ل
لاکو ڦلاڻي: ڄام لاکو، مشهور سخي سورمو. مهر راڻي: نوهٽيءَ جي راڄ ڌياڻي.
ڄام لاکو، سنڌ جو مشهور سورمو، ڪڇ ڀڄ جي سمي سردار ڄام ڦل جو پٽ، جنهن کي سنڌ جي سگهڙن ڏهن ڏاتارن ۾ ڳڻيو آهي. وڏو بهادر، جنگجو ۽ سخي مڙس هئو، جنهن جي سڄي عمر جاڙيجن ۽ ريٻارين سان لوڙائو ڪندي گذري. نوهٽيءَ جي ”مهر راڻيءَ“ تي موهت ٿي پيو. اڙانگا شرط پورا ڪري، ساڻس شادي ڪيائين.
هڪڙي مڱڻهار تي راضي ٿيڻ کان پوءِ، کيس انعام ڏيڻ خاطر کانئس راءِ پڇيائين؛ ”جيڪو گهرڻو اٿئي گهر“.
مڱڻهار، مهر راڻيءَ جو مائٽ هيو. مهر راڻيءَ کيس، پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل هار ڏانهن اشارو ڪندي، گهرڻ لاءِ چيو. مڱڻهار به هار ڏانهن اشارو ڪيو. لاکي سمجهيو ته؛ مهر منگتي ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي ۽ هو به ان جي گهُر ٿو ڪري، تنهن ڪري کيس ڇڏي ڏنائين.
مطلب: ۱ - ڪنن جو ڪچو نه ٿجي.
۲ - ڪنن جي ڳالهين، مير بجر کي مارايو. (۶) ص ۴۶.
257. لاهين پٺيان چاڙهيون، چاڙهين پٺيان لاهيون. (پھاڪو)
ٿر اندر، رڳو ڀٽون ئي ڀٽون آهن. سفر ڪرڻ واري کي اگر، ڪاٿي وڃڻو آهي ته اهي ڀٽون پار ڪرڻ لاءِ کيس هڪڙين تي چڙهي لهڻو آهي ته وري ٻين تي به ائين چڙهي لهڻو آهي. لهڻ وقت ته بار واري ساهدار کي سھنجائي هوندي آهي. ان کي ته هر ڪو سفر دوران پسند ڪندو آهي پر اها نصيب تڏهن ٿيندي، جڏهن چڙهڻ واري تڪليف کڻندو.
دنيا جي اندر به کوڙ سارا، لاها چاڙها آهن، جن منجهان انسان کي پار اڪرڻو ٿو پوي. انهن کي ڏسي، منجهي بيهي رهڻ وارو ماڻهو، آخر زندگيءَ مان بيزار ٿيو وڃي. باقي جنھن مڙس ماڻهو ٿي، ساڻن مقابلو ڪيو، سو نيٺ ڪامياب ٿيو.
مطلب: ۱ - حالتون، سدائين ساڳيون ناهن.
۲ - ڏکن پٺيان سک، سکن پٺيان ڏک آهن.
۳ - سک مان ڏک ڦٽي ٿو، ڏک مان سک. (جپاني)
258. لتر گڏهه کي چڪر گڏهه پڄي،
چڪر گڏهه کي لتر گڏهه. (پھاڪو)
ھر ساھدار کي پنھنجي بچاءَ لاءِ، ھٿيار جي طور تي، ڪنھن نه ڪنھن عضوي ۾، غير معمولي شڪتي ڏني وئي آھي. جيئن ڪتي کي چڪڻ ۽ ڏھڙڻ جي، ٻلي کي رانڀوٽن پائڻ جي، مينھن يا ڳئون کي سڱن سان ٽڪر ھڻڻ جي ۽ شينھن کي چنبي ۾ طاقت ڏني وئي آھي ته جيئن پنھنجي بچاءَ سان گڏ وگڏ پنھنجي پيٽ خاطر روزي رزق به حاصل ڪري سگھن. اھڙيءَ طرح وري گھوڙي ۽ گڏھ کي اٽ ھڻڻ جي. پويان بيٺل کي اگر اوچتي دو-لتي جو ھڻندا ته آنڊا به ڪڍي ڇڏيندس. ڪن گڏھن کي وري چڪ ھڻڻ جي به عادت ھوندي آھي. لترن سان وري اھي ئي پڄي کائيندا آھن.
ان کان علاوھ ھن چوڻيءَ جو ٻيو روپ به آھي؛ لتر کي پڄي چڪر. اتي لتر مان مراد گڏھ ۽ گھوڙو آھي ۽ چڪر مان مراد ڪتو آھي. ان مان مراد اھا آھي ته ڪتي سان گڏھ پڄي ته گڏھ سان وري ڪتو.
