لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

سادا اکر

سنڌ جو وارياسو علائقو؛ گهوٽڪي، سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي اوڀر ۾ اچي ٿو، ڪافي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جڏهن ته ٿرپارڪر جي ريگستان يا ٿر ۾، ننگر پارڪر، ڏيپلو، ڇاڇرو، مٺي ۽ عمرڪوٽ تعلقا اچي وڃن ٿا.
ٿر جي وجود ۾ اچڻ بابت، عالمن جي ڏنل راين منجهان ٻه وڏا معتبر رايا آهن. هڪ راءِ ته؛ ٿر واري ايراضي، اصل ۾ سمنڊ هيٺ هئي. سمنڊ جي هٽڻ، طوفانن ۽ زلزلن جي اچڻ کان پوءِ، موجوده شڪل اختيار ڪيائين. ٻي راءِ ته؛ ٿر جي سموري ايراضي، درياهن جو پيٽ يا ڪيٽي رهي آهي. پاڻيءَ جي هٽڻ پڄاڻان، اها شڪل ورتي اٿائين.
ٻنهي راين مان، پوئين راءِ، انهيءَ ڪري به وزنائتي آهي جو ميرپور خاص، شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊو الهيار اندر، قديم وهڪرن واري ايراضي پڻ هوبھو ٿر جهڙي آهي. پهرين راءِ جي لاءِ، اهو دليل ڪافي آهي ته؛ بدين ۽ ٿر پارڪر ضلعن جي اوڀر ۾، سمنڊ جي هٽڻ ڪري، فقط ڪڇ جو رڻ ٺهي پيو آهي، جيڪو فقط لوڻ ئي لوڻ آهي. منجهس ڪٿي به واريءَ جو دڙو يا ٽِٻو ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. جڏهن ته ٿر اندر، مٺي پاڻيءَ وارين سُتين/ سِپين ۽ ڪوڏن جو ملڻ به اهو ثابت ٿو ڪري ته اھا ايراضي سمنڊ هيٺ نه، بلڪ دريائن جي وهڪرن هيٺ رهي آهي. ڇو ته منجهانئس جيڪي به سپون ۽ ڪوڏ مليا آهن، سي سڀئي دريائي ڪوڏن جهڙا آهن. ڪٿي ڪو به سامونڊي ڪوڏ نه مليو آهي.
ٿر جي نالي بابت ڪن مؤرخن، بحث ڪندي لکيو آهي ته؛ اهو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سٿل جي بگڙيل صورت آهي. جنهن جي معنيٰ؛ ”اها خشڪي، جتي پاڻيءَ-ٺنڀ نه هجي“.
ڪن وري، ڀٽ کي ٿري ۽ سندس جمع کي ٿريون چوندي، لکيو آهي؛ ”ڀٽن وارو ملڪ جيڪو، ٿرين جي نسبت سان، ٿر سڏجي ٿو.“ ڪن ته کير مٿان ٿيندڙ ملائي يا ٿر ڏانهن مشابهت ڇڪيندي لکيو آهي؛ ”ٿر جي ايراضي، سنڌ ڌرتيءَ تي ائين آهي، جيئن کير مٿان ٿر!“
لسانيات جي دائري اندر ٿيل تحقيق ۽ جاچ جوچ مطابق؛ ’ٿر‘ لفظ ’ٿل‘ مان نڪتل ٿو معلوم ٿئي. نحوي قانون هيٺ، ’ل‘ جو ’ر‘ ۾ بدلجڻ پڻ، ان جو سبب آهي. يعني ’ٿل‘ مان ’ٿر‘ ائين ٿيو آهي، جيئن ’جل‘ مان ’جر‘، ’هل‘ مان ’هر‘، ‘پاتال‘ مان ’پاتار‘، ’نيلو‘ مان ’نيرو‘ وغيره. اگر ان کي بنياد تسليم ڪجي ته، پوءِ ٿر يا ٿل جي معنيٰ آهي؛ مٽيءَ يا واريءَ جو ڍڳ، جنهن جو اسم تصغير آهي ٿلو يا ٿلهو.
