لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ن

ن

332. نار اڀري ڪنجري، گهوڙي ٽٽل زين،
ڌيءَ وڏور گهر ۾، جهڙي ماٺ زمين،
جن سانجهه چاڙهيو ڪينڪي،
پنج ئي مسڪين. (چوڻي)
نار: عورت. اڀري: پراڻي، ڳريل، ڪمزور، شڪسته. ڪنجري: گهاگهرو، وڏو چولو. زين: واڳ
۱ - عورت جي دل ۽ سونهن، چڱيرڙي لٽي ڪپڙي ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن پراڻا ڪپڙا پهريل اٿس ته مسڪين هئڻ جي نشاني آهن.
۲ - گهوڙو، ڀڄڻ جي حساب سان طاقت وارو جانور آهي. کيس زين جي مدد سان هلائبو ۽ روڪبو آهي. جڏهن واڳ ڪمزور هوندي ته پوءِ ڀلو گهوڙو ته وَٺَ ئي نه ڏيندو.
۳ - بالغ ڌيءَ، ڪير به گهر ۾ ويهارڻ پسند نه ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي لاءِ واه نه ٿي کلي ته پڪ ڪنهن شيءِ جي ڪمي ضرور آهي. حسن، اخلاق يا پئسي جي ڪمزوريءَ سبب، بالغ ڌيءَ گهر ۾ ئي ويهجي ويندي آهي.
۴ - جنهن زمين جو هاري، اڃا نه جاڳيو آهي ته پڪ وٽس نه ڏاند آهي ۽ نه ٻج. نه جاڳڻ، بي فڪريءَ جي ڪري آھي. بي فڪريءَ جو سبب، ڪنھن نه ڪنھن شيءِ جي کوٽ آھي.
۵ - سانجهيءَ ڌاري، رات لاءِ ماني پچندي آهي ته جيئن سمهڻ کان اڳ ٻالنگهه ٿئي ته سک جي ننڊ سمهي سگهجي. پيٽ ۾ ڪجهه نه هوندو ته ساري رات ننڊ به نه ايندي. جنهن سانجهيءَ سانجڻ نه ڪيو ته پڪ اٽي يا ڳنڌڻ جي ڪمي اٿس.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج صورتون، مسڪيني ظاهر ڪن ٿيون. (۲) ص ۱۳۹.

333. ناري هَٺُ، بادشاهي هَٺُ،
ٻاريه هَٺُ، ڪڏهن نه هَٽُ. (چوڻي)
ناري: عورت، ضائفان. هَٺُ: ضد. ٻاريه؛ ننڍڙو ۽ بي سمجھ ٻار. هَٽُ: هٽڻ، لهڻ.
۱ - عورت جو ضد، چئي بس ڪر. ساھتيءَ اندر چوڻي آھي؛ رن ضد تي چڙھي، پاڻُ ڪُهائي ته به نه مُڙي. جڏھن ضد تي چڙهندي آھي ته پوءِ ماءُ پيءُ جي به، ڏاڙھي يا سينڌ، سڪي پاڪيءَ سان ڪوڙي، گهر جي چانئٺ لتاڙي هلي ويندي آھي. ڀيٽيو؛ رن تي ٻڏءِ، پلو تي نپوڙءِ.
۲ - بادشاھ ضد تي چڙهي ته جبل مان به کير جي ندي وهرائي ڇڏي. کيس نه ڪير روڪي سگهي، نه ٽوڪي سگهي. جيئن ۽ جيڪا شيءِ طلبي، سا تيتري ۽ تيئن، جلد مِليس. منشا پوري نه ٿئيس ته، ماڻهو مارائيندي به دير نه ڪري.
۳ - ٻارَ به اگر کيٽي تي چڙهن ته مُور نه لهن. سندن ضد به عجيب. چوندا؛ تريءَ تي بهشت کپي. چنڊ، کٽ تي لاهي رکو ته مون سان کيڏي. اٺ، ڪنيءَ ۾ ويهاريو ته مان کڻي گھمايانس. کير مٺو آهي، ان مان کنڊ ڪڍو ته مان پيئان.
مطلب: ۱ - عورت، بادشاه ۽ ٻار وٽ، ضد جو دنگ آهي. انهن جي ضد کان وڌيڪ ڪو ضد ٿي ئي نه ٿو سگهي.
۲ - ڀيٽيو؛ راجا هٺ، ٻال هٺ، تريا هٺ، جوڳ هٺ، ڪڏهن نه هٽ. (۵)

334. ناني رَليءَ ڪاڻ ٻين سان سمھي،
ڏوھٽي چي؛ ”ناني رَلي“. (پهاڪو)
هڪڙي ڏوهٽي، سياري جي شروعاتي راتين ۾، نانيءَ وٽ رلي وٺڻ لاءِ آئي. چي؛ ”ناني! ٿورا گهڻا سيءَ پون ٿا، مون کي رَلي ڏي!“
”ناني رلي لاءِ، ٻيجان ڀيڙي سوئي تي.“ نانهنس نٽائيندي ۽ عذر پيش ڪندي چيس؛ ”ناني رليءَ جي ڪارڻ، ٻين سان گڏ سمهي ٿي. سا رلي ڪٿان ڏيندي“.
مطلب: ۱ - هڪڙو ماڻهو، پنهنجي گذر سفر لاءِ تنگ هجي. ڏاڙهي مڇن ۾ ۽ مڇون ڏاڙهيءَ ۾ ڏئي وقت گذاري. تنهن کان اگر قرض گهربو ته سواءِ گارين جي، ڪي به ڪين نه ڏيندو. (۵)

