرچشمي مان روشني ۽ مدد وٺون ۽ اسان جو مقصد اهو هئڻ گهرجي ته ان جي حقيقي ۽ زندهه مقام تائين پهچون. انسانيت جي تڪميل ۽ فلاح ان ۾ لڪل آهي. اسلام، ڪنهن هڪ انساني گروهه جو مذهب ناهي بلڪه پوري ڪائنات جو مذهب آهي.



[b]قرآن جي تعليم انقلاب برپا ڪري ڇڏيو
- سر فيروز شامهته[/b]

پارسي جماعت جي ناليواري اڳواڻ: سر فيروز شامهته، ايم ـ اي. ايڊيٽر: جامِ جمشيد: پنهنجي مشهور تصنيف: ”مذهب جي روشنيءَ ۾“ لکي ٿو:
قرآن ، مسلمانن جو هڪ مذهبي ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي عزت ۽ احترام جو جيڪو درجو حاصل آهي، سو شايد ئي ڪنهن ڪتاب کي حاصل هجي. قرآن، اهڙي وقت ۾ دنيا جي آڏو پيش ڪيو ويو، جڏهن هر پاسي هڪ خوفناڪ اونداهي ڦهليل هئي. هر پاسي ظلم ۽ ستم جو طوفان برپا هيو.
عربستان جتي حضرت محمدﷺ پيدا ٿيو ۽ جتي هن ڪتاب جي پهرئين پهرئين اشاعت ٿي، سموري دنيا کان خراب حالت ۾ هيو. جتي ڪو به حڪومتي يا قانوني ضابطو نه هو. اتان جا ماڻهو، معمولي ڳالهين تان درندن وانگر هڪ ٻئي کي چيريندا ڦاڙيندا هئا. ويڙهه شروع ٿيندي هئي ته اها صدين تائين جاري رهندي هئي. بت پرستي ۽ مار ڌاڙ، عربن جو دلچسپ شغل هو ۽ سندن فطرت، ايتري قدر مسخ ٿي وئي هئي جو هو پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن تي فخر ڪندا هئا. يورپ جنهن کي اڄ پنهنجي ترقيءَ تي ناز آهي، اهو به نهايت پست حالت ۾ هيو. اتي به هر پاسي جهالت جي حڪمراني هئي. اهڙي حالتن ۾ هدايت جو سج اڀريو: حضرت محمدﷺ دنيا جي آڏو قرآن پيش ڪيو! جنهن جي عام تعليمات دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي دنيا ۾ انصاف ۽ تهذيب جي روشني ڦهلجي وئي.
(صفحو: 110)

[b]قرآني تعليم ترقيءَ جو سرچشمو آهي
- مسٽر ايڇ ـ ايس ليڊر [/b]

مسٽر ايڇ ـ ايس ليڊر پنهنجي ليڪچر دوران (جيڪو، ”عربن جو تمدن تي احسان“ جي عنوان تحت اورينٽل لٽرري سرڪل لنڊن ۾ ڏنو هئائين) فرمايائين ته:
ٿوري نظر انهن اصولن ته به وجهو، جيڪي ان وقت عرب جي آڏو هئا، جڏهن اهي فاتح قوم جي حيثيت سان گذري هڪ امن ۽ ترقي بخش قوم جو شان ماڻي چڪا هئا. انهن اصولن جي لاءِ اسان کي قرآن ۽ حديث ڏانهن ڏسڻو پوندو.
انهن (مسلمانن) جي ٻارڙن جي تعليم قرآن جي تعليم سان شروع ٿيندي هئي، جيڪا وٽن سمورين ديني ۽ مادي ترقين جو سرچشمو هئي. قرآني تعليم جي ذريعي وٽن فلسفي ۽ حڪمت جا مدرسا قائم ٿيا. انهن مدرسن اڳتي وڌي يونيورسٽين جي شڪل اختيار ڪئي. ان جو نتيجو هو جو وچ آفريقا جيڪو بر اعظم جو تمام پرانهون علائقو آهي، جنهن کي اڄوڪي ويهين صديءَ جي روشنيِءَ جي زماني ۾ اونداهو براعظم چيو وڃي ٿو. اهو ترقيءَ جي حوالي سان پنهنجي دؤر جي سڀ کان وڏي يورپين سلطنت کان بهتر هو!.

[b]قرآن جي بدولت صدين جي گمراهي لمحن ۾ ڪافور ٿي وئي
- پنڊت شانتارام [/b]

پنڊت شانتارام، بي ـ اي ـ پروفيسر اندرا ڪاليج بمبئي، پنهنجي اَملهه تصنيف: حضرت محمدﷺ صاحب جو جيون چرتر ۾ لکي ٿو:
مون ڪيترن سالن کان ان ڳالهه تي غور پئي ڪيو ته آخرڪار اسلام اهڙي حيرت انگيز ترقي ڪيئن ماڻي ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري قرآن کي اهڙي شهرت ۽ ڪاميابي ملي؟! نيٺ قرآن پاڪ کي انگريزي ترجمي سان پڙهيم ته مان ان نتجي تي پهتس ته قرآن جي تعليم نهايت آسان، عام فهم ۽ انسان جي فطرت جي عيب مطابق آهي. ڪو مسئلو به قرآني تعليمات ۾ ڪو اهڙو عيب ڏيکاري نه ٿو سگهي جيڪو انساني تهذيب جي معيار کان ڪريل هجي.
قرآن، عرب جي انهن جاهلن جو زبردست اصلاح ڪيو، جيڪي ڪنهن جي به هدايت جو پيغام ٻڌڻ گوارا نه ڪندا هئا. هن اهڙي دلڪش انداز ۾ هدايت جو پيغام ڏنو جو صدين جي گمراهي چند لمحن ۾ ڪافور ٿي وئي. اهي ئي جاهل عرب، جيڪي ٿوري ٿوري ڳالهه تان پنهنجن ڀائرن جو خون وهائڻ ۾ دير نه ڪندا هئا، اهي امن ۽ عافيت جا علمبردار بڻجي ويا. قرآن پاڪ جي اها هڪ حيرت انگيز ڪاميابي آهي. (صفحو: 148)

[b]قرآن ٻڌي انسان بي اختيار سجدي ۾ ڪري پوندو آهي
- جان جاڪ ريس[/b]

