لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ٻ

105. ٻاٻيھو ٻولي، برسات آئي ڪ آئي. (چوڻي)
ٻاٻيهو: تاڙو پکي، سندس ٻولي برسات اچڻ جو اھڃاڻ آھي.
ٿري ويچارا، برسات جي مند ۾، رڳو پيا ڪڪرن ڏي ۽ آسمان ڏي واجھائيندا آھن. نکٽ ۽ اھڃاڻ پيا واچيندا آھن. ڇو جو سندن ٻارھن مھينن جو گذران آھي ئي وُٺي تي. اگر برسات پئي ته سال چڱو گذرندو. اگر نه وُٺي ته سال ڏکيو گذرندو. ان کان علاوھ، اگر برسات پئي ته جُوءِ تي رھڻ جو بندوبست ڪرڻو آھي، اگر نه پئي ته لڏڻ جا سانباھا ڪري، مال متاع ڪنھن ٻي دُڻيءَ تي پڄائڻو آھي، جتي ان جو جياپو ٿي سگھي. ڇو جو کير مکڻ جي صورت ۾، سندن جياپي جو ٻيو ذريعو مال متاع آھي. ان جي ھر حال ۾ پرگھور کين ئي لھڻي آھي.
مطلب: برساتي موسم ۾ تاڙو ٻولي ڪري ته برسات ۾ دير ڪانهي. (۱۲)

106. ٻار سون آر، بڙي سي بروڌ،
وڳوتر نار سون ڪڀي نه هنسئي،
ان سون روس، اگن سون زور،
اٿاڳ پاني ڪڀي نه ڪسيئي،
جوٺي ڪي سنگت، گونگي ڪي دوستي،
بوجهان باتين نهين ڪسئي،
نيچ سون نينهن، غلام سون سنگت،
اوگهٽ گهاٽ ڪڀي نه گسئي،
ڪهي گنگ ڀاٽ، ڪوڙ سون دور سدا وسئي. (چوڻي)
سون: سان، ساڻ. آر: ضد. بروڌ: وروڌ، وير، جهيڙو. وڳوتر نار: ٻاهر پيري عورت. روس: رسڻ. اگن: باهه. اٿاڳ: اٿاه، ججهو، تار. ڪسيئي: ڪڇڻ. بوجهان: برن ۽ نادانن واريون. اوگهٽ: ڪنا خيال. گهاٽ: هٿڪنڊا.
۱ - ننڍڙي بي سمجهه ٻار سان ضد نه ڪجي. عقل وارو مڙي ويندو، بي سمجهه ٻار هوڏ تان، آتارڻ کان پوءِ به نه لهندو.
۲ - پاڻان وڏي سان وير نه رکجي. ان ۾ پنهنجو ئي نقصان آهي. درياهه ۾ رهي مانگر مڇ سان وير رکبو، روزگار ته ويندو پر سِرُ به چٽ ٿي ويندو.
۳ - ٻاهر پيري يا کريل عورت سان کلي نه ڳالهائجي. ’هنسي ته ڦنسي‘ تحت، ’ڦنسي دا ڦڙڪڻ ڪي‘. پنهنجي دل ته ڦرائجي ٿي پر پنهنجي زال جي نظر/ انتقام کان بچي نه سگهبو.
۴ - زال سان رسڻ چڱو ناهي، رسبو ته بک مربو.
۵ - باهه سان زور آزمائي نه ڪجي. سڙڻ ته ڇا باھ جي لھس به خراب آھي.
۶ - ڍنڍ جي تار پاڻيءَ يا سمنڊ جي اونھي پاڻيءَ جي تانگھ ماپڻ جا جتن نه ڪجن.
۷ - ڪوڙي ماڻهوءَ جي سنگت کان ڀڄي ٽارو ڪجي. مٿس آيل وبا، ڪڏھن ڪڏھن، سندس سنگت مٿان اچي ٽٽندي آھي.
۸ - گونگي سان دوستي نه ڪجي. اندر جي ڳالهه ٻڌائي نه سگهندو ۽ نه ئي ڪچهري ڪري دل وندرائي سگهندو.
۹ - جهالت؛ اوندھ ۽ عذاب آھي. علم؛ روشني ۽ ھدايت آھي. روشنيءَ ڏانھن اچجي ۽ جھالت کان ڀڄي ٽارو ڪجي. جھالت وارين ڳالهين کان ئي پاسو ڪجي.
۱۰ - نينهن جيسيءَ سان اٽڪائڻ ۾ شان مان آھي ۽ سٺي موٽ ملي ٿي. ڪم ذات سان نينھن اٽڪائڻ ۾ نه شان آھي ۽ نه عزت. رڳو خواري ئي خواري. ڪميڻي سان ياري رکڻ، آھي ڪلهي تي ڪتو ويهارڻ.
۱۱ - ٻانهي يا نوڪر سان پڻ ياري رکڻ نه ٿي سونھين. اھو رشتو پڻ اڻ-برابريءَ وارو آھي. نه راس ايندو ۽ نه ئي نڀجي سگھندو. فقط خواريءَ جو کارو ڪلھي تي کڻڻ برابر رھندو.
۱۲ - برا خيال، اجايا هٿڪنڊا، بيهوده ۽ واهيات ويچار ڪڏهن به دل تي نه آڻجن. گناهه سان گڏ، تباهيءَ ڏانهن ڌڪي، دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيندا آهن.
۱۳ - ڪوڙ کان سدائين پاسو ڪجي. ڇو جو ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ هوندي آهي.
مطلب: برن جي صحبت کان پاڻ بچائجي. (۲) ص ۲۷۰.

