لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڦ

ڦ

107. ڦٿل گدرو، پترن نمتارٿ. (پھاڪو)
پترن: ڀترن. نمتارٿ: برابر.
هڪڙي دفعي وتايي فقير اچي گدرن واري کان گدرا گهريا. پهرين کانئس ڌڻيءَ جي نالي تي گدرو گهريائين. گدرن واري ڳولي ڳولي ڦٿل ۽ ڪسو گدرو ڪڍيو. سمجهيائين ته؛ اهو هونئن ئي اگهه نه ڪندو. شام جو ائين اڇلڻ کان فقير کي ڏئي ٽاريان. ڌڻيءَ جي نالي کي به نه موٽائيندم، فقير به راضي رھندو ۽ ڪسي شيءِ به ٺڪاڻي لڳي ويندي.
فقير، گدرو هٿ ۾ ورتو ته سهي پر کيس وڻيو ڪو نه. يڪدم کيسي مان ٽڪو ڪڍي، کانئس ٽڪي جو گدرو گهريائين. هاڻي واپاريءَ پئسا ڏسي. انهن آهر گدرو ڳولهي ڏنس. ڇو جو سمجهيائين پئي ته؛ پئسن تي ڦٿل گدرو ڏيندس ته فقير ڏاٻيندو ۽ ڇڙٻيندو.
فقير، ٽڪي جي بدلي مليل گدرو، ٻِئي هٿ ۾ جهلي، آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو؛ ”ٽڪي جو قدر به ڏس ۽ پنهنجي نالي جو به ڏس!“
مطلب: ۱ - ڦٿل گدري جو ملھ، ڀترن برابر آھي.
۲ - ڌڻيءَ جي نالي يا خيرات ۾ ڏيڻ به ڏکيو لڳندو آهي.
۳ - بيڪار شيءِ، ڌرمائو/ خيراتي ڪمن ۾، ڏيئي ڇڏبي آھي.
۴ - انڌو ڇوڪر، لائو ڏوڪڙ، ٽڪاڻي جي ارداس.
۵ - انڌو ڇوڪر، کوٽو ڏوڪڙ، مسيت حوالي. (۱) ص ۲۷۶.

108. ڦٽي کي ڪھڙي ڍل؟ (پھاڪو)
ڍل؛ نھرن ۽ شاخن تي آيل خرچ، سرڪار ھر فصل تي، زميندارن کان اڳاڙيندي آھي. جنھن زمين جو فصل ئي خراب ٿيو، ان تان ڍل وٺڻ ويتر زميندار کي غريب ڪرڻو آھي. تنھنڪري، سرڪاري راکا/ ٻاڌارا، جانچ پڙتال دوران اھڙين ٻنين کي ڍل کان آجو قرار ڏيندا ويندا آھن.
مطلب: ۱- جيڪو ماڻھو خراب ٿئي، يا نافرمان ٿئي، تنھن کي ڪھڙي ميار ڏبي؟
۲- ڍل، آباد ٻنيءَ ورتي ويندي آهي.
۳- ڦٽي تي ڍل ڪانھي. (۳۵) ص ۲۱۲، (۳۶)
109. ڦَرجڻ نان ٽائيم ٻيجو، ويامڻ نان ٽائيم ٻيجو. (پهاڪو)
ڦرجڻ: ڦر سرجڻ، نطفي جو نر جي پٺيءَ مان ماديءَ جي رحم اندر داخل ٿيڻ، لڳ جهلڻ. ٻيجو: ٻيو. ويامڻ: ڦر ڏيڻ، ويامي پوڻ.
نسلي افزائش لاءِ، لڳ ذريعي، نَرَ جي پٺيءَ جو پاڻي، ماديءَ جي پٺيءَ جي پاڻيءَ سان، رحمِ مادر اندر، داخل ٿيڻ لازمي آهي. لڳ جي موسم ۾، لاڳ مال جي يا ڪَتِ جي مند ۾ ڪتن جي ڪيفيت، ڪجهه اور هوندي آهي. جهلئي نه جهلبا آهن. مينهن ۽ ڍڳيءَ جي، ڍِڪَ مٿان ڍِڪَ ۽ رَنڀ مٿان رَنڀ پئي پوندي آھي. ڪتي به ڪوڪرا ۽ ڪوڪٽ پئي ڪندي. آئي وئي کي پئي چڪ پائيندي. ٻليءَ جو به ميڪٽ مٿان ميڪٽ پيو پوندو ۽ پئي رانڀوٽا پائيندي. جيستائين وڃي، گندي پاڻيءَ جو ڦڙو، اندر-ٻرنديءَ باهه تي پوي ۽ کيس وِسائي، تيستائين ڦٿڪي ڦٿڪي ٻين جو به ننڊ آرام ڦٽائي ڇڏيندا.
جانورن وانگر، انسان جي لڳ جي مند ته مقرر ناهي پر مٿس به شھوت چڙهڻ وقت، عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي آهي. جهليو نه جهلبو آهي. لوڙها لتاڙيندي ۽ ڪوٽ ڪيرائيندي، عزت ذلت جو به احساس نه ھوندو اٿس.
جڏهن ڦر ڄڻڻ ۽ ڄر ڪڍڻ جو وقت ٿيندو آهي. ان وقت جا سور به سور آهن. ڪي ماديون ته انهن سورن اندر، مري پڻ وينديون آهن. انهيءَ ڪيفيت مان گذرڻ وقت، اگر ڪو کين ڏسي ۽ محسوس ڪري ته دل ۾ خيال ڪندو؛ آئندھ اها مادي، ڦرجڻ وارو ڪم نه ڪندي. پر حيرت تڏهن ٿيندس، جڏهن سال کان پوءِ، ٻيو ڦر ڄڻڻ وقت، ساڳي مادي ساڳين سورن سبب، پئي ڦاٽندي، ڦيٽون کائيندي ۽ ٻاڪاريندي.
مطلب: ۱ - وقت وقت کي سلام آهي.
۲ - ڪم ڪرڻ وقت، هر ذي روح جي ڪيفيت ڪجهه اور هوندي آهي.