مسٽر جان جاڪ ريس ـ مشهور جرمن فلاسافر جنهن مقامات حريري، تاريخ ابوالفداء ۽ معلقه طرفه وغيره جهڙن عربيءَ جي شاهڪار ڪتابن جو لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ انهن تي حاشيا لکيا آهن، سو لکي ٿو ته:
ڪجهه ماڻهو، ٿوري عربي سکي قرآن جو مذاق اڏائيندا آهن، جيڪڏهن انهن کي خوش نصيبيءَ سان ڪڏهن ان قسم جو موقعو ملي وڃي ها جو پاڻ سڳورا، پنهنجي فصيح زبان ۽ مؤثر لجهي ۾ قرآن پاڪ جي ڪا سورة پڙهي رهيا آهن، جنهن جو دلين تي بجليءَ جهڙو اثر ٿئي ٿو ۽ جڏهن وري ڪنهن آيت بابت اهو کٽڪو ٿئي ته سامعين ان جي حقيقي مفهوم تائين نه ٿا پهچي سگهن ته پاڻ، پنهنجي معجزاڻي زبان مبارڪ سان قوت بيان جي ذريعي ان جي وضاحت فرمائين ٿا ته يقيناً اهو شخص بي اختيار سجدي ۾ ڪري پوي ها ۽ سڀ کان پهريان سندس زبان مان اهو آواز نڪري ها ته: منهنجا سائين! توتي لک لک سلام ـ منهنجو هي هٿ وٺو ۽ مون کي پنهنجي پيروڪارن ۾ شامل ڪرڻ جي عزت بخشيو!

[b]قرآن باطل کان ڦيرائي حق ڏي آڻي ٿو
- ٽيوڊور نولڊيڪي[/b]

ٽيوڊور نولڊيڪي پنهنجي مشهور ڪتاب: ‘جيشش ديش قرآنس’ جيڪو 1908ع ۾ شايع ٿيو، لکي ٿو:
مڪي سورتن ۾ محمدﷺ جو اولين مقصد صرف اهو آهي ته ماڻهن کي ترغيب ۾ تحريڪ جي ذريعي باطل معبودن جي ڄار مان ڪڍي واحد خدا جي طرف آڻجي، سندس گفتگوءَ جو محور ڀلي ڪهڙو به هجي، ان جي گهرائيءَ ۾ اهو ئي مقصد نظر اچي ٿو. پنهنجي سامعين کي منطقي دليلن جي ذريعي قائل ڪرڻ بجاءِ انهن جي دلين تي قوّت تخيل جي ذريعي اثر وجهڻ جي لاءِ هميشھ فصاحت ۽ بلاغت جو استعمال ڪري ٿو. اهو ئي مقصد سامهون رکندي هو خدا جو تقدس بيان ڪري ٿو. قدرت جي شاهڪارن ۽ تاريخ جي عبرت انگيز داستانن جي تذڪري مان ڪم وٺي ٿو ۽ باطل معبودن جي بي ويسيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. باڪردار انسانن جي دائمي مسرتن ۽ گناهه گارن جي تڪليفن جي حالات کي خاص اهميت حاصل آهي. اهي ئي ڳالهيون اسلام جا شاندار اسباب سمجهڻ گهرجن.
قرآن پاڪ جون سڀ شاندار سورتون اهي آهن جن ۾ محشر جي ڏينهن جي آمد جي خبر ٻڌي، ڪائنات جي تهس نهس ٿيڻ جو بيان آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ اسين زمين کي لرزندي، پهاڙن کي ڦاٽندي ۽ دز بڻجندي ۽ تارن کي انتها درجي جي بي ترتيبيءَ سان وکرندي، پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون.

[b]قرآن پوپ جي جابرانه اقتدار جو خاتمو آڻي ڇڏيو
- مسٽر اسٽين لين پول[/b]

مسٽر اسٽين لين پول، پنهنجي ڪتاب: ‘منتخبات القرآن’ ۾ لکي ٿو ته:
جڏهن اسلام، قرآن جي نوراني مشعل کڻي دنيا جي اونداهن ماڳن کي ورشن ڪري رهيو هو، تڏهن يورپ جهالت، بت پرستي ۽ وهم پرستي، تعصب ۽ پاڻ ۾ سخت اختلافن جو شڪار هو. پر ڏهين صدي عيسوي يورپ جي تاريخ ۾ هڪ نئين انقلاب جو ٻج پوکڻ جي صدي ثابت ٿي.
هاڻي اهو زمانو نه رهيو هو، جو يورپ قرآن کان غافل هجي. قرآن جي تعليم، يورپ وارن جي دلين تان آهستي آهستي جهالت جي ڪٽ لاهي رهي هئي. قرآن جي مطالعي جو فطري نتيجو اهو ٿيو جو هڪ پاسي ته اسلام جي اخلاق جو ڪڏهن به نه مٽجندڙ نقش سندن دلين تي چٽجي ويو. ٻئي پاسي روم جي پوپ جي جابرانه حڪومت ۽ سندس اقتدار کي پاڙئون اکيڙڻ جو جذبو دل ۾ پيدا ٿي ويو. سرفروشن جون ڪوششون روم جي سلطنت کي نه رڳو ڊاهڻ لڳيون بلڪه هڪ آزاد فرقو جڙي پيو، جنهن جو باني ‘لوٿر’ هو. لوٿر، اطاليه جي جامعته العلوم ۾ تعليم پرائي هئي، جتي عربي فلسفي جي تعليم ڏني ويندي هئي.