ابتدائي دور ۾، جڏهن ڪنهن واريءَ جي ڍڳ، ڊيگهه يا واڌ کائي، ديوار يا ڀت جهڙي شڪل اختيار ڪئي ته ان کي ڀت سڏيو ويو. جيڪو واهپي ۾ اچڻ سان، تبديل ٿي ڀٽ ٿيو ۽ جمع ڀٽون ٿيو. اڳتي هلي، جڏهن هٿرادو مٽيءَ جا ڍڳ ٺهيا تن کي به ڀٽ سڏيو ويو. جيئن ڀٽ شاه يا لطيف جي ڀٽ، منڌنِ جي ڀٽ يا منڌر ڀٽ وغيره.
سنڌ جو ٿر، اٽڪل ۸۴۹۶ چورس ميلن تي پکڙيل آهي. ان جي اتر ۾ هندستان جي رياست جوڌپور ۽ سانگهڙ ضلعي جو کپرو تعلقو، اوڀر ۾ جوڌپور، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اولهه ۾ ٽنڊو باگو، ڊگهڙي ۽ عمرڪوٽ آهن.
ٿر، جيڪو هن وقت واريءَ جي دڙن ۽ ٽٻن، ڊِٻن ۽ ڍِڳن جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو، ڪي اهڙا اهڃاڻ مليا آهن، جن تحت اهو ڪنهن دور ۾ وسندڙ علائقو هيو. خاص طور تي هاڪڙو ندي، جيڪا ”ڇور يا ڇوڙ شهر“ وٽان داخل ٿي پاري ننگر وٽ سمنڊ ۾ پوندي هئي. مٿس ساکي جو گڍ، پاري ننگر، ويراواه ۽ ڀوڏيسر جهڙا شهر آباد هيا. مهراڻ ندي تي وري کاروڙو، امراڻو، کيجڙياري، نبي سر، نوهٽو، ساموئي/ سامروٽي، ڳاهيار، ونگو، راحموڪي بازار ۽ وڳهه ڪوٽ جهڙا شهر آباد هيا.
ڍور ۽ ڍاڳي، ٻه وهڪرا هيا، جيڪي مهراڻ مان ساموئي ۽ ڪلوئيءَ وٽان نڪري، ٻلهياريءَ وٽ وڃي کاري ۾ پوندا هيا. مٿن ويڙهي جهپ، ڏهر ۽ ٻلهياريءَ جا شهر آباد هيا. ٻنهي وهڪرن کي ڀٽائي پڻ پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي.
جڏهن ڍاڳي ۽ ڍور، ٻئي وڃن ٻلهار ۾،
تڏهن تاجڙين تور، هئي جسوڌڻ سين. (سر ڏهر).
اهڙيءَ طرح مٺيءَ جي آسپاس ۾، ميڻي نديءَ جو ذڪر پڻ ملي ٿو، جنهن تي ڪڙلي ننگر ۽ ڪيرٽي وغيره شهر آباد هيا.
اهڙيءَ طرح پراڻا آثار پڻ مليا آهن، جن ۾ لورٽيون پڻ اهميت رکن ٿيون. مٿن رڳو پهلوانن ۽ جوڌن جون تصويرون اڪريل آهن. ان کان علاوه گوڙيءَ جا ڏهرا، ستي ڏهرا، ڀوڏيسر، سوراچند، ڪاسبو، وڏهر، کيجڙياري، وهارو، امراڻو، سينهوڻي ۽ تڳوسر وغيره.
جبلن ۽ ٽڪرين، ڀٽن ۽ ميدانن واري هن ٿر ۾ ڊٻون ۽ ڊنءَ، روهيون ۽ رڃون آهن، جنهن سببان اهو مختلف ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. جهڙوڪ؛ مُهراڻو، ونگو، ولاسو ۽ سامروٽي وغيره.
