مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 35 ڪائنات جو مدار، ڦير گھير، عمل ۽ رد عمل

وَ السَّمَآءِ ذَاتِ الرَّجۡعِ ﴿ۙ۱۱﴾ (الطارق: ١١)
”قسم آهي هٽندڙ وڌندڙ هلڻ واري آسمان جو (عمل ۽ رد عمل واري آسمان جو)“

قرآن مجيد ۾ سورت الطارق به تفسير جي لحاظ کان تمام ڏکين سورتن منجھان هڪ آهي. جيئن ته آيت نمبر 13 ۽ 14 ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ويو آهي ته قرآن الله تعالىﷻ جو آخري ۽ نبيرو ڪندڙ ڪتاب آهي ۽ اهو انهيءَ لاءِ نه آهي ته ڪي نالائق ماڻهو، ان جون غلط تشريحون ڪن. آيت نمبر 13 ۾ جيڪو فرمايو ويو آهي ته اهو هڪ نبيرو ڪندڙ ڳالهه آهي، ته اها سورت الطلاق کي خاصي اهميت ڏيڻ وارو ڪلام آهي، جنهن جي هر هڪ آيت سڳوري عظيم سائنسي سچائين کي بيان ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو شروعاتي مفسرن اهو مناسب سمجھيو ته انهن آيتن جي تشريح انهيءَ زماني جي سائنس سان ڳانڍاپي کانسواءِ ڪئي وڃي، جيڪو هڪ صحيح طريقو هو پر ان کان پوءِ اڳتي هلي انهيءَ احتياط کي نظر انداز ڪيو ويو.
پهريون سائنسي پيغام، جيڪو هيءَ سورت ڏئي ٿي، سو پنهنجو پاڻ ئي لفظ ”الطارق“ آهي. شروع وارن زمانن ۾ انهيءَ جي معنى طارق ستارو نه هئي. پر پوءِ وارن مفسرن الطارق جي معنى انتهائي چمڪندڙ ستارو ڪئي. بهرحال، هن سورت جون آيت نمبر 2 ۽ 3 صاف ظاهر ڪن ٿيون ته طارق ستاري جي قسم جي ڪابه شيءِ نه هئي.
موجوده دؤر ۾ آسماني طبعيات (Astrophysics) تحت دريافتن کي سامهون رکي اها ڳالهه ممڪن ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته طارق جي معنى ستارن جهڙا آسماني جسم آهن، جن مان اڪثر شديد ريڊيائي لهرون نڪرن ٿيون. اهي پنهنجي جسامت ۾ تمام وڏا آهن ۽ انتهائي ڏورانهين مفاصلي تي سمجھيا وڃن ٿا ۽ ڪهڪشائن جي مقابلي ۾ لکين دفعا وڌيڪ روشني خارج ڪن ٿا. هڪ ٻئي نقطي نظر کان اهي پنجين يا ڇهين آسمان جي مقرر ڪيل فضائن کي ظاهر ڪن ٿا. ڪوثر (Quasar) ڪهڪشائن جي لاءِ هڪ ٻجن واري ٻاريءَ جو ڪم ڪن ٿيون ۽ اهي وري وڌيڪ اربن جي تعداد وارين وڌيڪ ڪهڪشائن کي جنم ڏين ٿيون.
رڳو پنجويهه سال اڳ تائين آسمان ۽ ڪائنات جي باري ۾ ڄاڻ نه هئڻ جي برابر هئي. فلڪي طبعيات جا اهي ماهر، جيڪي بي دينيءَ ۾ ڦاٿل هئا، سي پنهنجي پر ۾ انهيءَ خوش فهمي ۾ مبتلا ڪندڙ خيالن ۾ ڦاٿل هئا ته ڪائنات رڳو انهن تمام ديو قامت ستارن جي جھڳٽن جي صورت ۾ هئي، جنهن جي ويڪر ۾ اهي سڀئي پکڙيل هئا. سندن ويجھو هڪ خاص سائيز جا گرهه پنهنجي پنهنجي سجن جي اوسي پاسي طواف ڪندا هئا ۽ جڏهن انهن سجن جون توانائيون گم ٿي وينديون هيون يا خرچ ٿي وينديون هيون ته اهي به لامڪان ۾ گم ٿي ويندا هئا. ڪائنات جي باري ۾ جديد نظريا ان وقت پيدا ٿيا، جڏهن انتهائي وڏن آسماني جسمن ۽ ڪائناتي ڪارين غارن بابت ڄاڻ ملي. ڪارين غارن جي موضوع تي مون پنهنجي ڪتاب جي منڍ ۾ ئي (موضوع نمبر 2 ۾) ڪنهن حد تائين تفصيلي بحث ڪيو آهي.