[b]قرآن قديم ۽ جديد سياسيات جو گنج آهي [/b]

جيڪڏهن مشرق ۽ مغرب جا مسلمان، قرآني احڪامات جي مضبوطيءَ مان پابندي ڪن ۽ ان تي پورو پورو عمل ڪن ته پوءِ اهي يقيناً ديني، سياسي ۽ سمورن اجتماعي معاملن ۾ زبردست غلبو حاصل ڪري ماڻي وٺندا. ڇو جو مونکي اهو يقين آهي ته قرآن، قديم ۽ جديد سياست جي خزانن جو گنج آهي ۽ مقدس ڪتابن ۾ جامعيت جي حوالي سان نرالو ۽ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.
قرآن پاڪ جا ڪيترائي ترجما مون تائين پهچي چڪا آهن ۽ هڪ انگريزي ترجمو هن وقت به منهنجي هٿ ۾ آهي ۽ مان ان جي مطالعي ۾ مصروف آهيان.
ان مقدس ڪتاب جي حڪمت بالغه ۽ اعليٰ قسم جو اسلوب جو مطالعو ڪندي، مان ته حيرت جي درياهه ۾ غرق ٿي ويندو آهيان.
مان مسلمانن جي ان غفلت تي سخت عجب کائيندو آهيان ته هو ديني معاملات جي روح تي ڪماحقه عمل ڇو نه ٿا ڪن؟! مون کي يقين آهي ته، جيڪڏهن مسلمان، قرآن پاڪ جي روح کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ پلٽي ڇڏين ته، هو ترقيءَ جي عروج تائين پهچي سگهن ٿا.
(اخبار: حمايت اسلام، لاهور 31 آڪٽوبر 1935)

[b]قرآن: ذات پات جي متڀيد جو واحد علاج
- پروفيسر ديجاداس[/b]

پروفيسر ديجاداس: ‘مسلم آؤٽ لُڪ’ (لاهور) ۾ لکي ٿو ته: بي شڪ! قرآن حڪيم، هندوءَ جي لاءِ هڪ تمام وڏو خزانو آهي. قرآن، انسانيت جي هر فرد جي لاءِ ظاهر ٿيو. صرف انهن ماڻهن جي هدايت جي لاءِ نه، جيڪي مسلمان سڏجن ٿا. قرآن، حڪم ڏنو آهي ته ڪير به، الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو مالڪ ۽ معبود قرار نه ڏي. قرآن پاڪ جو پيش ڪيل ڀائيچارو ۽ مساوات، جمهوريت جي جان آهي ۽ ذات پات جي فرق ۽ متڀيد جو واحد ۽ يقيني علاج صرف ۽ صرف قرآن پاڪ آهي.
هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
آه! اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن اسين هندو، مسلمان، عيسائي، قرآن پاڪ جي انمول نصيحتن جي سونهري حرفن کي پنهنجين دلين تي نقش ڪنداسون ۽ ان جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش جا سچ پچ اپاءَ وٺنداسين؟!

[b]قرآني ڀائيچارو
- ايڇ ـ جي ويلز[/b]

مشهور مصنف ۽ افسانه نويس: ايڇ ـ جي ويلز لکي ٿو:
قرآن کي يورپ وارن تمام گهٽ پڙهيو آهي ۽ جهالت جي ڪري قرآن ڏانهن کوڙ اهڙيون ڳالهيون منسوب ڪن ٿا، جيڪي دراصل جڙتو آهن ۽ قرآن پاڪ ۾ بلڪل به نه آهن!
قرآن الله جي حڪم جي ماتحت اسلام کي زبردست ڀائيچاري ۾ سلهاڙي ڇڏيو آهي ۽ اهو ڀائيچارو اهڙو آهي جيڪو نسل، رنگ ۽ زبان جي فرق کان بنهه بالاتر آهي ۽ جنهن جي آڏو مسيحي ڀائيچاري جي ڪائي اهميت ڪانهي. اهي فتوحات، جن عرب کي ان قابل بڻايو جو هو، جمادات جي علم، حسابن جي علم، ستارن جي علم، تعمير جي علم، فنون لطيفه ۽ فلسفي کي تمام اعليٰ درجي تائين کڻي آيا؛ اهو صرف ان ڪري ممڪن ٿيو، جو قرآن پاڪ جي تعليم متحد ڪندڙ مادي ۽ روحاني ترقيءَ کي گڏيل طور تي وڏي اتساهه مان اڀاريندڙ هئي...


[b]قرآن غلاميءَ کان نجات ڏياري
- چارلس اوڊن برٽن[/b]

انگلستان جو ناليوارو قلمڪار مسٽر چارلس اوڊون برٽن لکي ٿو ته جڏهن اسين بائيبل (توريت ـ زبور ـ انجيل) ڏانهن رجوع ڪنداآهيون ته اتي به غلاميءَ جي قديم رسم نظر ايندي آهي. پولوس رسول اهو نه ٿو چوي ته عيسائيت قبول ڪندڙ غلامن کي آزاد ڪري ڇڏجي بلڪه اهو ٿو چوي ته، غلامن کي پنهنجن آقائن ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو!
غلاميءَ جي ان بدترين رسم جي موجوگيءَ ۾ ياد رکڻ گهرجي ته قرآن حڪيم غلامن سان سهڻي سلوڪ ۽ ٻاجهه جي تعليم ڏني آهي ۽ اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته غلامن کي آزاد ڪري ڇڏڻ هڪ انتهائي عظيم ڪم آهي.

[b]قرآن امن ۽ سلامتيءَ جو مذهب پيش ڪري ٿو
- پادري والرمسين[/b]

پادري والرمسين ڊي ـ ڊي، پٽس برگ جي گرجا ۾ ‘عالمي امن جو صحيح رستو’ جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي، عيسائيت بابت واضح ڪيو آهي ته عيسائيت، اهڙن ملڪن ۾ به امن قائم ڪرڻ کان قاصر آهي، جن ۾ رڳو عيسائين جي ئي آبادي آهي. موصوف، اسلام کي هنن لفظن سان ساراهيو آهي:
انهن (مسلمانن) جو مذهب، جيڪو قرآن جو مذهب آهي، امن ۽ سلامتيءَ جو مذهب آهي ۽ ان جو نالو آهي: اسلام! جيڪو شخص اسلام جي پيروي ڪري ٿو ، ان کي مسلمان چئجي ٿو. يعني اهو شخص جيڪو خدا سان صلح ڪري ٿو ۽ خلق خدا ۾ امن قائم ڪي ٿو. مسلمان، هڪ ٻئي کي سلام ڪندي کيڪاريندا آهن: ”السلام عليڪم“. يعني مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته توهين منهنجي حوالي سان هرحال ۾ امن ۽ سلامتيءَ ۾ آهيو! يعني منهنجو ذهن توهان جي پاسي کان هر لحاظ کان مثبت آهي!. (اسلامڪ ريڊيو. ڊسمبر1916 : صفحو : 574)

