لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ھ

ھ

401. هاٿي ڪريا ڪامڻا، ڪي نان ڏيان ڏوس. (پهاڪو)
هاٿي: هٿ سان. ڪريا: ڪيل. ڪامڻا: ڪڌو ڪم، ڀُتو ڪم، ڀُڏا ڪم.
ڪي نان: ڪنهن کي. ڏوس: ڏوهه
انساني فطرت آهي ته ڪم ڪرڻ وقت، احتياط وڏو ڪندو آهي. سوچ ويچار ڪري، پوءِ ڪم ۾ هٿ وجهندو آهي. ٻين جي ڪيل ڪمن تي به ڪڙي ۽ تنقيدي نگاه رکندو آهي. عيب ڪڍڻ ۽ پچارڻ به، ماڻهوءَ جي فطرت ۾ شامل آهي. ٻئي جي ڪيل غلطيءَ تي ٽوڪڻ ۾، فرحت پيو محسوس ڪندو. پاڻ غلطي ڪندو ته به پاڻ کي حق تي پيو سمجهندو، ڇو جو ڪم ڪرڻ وقت احتياط ڪيو هوندائين. نتيجو جيڪڏهن برو نڪتو آهي ته ان تي ارمان ته ٿيندس پر پشيماني يا پريشاني نه ٿيندس. پنهنجي ڪيل ڪمن جي نتيجي تي، اکيون پوري پيو آمنا واريندو. جيڪڏهن دانهن ڪوڪ ٿو ڪري ته ٻيا ٿا چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪنس. جيڪڏهن چيڙايائونس نه ۽ رڳو آڏي پڇا ڪيائونس ته به سوال جواب ۾ وٺجي ويندو. تنهن ڪري، مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ، ڪري پيو اندر جون مڪون اندر ۾ هڻندو. پنهنجي ڳالهه، ويهي وائرڻ کان، ماٺ کي پيو ترجيح ڏيندو.
مطلب: ۱ - پنهنجي ڪيل غلطيءَ جو تدارڪ، ڏاڍو اڻائو آهي.
۲ - هٿ جي وڍيءَ جي، ڪنهن کي ڏجي دانهن؟
۳ - هٿ جي وڍيءَ جو، نه ويڄ نه طبيب.
۴ - هٿن سان ڪيل غلطيءَ جو ڏوهه، ڪنھن کي ڏيان؟
۵ - پنھنجي ڪئي جو؛ نه ويڄ، نه طبيب.
۶ - پڙھيام جي پاڻان، سي ئي سيل ٿيام،
اکر اڳيان اچي، واڳون ٿي وريام. (۶) ص ۱۳۸.

402. هاڪا ڪجن، هوڪا ڪجن، هو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي. (چوڻي)
جهڳڙو/ جهيڙو، ڪنهن به صورت ۾ سودمند ناهي. امن ۾ خلل، سڪون ۾ ڏُڦيڙ، معاملي ۾ ڪروڌ ۽ عشق ۾ گهاري، ڪير به پسند نه ڪندو آهي. سمورا معاملا، ڌيرج، سوچ ويچار، صبر سان ئي حل ڪري سگهجن ٿا. جيترو منجهن جذباتي ٿبو يا جيترو هلڪي سوچ رکبي، اوترو معاملا بگڙندا/ گنجرندا. سڌرندا هرگز نه.
جيڪڏهن ڪنهن سان جهيڙي وارو معاملو ڳچيءَ پئجي وڃي ته اول هاڪڙ هوڪڙ يا ڏکو ڏيڪر ڪجي. ڏڏي ڦڏي سان نه ڀڄي ته دانهن دونهن ڪجي. ٻين آڏو دانھڻ سان نه ٽري ته پوءِ پاڻ پاسو/ ٽارو ڪري وڃجي. ٽري وڃڻ به حڪمت عملي آهي. ڇو جو جيڪو هاڪڙ هوڪڙ تي نه ڀڳو آهي، تنهن جو ڪيرو ضرور مظبوط هوندو. اهڙي ماڻهوءَ سان ٽڪر کائبو ته نقصان ئي رسندو.
مطلب: ۱ - کڙڪي/ دڙڪي/ دهمان سان، مراد حاصل نه ٿئي ته، ڀڄي جان ڇڏائجي. اجايو جهڳڙو جوٽي، جيءُ جنجل ۾ نه وجهجي.
۲ - ڏکو ڪجي، ڏيکر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.
۳ - ٺڙ ڪجي، ٺڙ ٺڙ ڪجي، ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ئي ڀڄجي.
۴ - ڏڏو ڪجي، ڦڏو ڪجي، ڏاڏر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.
۵ - ڏڏر ڪجي، ڏيڪر ڪجي، هو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.
۶ - ڏڏو ڪجي، ڏيکر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي. (۵)