سدائين سرسبز رهندڙ، هن ٿر اندر، برسات تي ايترا ته گاھ ٻوٽا ڦٽن ٿا جو انهن جا نالا ۽ سڃاڻپ، ٿري ماڻهو به پوريءَ طرح نه ٿا ڪري سگهن. منجهس پاڻمرادو ڦٽندڙ گاهن کان علاوه، اڻ ڌاريل جيوت جهڙوڪ؛ سيڙهه، لومڙي، هرڻ، ڊوڌ، مور ۽ پيئڻ بلائون پڻ جام ٿين.
ٿر منجهه، ٿيندڙ ساوڪ ۽ سرسبزو، ڌارين طرفان ڪاهن جو سبب رهيو آهي. ٻاھرين ڪاهن جا اثر، ٿري تهذيب سان گڏ، ٻوليءَ تي پڻ آهن. ڏاکڻئي حصي تي ڪڇ ۽ گجرات جي ٻولين جو ۽ اترئين تي مارواڙ جي ٻولين جو اثر آهي.
تنهن هوندي به ٿر جو علائقو، لوڪ ادب جي لحاظ کان شاهوڪار خطو آهي، جنھن جون مشهور صنفون؛ ٻول، ٺوڪ، ساکيون، ڳوڙها هيساريون، اڏيون، پروليون ۽ پهاڪا چوڻيون آهن.
مان نه ٿريو، نه ٿر ڄايو آهيان. نه مادري ٻولي ٿري اٿم ۽ نه ئي وري مٿس ڪا مھارت رکان ٿو، پوءِ ڪيئن منجهس پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب لکڻ جي جرائت ۽ جسارت ڪئي اٿم، سو ته منھنجو رب ٿو ڄاڻي! جيڪي ڪجهه سنگتين جي صحبت ۽ سنگت مان پرايم يا پراپت پيم، يا اڳي لکيل ڪتابن مان چونڊي چايم، سو سارو مال يڪجا ڪري، هڪ ئي پوٽليءَ اندر، ڪتابي صورت ۾ عام آڏو پيش آهي. جيڪو جتان هٿ لڳم، تنھن جو جوڳو حوالو ڏيڻ جي به ڪوشش ۽ ڪاوش ڪئي اٿم.
ٿري ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ چوڻين بابت، پھرين مضمون لکڻ جو ارادو تڏهن ٿيو، جڏهن رامچند سانجهيرا صاحب سان لاڙڪاڻي جي ايامڪاريءَ دوران ڪچھريون ٿيون. ڪچھرين دوران، صاحب موصوف ڳالهائيندي ڳالهائيندي، مثال ڏيئي سمجهائڻ لاءِ جڏهن چوندو هيو؛ ”سھتا! اسان جي ٿريءَ ۾ هيئن چوندا آهن!“ تڏهن ڪن کڙا ٿي ويندا هيا، پوءِ ان ٿري ڪھاوت يا چوڻيءَ جي وضاحت يا تشريح، لفظن جي معنى ۽ مفهوم، پاڻ-مرادو ئي ٻڌائيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن، ائين ڪرڻ لاءِ کيس التجا پڻ ڪرڻي پوندي هئي. پوءِ وس آهر، مٿس جابول ڪري، وڃي پار پوندو هيو. جيتوڻيڪ ان چوڻيءَ بابت گهٽ ۾ گهٽ مقرر ڪيل تصور (Concept) ضرور واضح ٿي ويندو هيو. علمي ادبي شخصيت نه هوندي به پنھنجي ٻوليءَ سان محبت ۽ چاهه ججهو هيس. جنھن سببان ڪيترا ئي ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون ڪٺا ٿيا. اهي پهرين قسط طور، ماهوار ’ڪينجهر‘ ۾ شايع پڻ ٿيا.