335. ناڻو؛ نر نچايو ڇڏي. (چوڻي)
ناڻو: دولت، پئسو، روڪڙ.
دنيا جا مڙيئي ڪار ۽ وهنوار، پئسي سان نبرن ٿا. ناڻي سان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي. ڪيترا ئي مسلا حل ٿين ٿا ۽ مطلب بر سر ٿين ٿا. سندس انهيءَ طاقت کي مڙيئي دنيادار مڃين ٿا. ساڻس ايتري عقيدت رکن ٿا جو کيس ڪن پنجون پير سڏيو ته ڪن عيسى موسى کان وڌيڪ پير سمجهيو. ڪن ته وڌي وڃي کيس ڀڳوان جو روپ به سمجهيو. سندس آڏو پنهنجي مردانگيءَ کي هيچ سمجهي، اڇلائي ڦٽو ڪيائون ۽ سندس اشاري تي نچڻ لڳا. عورتن کي، پئسي خاطر سر بازار نچندي ته ڏٺو ويو پر مشاهدي مردن کي به نچندي نظر مان ڪڍيو. ڪيترن ئي ڪفريه شعرن منجهه، ناڻي جي تعريف بابت اشارا پڻ ملن ٿا.
مطلب: ۱- پئسي سان، ڇا نه ٿو ملي؟
۲- پئسي سان، جا نه ماسي، سا به ماسي.
۳- ناڻو، رتا وڇوڙي.
۴- ناڻو، نر نوائي ٿو. (ٿر)
۵- ناڻو، نر چتو ڪري. (هندي)
۶- ناڻي جي گهرج، غيرت کان ڪڍي ڇڏي ٿي.

336. ناڻو هٿ ايندو، پر ٽاڻو هٿ نه ايندو. (چوڻي)
دنيا اندر، خالي هٿين آيل انسان کي، زندگي گذارڻ لاءِ ڌن دولت ۽ موقعا مهلون پڻ ميسر اچن ٿا. کيس ٻنهي جو قدر ڪرڻ گهرجي. هٿ آيل دولت، هڪ دفعو اگر هٿان هلي وئي ته اندر جا سورَ ڏئي ويندي. کيسا ته خالي ڪري ويندي، پر هيانءَ به کوکلا ڪري ويندي. ماڻهو کلندو پر چپن ۽ نڙيءَ تائين. اندرئون ٽهڪ نه نڪرندس. اهڙو ڏڌيل هوندو جو پاسو به نه ورائي سگهندو. حالانڪ اها سندس اندر جي ڪيفيت آهي. اگر غور ڪري ته اها سندس ڀل آهي. منڍ کي جاچي ته سندس مونجهه جي ڳنڍ کلي ويندي. شروع ۾ آيو بنا ناڻي هيو. کيس، ناڻي وارو رب ڪيو. وري ٻيهر به کيس، ناڻو اهو ڏئي سگهي ٿو.
موقعا ۽ مهلون، قسمتي ٺهي ايندا آهن. اگر منجهانئن وقتائتو فائدو ورتو ته واه نه ته سڄي عمر جا سور آهن. اندر کي گهائي، کايو وجهن. سڄي عمر، چپن تي فقط ابول! هاءِ! وقت ويو هليو! جھڙا گفتا هوندا ۽ ٻيو اڻ-کٽ پڇتاءُ ۽ پيڙا.
مطلب: ۱- جيئن ناڻي کي سوگهو جهلجي ٿو، تيئن موقعي مهل کي به جهلجي.
۲- موقعي مهل کي، ناڻي تي ترجيح ڏجي. ناڻو ڏئي به مهل هٿ ڪجي.
۳- ناڻو کپائڻ کانپوءِ، ان کان به وڌيڪ ڪمائي سگهجي ٿو. جڏهن ته ويل وقت، وري هٿ نه ٿو اچي.