403. هٿ، ڄٽ، ڦٽ، سر، سوئر، پنج ئي ٻڌا چڱا. (چوڻي)
۱ - هٿ، جسماني عضوو آهي، جنھن سان دنيا جا تمام گهڻا، بلڪ اڪثر ڪم سرانجام ٿين ٿا. دنيا جي سموري ترقيءَ ۾، انساني هٿ جو هٿ، ضرور آهي. اهڙيءَ طرح تنزل ۾ پڻ هٿ ئي ملوث نظر آيو آهي. تنھنڪري، هٿ جو استعمال، هر ڪم ۾ احتياط سان ڪيو وڃي ته بھتر آهي. احتياط جو جيستائين تعلق آهي ته اهو هر ان عضوي استعمال ڪرڻ وقت لازمي آهي، جنھن جو نالو پڻ ٻن اکرن تي مشتمل هجي. جيئن: اک، هٿ، ٻڪ، لپ، نڪ، چپ، هَڏَ، گُڏ، دُڏِ، لڱ، رت، دل، من، تن، دن، ڪن يا انھن جي هم وزن نالن وارا ٻيا عضوا وغيره. نه ساڻن کينس ڪجي، نه ئي ڪنھن ڇيڙخانيءَ ۾ کين ملوث ڪجي.
۲ - ڄٽ جي جيءَ ۾ جيڪي ايندو آهي، سو ئي ڪندو آهي. کيس نتيجي جي نه ڄاڻ هوندي آهي ۽ نه پرواهه. کائيندو ته لاپرواه ٿي، بي تحاشا کائيندو. وزن ڍوئڻ وقت به وزن جي پرواهه نه ڪندو، ڀلي عضوا ٽٽي کري پون، مڙندو ڪين. جنهن سببان چون: ڄٽ، چاءِ مري يا کاءِ مري. تنھنڪري مٿس ڪڙي نظر رکڻ تمام ضروري آهي.
۳ - ڦٽ جو تعلق پڻ ساهدار جسم سان آهي، جنھن منجهان رت جي نڪرڻ جو انديشو آهي. رت ۾ ٻاهريان جراثيم، ڦٽ ذريعي داخل ٿي سگهن ٿا ۽ موت جو سبب به ٿي سگهن ٿا. جان ليوا بيماريءَ جو ڪارڻ ٿيندڙ ڦٽ به ٻڌل هوندو ته جسم تي بيماريءَ بڙيءَ جي حملي جو امڪان، گهٽ رهندو.
۴ - سر، سنهو ۽ ڪاتيءَ وانگر تکو وڍيندڙ هوندو آهي. بي خيالو، منجهس هٿ پيو ته رت ٺينڍيون ڪري پيو وهندو. ان ڪري منجهس هٿ وجهڻ کان پهرين، هٿ کي ڪپڙو وغيره ويڙهي محفوظ ڪجي.
۵ - سوئر به بيغيرت جانور آهي. قطار ڪري ماديءَ تي چڙهندو آهي. جڏهن ٻئي ساهدار تي حملو ڪندو آهي ته ٻه چار ڪپ کائي وجهندو آهي. انهيءَ ڪري کيس شڪاري، پنجوڙن ۾ بند ڪندا آهن.
مطلب: ۱ - ضرر رسان شيءِ جا رستا بند ڪرڻ، اشد ضروري آهن.

404. هٿن جون سڀ آڱريون، سريکيون ڪو آهن. (پهاڪو)
سريکيون: برابر، هڪجھڙيون. ڪو: نه.
انساني هٿ اندر، آڱوٺي کان علاوه چار آڱريون؛ چيچ، ٻاچ، وچين ۽ ڏسڻي، رب طرفان عطا ٿيل آهن. پنجن کي پاڻ ۾ هڪ-ڪرو ۽ هڪ-جيڏو نه رکڻ ۾ ڪيئي مصلحتون ۽ فائدا آهن. اگر هڪ جيتريون ۽ هڪ جيڏيون هجن ها ته شايد، لپ، ٻڪ، ۽ مُڪ منجهانئن جڙي نه سگهي آهي. گمان آهي ته پڪڙڻ جي صلاحيت به هٿ ۾ ساڳي نه هجي ھا ۽ نه ئي وري ايتري خوبصورتي هجيس ها. آڱرين جي به ڪا الڳ شناخت نه رهي ها. اختلاف سان، منجهن شان ۽ رونق آهي. دنيا اندر، مڙني شين منجهه تضاد، پڻ سندن خوبين ۽ خصوصيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ نکار آڻڻ لاءِ رکيو ويو آهي.
هڪ ئي ماءُ/ امڙ جي پيٽان ڄاول ٻار، هڪجھڙا، هڪجيترا ۽ ساڳئي مهانڊي ناهن. سندن خوبيون، خصلتون ۽ ڌنڌا ڌاڙيون پڻ هڪ-ڪرا ۽ هڪجھڙا ناهن ۽ نه وري سندن دماغي قوت، سوچڻ سمجهڻ جي لحاظ کان ساڳي آهي.
مطلب: ۱- آڱر ۽ آڱوٺي ۾ تفاوت آهي. (ساهتي)
۲- هڙئي ڀائر، هڪجھڙا ناهن.
۳- پنج ئي آڱريون، برابر ناهن.
۴- ڪنڀر جي هڪ ئي آويءَ جا ٿانءَ، ڪي پڪا ڪي ڪچا.
۵- امڙ جو پيٽ، ڪنڀر جي آويءَ وانگر آهي، منجهانئس ڪو ڍلو ته ڪو ارڏو اولاد ڄمي ٿو.