107. ٻارهين ٻُڌ نه اُپجي، تيرهين تيج نه هو،
بيسين برسي نه بجيو، تنهن ري بات جو مَجو. (چوڻي)
ٻُڌ: سمجهه، عقل. اُپجي: پيدا ٿئي. تيج: روشني، تجلو، سوچ، ويچار، فڪر. بجيو: وڄيو، مشهور ٿيو. مَجو: مزو.
انساني جسم ۽ عقل جي حالت عمر سارو بدلبي آھي. ڄمڻ سان ڪنھن ۾ به نه جسماني طاقت ھوندي آھي ۽ نه وري ذھني طور ڪو قابل ھوندو آھي. جيئن جيئن عمر وڌي ٿي تيئن تيئن جسم ۾ طاقت ۽ ذھن ۾ عقل پوندو ٿو وڃي. عام خيال اھو آھي ته ٻارھن سالن جي عمر ۾ ماڻھوءَ کي بري ڀلي منجھ تميز ڪرڻ جيترو عقل اچي ٿو وڃي. کيس نفعي نقصان جي ڄاڻ پئجي ٿي وڃي. تيرھن سالن جي عمر ۾ پنھنجو عقل ايترو اچي وڃي ٿو جو ٻين جي اڌاري ورتل عقل جي ضرورت نه ٿي رھي. ان عمر ۾ ٻين جي رھبريءَ جي کيس ايتري ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. ويھن سالن جي عمر ۾ کيس ايتري طاقت اچي وڃي ٿي جو ھو ٻين سان ٻکين پئجي دسي سگھي ٿو. اھا عمر جسماني طاقت جو مظاھرو ڪرڻ واري عمر آھي. جيڪڏھن ڪنھن منجھ مذڪورھ عمر اندر مذڪورھ طاقت نه ٿي اچي، تنھن جي نشو و نما منجھ ڪا ڪمي ضرور رھجي ويل آھي.
مطلب: ۱ - جنهن کي ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سمجهه يا عقل نه آيو، تيرنهن سالن ۾ بري ڀلي جي تميز ڪري پاڻ نه موکيائين ۽ ويهن سالن جي عمر ۾ جوانيءَ جا جوهر ڏيکاري، ڏاهپ/ بهادريءَ سان نالو روشن نه ڪيائين، تنهن جي ڪنهن به ڳالهه ۾ مزو ناهي.
۲ - عمر سارو، ڏاهپ، بهادري ۽ نيڪنامي حاصل ڪرڻ گهرجي. (۲) ص ۲۷۱.