337. ناهه گندي، ناهه سيءُ. (پهاڪو)
گندي: اوڇڻ، لٽو ڪپڙو، پوتي.
سيءَ کان بچڻ لاءِ، ترت اپائن ۾ ڪپڙو ڍڪڻ ۽ ڪمبل يا لوئيءَ سان پاڻ کي ويڙهڻو آهي. باهه آڏو ويهڻ يا گهر اندر ڪمري ۾ بند ٿي ويهڻ به آهن پر ائين ڪرڻ سان دنيا جا ڪاروبار بند ٿي ويندا. اهو اپاءُ جنهن سان، سيءَ کان به بچجي ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ به لڳجي، سو آهي پوتي يا اجرڪ ويڙهڻ. جيترو ڪپڙا پاڻ کي ويڙهبا، اوترو پاڻ کي اڃا وڌيڪ ويڙهڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي. ڇو جو محنت مزوري ڪرڻ واري ماڻهوءَ کي، لڱن تي ويڙهيل لٽو پڻ رنڊائيندو آهي. جنهن ڪري سستي جان تي چڙهندي ويندي آهي. ويٺي ته سيءُ وڌيڪ لڳندو آهي. جنهنڪري ويڙهيل لٽي مان به سيءُ پيو محسوس ٿيندو. ان جي ڀيٽ ۾ اگر، لٽو پري ڪري، ماڻهو ڪم ڪار سان لڳندو ته جسم ۾ چستي پيندا ٿيندي. رت جي گردش سان پيدا ٿيل گرميءَ سبب، پگهر نه آيو ته به سيءُ گهٽ محسوس ٿيندو. اوڇڻ جي محتاجي نه رهندي.
مطلب: ۱- وسيلا، وڌيڪ محتاج بڻائين ٿا.
۲- جنهن کي اوڇڻ ناهي، تنهن کي سيءُ به نه ٿو لڳي.
۳- جنهن کي گهڻيون آسائشون آهن، پاڻ کي ڏکيو به اهو ٿو سمجهي.
338. نائين پيڙهيءَ به، نانيءَ-ڇڪ ٿئي. (چوڻي)
ماڻهوءَ جي طبيعت تي، پيءُ ماءُ جي طبيعت وارا اثرات، پڻ مرتب ٿيندا آهن. ٻار شڪل شبيهه ۽ مزاج ۾ يا ماءُ تي اڍ ڇڪيندو آهي يا پيءُ تي. هڪڙا ٻار بظاهر، شڪل شبيهه ۾ پيءُ وانگر هوندا آهن ته مزاج ۽ ورتاءَ ۾، مٿن ماءُ جا اثرات غالب هوندا آهن. سندن امڙ کي اهي طبعي ميلان وري وڏڙن واري لِڇ سببان وديعت ٿيل هوندا آهن. جيڪي سندس ڪنهن نه ڪنهن مٽ ۾، ڪنهن نه ڪنهن پيڙهيءَ اندر موجود هوندا آهن. ائين مشاهدي سان ڏٺو ويو آهي ته ڪن ٻارن تي ناناڻڪا اثرات، نائينءَ پيڙهيءَ تائين به هليا وڃن ٿا.
اهو ئي سبب آهي جو شادي ڪرڻ وقت، اڪثر ماڻهو ڪنوار جي ماءُ ۽ ناناڻا پڻ سنڀاليندا آهن. ڪٿي منجهن ڪا بري عادت ته ناهي، جنهن سان اڳتي هلي، اها سندن خاندان ۾ منتقل ٿيڻ سان بدناموسيءَ جو باعث بڻجي.
مطلب: ۱- پيٽ ڄڻيي اولاد تي ماءُ، ماسيءَ/ نانيءَ جو طبعي اثر رهي ٿو.
۲- ڀيٽيو؛ نَوَ پيڙهيون، ناناڻو ڇڪي.
۳- ناني، نائين پيڙهي ڇڪي. (لاڙ)
۴- نانيءَ جي لِڇَ/ اڍ، نائينءَ پيڙهيءَ تائين ظاهر ٿئي.

339. نپٽ راجا، نپٽ پرجا. (پھاڪو)
نپٽ؛ بنھ، صفا، ڄائي ڄم کان. پرجا؛ رعيت.
راجا، رعايا مٿان راڄ ڪندڙ ھوندا آھن. پر اھي ھوندا به ان رعيت يا راڄ منجھان آھن. مٿان مڙھيل آسماني مخلوق نه ھوندا آھن. اگر رعايا چري آھي ته منجھانئن نمودار ٿيندڙ راجا پڻ چريو ۽ بيوقوف ھوندو. اگر رعيت ظالم آھي ته انھن جو حاڪم پڻ ظالم ۽ ناانصاف ھوندو. (۳۵) ص ۲۵۵
مطلب؛ ۱- جھڙو راجا، تھڙي پرجا.
۲- رعايا مفاد پرست ھوندي ته راجا پڻ خود غرض ھوندو.

