لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ت

144. تاڙو، چڪور، چتر نر، جاڳندا رھن ٿا. (چوڻي)
انتظار ڪرڻ واري کي قرار نه ھوندو آھي. پنھنجي بي قراريءَ ۾ لڇندو رھندو آھي.
تاڙي پکيءَ کي مينهن، چڪور پکيءَ کي چنڊ ۽ مڙس ماڻھوءَ کي دشمن جو انتطار ۽ اوسيئڙو جاڳائيندا رھندا آھن. تاڙو، پاڻيءَ سان اڃ اجھائڻ واسطي مضطر آھي. چڪور، چنڊ جي سونھن پسڻ واسطي سرگردان آھي. مڙس ماڻھو، دشمن جي وار کان بچڻ واسطي خبردار ۽ چوبند آھي. (۳۵) ص ۲۲۸
مطلب؛ انتظار منجھ، بي قراري ۽ لوڇ پوڇ آھي.

145. تازي پاڻي پيئڻ وارو، راز نه رکندو. (چوڻي)
تازو پاڻي؛ برساتي پاڻي. بنا محنت جي ھٿ ڪيل پاڻي. واھن واٽرن جو پاڻي.
ٿر اندر کوھ اونھا ٿين ٿا. اھي کوٽڻ وغيرھ ۾ ڪافي محنت، خفو ۽ کاٻار ٿئي ٿي. منجھانئن پاڻي به وڏين مشڪلن سان حاصل ٿيندو آھي. اھو پاڻي، جيڪو پيئندو سو گنڀير ۽ سوچ ويچار وارو ٿيندو. ان جي برعڪس جنھن کي سستي ۽ آسانيءَ واري طريقي سان پاڻي ميسر اچي ٿو، سو خود سھل پسند ھئڻ سبب اٻھرو ۽ راز نه رکندڙ ٿيندو آھي. (۳۵) ص ۲۱۲
مطلب؛ ۱. شيءِ جو قدر ان کي هوندو آ، جنهن محنت سان حاصل ڪئي آھي.
۲. علم جو قدر ان کي ٿيندو، جنھن جھالت جون تڪليفون ڏٺيون آھن.
۳. سفري ڪشالن ۽ ٿر منجھان رلي رلي تراين مان پاڻي حاصل ڪرڻ واري کي، پاڻيءَ جي ڍڪ جو قدر ھوندو.

146. تتر کرڙي واڏڙي، وڌوا ڪاجل ريک،
او ورسي، او ور ڪري، تي ۾ مين نه ميک. (چوڻي)
تتر کرڙي؛ ڪڪرن جو تتر جي کنڀن جھڙو روپ. واڏڙي؛ ٺھي پوڻ. وڌوا؛ بيوھ عورت يا جنھن جو مڙس مري ويو ھجي. ڪاجل ريک؛ اک اندر سرمو وجھڻ. ورسي؛ وسي. ور؛ مڙس. تي ۾؛ تنھن ۾. نه مين نه ميک؛ نه شڪ نه شبھو.
آڀ ۾ تتر کرڙي ٿئي سا به برکا جو اهڃاڻ آهي. بيوھ عورت اک اندر ڪجل وجھي ته پڪ مڙس جي تلاش ۾ آھي.
تتر کرڙي واريون ڪڪريون، ۽ بيوھ عورت جي اک ۾ ڪجل ريک اهڃاڻ آهن؛ هڪڙي وسندي، ٻي مڙس ڪندي. انھيءَ حقيقت ۾، ڪو تر جيترو ڦير فرق ناهي.
مطلب: تتر کرڙي برسات جو اھڃاڻ آھي. ائين وري بيوھ جو ھار سينگار، مڙس ڪرڻ جو اھڃاڻ آھي.

147. تِريا تيرهين تين پر، پرک اسي پر چار،
جوڀن جوش جمايو، تڏهن ٿنڀ وروڌي نار. (چوڻي)
تِريا: عورت، مائي. پرک: پرس، مڙس. وروڌي: ڀاڪر پائي بيهڻ.
تيرنهن تين پر: تيرنهن کان ٽي سال مٿي، يعني سورھن سال.
اسي پر چار: اسيءَ کان چار سال مٿي، چوراسي سالن جو.
سورنهن سالن جي عورت کي، چوراسي سالن جي ڪراڙي سان پرڻائبو ته کيس ڪهڙي خوشي ٿيندي. سندس ارمان ئي خاڪ ۾ ملي ويندا. عورت جيڪا اولاد ۽ گهرٻار جي خواهش رکي، شاديءَ لاءِ آماده ٿئي ٿي، تنهن کي اهڙي بي جوڙ ۽ بي آسري شادي ڪرڻ مان ڪهڙو سڪون ايندو.
ان عمر ۾، نه کيس تخت جي خواهش هوندي آهي، نه بخت جي. اٽو، لٽو ۽ اجهو ته والدين جي گهر ۾ به هڪيو حاضر هوندو اٿس. شاديءَ وارو ڦاھو، جنهن غرض لاءِ ڦڪيائين، سو به اجايو وڃي ته پوءِ ٿنڀن کي ڀاڪر نه پائيندي ته ڇا ڪراڙي کک کي ٻک وجهندي.
مطلب: ۱ - نوجوان کي، نوجوان جي محبت ئي وڻندي آهي.
۲ - ذهني هم آهنگي، هم سن يا همعصر سان ٿي سگهندي آهي، ٻي صورت ۾ سمهڻو نه پر ڊهڻو هوندو آهي. (۲) ص ۲۷۵.