ڪتي جي چڪ ۽ گڏھ جي نٺرائيءَ جو ٻيو مثال آھي؛ گڏھ جو ماس ڪتي جو وات، ھو ڇڄي نه ھو ڇڏي نه. ان مان مراد اھا آھي ته مئل گڏھ جي ماس مان، سواءِ ڪتي جي، ٻيو چيريندڙ جانور بيزار ٿي وڃي ۽ ڪتي جا ڏند وري ايڏا مضبوط آھن جو اھي، اھڙي سخت ماس مان به ڪين مڙن.
مطلب: ۱ - هڪڙي ڏاڍي سان، ٻيو ڏاڍو منھن ڏئي سگهندو.
۲ - لتر جو استاد چڪر آهي. (سرو)
۳ - لتر کي چڪر پڄي ۽ چڪر کي لتر. (ساهتي)
۴ - لتر کي پڄي چڪر. (لاڙ)
۵ - لُچ لُچ سان پڄي.
۶ - گھوڙن جون لتون، گھوڙا جھلين يا ٻوڙا جھلين.
259. لڪڙين کي اگنيءَ مان، مروءَ کي ماه مان،
ڪنجوس کي ڪشور مان، عالم کي علم مان،
سائل کي سخي مان، ڪڏهن به ڍؤ نه ٿئي. (چوڻي)
اگني: باه. مروءَ: چيريندڙ درندو. ماه: گوشت. ڪشور: دنيا، دولت.
۱ - باھ جو خاصو آهي؛ سڙڻ ۽ ساڙڻ يا جلڻ ۽ جلائڻ. سندس جيئدان ۽ بقاءُ، ٻرندو رهڻ ۾ آهي. لاڳيتو ٻرڻ لاءِ، جھجھو ٻارڻ کپي ته جيئن کيس ٻل، قُوت ۽ جيئدان ملي. ساڙڻ لاءِ، کيس جيتريون به ڪاٺيون ملنديون، تيترين منجهان ڪين ڍاپندي.
۲ - مرونءَ/ شينهن ۽ بگهڙ وغيره جو قُوت، ماس ئي آهي. بک جي صورت ۾ به ڊڀ ڪين چرندا آهن. تن کي گذر لاءِ ماس/ گوشت کپي. جيترو به ملين، اوترو ٿورو اٿن.
۳ - ڪنجوس ماڻهوءَ جي دل ۾، مال ميڙڻ جي محبت وڌيڪ هوندي آهي. کپائڻ سان کيس ڪا دلچسپي نه هوندي آهي. رڳو ميڙيءَ ۾ منهن، هوندو اٿس. ڪروڙ هوندي به پاڻ کي غريب پيو سمجهندو.
۴ - عالم کي علم جي چَسَ پيل آهي. پيو علمي ڪتاب ۽ ماحول تاڙيندو. وس پڄندس ته دل گهريا ڪتاب، پاتال مان به کوٽي ڪڍندو. پوءِ به ڍاپندو ڪين.
۵ - سائل جي دل ۾، سوال ڪرڻ ۽ پنڻ جي لوري/ لونجهه وڏي هوندي آهي. جيترو به مليس، پر پنڻ مان ڪين ڍاپندو.
مطلب: ۱ - مٿين پنجن ڄڻن جي بک/ اشتها، مرڻي ناهي. (۲) ص ۱۲۹.
260. لکو ٿو لاڏو ٿئي، لنجا ٿا ڀت کائين. (چوڻي/ پهاڪو)
لکو: اسم ذات، هڪڙي ٽوٽي ۽ سست جو نالو. لاڏو: گهوٽ. لنجا: ذات جو نالو.
سست يا ٽوٽي ماڻهو، ڪمائڻ ڪرتڻ کان ڪيٻائيندو وتندو آهي. جنهن ڪري هميشه ٻين مٿان بوجهه هوندو آھي. جنھن سببان، ھر ڪو منجهانئس بيزار هوندو آهي.
اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪير به ٽڪو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. سڱ به ان کي هر ڪو ڏيندو، جيڪو هٿ پير هڻي ڪمائي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي.
جيڪو ٻين جو محتاج هجي، ان کي نه ڪير سڱ ڏيندو ۽ نه اهو پرڻبو، نه ئي ماڻهو ڀت کائيندا.