340. نه ڪسيئي ڪماڻ، نه پڙيئي جِماڻ،
نه ٽپيئي ڪُوئا، نه رَميئي جُوئا. (چوڻي)
ڪسيئي: ڪشڻ، تير هڻڻ. ڪماڻ: ڪمان، تير-ڪمان. جماڻ: ضمان، ضامن.
ڪُوئا: کوها، کوهه. رميئي: رهيئي، کيڏڻ.
۱ - تير ڪمان هر هر نه ڪشجي، مبادا ڪنهن کي ڇُٽڻ پڄاڻان لڳي ويو ته ليڻي ڪي ديڻي پڙ جائين گي. ڇو جو ڇٽل تير موٽي ماڳ نه ايندو آھي.
۲ - ڪنهن جو ضامن پوڻ، نيڪي ۽ خيرخواهيءَ جو ڪم آهي. پر اڄ ڪلهه ٻئي سان خيرخواهي ڪرڻ، پنهنجي پاڻ کي ٻوهي ۾ وجهڻ برابر آهي. اعتبار وارو زمانو ئي نه رهيو آهي. مثال: ضامن گيري، تاوڻ گيري.
۳ - کوھ جي مٿان اورانگهي ٽپو نه ڏجي. متان پير ترڪي وڃي يا ٽَپُ کُٽي پوي ته حياتيءَ تان ئي هٿ ڌوئڻو پوي.
۴ - جُوئا جهڙي راند ڪرڻ به جان جوکم ۾ وجهڻ برابر آهي. جوئا مان ڪنهن کٽي ڪي بلڊنگون ڪين اڏايون آهن. هٿانئي ٻئي جهان وڃايا آهن. مثال:
• جُوئا وڏو واپار، پر منجهس هار نه هجي.
• جواريءَ، ميٺي هار.
• جواريءَ جي جوءِ به پرائي.
• جواريءَ جي جوءِ کن ۾ کلي، کن ۾ ميڪي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چئني ڪڌن ڪمن کان پاسو ڪجي ته بهتر.
۲ - ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان،
رهيئي نه جوئا، ٽپيئي نه کوها.
۳ - ٽپئي نه کوھا، رميي نه جُوئا. (۳۵) ص ۲۳۳
۴ - ڪشڻ ڪماڻ، پوڻ ضمان، ڪرڻ زنا،
ٽپڻ کوها ۽ رهڻ جوا، پنج ئي موئا. (۱۲) ص ۱۴۲ ۽ (۲۲) ص ۲۴۷.

341. نڪو گهر تڙ، نڪا گهر واري،
ڇڙي کي ننڊ پياري. (چوڻي)
تڙ: کوھ. ڇڙي کي: اڻ پرڻيل کي، وانڍي کي.
جنهن کي گهر، تڙ ۽ زال ناهي، ان کي ڪنهن به ڪم جو الڪو ناهي. ننڊ ڪندو ته ڏاڍي سٺي ننڊ ايندس، ڇو جو بي فڪرو آھي ۽ ڪنھن به قسم جو ڳڻتي ڳارو ناهيس.
ان جي ابتڙ، جنهن کي گهر ۾ گهر واري آهي، تنهن کي گهر-گرهستيءَ سببان مٿي کنهڻ جي فرصت ئي نه ملندي. ننڊ ڦٽل هوندس. مٽن مائٽن سان به پڄنديءَ سارو پير ڀريندو. دوستي به وس آهر رکندو ۽ نڀائيندو. ٻاهر به هڻ-وٺ ۾ هوندو ته گهر ۾ به رڳو وَٺُ-پاڄا هوندس. سڪون واري ننڊ نه هوندس.
مطلب: اڪيلي ۽ ٽوهيي ماڻھوءَ کي سواءِ ننڊ جي ڪم ئي ڪونھي. (۴) ص ۲۴۲.

342. نڪي ڇٽو فقير مري، نڪي ڀوتاڙيي جو ڀوت وڃي. (چوڻي)
ڀوتاڙيو؛ ٿر ۾ عام وهم آهي ته ڪجهه ماڻهو سچي ثابت ڪين ٿا مرن. ڇو جو انهن جا ھمزاد (گڏ ڄاول) پوءِ به جيئرا ٿا رهن. جن کي ڀوتاڙيو سڏيو وڃي ٿو.
ڇٽو فقير چانيهو، ميرن جي وقت ۾ شهر مٺي لڳ رهندو هو ۽ مٺي شهر ۾ گهمندو ڦرندو هيو. فقير مئو ته به سندس ويساه وارن هندن ڪين مڃيو ۽ چيائون ته؛ ڀوتاڙيو آهي.
ڇٽي فقير کي، مٺي کان ڏکڻ-اوڀر ٽي ميل کن، مٺي-اسلام ڪوٽ واري رستي لڳ، مقام ۾ دفن ڪيائون، جنهن تي پوءِ نالو ئي پئجي ويو؛ ”ڀوتاڙيي جو مقام“ اتي رات جو رستي سان ويندڙ ماڻهو، اسرار ڏسندا آهن.
مطلب: ۱ - عام خيال آهي ته ماڻهوءَ سان، سندس پنهنجو جن گڏ آھي. اهو همذات وارو ويساھ آهي؛ يعني جنات غيبات جو ويساھ. صحيح لفظ همزاد آهي يعني گڏ ڄاول. هر ماڻهوءَ سان گڏ، هڪ جن ڄاپي ٿو ۽ ماڻهوءَ جي پاڇي ۾ رهي ٿو. جڏهن ماڻهو گذاري ٿو وڃـي ته جن به گذاري ٿو وڃي. پر ڪو ماڻهو ته مري ٿو پر جن نه ٿو مري، جيڪو ڀوت ٿي پوي ٿو.
۲ - جيڪو مرڻ پڄاڻان به پوئتي اڻ سلجهيل مسئلا ڇڏي وڃي، تنهن بابت ائين چوندا آهن. (۲۲) ص ۱۱۷.

