ع
98. عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جائي،
اٺ ڇُٽو ڪڻڪ ۾، تو ڀي ڪنٽا چُڻ چُڻ کائي. (پھاڪو)
کائڻ ۾ ھر ڪو سٺي ۽ چڱي شيءِ پسند ڪندو آھي. وس ويندي خراب شيءِ جي ويجھو به نه ويندو آھي. جيئن ڪڻڪ، کائڻ جو ان آھي، ھر ڪو اھا کائيندو آھي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪنڊا، کائڻ جي شيءِ/ وٿ ناھن، تن کان ھر ڪو پاسو ڪندو آھي. پر عادت اھڙي بري بلا آھي جو اھا جڏھن ڪنھن ڪني شيءِ واپرائڻ تي ھري ٿي ته ورلي وڃي ٿي. جھلڻ جي باوجود، عادتي اتي پھچيو وڃي. جيئن اٺ، ڪڻڪ ۾ هوندي به ڪانڊيرا کائي. ڇو جو ھو پنھنجي عادت آڏو مجبور آهي.
مطلب: ۱ - عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جاءِ،
اُٺ پئي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ. (سرو)
۲ - عادت نه ڇڏي عادتي، عضوو نه ڇڏي جاءِ.
ڪتي کي تخت تي ٻلھاءِ، ته به چڪي چٽڻھارڪو. (ساهتي)
۳ - عادت وڃيس نا، علت ڪڏهن نه جاءِ،
اٺ ڪڻڪئه ڇڏيئه، چُڻ جواسا کاءِ. (قاضي قادن ۶۲)
۴ - انسان عادتن جو غلام آهي. (جپاني)
99. عاشق ان کي چئجي، جو اٺئي پھر اداس. (چوڻي)
عاشق لکي وصال جي اڻتڻ لڳل ھوندي آھي. اگر عمر وڌي وڃيس ته به لڳل چڻنگ، سندس من مان نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندي آھي. البته عشق جو رخ تبديل ضرور ٿئي ٿو. مجازيءَ کان حقيقت جي راھ تي گامزن ٿئي ٿو. وچ وارين منزلن؛ شريعت، طريقت ۽ معرفت تي پڻ عمل پيرا ٿيندي وڃي حقيقت تي رسي ٿو. ان ھڻ وٺ ۾ سدائين پريشان حال رھڻ ھڪ فطري جز آھي، جيڪو عاشق کي خوار ڪندو رھي ٿو.
ٿر اندر ڏڪار سبب، هڪٻئي کي چاهيندڙ ڪيتريون ئي دليون وڇڙي وڃن ٿيون. سندن دلين ۾ وري ملڻ يا وصال لاءِ پڻ تڙپ رھي ٿي. جنھن سبب، سڄڻن کي ياد ڪندي، هميشه اداس رهنديون آهن. (۳۵) ص ۲۵۱
مطلب؛ ۱- عاشقان را شش نشانيان است اي پسر! آه سرد، رنگ زرد، چشم تر، انتظاري، بيقراري، بيقدر. (شيخ سعدي)
۲- اي پٽ! عاشق جون ڇهه نشانيون آهن؛ کاڌو نه کائڻ سبب ڪمزور ۽ هيڊو ھوندو. وڇوڙي سبب شوڪارا پيو ڀريندو. اکين جا تُنر، پاڻيءَ-ٻڏل ھوندس. اکين ۾ ديدار جو انتظار هوندس. دل بيقرار هوندس. هڪ جاءِ تي ٽڪاءُ نه ھوندس بلڪ دربدر رهندو. (ترجمو)
100. عقل؛ وڏي اٽڪل. (چوڻي)
دنيا اندر، حياتي گذارڻ لاءِ، انسان کي لامحدود صلاحيتن سان سنواري موڪليو ويو آھي ته جيئن زندگي آسانيءَ ۽ سولائيءَ سان گذاري سگھي. مڙني صلاحيتن کان مٿانھين صلاحيت عقل آھي، جيڪا کيس ٻين ساھدارن کان ممتاز ڪري ٿي. عقل اھڙو وقوف يا اٽڪل آھي، جنھن سان انسان ڏکيا ۽ منجھيل مسئلا حل ڪري ٿو. ان ھوندي به عقل ھلائڻ جي ھڪڙي حد مقرر ٿيل آھي. ان کان مٿي عقل ھلائڻ منجھان، نفعي بجاءِ نقصان ئي ٿيندا آھن. ڇو جو جتي ڏاھپ واري عقل جي حد پوري ٿيندي آھي، اتان لالچ ۽ لوڀ واري عقل جي سرحد شروع ٿيندي آھي. اتي ڏاھپ تي پردا چڙھڻ شروع ٿي ويندا آھن. اٽڪل وارو عقل، جيڪو انسان کي فائدي رسائڻ سان گڏ، جان مال جي حفاظت ڪري، سو ان حد تي پھچندو آھي، جنھن سان کيس نقان رسڻ شروع ٿي ويندو آھي. (۳۵) ص ۲۴۱
مطلب؛ ۱ - هر ڪم جي ڪاميابي اٽڪلن ۾ رکيل ناھي.