[b]قرآن جو بيان انتهائي حيرت انگيز آهي
- برنارڊشا[/b]

انگريزي ٻوليءَ جي يگاني اديب: ‘جارج برنارڊ شا’ ممباسه ۾ مشهور مسلم اسڪالر مولانا ايم ـ اي ـ اي صديقيءَ سان، امن ۽ جنگ جو فلسفو ۽ اسلام جو مذهبي نظام تي گفتگوءَ دؤران فرمايو:
مان قرآن جي زورائتي ۽ حيرت انگيز طرز بيان جو بي حد معترف آهيان. انهن آيتن ۾ ڪيڏي دلڪش ۽ دل آويز فضيلت ۽ خوبصورتي ڀاسجي ٿي، جن ۾ حشر جي ميدان جو نهايت هولناڪ نقشو چٽيو ويو آهي ۽ ٻارن کي ڪهڻ واري بيان کي، زنده دفن يا قتل ٿيندڙ معصوم ٻارڙيءَ کان اهو سوال پڇي ڪيڏي نه طاقت ۽ روح کي جنجهوڙي ڇڏيندڙ انداز سان سورت جي پڄاڻي ٿئي ٿي ته:
بِاَيِّ ذَنب قُتِلَت
ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪئي وئي؟
منهنجي خيال ۾ ماڻهن جي دلين تي هڪ حقيقي ۽ پائيدار نقش قائم ڪرڻ جي لاءِ اهو نهايت ئي اثرائتو طريقو آهي.
(اخبار: اسٽام، اله آباد 18 جنوري 1937ع ، صفحو 5، ڪالم 2)

[b]قرآن غريبن جو غمخوار ۽ دوست آهي
- گارڊ فري هيگنس[/b]

گاري فري هيگنس لکي ٿو ته:
مسيح جي انجيل وانگر، قرآن غريب ماڻهوءَ جو دوست ۽ غمخوار آهي. وڏن ماڻهن جي ناانصافيءَ کي جا بجا نندي ٿو. قرآن، ماڻهن جي سماجي مرتبي جي لحاظ کان عزت نه ٿو ڪري. اهو عمل قرآن جي صاحب محمدﷺ توڙي سندس برحق خليفن جو هڪ لازال ڪردار ۽ نيڪ ناميءَ جو باعث آهي. قرآن ۾ اهڙو هڪ به حڪم نه ٿو ملي جنهن ۾ سياسي خوشامد ۽ رک رکاءُ جو تر جيترو به ميلان هجي. جيئن ‘ويسٽ منسٽر ريويو’ ۾ مصنفاڻي راءِ ڏنل آهي ته جيڪڏهن خودمختيار ۽ جابر ايشيائي فرمانروائن کي سندن ارادن کان ڪا شيءِ روڪي سگهي ٿي ته اها، غالباً قرآن جي ڪا به آيت ڪنهن جرئتمند مقرر جي زباني ئي ٿي سگهي ٿي.

[b]قرآن تي پنهنجي اصلي شڪل ۾ محفوظ آهي
- مارگريٽ فان اسٽائن[/b]

بيرونس مارگريٽ فان اسٽائن، جرمنيءَ جي هڪ فصيح البيان مقرره هئي، جنهن سمورن مذهبن جو غور سان مطالعو ڪيو هو. 18 مئي 1934ع تي هن مذهب جي مشترڪه اصول جي موضوع تي برلن مسجد ۾ تقرير ڪندي چيو:
حضرت موسيٰ عليه السلام، ادلي جي بدلي جي تعليم ڏني ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام، درگذر ۽ معافيءَ جي تعليم ڏني پر حضرت محمدﷺ پنهنجي تعليم ۾ انهن ٻنهي کي ملائي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت، توڙي جو سمورا مذهبي صحيفا خدا جي طرفان نازل ٿيا، تڏهن به صرف قرآن ڪريم ئي هڪ اهڙو آسماني صحيفو آهي، جنهن ۾ تر جيتري به ردو بدل ناهي ٿي ۽ اهو پنهنجي اصلي شڪل ۾ محفوظ آهي.

[b]بيشڪ، قرآن الله جي پاران نازل ڪيل آهي
- ڊاڪٽر ڪينن[/b]

ڊاڪٽر ڪينن آئنڪ ٽيلر، پنهنجي تصنيف: ‘التواريخ’ ۾ لکي ٿو:
انهن لڙاين کي ‘ڪروسيڊ’ يا ‘جهاد مقدس’ چون ٿا ۽ کوڙ اڳڪٿيون آهن جيڪي سڀ جو سڀ پاڻ سڳورن جي ارشاد مبارڪ مطابق ئي پوريون ٿيون/ ظاهر ٿيون. اسلام جي مهندار حضرت محمدﷺ کي ڪنهن به نه لکايو، نه پڙهايو . حضور اقدس جا والد گرامي سندن ولادت کان اڳ ئي رحلت فرمائي چڪا هئا.والده سانئڻ کي به بلوغت واري ڄمار ۾ نه ڏٺائون. نه ڪِي ڪنهن ڏاهي يا فيلسوف سان سنگت رهين. اهڙي حالت ۾ هڪ مڪمل شريعت جو ظاهر ٿيڻ ۽ قرآن جهڙي فصيح ۽ بليغ ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان ناهي ته ٻيو ڇاهي؟! اهڙي يتيمي ۽ مسڪينيءَ جي حالت ۾ سموري عرب جزيري ۾ ايڏي زور شور سان توحيد جي گونج، اسلام جو سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وڃڻ، وڏن وڏن بادشاهن جو مطيع ۽ فرمانبردار ٿي وڃڻ ۽ قدمن ۾ ڪري پوڻ صاف صاف ۽ کليل دليل آهي ته قرآن الله جي پاران ئي نازل ڪيل آهي.