آسماني طبعيات جي ماهرن جي ڄاڻ موجب ڪائنات جي سلسلي ۾ نظريا يا قانون چئن اهم گروپن ۾ ورهائي سگهجن ٿا.
1. ثقلي ڪشش (Centripetal) ۽ مرڪز گريز (Centrifugal) قوتن جي وچ ۾ عمل ۽ رد عمل (Reciprocity) يعني سخت قسم جي ثقلي ميدانن جي موجودگيءَ جي باوجود گرهن ۽ ٻين مخلوقن جي وجود جو طواف ڪندڙ چرپر ذريعي تحفظ مهيا ٿيڻ، عمل ۽ رد عمل جو سلسلو، هر گھڙي ڪشش ثقل جي ذريعي توازن جي حالت ۾ رهي ٿو.
2. ڪارين غارن ۽ وڏن آسماني جسمن (Quasars) جي وچ ۾ عمل ۽ رد عمل واري سلسلي جي نتيجي ۾ هڪ مرندڙ ستارو، ڪشش ثقل جي ايڪي ۾ بدلجي ويندو آهي، جنهن کان ڪابه شيءِ بچي نٿي سگھي. مادو ۽ توانائي، جيڪي ان جي اندر ڪري پوندا آهن، تن کي ڪائنات جي هڪ ٻي جاءِ تي پهچايو ويندو آهي، جتي ڪاريون غارون، فضائي ويڪر، ڪيئين واري سوراخ (worm hole) جهڙي عمل جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي اڇي غار (White Hole) جي روپ ۾ آڻي ڇڏيندا آهن. اهو سمجهيو وڃي ٿو ته اهي اڇيون غارون ئي هونديون آهن جيڪي ڪوثرن جي حقيقي طور تي پکيڙيل توانائين جو جواز پيش ڪنديون آهن ۽ اهي ڪوثرن پنهنجي واري ۾ نون ڪهڪشائن کي جنم ڏيندا آهن.
3. چقمقي صلاحيت يا ڪوانٽم فيلڊ (Quantum Field) جيڪو آسماني طبعيات ۾ قدرت جي مظهرن کي انهن جي اصلي رنگ ۾ ظاهر ڪري ٿو.
4. ڪائنات جو هڪ اڻ ڄاتل مرڪز شعاع جو فوڪس (Focus) يا محور کان شروع ٿي، مرڪز کان ٻاهرين پاسي پکڙجڻ.
مون بنيادي آسماني حقيقتون، ڪيترين ئي آيتن جي تشريح جي سلسلي ۾ هن کان اڳ به بيان ڪيون آهن. هاڻي مان سورت الطارق جي آيت نمبر 11 جي اسرارن ڏانهن اچان ٿو. ”قسم آهي هٽندڙ وڌندڙ (عمل ۽ رد عمل واري) آسمان جو.“
هيءَ آيت انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿي ته آسمان ۾ عمل ۽ رد عمل جو سلسلو جاري آهي. اهو عمل ۽ رد عمل، جنهن کي Reciprocity سڏيو ويندو آهي، اصل ۾ ڪهڙو عجوبو آهي؟
عمل ۽ رد عمل جو فعل ٻن لاڳاپيل، پر مخالف واقعن مان هر هڪ جي اندر ٿيندڙ محوري يا پري واري تبديليءَ چئبو آهي. انهيءَ جو مثال ائين ئي آهي جيئن هڪ نڪتي تي جاءِ تائين پهچڻ ۽ پوءِ اتان کان واپسي. ڪنهن بيماري جو ٻيهر ٿي پوڻ. ڪنهن مخلوق جو فنا ٿي وڃڻ ۽ پوءِ وجود ۾ اچي وڃڻ يا ڪنهن جاندار جو موت ۽ ان جو ٻيهر جيئرو ٿي پوڻ. اهي سڀئي عمل ۽ رد عمل جا واقعا آهن.