مطلب: ۱- شاديون به مڙس ماڻهن جون ٿينديون آهن. ماڻهو خوشيون به مڙس ماڻهن جي ڪري ملهائيندا آهن. (۱۶)
261. لک وڃي، لڇڻ نه وڃي. (چوڻي)
آڳاٽي دؤر ۾ لک روپئي جي وڏي اهميت هئي. جنهن وٽ لک روپين جو پيتيءَ ۾ پوريل هجي، سو ٻين تي فلڪ نه آڻيندو هيو. ڪنهن جي ڪاڻ ۽ محتاجيءَ جي کيس ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي. وقت پوڻ تي، پنهنجو پئسو، هڙان ڇوڙي، مقصد سِڌ ڪري وٺندو هيو. جنهنڪري ٻين رشتن ناتن جي ڀيٽ ۾، وٽس لک روپئي جي اهميت تمام وڏي هئي.
دنيا ۾ ڪيترا معاملا، پئسي جي ڀيٽ ۾، لڇڻ يا اخلاق سان جلد، سولا ۽ آسانيءَ سان حل ٿيو وڃن. پئسا ۽ سفارش، رستي ۾ رهجيو وڃن. جڏهن ته اخلاق ۽ لڇڻ وارو، وقت پوڻ تي، مانُ به وٺي اچي ۽ هاج به سر ڪري اچي.
لڇڻ ۽ اخلاق کي، پئسي ۽ سفارش مٿان فوقيت حاصل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾، نه لڇڻ کي ڪو ليکي ۽ نه اخلاق کي ٿو ڪو ڏسي. نه ئي وري ڪنهن کي ڪنهن جي سفارش جي ڪا پرواهه آهي. مڙني کي پئسو کپي. اهڙي دور ۾ به ٿر جا ماڻهو، پئسي جي ڀيٽ ۾، لڇڻ ۽ لحاظ کي وڌيڪ مان ڏين ٿا.
مطلب: ۱ - اخلاق، پئسي کان وڌيڪ ڪارائتي شيءِ آهي.
۲ - لهڻي وارو موٽي وڃي، سائٿ وارو کائي وڃي.
۳ - سؤ وڃي، ساءُ نه وڃـي.
۴ - هزار وڃي، حب نه وڃي.
۵ - ڪروڙ وڃي، قرب نه وڃي.
۶ - پدم وڃي، پريت نه وڃي. (۷) ص ۳۵.
262. لنب: مکڻ چنب. (چوڻي)
لنب: برسات تي وڌندڙ ٿري گاهه، جيڪو مال چري ته کير ۽ مکڻ جھجهو ڏئي. چنب: جنب، وڏو لپوڙو، چاڻو، ٽيرو.
لنب، ٿر ڏيهه جو خاص گاهه آهي. مٿي جي وارن وانگر، نهايت سنهڙو ۽ نازڪ ٿيندو آهي. ڳائي مال کي نهايت مرغوب آهي. پِراڻ جي ڪپ، توڙي پائر جي مِٺين ۽ نهور زمينن ۾ لس ڀرجيو وڃي. مکڻيءَ (گاه جو قسم) وانگر، هن جي پاڙ به تر جيتري زمين اندر ٿئي. جنهنڪري کيس بي پاڙو گاه پڻ سڏبو آهي. هٿ لائڻ سان، ڇِڳو پيو ايندو آهي.
گاه جڏهن پچي، تڏهن سنهون ۽ سنگ ڪري بيهي. هوا لڳڻ ڪري اهڙو جهومي ۽ جهولي جو ڏسڻ سان روح کي راحت اچيو وڃي. جڏهن سڪي وڃي تڏهن سندس رنگ، پيلاڻ ڏي مائل ٿئي. سندس تيلا، ڀُوري رڇ جي وارن جهڙا نظر ايندا آهن. نازڪ ۽ ٽاڪئون هئڻ سبب، مال جي لتڙ ھيٺ ڀڄي ڀُري، زمين تي سمهي پوي ۽ سج جي روشنائيءَ ۾ اهڙو چلڪي جهڙو ڪڻڪ جو بُهه، پري کان نطر اچي. ائين ڄڻ، ميدان تي ميٽائين رنگ جو راڳو يا پوچي ڏنل آهي. منجهس ٿوري سرهاڻ به ٿئي. مالدار، انهيءَ گاهه جو اَنُ، چانورن وانگر چاڙهي کائيندا آهن.
ڏاڍيري زمين ۾ ڇانئجي ويندڙ هيءُ گاه، کائڻ ڪري مال متارو ٿئي، کير گهاٽو ۽ گهڻو ڏئي.
مطلب: ۱ - لنب کائڻ سان، مال ۾ کير گهاٽو، جھجهو ۽ سڻڀو ٿئي، جنهن مان مکڻ پڻ جام لهي.