[b]قرآن تهذيب ۽ تمدن جو بنياد آهي
- ڊاڪٽر ڪينن[/b]

ڊاڪٽر ڪينن آئزڪ ٽيلر، 1877ع ۾ انگلستان جي ڪليسائن جي صدر جي حيثيت ۾ هڪ تقرير ڪئي هئي، جيڪا تڏهوڪي وقت ۾ ‘لنڊن ٽائمز’ ۾ شايع ٿي هئي. ان تقرير جو تت اهو آهي ته:
اسلام جو بنياد قرآن تي آهي، جنهن تمدن جو جهنڊو جهولايو، جيڪو تعليم ڏئي ٿو ته: انسان، جيڪو نه ٿو ڄاڻي سو سکي وٺي. جيڪو ٻڌائي ٿو ته صاف سٿرا ۽ ڌوتل پوتل ڪپڙا پهريو ۽ صفائيءَ سان رهو ... جيڪو حڪم ڏئي ٿو ته استقلال ۽ استقامت ۽ عزت نفس نهايت لازمي شيون آهن. بي شڪ! اسلام جا فائدا يقيني آهن ۽ اُن جون خاصيتون، شائستگي ۽ تمدن جا بهترين بنياد آهن.

[b]قرآن سياسي ۽ اجتماعي زندگيءَ تي اتساهي ٿو
- علامه مغني[/b]

علامه مغني مسيحي مستشرق، ‘ترجمة القرآن’ جي مقدمي ۾ لکي ٿو:
مسلمانن جو رهنما محض قرآن آهي ۽ اهو صرف مذهبي ڪتاب ناهي بلڪه علم ۽ ادب جو به مجموعو آهي. اُن جي اندر توهان کي سياسي ۽ اجتماعي زندگيءَ بابت مڪمل تفصيل ملندا. صرف ايترو ئي نه، بلڪه قرآن، انسان جي روزاني زندگيءَ جي سمورن معاملن جو به تفصيلي بيان ڪري ٿو.
قرآن بيواهه عورتن کي سڀ کان وڌيڪ حق ڏنا آهن
‘ايوليوشن آف ميرج اينڊ آف دي فيملي’ نالي هڪ ڪتاب جو مصنف پنهنجي ان ڪتاب جي صفحي نمبر 259 تي لکي ٿو ته:
بيواهه عورتن جي حقن جي معاملي ۾ قرآن جي تعليم ٻين ڪتابن ايستائين جو انجيل کان به بلند ترين آهي. قرآن، مڙس جي وفات کان پوءِ عورت کي وارث قرار ڏئي ٿو. مڙس، جيڪڏهن منجهانئس ڪو اولاد ڇڏي وڃي ٿو ته کيس ملڪيت جي ايئن پتي ملي ٿي ۽ لا اولاد هجڻ جي صورت ۾ بيواهه، ڪل ملڪيت جي چوٿين حصي جي حقدار بيهي ٿي.
قرآن جي حسن ۽ خوبيءَ کان صرف انڌو ئي انڪار ڪري سگهي ٿو
لنڊن جي هفتيوار اخبار: ‘نير ايسٽ’ پنهنجي 13 اپريل 1922ع جي اشاعت ۾ لکي ٿي ته:
اسين، حضرت محمدﷺ جي تعليم ۽ ارشاد بابت ڀلي ڇا به سمجهون، پر اسان کي اهو بهرحال مڃڻو ئي پوي ٿو ته نزول ۽ ترتيب جي لحاظ کان قرآن پاڪ، حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندڙ معجزي نما صحيفو آهي ۽ توڙي جو ان جي ٻولي ۽ خيالات، جيڪي منجهس درج آهن، اسان جي پنهنجي زبان ۽ خيالات کان گهڻو مختلف آهن. پر جيڪڏهن اسين انهن جي قدر ۽ قيمت، عظمت ۽ فضيلت ۽ گهڻي ڀاڱي ان جي حسن ۽ خوبيءَ کي تسليم نه ڪنداسون ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسين عقل ۽ سمجهه کان بلڪل ڪورا آهيون.


[b]قرآن وت کان وڌيڪ ٻوجهه نٿو وجهي
- مسٽر چيننگ پولڪ[/b]

مسٽر چيننگ پولڪ، پنهنجي تاليف: ‘دي اينيميءَ’ جي صفحي نمبر: 96 ـ 97 تي لکي ٿو:
شايد اسان جي مذهب (عيسائيت) ۾ اها خرابي آهي ته هو، انسان تي ان جي وت کان وڌيڪ ٻوجهه رکي ٿو. جيڪڏهن توهين ڪنهن ماڻهوءَ کي چئو ته توهان جي صحت جو دارومدار، وچٿري کاڌي پيتي تي آهي ته غالب گمان آهي ته هو ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندو پر توهين ساڳين ان کان اهو مطالبو ڪريو . ڪجهه کاءُ پيءُ، ته هو يقيناً چوندو: ڳالهه ته ڏاڍي ڀلي آهي، پر ناممڪن آهي. قرآن، انساني فطرت تي تمام گهٽ ٻوجهه رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو قرآن قابل اطاعت ڪتاب آهي.

[b]قرآن، مغرب جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ هجڻ گهرجي
- سر ايڊورڊ ڊينيسين [/b]

سر ايڊورڊ ڊينيسين راس، سي ـ آئي ـ اي، سيل جي قرآن پاڪ جي ترجمي جي آخري ايڊيشن (مطبوعه 1922) ۾ جيڪو مهاڳ لکيو آهي، تنهن ۾ لکيو اٿس ته:
تيرهن سؤ سالن جي سمورن انقلابن دوران، قرآن ڪريم مڙني ترڪن، ايرانين، هندستانين جي تقريباً چوٿون حصو آباديءَ جو مقدس صحيفو رهيو آهي ۽ مسلمان ان ڳالهه تي زور ڏيندا آهن ته يقيناً اهڙو ڪتاب جهڙو قرآن حڪيم آهي، ان لائق آهي ته مغرب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهيو وڃڻ گهرجي، خاص ڪري دؤر حاضر ۾، جڏهن موجوده ايجادن جي ذريعي زمان ۽ مڪان جون بندشون بنهه ميسارجي ويون آهن ۽ جڏهن عام مفادات سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

[b]قرآن، نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ ڪتاب آهي
- مسٽر سي ـ ايف رائڊر[/b]