اهو ته ظاهر آهي ته آسمانن ۾ عمل ۽ رد عمل جي نظريي جو حل سورت الطارق ۾ لڪيل آهي. اصل ۾ ڪوثرن ئي انهيءَ عمل ۽ رد عمل واري فعل جو مظهر آهن. فضائي ويڪر جي گھرائي ۾ ڪيترائي ستارا، ڪارن غارين ۾ فنا ٿي ويندا آهن. جڏهن ته ڪواثر نئين ڪهڪشائن کي جنم ڏينديون آهن. اهو عمل ۽ ردعمل جو فعل وقت جي انهيءَ عرصي ۾ ٿيندو آهي، جنهن جو اندازو اربين سالن تي ٻڌل هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آسمان عمل ۽ رد عمل جي فعل ۾ آهن. تخليق، ٻئي ڍانچي ۾ سمائجي وڃڻ ۽ نتيجي ۾ تباهيءَ جي ڪنڌي تي پهچي وڃڻ هڪ اهڙو سلسلو آهي جيڪو ڪائنات ۾ بنا ڪنهن وقفي جي جاري آهي.
هڪ ٻيو به گھٽ سمجھه ۾ اچڻ وارو پاسو آسمان، يعني فضائي ويڪر ۾ ڪائنات جي پکڙبو رهجڻ وارو عمل آهي. پر جيئن ته سائنس اڃا تائين انهيءَ معاملي ۾ ڪا حتمي ڳالهه نه ڪئي آهي، اسان به ان جي ماپ يا جسامت جي باري ۾ وڌيڪ بحث يا قياس آرائي کي هن موقعي تي ملتوي ڪريون ٿا. هڪ ٻي تشريح هن طرح به ڪري سگهجي ٿي ته الله تعالىﷻ جي ٻاجهه ۽ شفقت زمين ڏانهن لهي ٿي، جڏهن ته الله تعالىﷻ جي لاءِ واکاڻ ۽ شڪرگذاري مٿي آسمان ڏانهن ويندي آهي. اها ڳالهه به هن وقت اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي.
هن موقعي تي مان هڪ اهم نڪتي ڏانهن توهان جو ڌيان ڇڪائڻ گھرندس. اهو هي ته سماوي طبعيات جي علم (فلڪي طبيعيات) ۾ ڪائنات (Cosmos) ۽ فضائي ويڪر (Space) جا اصطلاح ڪثرت سان استعمال ٿين ٿا. جڏهن ته ٻئي پاسي قرآن ۾ لفظ ’آسمان‘ سدائين آسماني طبعيات جي سلسلي ۾ ئي استعمال ٿيندو آهي. انهيءَ جو هڪ اهم سبب آهي.
جديد علم طبعيات تحت ڪائنات سان لاڳاپيل هر تحقيق، چئن پاسن جي نقطي نظر سان ڪئي ويندي آهي ۽ انهيءَ ڄاڻ ۾ اهو سمجھيو ويندو آهي ته ڪائنات رڳو مادي جي ئي ٺهيل آهي ۽ سڀني دنيائن کي انهيءَ نقطي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. ان جي برخلاف قرآن دنيائن جو ڏيک اڻ ڳڻين پاسن کان ڏئي ٿو، جتي هي دنيائون اهو مڪمل نظام هونديون آهن، جن جي اصل مضبوطي انهن ڄاتل سڃاتل چئن طرفن کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين طرفن سان به ٿيندي آهي. هاڻي اهي ڪائناتون، جن کي اسان آسمان يا فضائي ويڪر به چئي سگهون ٿا، هڪ طرح جي پٽين واري آسماني نظام سان ٺهيل هونديون آهن، جتي چقمقي قوتون پنهنجو ڪم ڪري رهيون هونديون آهن ۽ جتي طبعيات ۽ جاميٽري جا اصول صحيح ثابت ٿيندا آهن. ائين رڳو هن نازڪ فرق کي چٽو ڪرڻ لاءِ قرآن ۾ سائنس سان لاڳاپيل سڀني آيتن ۾ لفظ آسمان ئي استعمال ٿيو آهي. پر قرآن پنهنجي پهرين ئي آيت کان وٺي دنيائن جو ذڪر انهن جي عظمت ۽ انهن جي اڻ ڳڻين خوبين ۽ صلاحيتن سميت ڪري ٿو ته ”سڀ ساراهه الله جي لاءِ ئي آهي جيڪو سمورين ڪائناتن جو پالڻهار آهي.“
جيئن ته انهيءَ کان اڳ مون موضوع نمبر 21 ۾ بيان ڪيو آهي ته آسمان جي تخليق انهيءَ جاميٽري ۽ مادي نظام سان ٿي آهي، جيڪو ستن چقمقي پٽين تي مشتمل آهي ۽ حقيقت ۾ بهشت جو تصور، ان آسماني نظام جي اندر ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ان کي هڪ اهڙي دنيا تصور ڪيو ويو آهي، جنهن جون جسماني ماپون (Dimensions) بلڪل ئي جدا قسم جون آهن. مان انهيءَ موضوع تي اڳتي هلي بهشت واري مضمون ۾ ڳالهائيندس.
