لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

خ

296. خاصخيلي خار، ٻارهين مھيني ٻِه-ڏندو. (چوڻي)
خاصخيلي: نوڪر. ميرن جو خاص نوڪر، ذات جو نالو پڻ. خار: ڪاوڙ، غصو. ٻه-ڏندو: ٻڙند، بالغ.
جن غريب ماڻهن کي وڏن ماڻهن جي ٽيڪ يا پٻي هوندي آهي، تن کي مڳي به وڏي هوندي آهي. جنھن تنھن سان پيا کينس ڪندا آهن. لحاظ-داري گهٽ هوندي اٿن. جيڪي اميرن، نوابن ۽ وڏيرن جا خاص نوڪر يا ڪمدار آهن، سي اميرن طرفان پڻ ڇيڪ ڇڏيل هوندا آهن. اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا آهن. ان ٽيڪ سبب، پيا ڪک ڪاڄر سان اٽڪندا ۽ کينس ڪندا آھن، پيا تڏرون ڏيندا ۽ وڙهندا آهن. ٺهڻ جي ته ڳالهه ئي نه هوندي اٿن. رڳو وڙهسان وڙهسان هوندي اٿن.
سندن جوٽيل جهيڙو، سال اندر وڌي ڀنڀٽ يا ڀڀڙ ٿي ويندو آهي. تنھنڪري وس ويندي ساڻن نه کينس ڪجي ۽ نه ئي اُچائجي.
مطلب: ۱ - مالڪيي نوڪر سان، کينس نه ڪجي.
۲ - خاصخيليءَ جو وير يا دشمنائو، سال جي اندر، ٻه-سالو ٿي ويندو آهي.
۳ - ڀيٽيو: خاصخيلين جي کِٽ کان، واريءَ جي ڀٽ کان، مولا پناهه ۾ رکي.

297. خاصخيلين جي کِٽ کان، واريءَ جي ڀٽ کان،
مولا پناهه ۾ رکي. (چوڻي)
خاصخيلي يا خاص نوڪر يا مالڪيءَ وارو نوڪر، پاڻ کي ميرن يا سردارن کان وڌيڪ پيو سمجهندو آهي. وت ٿورو ۽ ڦر ڦر گهڻي هوندي اٿس. تِک ۽ تاءُ، ڏيکارڻ لاءِ، اجايا سجايا حربا پيو هلائيندو آهي. ساڻس کينس ڪبي ته وڃي شهه ۾ پئبو. جڏھن ته سندس اجائي کِٽَ به بيزار ڪري ڇڏيندي آهي. کينس پاڻ ڪندو، ڏِک ائين ڏيندو ڄڻ سردار جو حڪم هجيس. هڪل ڏبس ته ڊڪي وڃي ڪنن جي ڪچي سردار جي هنج ۾ لڪندو. هروبرو جو جهيڙو، ڳچيءَ ۾.
واريءَ جي ڀٽ، پيل پاڻي ته چوهي وڃي پر مٿس جيڪا اوڀر اڀري سا به مشڪل سان هٿ اچي جو اڀ-ڪپري ۽ واريءَ جي ٽڪريءَ تي چڙهڻ ۽ لهڻ آسان ناهن. واريءَ واري سڌي زمين تي، هلڻ وقت پير ڦٻندو ئي ناهي. اڀ-ڪپري ٽڪري ته ھلڻ ۾ اڃا جوکائتي ھوندي آھي. فائدي بجاءِ نقصان پوڻ جو انديشو رهندو آهي.
مطلب: ۱ - خاصخيلين جي دشمني ۽ واريءَ واري ڀٽ جو سفر، اڻانگا.
۲ - ڀيٽيو: خاصخيلي خار، ٻارهين مھيني ٻِه-ڏندو.

298. خالي باسڻ، گهڻا کڙکڙاوئي. (راجسٿان، پهاڪو)
باسڻ؛ ٿانءَ.
جڏهن خالي ٿانءَ هڪ ٻئي جي ڀرسان رکبا آھن ته هڪ ٻئي سان ٺهڪڻ سبب، وڏي آواز سان وڄندا آهن. منجهن ڌڪ لڳڻ سان جيڪا لرزش پيدا ٿيندي آهي، سا پئي جهِنوندي آهي. گھڻي وقت تائين، ’آن....‘ جو آواز، پيو منجهانئن ايندو آهي. ان جي برعڪس ڀريل ڀُڪيل ٿانءَ اگر، هڪٻئي سان ٺهڪائي رکبا ته رکڻ شرط يا ڌڪ لڳڻ شرط، سندن اٿيل آواز، اندر ۾ ڀريل مادي سبب هپ ٿي ٿمي ويندو آهي. رڳو ٺَش جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ۽ بس.
اهڙيءَ طرح، خالي ذهن ۽ خالي العقل ماڻهو پڻ، جڏهن پاڻ ۾ بحث وغيره ڪندا آهن ته بغير ڪنهن دليل ۽ منطق جي، بغير ڪنهن نقطي ۽ منزل جي، اوٽ پٽانگ ڳالهائي وقت وڃائيندا آهن.
مطلب: ۱ - ڀريل ٿانءُ، نه ڇلڪي نه کڙڪي.
۲ - خالي ٿانءَ، گهڻو کڙڪندا آهن.
۳ - سکڻي ڪني، گهڻي اڀامي.
۴ - ڀيٽيو؛ ٿوٿا چنا، باجي گهڻا. (۱) ص ۱۸۶.