مسٽر سي ـ ايف رائڊر، اسلام ۽ عيسائيت جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي هڪ جلسي ۾، جيڪو لنڊن ۾، جولاءِ 1916 ۾ مسٽر عبدالله يوسف علي جي صدارت ۾ ڪوٺايو ويو هو، چيو هو ته:
هن ملڪ (انگسلتان) جا ديني اڳواڻ هِن حقيقت تي رت جا ڳوڙها ڳاڙين جو، آفريقا ۾ اسلام، عيسائيت جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان ڦهلبو پيو وڃي. شايد هو ان ڳالهه کان آگاهه ناهن ته اسلام قبول ڪرڻ جي ان تڪڙي رفتار جو سبب، ان جي سادگيءَ ۾ لڪل آهي. ڇاڪاڻ جو عيسائيت جي ڀيٽ ۾، اسلام جا عقيدا بنهه سهنجا ۽ سِڌا آهن.
اسلام، قرآن جي صورت م جيڪو زندگيءَ جو ضابطو انسان جي آڏو پيش ڪيو آهي، اهو نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي. قرآن پاڪ جو عام فهم هجڻ يا آفريقا ۾ اسلام جي تيزرفتاريءَ سان قبوليت جو هڪ تمام وڏو ڪارڻ آهي.

[b]قرآن ۾ وسيع جمهوريت جا سمورا اصول موجود آهن
- لڊن ڪرهل[/b]

لڊن ڪرهل، پنهنجي ڪتاب: ‘دي ليبن دي محمد’ ۾ جيڪو ليپسه ۾ 1884ع ۾ شايع ٿيو هو، لکي ٿو ته:
قرآن، عقيدن ۽ اخلاقيات تي مبني قانون جو هڪ مڪمل ضابطو پيش ڪري ٿو. قرآن ۾ وسيع جمهوريت جا سمورا اصول، رشد وحدانيت جي لاءِ، انصاف ۽ عدالت جي لاءِ ، فوجي تنظيم ۽ تربيت جي لاءِ ، ماليات جي لاءِ، غريبن بابت نهايت محتاط قانون سازيءَ جي واسطي بنياد موجود آهن پر انهن سمورن جو سنگ بنياد، الله پاڪ جي ذات تي عقيدو رکڻ آهي جنهن جي قدرت جي هٿ وس، انسانن جي قسمت جي واڳ آهي.

[b]قرآن، مذهب ۽ علم جو سنگم آهي
- مسٽر هورٽن[/b]

مشهور جرمن مستشترق: ‘هورٽن’ پنهنجي ڪتاب: استعدادالاسلام بقول الثقافة الروجبة ۾ لکي ٿو ته:
توهان کي اسلام هڪ اهڙو مذهب نظر ايندو جيڪو مذهب ۽ علم جو سنگم آهي. اسلام ئي واحد دين آهي، جيڪو ٻنهي کي گڏوگڏ هلائي ٿو. جيڪڏهن توهين غور ڪندؤ ته توهان کي اسلام عقل جي عين مطابق نظر ايندو (صفحو: 9)

[b]قرآن، جديد قديم صداقتن جو سرچشمو آهي
- هرهائنيس شهزادي خير النساء [/b]

هرهائنيس شهزادي خير النساء (ڊيانگ سوڊا) جزيره سراوڪ جي رهواسڻ جنهن هوائي جهاز ۾ هڪ سفر دوارن ئي اسلام قبول ڪيو هو، هوءَ اها لکي ٿي ته:
قرآن ۾ خدا جي وحدانيت جون عظيم الشان صداقتون موجود آهن. هن ماديت ۽ دهريت جي زماني ۾ رسول پاڪﷺ جون ڳالهيون دلين ۾ لاڳيتو گهر ڪنديون وڃن ٿيون
اسلام جي خلاف رومن ڪيٿولڪ فرقي پاران شديد مخالفت واري مهم باوجود اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن نبوي ارشادات يورپ ائين عام ٿي ويندا جيئن مشرق ۾ عام آهن. قرآن ۾ موجوده زماني جون عظيم صداقتون ۽ بائيبل، مسيح، ڪنفوشس ۽ ويدن جي ڏاهپ جو ئي ڪو پڙاڏو ڀاسجي ٿو. هي عقل کي حيران ڪري ڇڏيندڙ ڪتاب، تسلي، اميد ۽ محبت جي دولت سان مالا مال آهي.
(اخبار: لائٽ، لاهور)

[b]قرآن زبردست دعوت عمل آهي
- ڊاڪٽر جارج ايس[/b]

ڊاڪٽر جارج ايس، ارنڊيل، پريزيڊنٽ ٿياسافيڪل سوسائٽي، لکي ٿو ته:
حضرت محمدﷺ بيشڪ، تعريف جي لائق آهي. سندس سموري زندگي، عظمت ۽ چمڪندڙ نشانن سان روشن هئي ۽ هڪ نهايت وڻندڙ، نهايت گهري ۽ نهايت سادي روحانيت سندس خاص خوبي هئي. حضرت محمدﷺ يقينن هڪ نبي هو ڇاڪاڻ جو کيس پنهنج صدا هڪ وحشتناڪ ويراني ۾ بلند ڪرڻي پئي. قرآن جي عظمت محض ان جي ڪتاب هجڻ ۾ ناهي بلڪه ان حقيقت ۾ لڪل آهي ته قرآن، ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ زبردست دعوتِ عمل آهي، جيڪو شاندار اسلامي تمدن ۽ حڪمراني قائم ڪري سگهڻ جي صلاحيتن سان ڀرپور آهي.
(ٿروٽ، لاهور پهرين جولاءِ 1935ع)


[b]قرآن امن جو پيغام کڻي آيو
- منشي ڪنهيا لال[/b]

هندي ٻوليءَ جو بي مثال ۽ مقبول رسالي ‘چاند’ جو ايڊيٽر منشي ڪنهيا لال (ايڊووڪيٽ) پنهنجي رسالي ۾ لکي ٿو:
رمضان جو مهينو، مسلمانن جي آسماني ڪتاب جي نزول جو مهينو آهي. هي اهو ڪتاب آهي جنهن جي عظمت جو راز ان جي پاڪيزه تعليم ۾ لڪل آهي. قرآن پاڪ، دنيا جي لاءِ امن ۽ اتحاد جو پيغام آهي. اصلاح ۽ ڪاميابيءَ جو ضابطو آهي. قرآن جون خوبيون تڏهن معلوم ٿي سگهنديون، جڏهن ان تي عقيدو رکندڙ ان جي احڪامات تي پوريءَ طرح عمل ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي نمونو بنائي ڏيکارين ته مسلمان هيئن ٿيندا آهن...
جنهن ڪتاب ڪنهن زماني ۾ هڪ زبردست قوم جوڙي ڏيکاري، اهو ڪڏهن به بيڪار ۽ اجايو نه ٿو ٿي سگهي.