۲ - لنب گاھ، مکڻ جي ضمانت.
۳ - جنھن وٽ لنب آهي، ان وٽ مکڻ جام آهي. شرط اھو آھي ته وٽس ڳئون مينھون به ھجن.
۴ - لنب چارڻ سان، مکڻ جام ملندو. (۹) ص ۴۰ ۽ (۱۷) ص ۱۱۵.
263. لوڀ لڳو واڻيو؛ لونگيءَ لڳي گاءِ. (پهاڪو)
لوڀ: لالچ. واڻيو: دڪاندار، هٽ وارو، واپاري. گاءِ: ڳئون
لونگي: برسات پوڻ شرط، ڄاول تازو گاه، جيڪو ڪچڙو هئڻ سبب، ڳئونءَ لاءِ مرغوب غذا هوندو آهي.
واپاريءَ کي ڪمائڻ جي لالچ هوندي ته وقت، جان ۽ مال لڳائيندو. نت نوان تجربا ۽ مشاهدا ماڻيندو. انهن جي آڌار تي واپار کي وڌائيندو ويندو.
جيڪڏهن لالچ نه هوندس ته ڌنڌو ئي چوپٽ ڪري ڇڏيندو.
اهڙيءَ طرح ڳئونءَ کي به تازو ڄاول گاه نظر آيو ته منجهس کُپي ويندي. نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندي. ڏڪر/ سوڪهڙي واري سموري ڪسر، منجهانئس ڪڍي ڇڏيندي. جيڪڏهن ڪچڙو گاه نه مليس ته سڪل گاه ۾ ڏکيو وات وجهندي.
مطلب: ۱ - ڳئونءَ کي لونگي ۽ واڻيي کي لوڀ/ لالچ، مشغول رکن ٿا.
۲ - اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو،
مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (۵)
۳ - ڀيٽيو: گانيان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن ان،
ماهيلي جوڀن مرد هي، مَردي جوڀن ڌن.
264. لوٽيو باڻيو، جُونا خط جووي. (راجسٿان، پهاڪو)
لُوٽيو: لٽيل، کٽل، نقصان ۾ ويل. باڻيو: واڻيو، واپاري، وهنواري، دڪاندار، هٽ- واڻيو. جُونا: جهونا، پراڻا. جووي: جانچي، وانچي.
دڪاندار/ واڻيو، ڏينهن ۾ گھڻا دفعا پئسا ڏسي ٿو. ڪيترا دفعا وٺڻ وقت، ڪئين دفعا ڏيڻ وقت، سندس هٿن ۽ اکين آڏو رهن ٿا. ڏيهاڙيءَ جي ڏي-وٺ سبب، پئسي جو رعب سندس من مان نڪريو وڃي. کيس اهي ڪاڳر ۽ ٺڪريون ڀاسڻ لڳن ٿا. جڏهن سندس ڪيفيت، اهڙي جڙندي آهي ته پوءِ سنڀال جي حس به آهستي آهستي ڍري ٿي ويندي اٿس. ويسر ۾ هڪڙيون لکيتون داخل نه ڪري سگهندو ته وري ٻيون ٻه ٽي ٻه ٽي ڀيرا پيو داخل ڪندو. انهيءَ ٻٽي ويسر سبب، هڪ ڏينهن ڏيوالو نڪري ويندو اٿس. گراهڪ ۽ واپاري کيس بي ايمان پيا سمجهندا آهن. کانئس، ٻئي منهن موڙي ويندا آهن. واپاري کيس اوڌر تي مال ڏيڻ بند ڪندا آهن. گراهڪ کانئس، نه ئي اوڌر تي ۽ نه ئي روڪڙ تي مال کڻندا آهن. جڏهن سندس ترو لڳندو آهي، پوءِ کيس حساب سڌو رکڻ جو احساس جاڳندو آهي. ان وقت ويهي پراڻيون بنديون جاچڻ لڳندو آهي ته جيئن ڪنهن نه ڪنهن ڏانهن رهيل اوڌر نڪري پوي.
مطلب: ۱ - کٽو واڻيو، جهونيون وهيون/ کنڌيون جانچي.
۲ - واڻيو، پراڻيون کنڌيون تڏهن واچيندو آهي، جڏهن کٽندو آهي يا بي ايمان ٿيندو آهي. (۱) ص ۱۸۲.
265. لوڏي ٻانهن لاڏ مان، هلي ٿي هرڙيون،
مڙس ڇڏي، مِٺڙي تي سڏي ساهيڙيون سرڙيون،
گهڻو ڳالهائي گهوٽ سان، پهرين رات پرڻيون،
ٽئي ٽرڙيون. (چوڻي)
مٺڙي تي: مِٺي پاڻيءَ جي کوه تي.