108. ٻاڙي گهر بسايو، تو ٻاٻو ٻوڍڙي لائي ڪهِ ڪرسئه. (پهاڪو)
ٻاڙي: ٻار، نامرد. بسايو: آباد ڪريو. ٻاٻو: ٻي، ٻيو. ٻوڍڙي: مائي، وني، زال. ڪي: ڇا. ڪرسئه: ڪندو. لائي: آڻي.
گهر جو ڪار وهنوار، فطرتي طور تي، عورت-زاد سان ئي هلي ٿو. ٻار ته ڇا پر مرد به گهر جو ڪار وهنوار هلائي نه ٿو سگهي. جڏهن ته ٻاهر جو ڪاروبار، فطرتي طور تي، مرد-ذات لاءِ هلائڻ آسان آهي. ان جي برعڪس ٻاهريان ڪم عورت لاءِ ڏکيا آهن. ائين ئي گهر جا ڪم ڪار، ٻار ٻچا سنڀالڻ وغيره، عورت جو مَرڪ آهن ۽ ان لاءِ سنڀالڻ آسان آهن. اگر ٻار وغيرھ گھر جو ڪاروبار سنڀالي سگھي ھان ته مرد، ڌاريون عورتون پرڻجي، گھر ۾ نه وٺي اچن ھا.
مطلب: ۱ - جيڪڏهن گهر ۾ موجود ٻار، گهر هلائي وڃي ته پوءِ ڌاري پرڻجي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
۲ - گهر ته گهر-واري.
۳ - ٻارن سُتي به ڪڏهن، زالان ڳڀيون؟
۴ - گُندئين کير ملي ته مينهن ڇو ڌارجي.
۵ - وڇ کير ڏئي ها ته مينهن ڪير نه ڌاري ها.
۶ - عورت ته ائٽ، مرد ته کيٽ.
۷ - مالڪ ته مالڪي. (۵)

109. ٻانڀڻ، ٻانهن لاءِ موٿاڄ. (پهاڪو)
ٻانڀڻ يا براهمڻ، برداريءَ اندر سڱ ڪن. ٻاهر نه نڪرڻ ۽ برادريءَ ۾ ڇوڪرين جي قلت سبب، کين ڪڏهن ڪڏهن سڱ به ڪين ملندو آهي.
وڏ-ماڻهپائپ به ماڻهوءَ کي سوڙهو ڪري ڇڏيندي آهي. تڪبر سبب، ماڻهو غريبن کي پاڻ جهڙو نه سمجهندو آهي. منجهانئن پرڻجڻ ۽ ساڻن مٽي ڪرڻ ۾ عيب سمجهندو آهي. نتيجي طور، جيڏانهن تيڏانهن کان ڪٽجي ويندو آهي.
متڪبر يا تڪبر ڪرڻ واري جو مثال ان شخص وانگر آهي، جيڪو ماڙيءَ مٿان ماڙي ٺهرائيندو، مٿي چڙهندو وڃي. گهڻو مٿي وڃڻ کان پوءِ، منزلون ته وڌنديون آهن پر اڱڻ ننڍا ٿيندا ويندا آهن، تان جو چوٽيءَ تي هڪ ننڍڙي جاءِ وڃي بچندي آهي. ان تي ويهڻ واري ماڻهوءَ لاءِ، نه کاٻي جاءِ هوندي آهي نه ساڄي. نه اڳيان نه پويان. فقط اها جاءِ بچندي آھي، جتي ھو ويٺو ھوندو آهي. سواءِ هيٺ ڪرڻ جي، سندس لاءِ ٻيو رستو نه بچندو آهي.
وڏو ۽ متڪبر ماڻهو، پنهنجي ڪڌن عملن سبب پاڻ کي، چوٽيءَ تي ويٺل وانگر اڪيلو ڪري ڇڏيندو آهي. برهمڻ قسم جا ماڻهو، عام ماڻهن مان وڏون ڪڍندي، کين اڇوت ۽ شودر سمجھندي، چوٽ چڙهي ويندا آهن. نتيجي ۾ کين شاديءَ لاءِ زال به نه ملندي آهي.
مطلب: ۱ - مشروط معاملا، اڪثر منجهندا آهن.
۲ - ٻانڀڻ کي جوڙ جو رشتو نه ملندو آهي. (۱۳)