405. ھٿوڙي رو گھاءُ، ايرڻ جھلي. (پھاڪو)
رو؛ جو. گھاءُ؛ زخم، ڌڪ. ايرڻ؛ سانڌاڻ.
لوھ کي موڙڻ لاءِ نرم ڪرڻ خاطر، گرم ڪبو آھي. تتل لوھ کي موڙڻ لاءِ، سانڌاڻ تي مترڪن يا وڏاڻن سان ڪٽبو آھي، تڏھن وڃي مڙندو آھي. مترڪن جا ڌڪ، لوھ جو سانڌاڻ ئي سھي ٿو، ٻئي جي سھڻ جي بات ناھي.
ٿر اندر آيل ڏڪارن سبب، ڏنجها، ڏولاوا ۽ ڏاکڙا ٿين، جيڪي اتان جا رھواسي ئي، ڏٿ تي گذارو ڪري، برداشت ڪري سگھن ٿا. ٻين جي سھڻ جي جاءِ ناھي. (۳۵) ص ۲۶۷
مطلب؛ ۱- مترڪي جو ڌڪ، صرف سانڌاڻ ئي سهي سگهي ٿي.
۲- گھوڙن جا ڌڪ؛ يا گھوڙا جھلين، يا ٻيڙا جھلين.
۳- ڀيٽيو؛ ڏکن ۾ ڏاڍو ٿجي، سکن ۾ سرهو نه ٿجي.

406. هجي روٽلو ساڻ، ته رهجي رائلي ۾. (ڍٽ، چوڻي)
رائلو: ڳوٺ جو نالو.
سخاوت، هر ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. ڳوٺ اندر مڙيئي ماڻهو، هڪجھڙا نه هوندا آهن. ڪي سخي هوندا ته ڪي ڪنجوس يا پڪا هوندا. ڪي وري اصول جا پڪا هوندا آهن. وقت تي سخاوت، وري وقت تي پڪائي. ائين ڳوٺ راڄ جو وهنوار هلندو رھندو آهي.
ورلي ائين به ٿيندو آهي، جو سڄي ڳوٺ جا مرد ماڻهو، سخي هجن. ائين به ورلي هوندو آهي جو سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ڪنجوس ۽ شوم هجن. مليل جليل رجحان، ھر ھنڌ ڪارفرما هوندو آهي.
اتفاق سان، ڪي ڳوٺ يا وسنديون، ڪن ماڻهن جي حرڪتن ۽ پڪائيءَ وارين جُٺين سبب، بدنام ٿي ويندا آهن. نام-ڪٺيو ٿيڻ پڄاڻان، پيا راڄن ۾ ڳائبا آهن. اھڙيءَ طرح رائلو ڳوٺ جا ماڻهو به مھمانن کي ماني کارائڻ ۽ مھمانداريءَ ۾ ڪسا هوندا هيا، جنھن سببان ڳوٺ جو نالو ائين لوئجڻ لڳو.
اھو ئي سبب آھي جو مسافر کي ڏس ڏنو ويو آھي؛ اگر وٽس، ماني ساڻ آهي ۽ پوءِ کيس رات رائلي ۾ پئجي وڃي ته ڀلي منجھس رھي. ٻي صورت ۾، رائلي ڳوٺ ۾ نه رهجي. ڇو جو رائلي جا رھاڪو، خاص طور تي رند قبيلي وارا، مھمانن سان برتاءُ ڀلو نه ڪندا ھيا ۽ ماني کارائڻ يا مهمانداريءَ ۾ پڻ ڪسا ھيا.
مطلب: ۱- پڪن ماڻهن وٽ، وس ويندي مھمان نه ٿجي.
۲- اگر رائلي ۾ رهڻ ضروري هجي، ته پوءِ ماني ساڻُ کڻي اچجي.
۳- ثمر هجئي ساڻ، گهڙي پئو منجهه گهٽاڻ (لاڙ)
۴- ثمر هجئي ساڻ ته؛ گهڙي پئهُ گهٽهڙ ۾. (سرو)
۵- ثمر هجئي ساڻ ته؛ ڀڄ ڀاڏاين کان. (سرو)
۶- ثمر نه هجئي ساڻ ته؛ ڀر وٺ ڀاڏاين جي. (لاڙ)
۷- سن آهي من، مانيءَ کان ٺنان ٺن. (سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ، سن شھر لاءِ، ائين مشھور ٿيو.)
۸- ثمر ھجئي ساڻ ته؛ وڃي رھ رائلي ۾. (۳۳)