110. ڦڳڻ ڦوسيارو؛ ڏينھان اونھارو، راتيان سيارو. (چوڻي)
ڦڳڻ؛ سنبت وڪرمي سال جو مهينو آھي، جيڪو مارچ ڌاري اچي.
ڦڳڻ ۾ بهار ايندو آهي. ڏينهن جو گرمي ھوندي آھي، جنھن سان پگهر ايندو آھي. واري تپڻ سبب، ٿر اندر اڃا وڌي ويندي آهي. رات جو ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن. واري ٺرڻ سبب، ٿورو سيءُ پڻ پوندو آهي. صبح ڌاري ماڪ پوندي آھي. اگر ڪو ٻاھر سمھندو ته صبح واري ماڪ، کيس پريشان ڪري ڇڏيندي. ان ماڪ ۾ ھر شيءِ پُسي پوندي آھي. ڀِنل شيون؛ ڦڳڻ جي ڦوسيارو ھئڻ ۽ پارو ھڻڻ جون ساکي ھونديون آھن. (۳۵) ص ۱۹۶
مطلب؛ ۱- ھر موسم جو پنھنجو اھڃاڻ آھي. ڦڳڻ اندر، مٽجندڙ موسم جو نياپو آھي.

111. ڦوسو، ڦڙسو، ڦڙسرام، مايا تيري تين نام. (چوڻي)
ماڻهوءَ جو، مائٽن طرفان رکيل نالو، غربت سبب بگاڙي ورتو ويندو آهي. غريب جي گهر ۾ ڄائو ته ڇٺيءَ جو رکيل نالو پرسرام يا ڦڙسرام، ڦري پرسُو يا ڦوسو ٿي پوندو. هر ڪو پيو انهيءَ نالي سان سڏيندس.
جڏهن محنت ڪري، ٿورو مال متاع يا پئسڙو هٿ ڪندو ۽ ٻن چئن جي ڪم ايندو ته کيس لالچ سببان يا مان ڏيڻ خاطر، پرسو يا ڦڙسو پيا ڪوٺيندا. جڏهن باقاعده ترقي ڪري، مالدار يا سيٺيو ٿيو ته پوءِ وڏي احترام ۽ لقب القابن سان گڏ، کيس سيٺ پرسرام يا سيٺ ڦڙسرام پيا ڪوٺيندا.
مطلب: ۱ - ڌن دولت آهر، ماڻهوءَ جي نالي ۽ شان مان جو اضافو ٿئي ٿو.
۲ - ڄائو ته اڪ، پڙهيو ته اڪبر، نوڪريءَ چڙهيو ته رئيس غلام اڪبر.
۳ - ڄائو ته ٻلي، پڙهيو ته ٻِلو، سڌريو ۽ ڪڙهيو ته ٻِلارام.
۴ - پرسُو، پرسَو، پرسرام، مايا تيري تين نام. (۲) ص ۶۰.

