ز
30. زال ۽ درياھ جي پور تي، ڪھڙو اعتبار؟ (چوڻي)
زال ذات، خلقت ۾ ڪمزور نظر ايندي آهي. جڏهن ته سندس زبان چرب ۽ عقل سرس هوندو آهي. گهڻي ڳالهائڻ سبب، مرد جي مٿان حاوي ٿي ويندي آهي. بظاهر مرد پيو وڙهندو آهي. مڄاڻ اندران اندران عورت ئي هوندي آهي، جيڪا کيس ڀڙڪائي، مٽن مائٽن سان وڙهڻ لاءِ پئي اڪسائيندي آهي. ڏانهنس ڪنھن جو گمان ئي نه ويندو آهي.
درياه به جڏهن ماٺو ۽ واهڙ وانگر پيو وهندو آهي ته زمينن وارا به پيا اکا ڀيٽيندا آهن ته جن جو پيئڻ واري پاڻيءَ جي حساب سان واسطو هوندو آهي، سي به پيا سندس موج مستيءَ لاءِ باسون باسيندا آهن. وري جڏهن منجهس تغير ۽ تغياني اييندي آهي ته پوءِ، اوس پاس کي ته ٻوڙيندو آهي پر انهن علائقن تي به وڃي مار ڪندو آهي، جن تي پاڻي اچڻ جو ڪو گمان ئي نه هوندو آهي.
مطلب: ۱ - عورت ۽ درياهه جا روپ، گمان اندر آڻڻ، ڏاڍا ڏکيا آهن.
۲ - زال ۽ درياهه، کن ۾ رنگ مٽين. ٻنهي جي موٽ ۽ موج تي ڪو اعتبار ناهي.
31. زر وڃي، زبان نه ڦري. (چوڻي)
زر سان، هر انسان کي محبت آهي. ڇو جو کيس، منجهانئس مسئلا حل ٿيندي نظر اچن ٿا. زن ۽ زمين کان وڌيڪ، جهيڙي جو سبب، زر ئي رهي آهي. زر کي ڪن ته وڏو پير سڏيو آهي. ڪن ته چيو؛ کيس ستن ولين جيتري طاقت آهي. ڪن ته ائين به چيو؛ جنهن جي زر، تنهن جو ذهن. يعني پئسي وارو جيڪي چوي سو سچ ۽ فرمان آهي، جيڪو هر هڪ کي مڃڻو آهي.
حالانڪ الله وارن وٽ؛ زر، هٿ جي مير وانگر آهي. هٿ جي مير يا مَرُ، صابڻ لائي به صاف ڪبي آهي ته جيئن ڪنهن سان هٿ ملائڻ وقت، اڳلي کي بڇان نه اچي، يا کاڌي کائڻ وقت پاڻ کي ڪراهت نه ٿئي.
ان جي برعڪس، زبان تي قائم رهڻ يا واعدو وفا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. جڏهن ته ڪن ماڻهن ان کي، ڌن دولت گڏ ڪرڻ مٿان فوقيت ڏني آهي. زر اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، جيڪڏهن وئي هلي ته ڪا پرواه ناهي. جڏهن ته زبان يا واعدو، هڪ دفعو ڪبو آهي. مٿس قائم رهڻ وارو، سدا مانُ پائي ٿو ۽ ڦرڻي گهرڻي زبان رکڻ وارو ڪاٿي به مانُ نه ٿو پائي.
مطلب: ۱ - هر ڪو زبان جو کٽيو کائي ٿو.
۲ - زر جي ڀيٽ ۾، زبان جي وڏي اهميت آهي.
۳ - زر جو ڪريو ٺهي وڃي، زبان جو ڊٿو ڪين ٺهي.
۴ - نامردان دي ڦرڻي گهرڻي، مردان دي اڪ هي. (۷) ص ۳۵.