407. ھڏي تي ھوڏ، ڪتن جو ڪم. (پھاڪو)
ماني کائڻ وقت، رڳو پنھنجي پيٽ جي لوري نه ھئڻ گھرجي. انساني اخلاقيات اھا آھي ته اگر ڪو مھمان مڙو يا دوست يار ان وقت اچي سھڙي ته ان جا به ھٿ ڌورائجن. ڪن ته ائين به چيو آھي ته اگر ان وقت ڪو ڪتو ٻلو به اچي پھچي ته ٽڪر ان کي به اڇلي وجھجي ته جيئن کاڌي تي ان جي نگاھ نه ٿي پوي.
ڪتن جو خاصو آھي ته جيترو به اڳيان ھوندن، سو ٿورو پيا ڀانئيندا. ٻئي ڪتي کي ڏسي پيا مٿس گِرندا ۽ اُلرندا. گوشت ته ڇڏ، ڇڙي هڏي تي به پيا وڙهندا جھِڙندا. ان جي آڏو به ڪنھن کي اچڻ نه ڏيندا. (۳۵) ص ۲۴۲
مطلب؛ ۱- لالچ ۾ اچي، ٻئي جو حق نه کائجي.
۲- مفاد پرستي ۾ اچي، ٻين سان وڙهي امن امان ۾ رخنو نه وجهجي.
۳- پنھنجي سر کان وڌيڪ، ٻين جي جان جو خيال رکجي.
۴- کائڻ وقت وڙهڻ ۽ گرڻ، ڪم ڪتن جو.
۵- کائڻ وقت صلاحڻ ۽ ٻئي جو خيال رکڻ، خاصو انسانيت جو.

408. هُردو دنيادار جو، پاهڻ کان به پري. (چوڻي)
هُردو: دل، هنياءُ، هِنياري. دنيادار: ڌن، دولت وارو، شاهوڪار. پاهڻ: پٿر.
پاهڻ کان به پري: تمام گهڻو سخت.
غريب، غربت سببان ٻين جي ڪاڻِ يا محتاجي ڪڍڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو آهي. اگر وٽس ڌن دولت اچي وڃي ته پوءِ ٻئي ڪنھن جي کيس موٿاڄي (محتاجي) نه ٿي رهي. البته دولت جي اچڻ سان، سندس من جون مرادون باآساني پوريون ٿين ٿيون. جنھنڪري سندس دل ۾ آڏ-وڏائي اچي ٿي وڃي. وڏائيءَ جي وڌڻ سبب، دل پٿر کان به وڌيڪ سخت ٿي ٿي وڃيس. پٿر-دل ٿيڻ کانپوءِ، کيس ڪنھن جو به احساس نه ٿو رهي. سندس نظر ۾ هر ماڻهو اهڙو ئي تونگر ۽ شاهوڪار آهي، جھڙو پاڻ آهي. يا صفا ڀينگيو آهي، جنهن مان هر وقت سوال جو خطرو رهي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو امير يا حاڪم وٽ، اکيون هونديون آهن پر پٿرايل هئڻ سبب منجهن ديد نه هوندي آهي. ڪَنَ هوندا آهن پر پٿرائجي وڃڻ سبب منجهن ڪا ڀُڻڪ ٻڌڻ ۾ نه ايندي آهي. دماغ هوندو آهي پر پٿرائجڻ سبب، منجهس ڪا خلش نه جاڳندي آهي. دل هوندي آهي پر پٿر کان وڌيڪ سخت هئڻ سبب، ڪٿي به جهٻو نه کائيندي آهي.
مطلب: ۱ - شاهوڪار، سخت دل ٿيندا آهن.

409. هرڻ آکاڙا نه ڇڏي، جنم ڀومي نران،
هاٿي ڪو ونديا جبل، وسرسي موئان. (ڍٽ، چوڻي)
آکاڙا: رهڻ جي جاءِ. جنم ڀومي: ڄمڻ جو هنڌ. نران: نر، ماڻهو، مرد.
ونديا: هندستان ۾ موجود، هڪڙي وڻ جو نالو.
۱ - هرڻ جو گوشت، لذيذ ٿئي ٿو. جنهن سبب شڪاري ۽ چيتا/ شينهن وغيره سندس تاڙ ۾ هوندا آهن. انهيءَ ڀَوَ تتان، وس ويندي جُوءِ نه ڇڏيندو آهي.
۲ - زمين/ ڌرتي، گذر سفر ۽ معاش جو ذريعو پڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن قحط-سالي يا بيماريون منهن ڪڍنديون آهن ته ڪي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تان مجبور ٿي هجرت ڪندا آهن. جڏهن ته اها ڌرتي، جتي ڄاوا آهن، کانئن زندگيءَ ڀر نه وسرندي آهي. وس پڄڻ تي موٽي به ضرور ايندا آھن.
۳ - اهڙيءَ طرح هندستان جو ونديا جبل، هاٿيءَ اگر هڪ دفعو ڏٺو ته پوءِ هر وقت اوڏانهن پيو رخ رکندو. جنهنڪري چوندا آهن؛ ”هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي.“ ڇو جو اھو ھڪ دفعو ڏسڻ کان پوءِ، کانئس سڄي عمر نه وسرندو.
مطلب: ۱ - جنم ڀومي، جُوءِ ۽ ٿاڪ سان، قدرتي محبت ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن به ڪين وسرن ٿا. (۶) ص ۶۷.