[b]قرآن، هڪ مستقل ۽ زنده معجزو آهي
- مسٽر سي ـ اي، سورما[/b]

مسٽر سي ـ اي سورما، (بي ـ اي) جنهن قرآن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ اسلام قبول ڪيو، هڪ طويل مضمون ۾ لکي ٿو:
قرآن، رسول خداﷺ جي ذريعي جنهن صورت ۾ نازل ٿيو ، ان ئي صورت ۾ اڄ به موجود آهي. هڪ ذري جو به منجهس فرق نه آيو آهي. انساني هٿ ۽ دماغ ان ۾ ڪا به دخل اندازي نه ڪئي آهي ۽ اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جيڪا ڪُلي بلڪه جزوي طور تي به ڪنهن مذهبي ڪتاب بابت نه ٿي چئي سگهجي. حضرت محمدﷺ جي دعويٰ هئي ته: قرآن هڪ مستقل ۽ زنده معجزو آهي ۽ واقعي، قرآن حقيقت ۾ هڪ معجزو ئي آهي.

[b]قرآن ئي قابل قبول ۽ دل کي اطمينان بخشيندڙ ڪتاب آهي
- بابا نانڪ[/b]

حضرت بابا نانڪ فرمائي ٿو ته:
توريت، زبور، انجيل تري تري پڙهه سن ڊڻهي ويد
رهي قرآن کتاب ڪڌکل جنگ مين پروار
(جنم ساکي ڪلان ص: 147)
‘توريت، زبور، انجيل ۽ ويد وغيره سمورا ڪتاب پڙهي ڏٺاسون، بس قرآن حڪيم تي قابل قبول ۽ دل کي اطمينان بخش نظر آيو.
رهي کتاب ايمان دي بيچ کتاب قرآن
جيڪڏهن سچ پڇو ته سچو ۽ ايمان وارو ڪتاب، جنهن جي ملاقات سان دل باغ بهار ٿي وڃي، قرآن حڪيم ئي آهي.

[b]قرآن، خود پنهنجي تعظيم ڪرائيندو آهي
- مسٽر وڊول[/b]

مسٽر وڊول، جنهن قرآن پاڪ جو ترجمو شايع ڪيو، سو لکي ٿو ته:
اسين جيترو به هن ڪتاب (قرآن) کي اٿلايون پٿلايون ٿا، اوتري قدر، پهريان ان جي مطالعي جي نون نون رخن کان پنهنجو رنگ ڄمائي ٿي... پر وري فوري طور! ها فوري طور تي پاڻ ڏانهن ڇڪي بيهاري، پنهنجو تابع ڪري، حيران ڪري ڇڏي ٿو...!!! آخرڪار، اسين ان جي عظمت جي آڏو سيس نمائي بيهي رهڻ تي مجبور ٿي پئون ٿا.
قرآن جو طرز بيان، ان جي مضمونن ۽ مقصدن جي لحاظ کان مؤثر، عاليشان ۽ لرزائي ڇڏيندڙ آهي. پڙهندڙ، جابجا ان جي مضمونن جي گهرائيءَ تائين پهچي ذهني بلنديون ماڻي وٺي ٿو. مطلب ته قرآن هر زماني ۾ پنهنجو زورائتو اثر پاڻ ئي ڏيکاريندو رهندو.

[b]قرآن، اسلامي فوجن سان هميشھ گڏ رهيو
- مسٽر روبن سن[/b]

مسٽر روبن سن لکي ٿو ته:
اسلام جي سوڀارين فوجن، شام ملڪ فتح ڪيو يا شمالي آفريقا ۾ پنهنجي تسخير جو علم کوڙيو، يا ڳاڙهو سمنڊ پار ڪري، ڪاري سمنڊ م پنهنجا پير کوڙيا... مطلب ته اهي جتي به پهتيون قرآن جي تعليم انهن سان گڏ گڏ هئي. اهو ئي سبب آهي جو انهن ڪٿي به ڪا به زيادتي نه ڪئي. ڪو به ڏاڍ نه ڪيو. ڪو به ظلم نه ڪيو. ڪنهن به قوم کي هُنن اِن بنياد تي ڪڏهن به پنهنجي تلوار جي زد ۾ نه آندو ته انهن اسلام قبول ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيو.


[b]قرآن، زندگيءَ جا طبعي لوازمات پورا ڪندڙ ڪتاب آهي
- اي ـ آر، واڊيا[/b]

مسفر اي ـ آر واڊيا، پروفيسر آف فلاسافي ميسور يونيورسٽي، 25 جولاءِ 1936ع تي ٽريننگ ڪاليج جي ٽيچرز ايسوسيئيشن جي عيد ميلاد النبيﷺ جي جلسي ۾ تقرير ڪندي فرمايو:
اسلام کي صحيح طور تي سمجهڻ جي لاءِ قرآن ۽ ان جي سچن پيروڪارن جي سيرت جو مطالعو ضروري آهي. جيڪڏهن اڄ مون کان پڇيو وڃي ته، اهو ڪهڙو مذهب آهي، جيڪو زندگيءَ جي طبعي لوازمات جي سمورن مطالبن جو پورائو ڪندڙ آهي؟ ته مان اولين ترجيح اسلام کي ڏيندس.
(رڪن ٽائمز: 6 آگسٽ 1936ع)

[b]قرآن هڪ ناقابل تشريح طلسم آهي
- اي ـ ڊبليو، بلائيڊن [/b]

اي ـ ڊبليو، بلائيڊن ـ جيڪو هڪ حبشي عيسائي آهي. پنهنجي هڪ ڪتاب: ‘عيسائيت، اسلام ۽ حبشي نسل’ ۾ لکي ٿو:
جتي خيال انهن حبشين جي سمجهه ۾ نه ايندا آهن، اتي قرآن حڪيم جا الفاظ به انهن جي لاءِ هڪ ناقابل بيان خوبصورتي ۽ موسيقي ۽ هڪ ناقابل تشريح طلسم بڻجيو وڃن، جيڪي مغربي ٻوليون ڄاڻندڙن جي لاءِ قطعاً ناقابل فهم آهن.

