لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون
ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
- 0/5.0
- 10198
- 1187
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي.”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
- ڇپيو ويو 2017
- ڇپائيندڙ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 20/Sep/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1187 ڀيرا