410. هرڻي اڳي هَتي ٽَسڻي، مٿي ٻڌي گهنڊڻي. (پهاڪو)
ٽسڻي: ٽهڻي، ڊڄڻي. مٿي: مٿئون، وڌيڪ. گهنڊڻي: گهنٽي، ٽلي.
هر جانور جي پنهنجي پنهنجي فطرت ٿيندي آهي. جيئن سهو لڪ لڪوٽيءَ ۾ ماهر، روجهه رولاڪ، ڦاڙهو ڦڙتيلو، تتر شرميلو، ٻڪري ڊڄڻي ۽ هرڻ هٺيلو. هرڻ، ٻڪريءَ وانگر ٽهڻو به ٿيندو آهي. ماڻهن واري جُوءِ مان پٽا ڏئي ڀڄي ويندو آهي. هر کڙڪي تي ڇرڪي، پيو ڪنائيندو ۽ واجهائيندو آهي. کائڻ پيئڻ نرھ ٿي ويندس. ويتر جو اهڙي جانور جي ڳچيءَ ۾ گھنڊڻي/ گهنٽي يا کڙڪڻي شيءِ ٻڌي ڇڏبي ته پوءِ ٽاھ کائي پيو ٽپندو ۽ ڇرڪندو. بجاءِ هڪ هنڌ بيهي چرڻ جي، پنهنجو آرام/ کاڌو ته حرام ڪندو پر ٻين جي سڪون ۾ به خلل پيو وجهندو. ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙي جانور جي ڳچيءَ ۾ ٽاھَ ڏياريندڙ گهنڊڻي نه ٻڌجي.
مطلب: ۱ - جيڪو جنهن معاملي کان ٽهندڙ هجي، اهو سندس سامهون آڻبو ته ٻين جي لاءِ به عذاب بڻبو.
۲ - هرڻي، اڳيئي ٽهڻي، هٿائين پيس گهنڊڻي.
۳ - رن اڳيئي نچڻي، ويتر پيس پيرن ۾ گهنگهرو.
۴ - رٺي اڳي ئي ويٺي هئي، ويتر آيس پيڪاڻو نياپو.
۵ - چنيسر کي اڳي ئي چت ۾ هيو، تهان پوءِ ٿيو، معاملو مڻيي تان. (شاه)
۶ - هڪ اڳيئي ٽهڻي، ٻيو مٿان ٻڌي گهنڊڻي.
۷ - ھڪ اڳيئي ٽسڻي، مٿي ٻڌي گھنٽي. (ٿري)

411. ھرڻيءَ لاءِ ڪورڙ ئي ڪافي آھي. (پھاڪو)
ڪورڙ؛ موٺ.
ڪورڙ، هرڻ وڏي شوق سان کائيندو آهي. نر ھرڻ جي دن ۾ کستوري ٿيندي آهي، جيڪا ڪورڙ کائڻ سان پڪي ٿي خوشبوءِ پکيڙيندي آهي، جنھن تي هرڻيون مست ٿي سندس پاسو وٺنديون آهن. ان حالت ۾ لڳ به ڪندا آهن. جنهن سان مادي ڦرجي پوندي آهي. (۳۵) ص ۲۴۳
مطلب؛ ۱- ھرڻ ۽ ھرڻي، ڪورڙ کائي ڍءُ ڪندا آهن ته مستيءَ ۾ ايندا آهن. ڍءَ سان گڏ، نسلي افزائش به ٿيندي اٿن.

412. ھڪ کي شوق، ٻئي کي ڳڻتي. (چوڻي)
نوجوان پٽ شوق ڪندا آھن ۽ اجاين ڳالهين تي پيا خرچ ڪندا آھن والدين سندن اھي اڍنگايون ڏسي ڳڻتين ۾ پيا ڳرندا آھن. نوجوان، اجايا خرچ ڪري پئسا وڃائين ٿا، سڀاڻي ڏڪار آيو يا مصيبت ڪڙڪي ۽ پئسو نه ھيو ته تڪليف ٿيندي. (۳۵) ص ۲۴۱
مطلب؛ ۱- ساڳي شيءِ، ھڪڙن جي خوشيءَ جو سبب ۽ ٻين جي تڪليف جو.

413. ھڪ موت، ٻيو وڇوڙو، ٽيون لڏيو ڏور وڃن. (چوڻي)
جڏھن ٿر اندر ڏڪار ايندو آھي تڏھن بک ۽ بدحاليءَ سبب، ماڻهو ۽ مال مرندا آھن. جنھن سببان، جان، مال ۽ ٻچا بچائڻ خاطر، وسندين ۽ ھوند وارين ڏِسُن ڏانھن لڏ-پلاڻ ٿيندي آھي. اھڙي منظر ۾ مائرن کان پنهنجا پٽ، ونين کان پنھنجا ور مال چارڻ سانگي، وڇڙن ٿا. (۳۵) ص ۲۴۹
مطلب؛ ۱- ڏڪار اندر، محبت ڪندڙ دلين جي وچ ۾، وڇوڙي جو درد ڪر کڻي ٿو.