هتي ٽن عورتن جي گلا ڪئي وئي آهي. اها گلا سندن چال سبب آهي. کين ان چال سبب ٽرڙي ۽ هلڪڙي سڏيو ويو آهي.
هڪ اها عورت، جيڪا لاڏ ۽ نخرا ڪري ٿي. هرڻيءَ وانگر ڇانگ ڏيئي هلي ٿي. ننڍن توڙي وڏن، پراون توڙي پنهنجن آڏو، حياءُ ڪرڻ بدران ڇڇوري ٿي ٿي پوي. اھا جلد پنهنجي ساک وڃائي ڇڏي ٿي ۽ ڪير به سندس سڱ ڇڪڻ لاءِ تيار نه ٿو رهي. مڙس، عورت کي ڇڏي ته اهو هڪ فطري عمل آهي. ان جي برعڪس عورت، پاڻ مڙس کان خلع وٺي، اها عورت جي گهٽتائي ليکبي.
ٻي اها عورت، جيڪا مڙس جو اصل خيال نه ڪري. پاڻي ڀرڻ جي بهاني سان سهيلين ۽ سنگتياڻين سان، دلو ڪلهي تي رکي گهران نڪري ٿي پوي. ڇاندون ۽ ميڇون ڏيندي، وڃي پاڻي ٿي ڀري ۽ واٽ تي بيٺلن کي مفت ۾ پاڻُ پَسائيندي ٿي وڃي. ان ۾ ٻين جي نگهه به ٿي ٿي پوي. جنهن ڪري، مڙس جي نظر ۾ ڪري پوي ٿي. اھا هلڪي طبيعت جي آهي.
ٽين اها عورت، جيڪا مڙس سان پرڻي واري رات، بي حجاب ٿي ڳالهائي ٿي. اھا به ٽرڙي آهي. ڄڻ سندس سَتُر ڀڳل آهي. مڙس سان گهري ٿيڻ لاءِ سڄي عمر پوئتي پئي آهي. هونئن به جنهن سان سڄي عمر گڏ گذارڻي آهي، تنهن سان پهرئين ڏينهن کان وٺي کل مذاق ۽ کينچل ٺهي نه ٿي. اهڙي ٽرڙائپ ڪرڻ سان زندگيءَ جو گاڏو گهلڻ، اوکو ٿي ويندو. ڇو جو سندس عصمت تي، مڙس جو شڪ جاڳي سگھي ٿو. تنھنڪري مڙس ۽ ساهرن جي نظرن ۾ ڪري پوندي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل ٽن عادتن واريون، پنهنجي هلڪڙي طبيعت سبب جلد پاڻ کي ٻوهي ۾ وجهنديون.
۲ - عورت کي، احتياط/ حياءَ سان، وک کڻڻ گهرجي. (۲) ص ۴۹ ۽ (۴) ص ۲۴۲.
266. لوڻي ڪاٺي، اڏوھي به نه کائي. (پھاڪو)
ٿر يا وارياسي علائقي اندر اڏوھي جام ٿيندي آھي. مال جو ڇيڻو يا ڪچي ڪاٺي، اڏوھيءَ لاءِ مرغوب غذا آھن. ڇيڻي کي يڪدم، ڪريل جاءِ تان کڻي مٿانھين جاءِ تي سُڪڻو رکبو ته اڏوھيءَ کان وقتي بچي سگھندو. ڪاٺي به ائين آھي. وڍڻ بعد ان کي محفوظ جاءِ تي رکي نه سڪائبو ته اڏوھيءَ جي نظر ٿي ويندي.
ڪچي ڪاٺ کي اڏوھيءَ کان بچڻ لاءِ جيڪي جتن ڪجن ٿا تن ۾ ھڪڙو آھي، ڪاٺ کي پاڻيءَ ۾ رکڻ، جيسين وڃي پڪو ۽ چيڙھو ٿئي. ٻيو آھي، ٿر اندر موجود لوڻ جي ڪنھن سڻ اندر ان کي رکڻ. لوڻ سان ڪاٺ کاڄڻ بجاءِ، چيڙھو ۽ نھرو ٿيندو آھي. اڏوھيءَ جي ڏاٺ کان بچڻ لائق ٿي پوندو آھي. (۳۵) ص ۲۵۴
مطلب: ۱ - انسان به اگر، لوڻ جھڙن ڏکين ھنڌن تي رھندو ته پچي پختو ٿيندو ۽ منجھس ھلڪي ڦلڪي تڪليف سھڻ جي قوة پيدا ٿي پوندي.