[b]قرآن، ذهني انقلاب آندو
- مسٽر ونڊ وڊايڊ[/b]

مسٽر ونڊ وڊايڊ پنهنجي تاليف: ”انسان جي شاهدي“ ۾ لکي ٿو:
جنهن زماني ۾ يورپ بي علمي ۽ جهالت ۾ ٻڏل هو، اسلامي هسبانيه جي دؤر ۾ علم و فضل جو دؤر رائج هو ۽ اتي ڪيميائي تجربا ڪيا ٿي ويا ۽ اهو ذهني انقلاب، سڄو جو سڄو اسلام جي ڪتاب (قرآن) جي بدولت ممڪن ٿيو.


[b]قرآن، تاريخي واقعا تنبيهي طور پيش ڪري ٿو
- پروفيسر مارگوليٿ[/b]

پروفيسر ڊي ـ ايس، مارگوليٿ، جنهن قرآن ۽ اسلام جي مخالفت واري لٽريچر ۾ ڪافي اضافو ڪيو آهي، اهو پنهنجي ڪتاب: محمد ازم، ۾ لکي ٿو ته:
قرآن، ٻين مذهبي صحيفن جي ڀيٽ ۾، جيڪو براه راست تاريخي بحث ڪري ٿو، ان جي حيثيت نرالي آهي. جيستائين قرآن جو تعلق آهي اهو تاريخ کي صرف اخلاقيات جي نفاد واسطي پيش ڪري ٿو، ايستائين جو قرآن ۾ جيستائين حاضر واقعات کي بيان ڪيو ويو آهي اتي به اهو ئي مقصد آهي. قرآن جو مقصد، ڪا آکاڻي ٻڌائڻ بلڪل به ناهي بلڪه واقعا ٻڌائڻ مان صرف اهو مقصد آهي ته ٻڌندڙ کي تنبيهه ٿئي.
قرآن جي ذريعي قادر مطلق مسلمانن ۾ برتري، عظمت ۽ حڪمرانيءَ جو احساس پيدا ڪيو ۽ اها ڳالهه ڪنهن نه ڪنهن وقت ۾ تمام وڏين قومن جي ترقيءَ جو باعث رهي آهي.

[b]قرآن جي مثل تعليمي قوت
- گوئٽي[/b]

گوئٽي، قرآن جي تعليمي قوت تي گفتگو ڪندي ايڪر من کي چيو:
تون ڏسي رهيو آهين ته هن قرآن جي تعليم کي ڪڏهن به ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو نه پيو آهي. پنهنجن سمورن تعليمي نظامن سميت جيڪڏهن اسين ڪوشش ڪريون، تڏهن به ان تعليم کان اڳتي نه وڌي سگهنداسين ۽ عام نظر سان ڏسجي ته ان تعليم کان تجاوز ڪرڻ جي ڪنهن ۾ به همت ناهي.
گوئٽي، پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو ته:
جيتري قدر اسين هن (ڪتاب) کي ويجهو ٿيندا آهيون، تيئن ان تي وڌيڪ غور ڪندا آهيون، ته هو اوترو ئي ڏورانهون ڇڪي ويندو آهي يعني تمام بلندين ڏانهن ويندي محسوس ٿيندو آهي. قرآن، بتدريج دل کي لڀائيندو آهي، پوءِ عجب ۾ وجهندو آهي، پوءِ فرحت بخش حيرت ۾ مبتلا ڪندو آهي ۽ آخرڪار پنهنجو احترام ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. ان ريت، هي ڪتاب سمورين نظرن ۾ هميشھ اثر پيدا ڪندو آهي.


[b]قرآن جي مطابق ئي دنيا تي حڪومت قائم ڪرڻ گهرجي
- نپولين بونا پارٽ[/b]

نپولين بوناپارٽ لکي ٿو ته:
منهنجي خواهش اها آهي ته دنيا تي قرآن پاڪ جي اصول ۽ آئين مطابق حڪومت ڪجي، ڇاڪاڻ جو صرف ان ۾ ئي انسانيت جي حقيقي ڪاميابي آهي.
(مسلم ريويو، جنوري 1934 ص: 12)

[b]قرآن جي صفحن ۾ خود جلوه افروض آهي
- عثمان واٽڪنز [/b]

عثمان واٽڪنز، جنهن کي خدا عيسائيت کان اڳتي آڻي اسلام قبول ڪرڻ جي توفيق بخشي، هو فرمائي ٿو ته:
رب العالمين اسان جي فهم ۽ ادراڪ کان بالاتر آهي. اسين ان کي صرف ان جي ڪمن جي ذريعي ڄاڻي سگهون ٿا ۽ ان جو جلوو، اسين قرآن پاڪ جي لافاني صفحن ۾ پسي سگهؤن ٿا.

[b]قرآن جو قانون بائيبل کان وڌيڪ مؤثر آهي
- ڊين اسٽينلي [/b]

مشهور مسيحي پادري، ڊين اسٽينلي مشرقي ڪليسا جي صفحي نمبر: 279 تي لکيو آهي ته:
قرآن جو قانون بيشڪ، بائيبل جي قانون کان وڌيڪ مؤثر ثابت ٿيو آهي.

[b]قرآن بلند خيالن جو خزانو آهي
- واشنگٽن ارونگ [/b]

واشنگٽن ارونگ، سيز محمدﷺ ۾ لکي ٿو ته:
قرآن ۾ نهايت بلند ۽ اخلاص سان ڀرپور خيالات بيان ڪيل آهن.


[b]قرآن، بيشڪ! هڪ الهامي ڪتاب آهي
- مهاتما گانڌي[/b]

برصغير جو عظيم رهنما مهاتما گانڌي، ’ينگ ايڊيا‘۾ لکي ٿو ته:
مون کي قرآن کي الهامي ڪتاب مڃڻ ۾ ذرو به ججهڪ ڪانهي.