110. ٻانڀڻ ري ٻلاه ۾، باڻيي رو گهر ڀراجي. (پهاڪو)
ٻانڀڻ: برهمڻ، اوچي ذات، مهراج . ري: جي. ٻلاه: بي پرواهي، بلا.
باڻيي رو: واڻيي جو. ڀراجي: ڀرجي
مهراج/ ٻانڀڻ/ برهمڻ کي اوچي ذات سمجهيو ويندو آهي. هر ڪو وٽس تحفا تحائف کڻي ايندو آهي. جنهن ڪري کيس شين جو قدر گهٽ هوندو آهي. ڪم ڪار نه هئڻ سبب نڪمو ٿي پوندو آهي. اهي تحفا سنڀالي رکڻ لاءِ به کيس وسعت نه هوندي آهي. ايتري قدر جو اگر کيس سنڀالڻ لاءِ چئبو آهي ته چڙي چئي ڏيندو آهي؛ ”مان جي تو ٻلاه ئي ڪنهي ڳنهي!“ يعني ”منهنجي ته بلا به نه وٺندي/ سنڀاليندي!“
سندس لاپرواهيءَ جي ڪري، اهي آندل شيون، رلنديون آهن پيون. واڻيي جي دڪان تان وڪرو ٿيڻ سبب، واڻيي/ دڪاندار ته منجھانئن فائدو ورتو پر ٻانڀڻ نه ورتو. ڪن جو چوڻ آھي ته آندل تحفا، جڏھن رلندا آھن ته عام ماڻھن جي معرفت وري واڻين وٽ سستي اگھ ۾ پھچي ويندا آھن، جنھن مان وري واڻيا پيا فائدا وٺندا آھن ۽ پنهنجا گهر پيا ڀريندا آهن.
مطلب: هڪڙن جي لاپرواهيءَ مان ٻيا فائدو وٺندا آهن. (۶) ص۵۳.

111. ٻانڀڻ ري مت ٿوري، گاءِ بيچڪي لينهي گهوڙي،
گهوڙي کائي گهاس، ٻانڀڻ نو جاوي ساس! (چوڻي)
ڌنڌي، واپار ۽ وهنواري لحاظ کان براهمڻ وٽ دنياوي عقل گهٽ هوندو آهي. جنهن سببان ڪو به واپار وڙو نه ڪندو آھي. حالانڪ، واپار کي، وڌنت چيو اٿن. اگر واپار ۾ ھٿ وجھندو آھي ته پوءِ پنھنجي گھٽ ڄاڻ سبب، اهڙا واپار ڪندو آهي، جن منجهان ڪو به فائدو نه ٿئي. فائدي بجاءِ نقصان پوندو اٿس ۽ پريشاني پڻ سر تي کڻندو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آھي ته اڻڄاڻ ماڻھو، واپار ۾ فائدي وارو ڪم ڇڏي، نقصان وارو ڪندو آهي.
مطلب: ۱ - جنهن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.
۲ - جس ڪا ڪام اس ڪو ساجهي، اور ڪري تو ٺينگا باجي. (پنجابي) (۱۳)