۲ - سوچ سمجهه کان خالي اٽڪل، ڪو به فائدو نه ڏيندي آھي.
101. عقل وِراڻي، تڏين اٽي ڇاڻي جلين. (ڪڇ، چوڻي)
وراڻي: ورهايو پئي. تڏين: تڏهن. اٽي- ڇاڻي: اٽي ڇاڻڻ وارو پرڻ. جلين: جهليائين.
اهو هڪڙو خيالي تصور آهي ته سمورا انسان، هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ، پنهنجو نصيب پنهنجي هٿن سان وٺي آيا آهن. نصيب ورهائڻ واري هنڌ، هر شيءِ جي ورهائڻ لاءِ قطارون لڳل هيون. اتي عقل ۽ حسن، ڌن ۽ دولت وغيره جڏهن ورهايا پئي ته ڪن ماڻهن سانڍي وٺڻ لاءِ ٻوريون ڀريون. ڪن گاڏيون ڍڪايون، ڪن فقط ٻڪ جهلي ورتو ته ڪن وري پرڻ ۾ نصيب پئي ورتو، جنهن ڪري ان مان به کسڪي وهي وين.
گهٽ عقل واري لاءِ ائين مثال ڏبو آهي. جڏهن عقل پئي ورهايو ته اتي هن پرڻ جهليو. کيس مليو ته گهڻو، پر پرڻ جي وٿين مان، پنهنجي اڍنگائي سبب، وهائي آيو.
مطلب: ۱ - بيوقوف ماڻهوءَ کي ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
۲ - جڏهن عقل/ بخت ٿي ورهايو، تڏهن پرڻ جهليو هيئي ڇا؟
۳ - عقل پئي ورهايو ته تو جهليا ٻئي ٻڪ! (ساھتي)
۴ - جڏهن عقل/ حسن پئي ورهايو، تڏهن ڪاٿي هئين. (۱) ص ۱۷۴.
102. عمر نيئي نيئي مارئي نيندو،
ٿرئون ته ڪو نه ٿيلهيندو. (پھاڪو)
عمر- مارئي، ٿر جو هڪ قصو آهي، جيڪو سنڌ جي داستانن منجھ وڌيڪ مشھور آهي. ان قصي مطابق؛ عمر سومرو، سنڌ جو حاڪم هيو. مارئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻُڌي، مٿس موهت ٿي پيو. جڏهن خبر پيس ته اها اڳي ئي ڪنھن جي مڱ آهي ۽ سندس ٻانهن گهرڻ لاءِ رستو بند ڏسي، کيس کڻڻ جي چال سٽيائين. تاڙ ڪري، کيس پاڻي ڀريندي، ڀالوا جي کوهه تان اچي اٺ تي کنيائين ۽ راتو رات هاڻو هڻي عمرڪوٽ ۾ اچي قيد ڪيائين. مارئي، نه سندس ملڪيت تي هرکي ۽ نه ئي وري سندس حشمت تي ڊني. بلڪ دليريءَ ۽ بھادريءَ سان، پنھنجو ست سيل قائم رکيائين.
هتي عمر سومري جي طاقت بابت اشارو آهي ته ان جو وس، فقط ايترو هيو جو مارئيءَ کي کنائين. مارئيءَ کي مڃائڻ جيترو وسُ، وٽس نه هيو. نه کيس، ڪنھن کي ٿر مان ٿيلهي ڪڍڻ جيترو وس هيو ۽ نه ئي ٿر کي اونڌو ڪرڻ جيتري طاقت هيس.
مطلب: ۱ - دنيا جي حاڪم جو وس، محدود آهي.
۲ - رب جي تڪويني عمل ۾، دنيا جا بادشاهه به دخل نه ٿا ڏئي سگهن.
103. عورت ڇڏي گهر کي، جيڪا گُهمي گهَٽُ،
راس بنان، روڪڙ سوا، جيڪو کولي هَٽُ،
ٽيون کارو کوھ ۽ چوٿون کوٽو وَٽُ،
چار ئي چَٽُ. (چوڻي)
گهٽ: گهٽ گهيڙ، ٿاڪ، هنڌ ماڳ. راس بنان: تجربي کان سواءِ.
روڪڙ سوا: ڏوڪڙ سواءِ، ڏوڪرن کان سواءِ، بنا پئسي، بنا موڙيءَ جي.