148. تُري چلندي آکڙي، ڪتي ٺڪر لڪي کاءِ،
مِهري پر-گهر هنڊڻي، ٽيئي ليکيان لاهه. (ڍٽ، چوڻي)
تُري: گهوڙي. چلندي: هلندي، ڊڪندي. آکڙي: ٿاٻو کائي. لڪي کاءِ: لَڪڻ/ چٽڻ. مهري: عورت. پرگهر هنڊئي: پراون گهرن ۾ گهاريندڙ.
۱ - گهوڙي جي سواري ڏکي آهي ۽ تڏهن ئي ڪرڻ آسان ٿيندي آهي، جڏهن ننڍي هوندي کان سکبي آهي. ان گهوڙي تي سواري ڪرڻ آسان آهي، جيڪو سڌو هلي. جيڪو ٿڙي ٿاٻڙي يا ٽپ ڏئي ڊڪي، تنهن تي سواري ڪرڻ کان ماڻهو پنڌ ڀلو آهي. ڇو جو مٿس سٺو سئيس به سولائيءَ سان سواري نه ڪري سگھندو.
۲ - ڪتي تي، ڇتي ٿيڻ جو اثر جهٽ ٿيندو آهي. سندس گگ جنهن کي لڳي، تنهن کي به ڇتو ڪري وجھي. جنهن ڪتي کي، ٿانءَ لڪڻ/ چٽڻ جي عادت آهي، تنهن مان اهڙيءَ بيماريءَ وچڙڻ جو خطرو لاحق رهي ٿو. ڪتو ڇتو نه به هجي، تڏهن به سندس لڪيل ٿانءَ کي، ڇار يا رک سان صفا ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن وڃي بيماريءَ ۽ پليديءَ کان پاڪ ٿيندو آهي.
۳ - جنهن عورت جو پرائي گهر ۾ پير هريو، تنهن مان حجاب/ حياءُ هليو ويندو. اھا آزاد نه بلڪ ڇڙواڳ ٿي ويندي آھي. گهر ته نه ڪندي، هٿائين خاندان جي عزت/ ناموس به داءَ تي لڳائي ڇڏيندي.
مطلب: ۱ - ٿاٻا کائڪ گهوڙي، ٿانءَ چٽو ڪتو ۽ پَرَ-گهر گهمڻي عورت کي ته ليکي مان ئي لاهي ڇڏجي. (۲) ص ۷۰.
149. تلاءُ سڪي وڃي، ھنس نه وڃي. (پھاڪو)
هنس؛ هنجھ، ساحلي علائقي جي مٺي پاڻيءَ وارين ڍنڍن ۾ رهندڙ پکي.
ھنجھ پکي، مٺي ۽ صاف پاڻيءَ جي وڏين ڍنڍن ۾ رھي، سنھي گاھ تي گذران ڪندو آھي. تانگھي پاڻيءَ ۾ اچي گند گار واريون مڇين وغيرھ تي پيٽ نه پليندو آھي. اگر پاڻي لاٿ ڪري وڃي ته به ڏک سک تي ساڳي ڍنڍ ۾ گذران ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آھي. ڏڪار وقت، ھنڌ ماڳ نه ڇڏيندو آھي. ھر حال ۾ نڀائڻ واري سندس اھا خوبي، کيس ھڪ وفادار پکي ۽ حب الوطن جيوت ڪري پيش ڪري ٿي. (۳۵) ص ۲۱۵
مطلب؛ حب الوطنيءَ جو جيئرو جاڳندو مثال، ھنجھ پکيءَ جي حياتي آھي.