112. ٻڌي گهٽي، ٻهو ڀوڄن کايا. (چوڻي)
ٻُڌي: عمل، سوچ سمجهه. گهٽي: گهٽجي، ٿوري ٿئي. ٻهو: بهوت، بهت، گهڻو. ڀوڄن: کاڌو، خوراڪ.
پيٽ، ھر انسان سان لڳل آهي. انهيءَ ۾ ڪجهه پوندو ته، ٻيا عضوا به چرندا. کين اتان کاڌ خوراڪ ملي ٿي. جڏهن ٻين عضون کي، پيٽ کان ملندڙ خوراڪ بند ٿيندي ته منجهن اضطراري ڪيفيت پيدا ٿيندي. اضطراريت وري، دماغ کي سوچڻ تي مجبور ڪندي. ذهن سوچيندو ته ماڻهو به من-اندر، عقل ويڙهائيندو ۽ کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪا عقلي ٽل-سل ڪندو.
جنهن ماڻهوءَ سان اها ڏيهاڙيءَ جي ويڌن هوندي ته سندس دماغ به مسلسل سوچ-ويچار ۾ هوندو. لاڳيتو سوچ-ويچار ۾ رهڻ سبب، دماغ ڦڙت رهي ٿو ۽ عقل ۾ واڌارو اچي ٿو. ان جي برعڪس، جنهن جو پيٽ ڀريل آهي، بلڪ اهو نڙيءَ تائين ڏٽيل ۽ ٺُسيل آهي، تنهن ماڻهوءَ جي ٻين عضون کي به گهرج کان وڌيڪ کاڌ خوراڪ ملي ٿي، جنهن سببان کيس سوچڻ ۽ پريشان ٿيڻ جو موقعو نه ٿو ملي. جڏهن دماغ کي سوچڻ لاءِ ۽ عضون کي ڪرڻ لاءِ ڪم نه ملي ته کرندا ويندا. ويٺي جو مال کائي، عضوا هڏ-حرام ۽ دماغ غبي ٿيندو ويندو.
مطلب: ۱ - گهڻي کاڌي کائڻ سان، عقل گهٽ ٿئي ٿو.
۲ - گهڻو کائڻ، ماڻهوءَ کي هڏ-رک ۽ ڍور ڪيو ڇڏي. (۱) ص ۲۹۶.
113. ٻڪرار جو جهيرڻو، ڪڏهن ڪو نه سُڪي. (پھاڪو)
جهيرڻو: مانڌاڻي.
جنھن ٻڪرار وٽ، ڏهه ٻارنھن ڪَنَ هوندا آھن، سي سموري جا سمورا هڪ ئي وقت وهڪجي نه ويندا آھن. ٻڪريون نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ گهڻيون ويامن. نه ته سڄو سال، ايڪڙ ٻيڪڙ پيئون ويامن. مٿن ڏڪار ۾ به خرچ ڪرڻو ڪو نه پوي. اگر ٿئي ته به بلڪل معمولي. گوار جي لَپ تي پيئون هلن. ٻڪرار صبح جو کين ڏهي، جهنگ ڏي ڪاهي وڃن ۽ شام جو موٽائي آڻين. ٻڪري رواجي طرح اڌ سير کان سير تائين، ٽاڻي تي کير ڏيندي آهي. ڪي ڀليون ٻڪريون، وڌيڪ کير به ڏينديون آهن.
واڙ ۾ ڏھ ٻارنھن ٻڪريون اگر واري وٽيءَ تي پيون ويامنديون ۽ کير ڏينديون ته ٻارھو ئي کير کٽڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. رات وارو کير اگر پيئڻ لاءِ ڪم اچي ته صبح جي ويلي وارو کير، ڄمائڻ ۽ ولوڙڻ خاطر ڪم اچي سگھي ٿو. لسي مکڻ لاءِ ڄمايل ڌونئرو، چاڏيءَ ۾ وجھي، نھري جي ذريعي مانڌاڻيءَ سان ولوڙبو آھي. جنھن سببان ٻڪرار جي گھر اندر رکيل مانڌاڻي ڏيھاڙي پئي ڌونئري ۾ ڀِڄندي آھي ۽ سڪندي ڪانھي. جنهنڪري ٻڪرار جي گھر ۾ سدائين ولوڻو هليو اچي.
مطلب: ۱ - ٻڪرار، کير مکڻ جي لحاظ کان ٻارھو ئي سائو ھوندو آھي.
۲ - سنھي مال ڌارڻ ۾ برڪت گھڻي آھي.

114. ٻڪري دوڌ تو دي، پڻ دي مينگڻا ڪرڪئي. (چوڻي)
دوڌ، کير. مينگڻا: مينگڻيون، ڦولهڙيون.
ٻڪري هلڪو جانور آهي. منهجس کير به پاءَ کان مني سير تائين ٿئي. هڪ ٿڻ ۾ اڌ پاءَ کان ڏيڍ تائين ٿيندس. جڏهن ٿڻ ۾ هٿ وجهي گوها ڪڍبس ته ٽن کان ڇهن گوهن ۾، ٿڻ خالي ٿي ويندس. ايترو کير به هلندي پئي ڏهائيندي. هڪ هنڌ بيٺي قرار نه ايندس.
حساس وري ايتري آهي، جو کير ڏهڻ لاءِ جيئن ئي ٿڻ ۾ هٿ پوندس، تيئن مُٽ ۽ ڦولهڙيون به پاڻ-مرادو ائين وهڻ شروع ٿيندس، جيئن ڪاڪوس ڪرڻ وقت، پيشاب ازخود اچي ويندو آهي ۽ جهلئي نه جهلبو آهي. جڏهن ٿڻ ۾ هٿ وجهڻ سان، ٻڪري ڦولهڙيون لاهڻ شروع ڪندي آهي ته ڄاڻو ٻڪرار، هٿ ٿورو ڍرو ڪندا اٿس ۽ کير ڏهڻ وار ٿانءُ؛ چونئري يا ساڙهي، ٿڻ وٽان هٽائي ڇڏيندا آهن. ڇو جو کير ڏهڻ واري جاءِ، پيشاب ۽ ڦولهڙين واري جاءِ جي ويجهو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کير جي ٿانءَ ۾ هڪ اڌ ڦولهڙي يا پيشاب ڦڙو، بي خياليءَ سببان به ڪري پوندو آهي. ڇو جو گوهو نڪري پورو ٿيڻ کان اڳ، ٻڪري حسب عادت ٽپو ڏئي هلڻ شروع ڪندي آهي. گوهو پورو ٿيڻ وقت، ڦولهڙيءَ واري جاءِ، کير جي ٿانءُ تائين پهچي چڪي هوندي آهي. ڌراڙ، ٻڪريءَ مان وڏي احتياط سان کير ڏهندا آهن ته جيئن پاڪائيءَ سان حاصل ڪري سگهن. پوءِ به سندس کير ۾ ڦولهڙين جي هَوَڙ ضرور رهندي آهي.
مطلب: ۱ - ٻڪري کير ڏئي، ڦولهڙين گاڏڙ.
۲ - ٻڪريءَ جو کير ٿورو ۽ ڇڊو ته هوندو آهي پر منجهس ڦولهڙين واري بوءِ به هوندي آهي. (۱) ص ۱۸۲.