343. نماڻيءَ جي نڪ تي، بُوليءَ سندو بار. (چوڻي)
بولي، ڪنواري ڇوڪريءَ کي ننڍي ھوندي مائٽ پارائيندا آھن، جيڪا ان جي عصمت جي نشاني آھي ۽ کيس شاديءَ جي ڏينھن تائين پائڻي آھي. لاھيندي تڏھن، جڏھن گھوٽ شاديءَ جي نٿ پارائيندس. نٿ پائڻ واري ڪنوار کي، باقي عمر، مڙس سان وفادار ٿي رھڻو آھي. (۳۵) ص ۲۵۳
مطلب؛ ۱- عصمتدار عورت، ساري عمر پنھنجي عصمت تي داغ اچڻ نه ڏيندي آھي.
344. نم جا پن، ان جا راکي. (چوڻي)
ٿر اندر، سڪار ۾ پيدا ٿيل هر کائڻ جي شيءِ کي، سڪائي محفوظ ڪري، رکڻ/ سانڍڻ جو رواج آھي. اھي شيون ڏڪار يا قحط وقت ڪم اينديون آهن. چڀڙ، ڪنڊيءَ جا سڱر، پيرون، ٽوهه جا ٻج، گوار جون ڦريون، ڇانهين جا ٻج ته ڇا لسي به ڪاڙهي ڦٽائي ڪپڙي ۾ ڇاڻي، بچيل ڦوڏر سڪائي رکبا آهن. جيڪي مشڪل وقت ۾ ڪم ايندا آهن. اناج ته ساهه وانگر سانڍيو ويندو آهي. سانڍي رکڻ وقت، نم جا پن ملائي، گُندِين يا ڪوٺلن جا منهن مٽيءَ سان راڳي ڇڏبو آهي.
اَنَ کي جيت کائيندو آھي. نم جي پنن کي ڪڙاڻ سبب، جيت نه لڳندو آھي. نم جي صحبت ۾ رھڻ سبب، ان به جيت لڳڻ کان محفوظ رهندو آهي. (۳۵) ص ۲۴۷
مطلب؛ ۱- صحبت جو اثر آھي.
۲- چڱن سان چاھ پئي، جي من ميڙ ڪيائين، رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سھي.
۳- چورن سان چاھ پئي، جي من ميڙ ڪيائين، پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سھي.

345. نمين پن ڀِنيو، ته برکا آئي ڙي آئي. (ڍاٽڪي، چوڻي)
نم جي وڻ جا پن، رنگ بدلائي وڌيڪ گهرا ساوا ٿين ۽ ڏسڻ ۾ ڀنل نظر اچن ته، اهو مينهن اچڻ جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي. جڏهن، جولاءِ ڌاران، نمن جا نمو-دار ٿين، تڏھن برسات اچڻ جو اوسيئڙو ٿئي. (۳۵) ص ۲۳۱
مطلب؛ ۱- نم جو پن ڀنل ته مينهن آيو ڙي آيو.

346. ننڍي مري نه مايڙي، وڏي مري نه جوءِ،
ور وريتيءَ نا مري، جو جهڻڪ وهيڻي هوءِ. (چوڻي)
مايڙي: ماءُ. وڏي: ڪراڙپ ۾. ور: مڙس. وريتي: جوان جوءِ. جهڻڪ-وھيڻي: طعنن تنڪن ھيٺ.
۱ - ٻارائپ ۾ ماءُ مئي ته ڄڻ ماڻهو/ ٻار، پاڻ مري ويو. ٻچي جي سار سنڀال، ماءُ ئي ڪري سگھي ٿي. ٻي مائي ته ٺھيو پر سڳي ماسي به نه ڪري سگھندي. ان ڪري ٻالڪ جي ماءُ نه مري.
۲ - ٻڍاپو؛ ٻيو ٻالپو، سڏيو ويو آھي. ڪراڙو ۽ ڪمزور مرد به، وري زال جو محتاج رھي ٿو. سواءِ زال جي ٻي ڪا به عورت، ڀلي سڳي ڌيءُ ھجي، پوڙھي جي ٽھل ٽڪور نه ڪري سگھندي. ان ڪري ڪراڙي جي جوءِ نه مري.
۳ - عورت جوان آھي ته مڙس به مليس ٿو. ڪراڙي يا رنڙ ٿي ٿي پوي ته کيس پري پري تائين، مڙس ڳولھيو نه لڀندو. اڳئين مڙس جو، جوانيءَ ۾ ڏنل ڏھاڳ وارو ٽڪو، سندس پيشانيءَ تي ساري عمر ڄڻ چنبڙي ٿو پوي. ان ڪري جوان عورت جو مڙس نه مري ته چڱو.
مطلب: ۱ - ٻار، ماءُ کان سواءِ ڇورو. جوان عورت، مڙس کان سواءِ اڀاڳڻ. ڪراڙو مڙس، زال کان سواءِ نڌڻڪو.
۲ - ننڍائپ ۾ ماءُ، جوانيءَ ۾ مڙس، ڪراڙپ ۾ زال نه مرن.
۳ - مرد کي ننڍڙائپ ۽ ڪراڙپ ۾، عورت جي خدمت جي ضرورت هوندي آهي.
۴ - ننڍڙي مري نه ماءُ، ٻڍڙي مري نه جوءِ،
ڪنت چوڙيلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ. (هندي)
۵ - ننڍڙي مايڙي نه مري، ٻڍڙي ٻايڙي نه مري. (ڪڇي)
۶ - ننڍي وڃي نه ماءُ، وڏي وڃي مَ جوءِ. (لاڙ)
۷ - ننڍپڻ ۾ پيءُ جي جدائي، اڌڙوٽ عمر ۾ زال وڃائڻ، مرڻ بعد پٺيان ڪو وارث نه ڇڏڻ، اهي دنيا جا ٽي واڏا اڀاڳ آهن. (چيني)