۱ - عورت جي عزت ۽ سونهن، گهر اندر رهڻ ۾ آهي. گهر کي ڇڏي گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئڻ ۾ عزت ناهيس. گھمندڙ عورت منجھ، هر ڏسڻ وارو، اميد رکندو آھي. مٿس حسد ڪندو آھي. حاصل ڪرڻ لاءِ ريس ڪندو آھي. آخر ۾، اھڙا ڪيئي اميدوار، پاڻ ۾ وڙهي به پوندا آھن. پڇاڙيءَ ۾ اها گهمندڙ عورت، پنهنجي چاهيندڙن جي نظرن ۾ به ٿوڪاري يا ڪاري ڪئي ويندي آھي.
۲ - جيڪو ماڻهو بنا تجربي ۽ موڙيءَ جي وڏو هٽ کوليندو، سو جلد دڪان جو ڏيوالو ڪڍندو. دڪان کولڻ لاءِ، اڳواٽ دڪان هلائڻ جو تجربو هئڻ ضروري آھي. پهرين ڪنهن سٺي دڪان تي نوڪري ڪجي. اتان هٽ هلائڻ جا گُرَ سکجن، ان کان پوءِ هٽ هلائجي. جيڪڏهن ائين نه ته پوءِ، هلڪڙو دڪان کولجي، جنهن جو نفعو ۽ نقصان ٿورا هجن. ان ھلڪي هارَ-وِيرَ مان به ڪافي تجربو ۽ سکيا ملندي. بعد ۾ ڪاروبار وڌائيندو وڃجي. ٻي صورت ۾ وڏو نقصان پوندو.
۳ - کوھ جو پاڻي کارو هوندو ته ماڻهو نه پيئندا، پر مال به نه پيئندو. جيڪو پيئندو سو پيٽ-سور ۾ پيو مرندو. جنھن سببان کاري کوھ مان، ڪير به پاڻي ڪڍڻ جي تڪليف نه ڪندو. جنهن کوھ مان پاڻي نه نڪرندو، تنهن جا نار جلد بند ٿي ويندا. جنهن کوھ جا نار بند ٿيا، ان جو بيٺل پاڻي ڌپ ڪندو ۽ آهستي آهستي، مٽي وغيره پوڻ سان کوه ئي لٽجي ختم ٿي ويندو.
۴ - وَٽُ، اگر ڪسو يا کوٽو آهي ته گراهڪ ۽ دڪاندار، ٻنهي لاءِ نقصانڪار آهي. گراهڪ دڪاندار کي بي ايمان پيا سمجهندا ۽ کانئس سودو وٺڻ کان پيا لهرائيندا. ان مان به گهڻا نقصان آهن.
مطلب: ۱ - عورت کي پردو کپي، واپاريءَ کي تجربو ھجي، جر جو پاڻي مٺو لڀجي ۽ تورڻ لاءِ وٽ، وزن ۾ پورو هجي. (۴) ص ۲۴۵.
104. عورت ۽ گهوڙو ان جو، جنهن جي قبضي ۾. (چوڻي)
عورت فطرتي طور، طبعاً ٻير جي ڪاٺيءَ وانگر ضديري ۽ ڏنگي ٿيندي آهي. ٻير جي ڪاٺيءَ کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٽٽي پوندي، سڌي نه ٿيندي. عورت به پنھنجي ضد تي قائم رهندي آهي. اگر ڪنهن سان سندس دل لڳي ۽ ان جي ڪڍ لڳي ته موٽي مائٽن کي به نه ليکيندي. ڀلي سندس مائٽ، ڪيترا به حيلا هلائن ۽ ڪيس ڪن پر سندن جي نه ٿيندي. ان جي ئي ٿيندي، جنهن جي قبضي ۾ سندس دل آهي. چوڻي آھي؛ ’عورت ضد تي چڙھي، پاڻُ ڪھائي ته به نه مُڙي.‘
گهوڙو پڻ طبعًا ارڏو ۽ اڙٻنگ ٿيندو آهي. جھڙي تھڙي کي، واڳ ۾ ھٿ وجهڻ نه ڏيندو آهي. اَڙي هڻي چڙهڻ پري جي ڳالهه، توٻري ته به وٺ نه ڏيندس. باقي جنھن سان ٺهي وڃي ته پوءِ ڪيا بات آهي. مالڪ به هٿ پٽي ويندو ۽ ان سئيس جي حوالي ڪري ويندس. اگر گهوڙو کيس ڌارڻو ئي هوندو ته سئيس کي به نوڪر رکي پالڻو پوندس.
مطلب: ۱ - عورت ۽ گهوڙي جا، حقيقيت ۾، مالڪ اهي آهي جن جي هٿن ۾ سندن دل ۽ واڳ آهي.
۲ - عورت/ گهوڙو، جنهن جي قبضي ۾ آيا، تنھن جا.
۳ - گهوڙو ۽ رن، ران سان. جنھن جي ران ۾ طاقت سٻر يا سوائي آھي، ٻئي انھيءَ سان ھوندا.