115. ٻل هوتي قياس نه ڪرنا، جوڀن مانهين مالڪ ڪو ڀولڻا،
پرايا گن ڇپاوڻا، ڪارج سرئي دوست ڪو منهن نه ڏيوڻا،
پنجو پرک پري ڀڄڻا، اهي پنج ئي نابينا. (چوڻي)
ٻل: طاقت. جوڀن: جواني. مانهين: ۾. گن: احسان، ڳڻ. نابينا: انڌا.
ڪارج سرئي: ڪم نڪتي کان پوءِ.
۱ - طاقت رکڻ جي باوجود، مظلوم تي رحم نه ڪرڻ وارو؛ بي قياس، ظالم ۽ انڌو آهي.
۲ - جوانيءَ ۾ هڪ سجدو ڏيڻ، پيريءَ جي سَوَ سجدن کان هزار دفعا ڀلو آهي. جوانيءَ ۾ مالڪ کي وسارڻ به اندر جي انڌي جو ڪم آهي.
۳ - پرائو احسان لاهجي، نه ته ڳائجي ضرور. ڳُڻ-چور ماڻهو به، ڪنهن کي ڪين وڻندو آهي ۽ وڻواند هوندو آهي. ٻين جون خوبيون به ڳائڻ گهرجن.
۴ - ڪم لٿي کان پوءِ، پير ڊاهڻ چڱي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. اوکيءَ ۾ سنگت کي نه سارڻ به، اڻاسيءَ جو ڪم آهي.
۵ - ڪم پئي کان پوءِ، گدڙ وانگر انگاس تي چڙھي ھنگي اچڻ، چڱي ماڻھوءَ جو ڪم ناھي. چڱائي ان ۾ آھي ته ڏک سک ۾ سنگت سان ساٿ نباھجي.
مطلب: مٿين پنجن عيبن کان پاسو ڪجي. ڪنهن به هڪ عيب وارو ماڻهو، اکين جي انڌي کان به بيڪار آهي. (۱۲) ص ۱۴۸.

116. ٻلين جي ڪئي تي نظر، ڪر ڪولهين جي تتر تي. (پھاڪو)
ڪولهي، لاڏائو قوم آهي. خانه بدوشيءَ سبب، سندن گذر-بسر جهنگ جي جانورن تي ٿئي ٿو. گوشت حاصل ڪرڻ لاءِ، ڳوهون ۽ سيڙهيون جهلين. جيڪي اهڙي حرام تي پاڻ کي هيرائي ڇڏين ٿا، تن لاءِ جهنگ مان ڪو تتر ڀڙڪو ڏئي نڪري پوي ته عيد ٿي پوين. تتر هڪ ته حلال، ٻيو سندس گوشت سوادي ۽ لذيذ.
اهڙيءَ طرح ٻليءَ لاءِ وري ڪُئي جو شڪار، ڏاڍو مرغوب مشغلو ۽ قُوت آهي. ڪُئي تي نظر پوڻ سان، پئي ٽپا ڏيندي ۽ ڇانهر ڪري مٿس جهپڙڪا ڏيندي.
مطلب: ۱ - مرغوب مشغلو ڏسي، هر ڪنهن جي دل اڇلون ڏيندي آهي. (۲)