ٻين دنيائن ۽ ان قسم جي جسماني ماپن کي سمجھڻ سچ پچ تمام ڏکي ڳالهه آهي. انهيءَ جو مثال ائين آهي ته جيڪڏهن اسان هڪ ايٽم جي اندر رهي رهيا هجون ها ته اسان اهو سمجهون ها ته شايد فضائي ويڪر رڳو ان جي پنهنجي توانائي جي مدار تائين ئي محدود آهي ۽ اهو ته سموري پکيڙ انهيءَ تمام ننڍڙي دنيا جي اندر گھيريل آهي. ايئن اسين سج جي باري ۾ تفصيلن کي سمجھي سگھنداسين. وڌيڪ اهو ته هن دنيا ۾ جتي اسان جو وجود جيڪڏهن سيڪنڊ جي ڏهين لکين حصي جيتري وقت جيترو هجي ها ته اسان ڏينهن ۽ سالن کي ڪهڙي طرح سمجھي سگھون ها؟ آسمان ۽ مختلف جسامت جي ماپن (Dimensions) کي، جن کي اسان اڃا تائين بيان ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه آهيون، ڇو جو وچ وارو عمل ۽ رد عمل به هڪ قسم جو تفصيلي راز هو.
سائنس کي اهو هڪ نئون راز ٻڌايو ويو آهي ته ڪائنات ۾ وقت هر جاءِ تي هڪ ئي رفتار سان نٿو گذري. اسان اها حقيقت ڪائناتي شعائن جي سخت لاهن چاڙهن ۽ ڳجھي ۽ پيچيده سفر جي مطالعي مان سمجھي آهي. جيتوڻيڪ زمين تي انهن جي هيڻن بنيادي ذرڙن جي گروهه (PI Mensons) جي عمر هڪ سيڪنڊ جي هڪ ارب حصي کان به گھٽ هوندي آهي. پر ڪائنات جي ٻين حصن ۾ وقت جي فراخي (Dilation) جي ڪري ان جو وجود ڪيترن ئي ڏينهن تائين رهي سگھي ٿو. اهو هڪ ٻئي نئين نظام جو عجوبو آهي. يعني وقت جي وهڪري جي حساب سان آسمان جي وچ ۾ به عمل ۽ رد عمل جو فعل موجود آهي. ائين اِهي اُهي عظيم طبعياتي سچايون آهن جن کي هيءَ آيت پاڪ عمل ۽ رد عمل جي فعل جي صورت ۾ ظاهر ڪري ٿي.
خدارا، توهان هن موضوع جي سلسلي ۾ اسان کي پيش ايندڙ ڏکيائين کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ ڳالهه جو مشاهدو ڪريو ته ڪهڙي طرح جديد ترين ۽ ترقي يافته علم طبعيات به ڪيترين ئي سخت ڏکيائين مان گذري، ان کي سمجھي ۽ بيان ڪري ٿو. منهنجي ڪجھه دوستن، جن هن تشريحي مسودي کي، انهيءَ ئي شڪل ۾ پڙهيو تن مشورو ڏنو ته وڌيڪ ڊگھي تشريح جي ذريعي هن کي وڌيڪ سادو ۽ آسان بڻايان پر منهنجي لاءِ وڌيڪ سچائي انهيءَ ڳالهه ۾ ئي آهي ته قرآن جي فطري عظمت جو مشاهدو ماهراڻي طبعياتي نقطي نظر کان ئي ڪيو وڃي. باقي نه مونکي ۽ نه وري ڪنهن ٻئي کي اهو حق پهچي ٿو ته انهيءَ ۾ ڪا ٿورڙي به کوٽ پيدا ڪري.