414. هر هر هلڪائي، وڃڻ در دوست جي. (چوڻي)
هلڪائي: هورائي، هلڪڙائي.
هر انسان سان، مختلف النوع مسئلا لاڳو آهن، جيڪي هڪ هنڌان کيس حل ٿيندي نظر نه ايندا آهن. هر ماڻهوءَ جي طبيعت پڻ مٽ سٽ کي پسند ڪندڙ آهي. ڪيڏيءَ مهل سندس من ڪهڙي برج تي ته ڪيڏيءَ مهل ڪهڙي برج تي هوندو آهي. ڪڏهن ڪنهن جي ملڻ لاءِ تانگهو هوندو آهي ته ڪڏهن وري، ڪنهن سان به ملڻ تي موڊ نه هوندو اٿس. هر ماڻهو، ڀلي گهاٽو دوست ئي هجي. پنهنجي مسئلن، ذهني ڪيفيتن ۽ حالتن ۾ ورتل آهي. اگر هر هر سندس در تي وڃي، کيس ٻين ڪمن کان کوٽي ڪبو يا سندس طبيعت ۽ موڊ کي خاطُر ۾ نه آڻبو ته معاملو بگڙجي پوندو. مهمان جو موڊ ڪچهري ڪرڻ، راڳ ٻڌڻ ۽ چرچا گهٻا ڪرڻ جو هجي ۽ هوڏانهن ميزبان جي گهر اندر فوتگي يا بيماري هجي ته لازمي آهي، ٻنهي جي موڊن ۽ من جي ڪيفيتن ۾ اختلاف هئڻ سبب، ملڻ تي بيزارگي ۽ خفگي ٿيندي.
جڏهن به ڪنهن دوست وٽ ملڻ لاءِ وڃجي ته سندس ڪيفيت ۽ حال معلوم ڪرڻ کانپوءِ، ساڻس ڪچهري ڪجي. اگر سندس موڊ نه هجي ته پاسو ڪري وڃجي. ٻيو، جلد جلد نه وڃجي. وٿي وجهي، پوءِ وڃجي ته جيئن هڪ ٻئي لاءِ، چاهت رهي.
مطلب: ۱- هر هر هورائي، در وڃڻ دوست جي. (لاڙ)
۲- ڏيهاڙي، پنهنجي ڀاءُ جي گهر نه وڃ. (فرينچ)
۳ - دوستن ۾ گهڻي لالچ نه رکجي.
۴ - ڪڏهن ڪڏهن دوستن جا به ڪم ڪجن، رڳو منجهانئن ڪم ڪڍڻ واري نيت نه هجي.

415. هريو ڍيڍ سهاڙين کائي، ڦري ڦري پڇو آئي. (پهاڪو)
هڪڙي شاهوڪار هندوءَ، هڪڙي وڏي ڏِڻ تي، پنهنجي گهر ۾ آيل هڪ ڍيڍ کي سِويون کارائيون. سڻڀيون ۽ مٺيون سويون کائي، ڍيڍ اهڙو اچي هريو جو هر ڏڻ وار بابت پيو پڇائون ڪرائيندو هيو.
جيئن خبر پويس ته اڄ وڏو ڏڻ آهي، تيئن پاڻمرادو وڃي نڪرندو هئو. سيوين جو ڍؤ هڻي، مڇ کي وٽ ڏئي، اوڳرايون ۽ ٽراڏيون ڏيندو، موٽي ويندو هيو. سندس انهيءَ عادت تي ٻيا پينڙيات پيا ڪرڪندا هيا.
”هريو ڍيڍ سهاڙين کائي، ڦري ڦري پڇو آئي“. هڪڙي پينڙيات ساڙ مان ڪرڪندي، هڪ ڏينهن چئي ڏنس؛ ”هريل ڍيڍ سيويون کائي، وري وري موٽي اچي“.
مطلب: ۱ - هريل ڍيڍ سويون کائي، وري وري پوئتي اچي.
۲ - هرئي سندي هير، ٽنگ ڀڄي نه لھي. (سرو)
۳ - هريل ماڻھو، ڪڏهن به ڪين ٽرندو.
۴ - هير، ڇني پير.
۵ - جيڪو کائي هريو آهي، سو ڪاٿي مڙندو؟
۶ - جيڪو چکي چريو ٿيو آهي، سو ڪاٿي جان ڇڏيندو.
۷ - جيڪي ھِتي هريل آهن، سي هُتي ڪين مڙندا.
۸ - گـهـڻـي ۽ اجـائـي تڪـليف ڏيندڙ لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.(۶) ص ۷۹.

416. هڙ کيڙنو ڪوٽڙو، گهِندا جيسرميڙ،
ڍاٽ سُرنگي گورڙي، ڀڳا ٻاڙميڙ. (چوڻي)
ڪوٽڙو: علائقي جو نالو. گهندا: هاٿي. جيسر ميڙ: جيسلمير، راجستان ۾. ڍاٽ: ڍٽ. سُرنگي: سٺي. گورڙي: عورت. ٻاڙميڙ: ٻاھڙمير، راجستان جو علائقو.
۱ - هر کيڙڻ ۽ فصل پوکڻ لاءِ، ڪوٽڙي جي زمين ڀلي آهي.
۲ - جيسلمير جو علائقو فطرتي طور تي هاٿين جي لاءِ پلڻ پوسڻ، وڌڻ ويجھڻ ۽ نشو نمو لاءِ، طبيعت موافق آهي.
۳ - پناھ لاءِ، ٻاڙمير جو علائقو سٺي آماجگاھ آهي.
۴ - عورت جي حسن ۽ سونهن جي ھاڪ لاءِ، ٿر جو ڍٽ وارو حصو، ڀلو تصور ڪيو ويندو آهي.
مطلب: ۱ - ڍاٽي عورت، ٿر جي ٻين علائقن وارين عورتن جي مقابلي ۾، نزاڪت ڀري ۽ حسين هوندي آهي. (۱۴) ص ۷۰.