117. ٻنڌي ڀار لک ڪي، کُلي تو بيکر جاءِ.
(راجسٿان، پهاڪو)
ڀارِ: هار، تسبيح. بيکر جاءِ: بکر جانا، وکري وڃڻ، وڇڙي وڃڻ، ڇڙوڇڙ ٿيڻ، ٽڙي پکڙي وڃڻ، داڻو داڻو ٿي وڃڻ، ڪڻو ڪڻو ٿي وڃڻ.
تسبيح يا هار، مڻيو مڻيو ڪري، هڪ سڳي ۾ پوئي، لڙهي ٺاهبي آهي. جڏهن مڻيا، داڻو داڻو ٿي، هڪ سڳي معرفت پاڻ ۾ جڙيا رهن ٿا ته هارُ به سڏائين ٿا ۽ اهو هار، ڄڻ لک لهي. ساڳيو هار، جيڪڏهن ٽُٽي ته ڪڻو ڪڻو ٿي وڃي ۽ قيمت به ڪري پويس.
اهڙيءَ طرح ڪٽنب جا ڀاتي پڻ آهن. ڪڻو ڪڻو ٿي، هر ڪو ڄمي ٿو ۽ ڪٽنب جي لڙيءَ ۾ پوئجي وڃي ٿو، جنهن سان حويليءَ جهڙي مالها يا لڙهي جڙي ٿي. اها لڙهي، جيستائين پاڻ ۾ جڙيل آهي، تيستائين لک لهي. جڏهن ٽٽي ٿي ته، گهر-ڀاتي ٽڙي پکڙي ٿا وڃن. منجهانئن ساڳي سڪ، محبت ۽ مريادا مريو وڃي. هڪ ٻئي جو ساٿي ۽ مددگار، همدرد ۽ هڏڏوکي ٿيڻ بجاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ويري ۽ دشمن ٿيو پون.
مطلب: ۱ - گڏ رهڻ ۾ عزت، ٽڙي پکڙي رهڻ ۾ ڀؤ رهي ٿو. (۱) ص ۳۷۴.

118. ٻولي نِه ٻاپ، هيڪ اَهين. (چوڻي)
ٻولي: ٻول، وچن، واعدو. ٻاپ: باپ، پيءُ.
وچن؛ زبان يا واعدو ڪري ڦرڻ، مڙس جو ڪم ناهي. بي ضمير ماڻهو ئي واعدي تان ڦرندو آهي. واعدو پارڻ لاءِ، هر مذهب ۾ ايترو تاڪيد ٿيل آهي، جيترو پيءُ ماءُ جو احترام ڪرڻ لاءِ چيل آهي.
پيءُ ماءُ جو احترام به، خدائي احڪامن کي اکين سان مڃي ۽ دل سان واعدو ڪرڻ پڄاڻان ئي ڪجي ٿو.
مطلب: ۱ - وچن ۽ پيءُ، هڪ هوندا آهن.
۲ - وچن ۽ والدين جو احترام ڪرڻ ۾ عزت آهي.
۳ - واعدي ۽ پيءُ جي نالي کي نه لڄائجي.
۴ - واعدو ڪجي ته پاڙجي.
۵ - جيڪو واعدي تان ڦريو، تنهن ڄڻ پيءُ ماءُ کي لويو.
۶ - ٻول/ وچن ۽ پيءُ، ڪڏهن نه مٽائجي. (۶) ص ۹۲.

119. ٻيٺي ستي ڏومڻي، گهر ۾ گهتيو گهوڙو،
اڳ هَتي هيڪلي، همين ٿيو جوڙو. (پهاڪو)
ڏومڻي: ڏوم جي زال، مڱڻهار جي زال، مڱڻهارڻ، لنگهياڻي. گهتيو: آيو، وڌيو. هَتي: هئي. همين: هاڻي. جوڙو: ٻه ڄڻا.
مڱڻهار ٿورو گهڻو ڪمائي ايندو هيو، جنهن مان جوڻس ٿورو ٿڪو خرچ ڪري، گهر جي پورت به ڪندي هئي ۽ پاڇي به بچندي هين. لنگهياڻيءَ کي پنهنجي سس کان علاوه فقط مڙس جي ٽهل ٽڪور ڪرڻي پوندي هئي.
جڏهن کان مڙسس کي، راجا وٽان گهوڙو انعام ۾ مليو آ، تڏهن کان ننڊ حرام اٿس. هاڻي مڙس جي خدمت چاڪريءَ کان علاوه، گهوڙي جي لاءِ به وڏي کاٻار ڪرڻ ٿي پويس. صبح کان شام تائين فقط ڪم ئي ڪم اٿس.
مطلب: ۱ - هڪڙو ڇڙو سر پالڻ سولو؛ جاتي رڌي تاتي کاڌي. جاتي رات پئي، تاتي وهامي وئي. ان جي برعڪس سگهري ماڻهوءَ لاءِ، وڏا ڏچا آهن.
۲ - سائين ته سائين، سائينءَ جو گهوڙو به سائين.
۳ - ڀلا گهوڙا در تي پالڻ ڏکيو ڪم آهي.
۴ - مال وغيره ڌارڻ سان سک ڦٽي وڃن ٿا. (۵)