347. ننگر جهڙو شهر، جنهن ۾ نمرياڙي لهر. (چوڻي)
ننگر پارڪر؛ اهو شهر جيڪو کاريءَ جي پار يعني لونيءَ جي پرينءَ ڀر آهي. ڪارونجهر ٽڪريءَ جي هنجهه ۾ واقع آهي.
ننگر پارڪر ۾ نم جا وڻ گهڻا آهن. اتي نم جي وڻن جون لهرون، لڳيون پيئون آهن. جتي نمورين مان تيل پيڙي ڪڍندا آهن. اهو تيل، بواسير لاءِ ڪارائتو آهي ۽ موڪن کي هڪدم ٺاريو ڇڏي.
مطلب: ۱ - ننگر پارڪر ۾ نمون جام آهن. (۱۷) ص ۶۲.

348. نوٽ ناڻا، بيند پرڻي ڪاڻا. (پهاڪو)
بِيند: گهوٽ
ناڻو، نوٽن جي صورت ۾ هڪيو حاضر هجي ته ڪاڻا به گهوٽ ٿيو وڃن. ڇو جو هر ڪو، نياڻيءَ لاءِ، سکيو گهر تاڙيندو آهي. سکيي ستابي جا جسماني عيب، دولت جي ڍير ۾، لڪي ويندا آهن. ان جو فقط ڌن يا دولت نظر ايندا آهن. ڌن/ دولت کي، ڪن جاين تي ڀڳوان جو روپ/ راض سمجهيو ويندو آهي.
دولت سان، صحت سڌري ٿي. من جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. عيب لڪي وڃن ٿا. دِل-گهري شيءِ هڪي حاضر ٿيو وڃي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته هر شيءِ نيبھ ان کي ئي ٿيندي، جنهن جي قسمت ۾ لکيل هوندي.
مطلب: ۱ - ناڻي واري جا عيب، ظاهري اک سان نظر نه ايندا آهن.
۲ - لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي.
۳ - مايا کي، نمسڪار.
۴ - سکيي جا سَوَ سالا، بکيي جو ڀيڻيو به نه.
۵ - غريب جي ماءُ، ڇو ويائي؟
۶ - غريبي، جگ جي بيبي. (۵)

349. نَوَ پيڙهين، ناناڻو ڇڪي. (چوڻي)
سمورا انسان، هڪ ئي آدم جو اولاد آهن. عضون جي لحاظ کي، سمورن کي ساڳيا ۽ هڪجيترا هٿ پير مليل آهن. هڪ جيتريون اکيون ۽ ڪن، نڪ ۽ وات آهن. ٿوري گهڻي رنگ ۽ وسپ جي ڦير، عادت ۽ اطوار جي مٽ کان علاوه سمورا هڪجهڙا آهن.
پيءُ، پٽ جهڙو ته ڌيءُ، ماءُ جهڙي هوندي. ائين سندس ماءُ وري پنهنجي ماءُ جهڙي هوندي. ويهين اوڻويهن جي فرق سان ڏوهٽي ۽ ناني، هڪجهڙيون هونديون. لِڇَ لِڇَ سان ملندي پئي ايندي. رنگ ۽ عادات، اطوار ۽ لڇ، پيڙهين تائين قائم پئي رهندي.
عام عقيدو آهي ته؛ نانيءَ جي اَڍَ، لڇ يا ڍنگ جو اثر، نون پيڙهين تائين هلي ٿو. جنهن ڪري شادي ڪرڻ وقت، ڪنوار ڪنهن خاندان مان چونڊي وٺجي ته جيئن ناناڻن جا نائين پيڙهين تائين پوندڙ اثرات به عزت ۽ وقار کي چمڪائيندا رهن. کريل خاندان مان شادي ڪرڻ سبب، پيڙهين تائين خاندان جي فردن تي اثر رهن ٿا. الغرض شاديءَ وقت، ڪنوار کي جاچڻ سان گڏ، ٿيڻ واري سس جا به لڇڻ ضرور ڏسجن.
مطلب: ۱ - ماءُ جي ٿڃ جا اثرات، نون پيڙهين تائين پون ٿا.
۲ - نانيءَ-کريءَ سان شادي ڪرڻ کان، پاسو ڪجي.
۳ - ناننگ، نائين پيڙهيءَ تائين ڇڪ ڪري.
۴ - گانءِ ڌڻ مان آڻجي، ماءُ ڄڻ مان آڻجي.
۵ - مارواڙي، نه گاءِ چڱي نه ماءُ چڱي.
۶ - ڀيٽيو؛ ٺيڪري ٺان جهڙي، ڏيڪري مان جهڙي. ۳ - (۶) ص ۱۳۵.