417. هَڙ هڙِي، هَڙ ڪُونڀَٽيءَ، گُوڌا گائين پيٽ،
هاڙي هِئه جاپَسيءَ، ڀتوارڻ پُڳي کيٽ. (چوڻي)
هڙ: هر. ڪونڀٽي: ٿر جو جهنگلي وڻ، جيڪو ٿر ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي.
گوڌا: ڍڳين جا ٻچا، گابا. هِئه: هاڻي. جاپَسيءَ: ڄاپندو، ڄمندو، پيدا ٿيندو.
ڀتوارڻ: ھتي نديءَ لاءِ چيل آهي. ڀتوارڻ يعني زمين تي ماني/ ڀتو کڻي ايندڙ عورت لاءِ چيل ناھي. کيٽ: ٻني.
هر تيار ناهي، اهو ڪونڀٽن ۾ آهي. ڍڳين جا ڦر/ ٻچا، اڃا مائن جي پيٽ ۾ آهن. يعني ڏاند وغيره به تيار ناهي. هاري به ڄائو ناهي يعني هاريءَ کي به ٻنيءَ جي ڳڻتي ناهي. پر برساتي ندي، ٻنيءَ ۾ پهچي چڪي آهي.
مطلب: ۱ - آدر جي چوماسي دوران، برسات وسڻ کان پوءِ، نديون ٻنين ۾ پهچي وينديون آهن ۽ هاري هر وڍڻ لاءِ جهنگ ڏانهن نه ويندا آهن، بلڪ اڳي تيار رکندا آھن. (۱۴) ص ۶۱.

418. هڪ انڌو، ٻيو پوڙهو، ٽيون ٻوڙو، چوٿون ٻار،
پنجون بيمار، اهي پنج ئي بي ميار. (چوڻي)
۱- انڌو ماڻهو، اکين کان وڏو هئڻ سبب، شين کي ڏسي نه سگهندو آهي. سندس ٻڌڻ جي حِس تمام گهڻي تيز ٿي ويندي آهي. هر وقت پيو ڪنائيندو. هر ڀڻڪي تي پيو سوچيندو. دل اندر پاڻ سوال ٺاهيندو ۽ پاڻمرادو پيو انهن جا جواب ڏيندو. انهن سوالن جوابن جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هر وقت شڪي مزاج ۽ چيڙاڪ رهندو آهي. هروڀروءَ جي چِڙ کان وڌيڪ ڪا بيماري ٿيندي ئي ناهي.
۲- پوڙهو ماڻهو به ڪمزور رهي ٿو. ٻڍاپڻ ۾ سو ويڪون ۽ عيب آهن. ٻڍاپو؛ ٻيو ٻالپو، سڏيو ويو آهي. حالانڪ ٻار جي ڪمزوريءَ کي، ڪو به عيب نه ٿو سمجهي. کيس، ھر ڪو بي سمجهه ته ڀانئي ٿو، پر اهڙو بي سمجهه جيڪو سمجهه ڏانھن قدم وڌائي پيو. کيس ڪمزور ته سمجهي ٿو پر اهڙو ڪمزور جيڪو طاقتور هئڻ ڏانھن قدم وڌائي پيو، جنھن مان مستقبل ۾ سھارو بنجڻ جي اميد آهي. جڏهن ته ٻڍي ماڻهوءَ مان اهڙي ڪا به اميد ناهي. بلڪ، اهو پنھنجي ناقص عقل هئڻ سبب، سڄو ڏينھن پيو آڏا ابتا ڏس ڏيندو ۽ چهڙون ڏئي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو. جنهنڪري هر ڪو منجهانئس بيزار هوندو آهي.
۳- ٻوڙو ماڻهو ٻه دفعا کلي؛ هڪڙو ٻين کي کلندو ڏسي، ٻيو جڏهن کلڻ واري ڳالهه کيس کولي ٻڌائجي. اگر نه ٻڌائبس ته شڪ ۾ پئجي، پاڻ کي ئي کل جو سبب پيو ڄاڻندو. کيس ورجائي ٻڌائڻ ۽ وضاحت ڏيڻ ۾، مٿس ڪا ميار ناهي.
۴- ٻار به ڪمزور ۽ ضدي هوندو آهي. بادشاهن وانگر تريءَ تي بھشت طلبيندو آهي ۽ سندس خواهشون، تڪويني فطرت جي ابتڙ هونديون آهن. جھڙوڪ: مٺي کير منجهان، کنڊ ڪڍي ڦڪو ڪيو ته پيئان. يا اٺ کي ديڳڙي ۾ ويهاريو ته مان ساڻس کيڏان. جنھنڪري سندس جبلتي رجحان تي، ڪا ميار ناهي.
۵- بيمار ماڻهو، هر ڳالهه ۾ ٻين مٿان بار ۽ سندن محتاج آهي. کاڌي پيتي واپرائڻ لاءِ، لٽي ڪپڙي لاھڻ پائڻ واسطي ۽ هٿ مُنھن ڌوئڻ ۾، ٻين ڏانهن پيو واجهائيندو. مدد نه ملڻ جي صورت ۾، پيو کين پٽيندو.
مطلب: ۱ - فطرت طرفان معذور ڪيل ماڻهو، بي ميار آهن.