112. ڦوهڙ هلي، گهر سيه چلي. (چوڻي/ پهاڪو)
ڦوهڙ: بي ڍنگي، اٻهري. سيه: سڀ، سمورو. چلي: هلي.
گهر کي سينگارڻ ۾، سگهڙ عورت جو هٿ هوندو آهي. جڏهن ته بگاڙڻ ۾ به عورت جو ئي هٿ هوندو آهي. چوندا آھن؛ گھر ٺاھي به عورت ته ڊاھي به عورت.
اڍنگي ۽ اٻهري عورت، ڀلي گهر جي سجاوٽ لاءِ ڪو ئي ڪم نه ڪري، پر رڳو گهمي ڦري، تڏهن به چڱا خاصا ٿانءَ ٿپا پئي ٿُڏن سان ڀڃندي ۽ رکڻ وقت پئي هٿن مان ڪيرائيندي.
مطلب: ۱ - اڍنگي عورت جي هلڻ سان، سمورو گهر هلي پوندو آهي. (۶) ص ۹۹.

113. ڦل ات پتر-ڦل، اور ڦل ڪانئي ڪا،
رس ات پريم-رس، اور رس ڪانئي ڪا،
تيج ات نين-تيج، اور تيج ڪانئي ڪا،
جوت ات اندر-جوت، اور جوت ڪانئي ڪا. (چوڻي)
ات؛ اتي، مٿي، آھي. ڪانئي ڪا؛ ڪونھي ڪو.
۱ - ڦل؛ ميوو سڀني کان سٺو، پنهنجو پٽ آهي. کٽي ڪمائي به کارائي ۽ مرڻ کان پوءِ نانءُ ناموس به روشن رکيو اچي. پيريءَ ۾ سهارو ٿئي ۽ سندس ھوندي پيڙهي پڻ پٽجي. آسيس اچي ۽ آس اميد وڌي وڃي.
۲ - رس؛ چس، چاهت وغيره پيار ۽ محبت جي مڙني شين کان وڌيڪ آهي. پوءِ محبت ماءُ پيءُ جي اولاد سان هجي يا ڀائن ڀينرن جي پاڻ ۾ هجي.
۳ - روشني، اصل ۾ اکين جي جوت ۾ آهي. جيڪڏهن اکين مان جوت ڇڏائي وئي ته سج جي روشني به ڪم نه ٿي اچي. دنيا سڀ اونده ٿيو وڃي.
۴ - جوت؛ اُهاءُ، سُهاءُ يا سهائو ڀلو آهي ته، اندر جو ڀلو آهي. اندر ۾ سوجهرو هوندو ته اکين کان انڌو ماڻهو به هٿوراڙيون ڏئي زندگي گذاري ويندو. اندر جي سڄائيءَ کان بغير، ماڻهو پنهنجن ۾ به ڄڻ ڌاريو آهي.
مطلب: ۱ - ڪارائتيون/ ڦلائتيون شيون اهي آهن، جيڪي دائمي ۽ ديرپا هئڻ سان گڏ، پنهنجون هجن.
۲ - ڦل ات انبان ڦل، اور ڦل ڪانئي ڪا،
رس ات راڳ رس، اور رس ڪانئي ڪا،
تيج ات سوريا تيج، اور تيج ڪانئي ڪا،
جوت ات اگن جوت، اور جوت ڪانئي ڪا.
۳ - ميوو ته انب، ان کان سٺو ميوو ڪونھي،
ڪشش ته راڳ جي، ان کان وڌ ڪشش ڪونھي،
تجلو آھي سج جو، ان کان وڌ تجلو ڪونھي،
جوت آھي باھ جي، ان کان وڌ جوت ڪونھي. (۲) ص ۲۴۰.