350. نهڙين جي راڄ ۾، شل نه پوي رات،
رڌين رٻ سنهڙي، مُٽن ساري رات،
اهڙي اٿن ذات، جو وڃجي نه وٽن. (چوڻي)
نهڙي، ٿر جي ذات آهي. مٿن غربت سبب اها چيڙ يا چٿر ٺهيل آهن. اهي سياري ۾ سنهڙي رٻ پين ٿا، جنهن سببان کين پيشاب جھجھا ۽ جالارا ٿين ٿا. پيشاب جي فطري تقاضا، هر انسان سان لاڳو آهي پر جھجهائي عيب هئڻ سبب، نهڙين جي گلا جو سبب ٿئي ٿي. ٽوڪ يا چٿر کان سواءِ، منجهانئس ٻي ڪا مراد ناهي. ڇو جو اهي مهمان کي به سنهڙي رٻ کارائين ٿا ۽ خاص خدمت نه ٿا ڪن. جنهن سبب اها گلا ٿي اٿن.
مطلب: ۱ - جهڙو مهمانن سان ورتاءُ ڪبو يا هلت هلبي، اهي به اهڙي ئي تعريف يا گلا ڪندا.
۲ - راهوجن ۾ رات، قادر نه وجهي ڪنهن جي،
رنون رب رلايون، آهر اڳلي واٽ،
پليجن کان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي.
۳ - آريجن مان آسرو، لاهي لنگها ويهه،
پني پرائو ڏيهه، اچي کاءُ آريجن ۾.

351. نيات سين، ڇيھ نه ڀلو. (چوڻي)
نيات؛ برادري.
پنھنجي ذات/ برادريءَ يا رشتيداريءَ کان ٻاھر نڪرڻ ۾ گھڻا نقصان آھن. تنھنڪري وس ويندي، ماڻھوءَ کي مٽي مائٽي ڇنڻ نه گھرجي. اگر ڇنائين ته ھيڏانھن جو رھندو، نه ھوڏانھن جو رھندو. (۳۶) (ص ۱۲۵)
مطلب: ۱ - ماڻھوءَ کي پنھنجي برادريءَ ۽ رشتيداريءَ کان ٻاھر نه ٿيڻ گھرجي.

352. نيپيو گهونپيو آنگڻو؛ اوڍي پيهري نار. (چوڻي)
نيپيو: لنبيل. گهونپيو: راڳيل. آنگڻو: اوٽو، اڱڻ. اوڍي: ڍڪيل. پيهري: پاتل. نار: عورت.
۱ - اڱڻ؛ ان گهر جو ڀلو آهي، جيڪو ليپيل ۽ راڳيل، ميڙيل ۽ ٻهاريل، صاف ۽ سٿرو هجي. اڄڪلھ شھرن ۾ ته ڪانڪريٽ جا بلاڪ، سرن جا فرش يا ماربل ۽ چپس سان سينگاريل پڌر ٿين ٿا. ٻھراڙين ۾ وري پڌرن کي راڳو وغيرھ ڏئي، مَنُ ڪن ٿا. اھڙي سڌريل پٽ تي ويهڻ ۽ اونهاري جو رات جي وقت، کٽ وجهي، سمهڻ لاءِ دل پئي چوندي. کڙٻڙ ۽ اڻ ٻهاريل اڱڻ تي ويهڻ ۽ رهڻ ۾، بڇان پئي ايندي. ان کي اڱڻ ڪوٺڻ لاءِ به، ڪير تيار نه هوندو آهي.
۲ - زال/ عورت به، اها ڀلي آهي جيڪا گهر ٻار سئين پنهنجي جان ۽ ڪپڙي لٽي کي صاف سٿرو رکي. ڇيڳري ۽ اڍنگي، گدلي ۽ ميرن لٽن واري عورت ڏانهن وڃڻ لاءِ، سندس مڙس جو به ارواح ڪو نه ٿيندو.
مطلب: ۱ - راڳيل لنبيل اوٽو: صاف سٿري زال.
۲ - اوٽو اهو چڱو، جيڪو لنبيل ۽ راڳيل آهي. زال اها چڱي آهي، جيڪا سٽائتي، سگهڙ ۽ صاف سٿري آهي.
۳ - صفائي سٿرائي، پاڻ ڏانهن ڪشش رکندڙ آهي. گدلائپ کان هر هڪ کي نفرت پئي ايندي آهي. (۶) ص ۱۳۵.