150. تن ڪوٽڙيين، مارو وسي من ۾. (چوڻي)
ڪوٽ يا ڪوٽڙي؛ بنگلو يا اوطاق.
ٿري ماڻھو، ڏڪار کان بيزار ٿي، وقتي روزگار لاءِ، ھيڏي ھوڏي لڏي ويندا آھن. پورھيا ۽ ٻيلپا ڪري، پيٽ قوت ڪندا آھن. جتي به ويندا آھن، کين وفادار سمجھي، ھر ڪو بنگلن جون چاٻيون ڏئي ڇڏيندو آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي، جڏھن ٿر تي کنوڻ جو چمڪو نظر آين، ته اھي بنگلا ۽ ماڙيون کين ونگ ۽ ڏاوڻ نه وجھي سگھندا آھن. ھي رات پيٽ ۾ وڃي ٿر کڻندس. (۳۵) ص ۲۱۶
مطلب؛ ۱ - من جي بنگلي اندر، مارو ماڻھو وسن ٿا.
۲ - من اندر جي بنگلن کي، تياڳڻ ڏکيو آھي.
۳ - مارن ۽ ملڪ جي محبت، مڙني محبتن کان مٿان آھي.

151. تيجي سهي نه تاجڻو، سورو سهي نه گار،
ستي ڪو وچن نه سهي، پڙسي پئون ٻار. (چوڻي)
تيجي؛ تازي، ڀلي گهوڙيءَ جو قسم. تاجڻو؛ چهبڪ، تازيانو. پئون؛ ٻار. سورو؛ سورهيه، بهادر مڙس. وچن؛ الزام، طعنو، مهڻو. پڙسي؛ مرد، مڙس.
۱ - ڀلي گهوڙيءَ کي واڳ مان وٺڻ جي دير آهي. ڪڏهن به چهبڪ نه هڻائيندي. بلڪ ھڪڙي اشاري سان ڪوهن جا ڪوھ ڪري ويندي. چوندا آهن؛ ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
۲ - سورهيه/ بهادر ڪڏهن به گار نه سهي سگهندا. غيرت ۾ مرڻ پسند ڪندا پر سر تي گار هرگز برداشت نه ڪندا.
۳ - ستي جتي عورت به طعنو/ الزام پاڻ تي سهي نه سگهندي. ڪو به اهڙو فعل، جنهن سان سڀاڻي ڪير آڱر کڻي، هٿان ٿيڻ نه ڏيندي. سر تي چڙهي آيس ته خودڪشي ڪري ڇڏيندي، عزت تي، آنچ نه اچڻ ڏيندي.
مطلب: ۱ - غيرت ۽ اکر وارو ماڻهو، ڪڌو ڪم ڪرڻ کان لهرائيندو آهي. بلڪ الزام به سر تي برداشت نه ڪري سگهندو آهي. (۲) ص ۲۲۴.

152. تيلي رو بيل، سؤ سؤ ڪوس چلي،
پڻ بٺئي ڪو بٺئي. (راجسٿان، پهاڪو)
بيل؛ بلد، ٻڙڌ، ڍڳو، ڏاند. ڪوس؛ ڪوهه، ٻه ميل. بٺئي؛ ساڳي جاءِ تي بيٺو ھجڻ.
تيلي يا چاڪيءَ کي، ڏاند گهربو ئي گهاڻو هلائڻ لاءِ آهي. گهاڻو، تيل پيڙڻ لاءِ آهي. منجهس وچ تي ڦرندڙ ڪاٺيءَ جي مني هوندي آهي، جيڪا اکريءَ منجهه ڦرندي آهي. اکريءَ جي پاسن سان لڳڻ سبب، وچ ۾ رکيل سرنهن، ڄانڀي يا تيلي ٻج جي نريءَ کي پيڙيندي آهي.
وچ واري مُنيءَ يا لٺ کي ڦيرڻ لاءِ، منجهس چوٽيءَ وٽان اريب ۾ ٻي لٺ هيٺ لهندي آهي، جيڪا ڳاڌيءَ وٽ هڪ سڌي ڪام جهڙي لٺ سان اچي جڙندي آهي. انهيءَ جوڙ وٽ، ڏاند کي جوٽبو آهي. جڏهن ڏاند هلندو آهي ته وچ واري مني ڦرندي آهي. ڏاند گهاڻي جي اکريءَ جي چوڌاري پيو ڦرندو آهي ۽ وچ تي تيل پيو پيڙبو آهي.
سڄي ڏينهن ۾، ڏاند سوين ڦيرا ڏيندي آهي. ڏينهنڪ اٺ ڏهه يا پندرنهن ويهه ميل پنڌ جا هڻي ويندو آهي. ڀلي مهينو هلي، سؤ ٻه ڪوه پنڌ ڪري، پر هوندو، چاڪيءَ جي گهاڻي اندر آهي. سندس پنڌ ڪرڻ سان، پنڌ نه ڪپبو آهي، البته نري ضرور پيسبي آهي.
مطلب: ۱ - تيليءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌار.
۲ - تيليءَ جو ڏاند، گهاڻي جي چؤڌاري پيو ڦرندو آهي.
۳ - چاڪيءَ جي ڏاند کي گهر ۾ ئي ڪوهه چاليهه. (۱) ص ۳۶۰.