ستت صاحب موصوف جي حيدرآباد بدلي ٿي وئي. ميل ملاقات ورلي ٿيڻ لڳو. تنھن هوندي به ٻيءَ قسط جيترن پھاڪن جي وچور ٺاهي، کيسي ۾ رکي هئائين. هڪ دفعي اتي وڃڻ ٿيو. جتان گڏ، ڪراچيءَ به وڃڻو هيو. انهيءَ سفر دوران، مڙني جون معنائون ۽ مفهوم سمجهايائين. ٻي قسط به ’ڪينجهر‘ ۾ شايع ٿي.
انهن مضمونن جوڙڻ کان اڳ، رائچند راٺوڙ صاحب جو لکيل ڪتاب، ’تاريخ ريگستان‘ پڻ نظر مان نڪتو هيو، جنھن مان ٿر، ٿري زندگي ۽ ٿري اٿڻي ويهڻيءَ بابت سڌ پئجي چڪي هئي. ان کان علاوه، جان ڪي ديوي صاحبه جي ايم فل لاءِ جمع ڪرايل ٿري پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ٿيسز جو مسودو فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب، پاڻ مُرادو اسد جمال پلي صاحب کان آڻي ڏنو هيو. سو به اکين آڏو گذريو. انھن ڪتابن سبب، ٿريءَ جي ڍاٽڪي لهجي سان ڄڻ هڪ اڻ-لکي مانوسيت ٿي وئي هئي.
اهو ئي سبب هيو جو، ڪچهرين دوران رامچند صاحب جي واتان جڏهن ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون بي اختيار نڪرندا هيا ته منھنجو ڌيان لاشعوري طور انهن ڏانھن کڄي ويندو هيو. نوٽ ڪرڻ لاءِ، کيسي اندر موجود، پين ۽ پنو پڻ حرڪت ۾ اچي ويندا هيا.
ٻن مضمونن ڇپجڻ پڄاڻان، اڃا وڌيڪ لکڻ لاءِ ارادو ڪيو ته جان ڪي ديوي صاحبه جي ٿيسز اندر آيل، پهاڪن ۽ چوڻين کي ڇنڊي ڇاڻي، سوڌي سنواري، مضمون جوڙجن. ان ارادي سان ان ٿيسز جو مطالعو شروع ڪيم. ان دوران محسن الملڪ خاصخيلي صاحب سان، ذاتين ۽ قومن، پهاڪن ۽ چوڻين بابت خط و ڪتابت ٿي، جنھن ۾ صاحبِ موصوف، ڪيئي ٿري چوڻيون به لکي موڪليون، جو سندس تعلق به ضلعي ميرپور خاص سان هيو. اهڙيءَ طرح ٻين ڪتابن ۽ اخباري مضمونن وغيره مان ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ مليا، جنھن کانپوءِ مختلف مضمونن لکڻ جو ارادو لاهي، مستقل هڪڙي ڪتاب جوڙڻ ڏانھن ڌيان ڌريم.
وضاحتن ۽ تشريحن وغيره لاءِ گهڻو تڻو، رامچند سانجهيرا صاحب جي تشريحن ۽ جانڪي ديوي صاحبه جي ڪتاب تي اڪتفا ڪئي وئي آهي. ڪن پھاڪن ۽ چوڻين جون تشريحون، هيانءَ جي سڄائيءَ تي پڻ ڪيون ويون آهن. چند تشريحات، نور احمد جنجهي صاحب کان، محترم ناز سنائيءَ معرفت هٿ ڪيون ويون آهن. ڪن بابت، محترم اشرف سمون صاحب کان فون ذريعي پڻ معلومات ورتي وئي آھي. جن پھاڪن ۽ چوڻين بابت وضاحتون نه ملي سگهيون، تن کي خارج ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته ان دوران، پونم پاسڪل صاحب جي ترتيب ڏنل ”پارڪري ٻولي رئي ڊڪشنرئي“ (پيرهيون ڇاپو) (جونچ ڪريا تعارف) ناز سنائي معرفت هٿ آيو. پونم