353. نيچَ-ڪَنڌو ٻڙڌيو، اونچَ-ڪَنڌي نار،
راھَ-رڙڻو ڏاگو، کٽل زميندار،
هيڪل-هَٽو واڻيو، اهي پنج ئي بيڪار. (چوڻي)
نيچ: هيٺ. نيچ-ڪنڌو: لاڙيل ڳاٽو، ڳاٽي لڙيل. ٻڙڌيو: ڏاند. نار: عورت.
راھ-رڙڻو: اٿندي ويھندي ڪنجهڪو ڪندڙ، رستي هلندي رڙندڙ.
ڏاگو: ڏاگهو، اٺ. هيڪل-هٽو: هڪ هٽي ڪندڙ.
اونچ-ڪنڌي: اوچي ڳاٽ هلندڙ، سنئين ڳاٽ اچڻ.
۱ - ڏاند کي هر ۽ سانهر، ڳاهه ۽ هلر، نار ۽ چيچڙي، گهاڻي ۽ ڏاند گاڏيءَ ۾ ڍُڪايو ويندو آهي. سواءِ نار ۽ گهاڻي جي، مڙني منجهه ڏاندُ، جوڙيءَ ۾ ڍُڪندو آهي. جوڙيءَ ۾ وهڻ وقت، ٻنهي جي ڳچين ۾ هڪ ئي پاڃاري جوٽبي آهي. جيڪو ڏاند ڪوڙو هوندو آهي، سو پاڃاريءَ پوڻ وقت، پيو ڪنڌُ هيٺ ڪندو ته جيئن پاڃاري ڳچيءَ وٽان واپس نڪري وڃي. ان جي ڀيٽ ۾ سوکو ۽ سچو ڏاند، ڪنڌ مٿي ڪيو پيو هلندو ۽ ڪلهن تي آيل بار کي ليکيندو ئي ڪين.
۲ - شرم/ حياءَ سان ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ، عورت جو مان ۽ مرڪ آهي. ان جي برعڪس اگر ڪا عورت ڳاٽ اونچو ڪيون پئي ڦرندي ته کيس ڪو به حيادار نه سمجهندو ۽ نه ئي وري سندس شان مان، ان ۾ آهي.
۳ - رڙيون ڪرڻ وارو، ڦيڪاريءَ مثل آهي. سندس رڙين تي هر ڪو بيزار ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته بار ڍوئڻ وارو، فائديمند آهي. اٺ بار ڍوئي ٿو ۽ سواريءَ لاءِ پڻ ڪم اچي ٿو. پر جڏهن اهو به اٿندي ويھندي رڙي ۽ راڙيون ڪري ٿو ته بيزار ڪري وجهي ٿو. سندس بار ڍوئڻ واري خوبي، سندس رڙين واري عيب ۾ لڪيو وڃي. بار ڍوئڻ ۽ سواريءَ ڪرڻ وقت، مٿي جو سور ٿيو پوي.
۴ - زميندار اهو ڀلو، جيڪو امير هجي. ڇو جو زمين کي ٺاهڻ لاءِ، مٿس محنت سان گڏ، پئسو به لڳندو آهي. اگر پئسو نه هوندو ته، نه زمين سڌي ڪري سگهبي ۽ نه وري پاڻيءَ جو مٿس بندوبست ڪري سگهبو. هاري ناري لڏائي، سندن لاءِ گهر اڏائي، کين ويهارڻ وغيره جھڙا خفا، پئسي وارو زميندار ئي ڪري سگهندو. جيڪو اهي خرچ ڪري سگهندو، سو ئي زمين مان فائدا وٺندو.
۵ - جتي گهڻا دڪان آهن، اتان سستي، سٺي ۽ من پسند شيءِ خريد ڪري سگهبي. جتي آهي ئي هڪ هٽ، اتي هڪ-هٽيءَ سبب، شيءِ مهانگي ۽ جهڙي هوندي، تهڙي کڻڻي پوندي. هڪ-هٽيءَ واري شيءِ کي، وڏو اگهه ٿيندو آهي. خاص ڪري ٻهراڙيءَ جو دڪاندار/ واڻيو، هڪ-هٽي ڪندڙ هوندو آهي.
مطلب: ۱ - ڏاند اھو ڀلو، جيڪو ڪنڌ نه ڪڍائي. عورت اھا ڀلي، جيڪا ڪنڌ ھيٺ ڪري ھلي. اٺ اھو ڀلو، جو رڙيون نه ڪري. زميندار اھو ڀلو، جيڪو پئسي وھائڻ وارو ھجي ۽ ھٽ اھو ڀلو، جيڪو مارڪيٽ اندر ھجي.
۲ - مٿي ٻڌايل پنج ئي بيڪار آهن. منجهانئن ڪو فائدو ڪونهي. (۱۲) ص ۱۵۰.

354. نيوان رو ٺاھ ڪونھي، نگڙڻ رو وارو وار. (پھاڪو)
نيوان؛ چونئري يا لانڍيءَ جي ڪکن جا ڇيڙا، جتان برسات وقت پاڻيءَ جا چئاڪا ٽمندا آھن. نگڙڻ؛ نوڙڻ.
انھن لڙڪندڙ ڪکن مان ٽمندڙ پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ، ھيٺان اچي نوڙڻو پوندو آھي. ھڪ جي لانڍيءَ ۾ اھي ھجن ئي نه ۽ مالڪ ڏيکاءَ خاطر ويٺو نوڙي، سو برو لڳندو آھي. (۳۶)
مطلب: ۱ - ڏيکاءُ به ھوند تي ٺھندو آھي.