120. ٻيجا سڀ ورچڻا، متي ورچي ڪاڙا ميهه،
تين ورچي ڀوپت ڏلين، ساجن ٿين ڇيهه. (چوڻي)
ٻيا سڀئي ورچي ڪڪ ٿي بيزار ٿين ٿا، پر اي ڪارا ميگهه تون ڪڪ ٿي هٿ نه ڪڍجانءِ. جيڪڏهن تو هٿ ڪڍيا ته راڄ-ڌڻي به رلي ويندا ۽ سڄڻ به ڏلي ڏور ڏيهه وڃي آباد ٿيندا..
آرهڙ جي لُڪن ۽ جهولن کان پوءِ، مينهن جي مند کي سارڻ شروع ڪبو هو. مئي، جون جولاءِ جي مهينن ۾ مينهن ترايون تار ڪندو هو ته ورهيه ڀلو جي نه ته ڏڪار يا سُڪ-سالي جيڪا شدت اختيار ڪندي هئي ته ڪارو ڏڪار جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ان ۾ راڻين جا ڪنگڻ ڍرا ٿي پون ٿا يعني سندن جسم جو ماس ڇڻي وڃي ٿو ۽ سندن ڏٻرائي ڏولائي جو اهڃاڻ ٿي اڀري ٿي. راڻيون بادشاهن جي گهرن ۾ هجڻ ڪري سدائين خوشحال هونديون آهن جڏهن انهيءَ خوشحال طبقي تي اهڙا ڏينهن اچن ته پوءِ عام لوڪ جو ڪهڙو حال هوندو؟
مطلب: ۱ - مينھن جو نه وسڻ، زندگي عذاب ڪري ڇڏيندو آھي.
۲ - چون قحط سالي شود اندر دمشق، ڪه ياران فراموش ڪردند عشق.

121. ٻيسي ڏوھئجي ٻڪري، ڀيچي ڏوھئجي اُٺ،
جيڪو لڳي واءُ، اوئي نا ڏيجي پُٺِ. (پھاڪو)
ٻڪريءَ کي ويھي ڏھجي. ڏاچي قداور آھي، تنھنڪري کيس ڏھڻ لاءِ بيھڻو پوندو. اھڙيءَ طرح جھڙو واءُ لڳي، تنھن کي تھڙي پٺ ڏجي. ڇو جو واءَ کي سامھون ٿي ھلڻ / ويھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. (۳۶)
مطلب: ۱- ويٺي ڏڀي سڀڪا، بيٺي ڏڀي اُٺِ،
جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پُٺِ.

122. ٻِين ري گهري ڀائي، سسو ري گهري جوائي. (چوڻي)
ٻين: ڀيڻ. گهري: گهر ۾. ڀائي: ڀاءُ. سسو: ساهرا. جوائي: نياڻو.
ٿر جي علائقي ۾ رهندڙ هندو ۽ ٺڪر، مهيشوري ۽ برهمڻ، گهر ۾ اچڻ تي ٻن مردن کي وڏو مان ڏيندا آهن. هڪ ساهرا، جڏهن نياڻو سندن گهر ۾ ايندو اٿن. ٻيو ڀيڻيويا، جڏهن سالو سندن گهر ۾ اچي. يعني زال جو ڀاءُ گهر ۾ اچي يا نياڻيءَ جو مڙس گهر ۾ مهمان ٿي اچي، ٻنهي کي وڏو قرب ۽ تعظيم ملندي آهي.
مطلب: ۱ - سالا، ڀيڻيويي جي ۽ ساهرا، نياڻيءَ جي، وڏي خاطر تواضع ڪندا آهن.
۲ - ايڪ طرف ساري خدائي، دوسري طرف جورو ڪا ڀائي.
۳ - ساهري گهر ناٺي، ڪتي جي آچار. (۵)