پاسڪل صاحب ۽ رچرڊ هوئيل صاحب، ان ڊڪشنريءَ جا مرتب ۽ مؤلف هيا، جيڪا لئنگئيج پراجيڪٽ ڪئٿوليڪ ڊائيوسيس آف حيدرآباد پاڪستان وارن ڇپائي هئي. اها ان وقت، فقط ان لاءِ هٿ ڪئي وئي هئي ته جيئن ڪن پهاڪن اندر آيل ڏکين لفظن جي معنى ڏسي سگهجي ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ، نياز سرڪي عودائيءَ وٽان معلوم ٿيو ته پونم پاسڪل صاحب جو پهاڪن ۽ ڳجهارتن بابت پڻ ڪتاب لکيل آهي. اهو ڪتاب، پونم صاحب کيس، وٽس وڃڻ وقت، تحفي طور ڏنو هيو. ڪتاب جو نالو هيو؛ ”ڳيون رو ڳپت ڌن“ ان جي لفظي معنى هئي؛ ”ڏاهپ جو لڪل خزانو“. منجهس ۵۰۰ پنج سؤ کن ڪيتڻيون يعني چوڻيون پهاڪا ۽ ۲۵۰ کن ڳجهارتون (Riddles) هيون. اهو ڪتاب به ساڳئي اداري ۱۹۹۱ع ڌاري ڇپيو هيو.
نياز سرڪي صاحب واري ڏنل ڏس پتي تي، جڏهن پونم صاحب کان ڪتاب گهرايم ته بنا معاوضي ڏياري موڪليائين. نظر مان ڪڍڻ کانپوءِ حرص وڌي ويو. اول ته ان کي به مضمونن جي صورت ۾، ساڳئي فارم ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيم. پونم صاحب سان فون تي رابطو ڪيم. اجازت پڻ ڏنائين. کيس اڳ ڇپيل مضمون موڪليم، جيڪي ڏسي پڻ پسند ڪيائين ۽ اهو به چيائين؛ ”منھنجو پڻ ارادو ائين آهي ته مون وارو ڪتاب به ائين وضاحتن سان اچي.“
پونم صاحب، سمورين ڪيتڻين کي موضوع وار ورهايو هيو. جڏهن ته منھنجي هن ٿري پھاڪن واري ڪتاب جي ترتيب لغت وانگر الفابيٽ تي ڏنل هئي. اهو ڪرڻ ممڪن ته هيو پر پارڪري لهجي ۽ ڍاٽڪي جي فرق کي عيان ڪرڻ لاءِ هن صاحب ڪجهه اکر واڌارو ڏنا هيا، جنھنڪري مڙني ۾ هڪ جهڙائي نه پئي محسوس ٿي. وري جڏهن ساڻس، رتن آباد ميرپور خاص ۾ سندس اداري اندر، جيمس آباد کان واپسيءَ تي، ملاقات ٿي ته اڃا ڪن ڳالهين بابت وضاحتون مليون، جنھن کان پوءِ سندس ان ڪتاب جا پهاڪا ۽ چوڻيون، هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ بجاءِ، مٿن مستقل مقالو لکڻ جو ارادو ڪيم. ان ارادي سان، اهي سموريون ڪيتڻيون، هن ڪتاب جي مسودي مان خارج ڪيون ويون. الله ۾ اميد آهي ته ٿري پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب کان پوءِ پارڪري پهاڪن ۽ چوڻين تي، موضوع وار ترتيب هيٺ، الڳ ڪتاب قارئين آڏو پيش ڪيو ويندو.
هر هڪ پھاڪي جي وضاحت بعد، ان جي سرچشمي جو هنڌ پڻ ٻڌايو ويو آهي. اهڙي حوالاجاتي وچور، ڪتاب جي آخر ۾ پڻ ڏني وئي آهي. پھاڪن ۽ چوڻين جي ڏسڻي، پڙهندڙن جي سھوليت ۽ آسانيءَ لاءِ ڪتاب جي پڄاڻيءَ ۾ پڻ رکي وئي آهي.

انجنيئر عبدالوھاب سھتو
۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
قنبر روڊ- لاڙڪاڻو