419. هڪ چريا شينھن گهمن، ٻيا چريا ورن واءَ،
ٽيان چريا جوڀن ڏينهڙا، چوٿان چريا آهن درياءَ،
ڪڪر بنا مينهن اڀ ۾، اهي پنج ئي چريا. (چوڻي)
۱- شينهن، بک لڳڻ کانپوءِ، شڪار لاءِ ٻاهر نڪرندو آهي. جنهن جانور کي ماريندو آهي، تنھن کي ڇڪي، ٿم ۾ وڃي ٿمائيندو آهي. اگر گهلڻ کان گهڻو هوندو اٿس ته ڏينھن اڌ ڪنو ٿيڻ لاءِ، کيس شڪار واري جاءِ تي ئي ڇڏي ويندو آهي. تهان بعد اچي سندس نرم ٿيل عضوا پٽي کڻندو آهي. اگر، شڪار جي غرض کان سواءِ ٻاهر نڪرندو ته به سامھون آيل ساهدار کي خواه مخواه چنبو هنيو ڊاهيون ويندو. جهنگ خالي ٿي ويندو، هيءُ عادت کان نه مڙندو. اها به هڪ قسم جي چريائپ آهي.
۲- واهوندي جو واءُ، جڏهن ورندو آهي ته سمنڊن اندر ٻيڙا ۽ غوراب غائب ڪري ڇڏيندو آهي. زمين تي فصلن ۾ ڦيرا آڻي ڇڏيندو. ڦرڪا ئي ڦِري ويندا آهن.
۳- جوانيءَ جا ڏينھن به انڌ جا ڏينهن هوندا آهن. طاقت گهڻي، عقل ٿورو. نه سوچ، نه سمجهه. نتيجي کي نظر ۾ رکڻ بدران، طاقت جي زور ۽ ٻانھن جي ٻل تي پيو ماڻهو دڙيون ۽ ڪوٺا ٽپندو، لوڙها لتاڙيندو ۽ آهندا ڀڃندو. اها به هڪ قسم جي مستي ۽ موج، چريائپ ۽ اياڻپ آهي.
۴- درياهه اندر جڏهن ٻوڏ يا طغياني ايندي آهي، تڏهن بند ٽوڙي، زمينون سرڙيون برباد ڪيون، ڇڙواڳ ڀڄندو ويندو آهي. دڙا دڪا، کڏا کٻا هڪ ڪيون ويندو آهي. جيڏانهن تيڏانهن لس ليٽ ڪري ڇڏيندو آهي.
۵- مينهن وسڻ کان اڳ، آسمان ۾ هوائون لڳنديون آهن. منجهن مٽي ۽ ڪک ايندا، مٿان وسڻ وارا بادل ڪڪر ايندا ۽ وڄون چمڪنديون آھن. کنوڻ جي چمڪاٽن ۽ گوڙ جي ٺڪاون کان پوءِ، پاڻيءَ جا وسڪار ٿيندا آهن. ان جي برعڪس اگر آسمان صاف هجي، نه منجھس کنوڻ کنوي ۽ نه گجگوڙ ٿئي. وري جڏھن اوچتو مينهن وسي پوي ته عجب ضرور ٿيندو.
مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل پنجن ڪيفيتن کان وڌيڪ چريائپ ڪهڙي هوندي؟

420. هندو سينسي جو گهر،
جيترو سياڻو اوترو ڀرمي. (چوڻي)
سينسو: وسوسو، وهم. ڀرمي: وھمي، گمان ڪندڙ.
وهم، اندر جي ڪيفيت آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن لفظن سان بيان به نه ڪري سگهبي آهي. اهو ئي سبب آهي جو چوندا آهن؛ وهم جو علاج، حڪيم لقمان وٽ به نه هيو. ڇو جو وهمي ماڻهوءَ کي جيڏانھن تيڏانھن نقصان پيا نظر ايندا آهن. ڪاٺيءَ ۾ ڪليءَ ۾؛ شڪ. ٻليءَ ٽپو ڏنو ته هڪڙو وهم. هلندي، رستي اڳيان لنگهي وئي ته ٻيو شڪ. شڪي مزاج ماڻهو، پنهنجي اندر جي ڪيفيتن سان ايترو ته زخمي ۽ چڪناچور ٿي ويندو آهي جو سندس ڀروسو، جان تي پيل ڪپڙن تي به نه رهندو آهي. زال ۽ ٻارن ۾ ته شڪ ڪندو پر هنڌ بستري تي به اعتبار نه هوندس.
اهڙو سونسائي ماڻهو، پاڻ مان ته بيزار هوندو آهي پر اوڙو پاڙو ۽ گهر ٻار وري منجهانئس بيزار هوندو آهي. هيءُ الريو الريو ۽ تڏريو تڏريو ساڻن وڙهڻ لاءِ پيو واجهه وجهندو ۽ وجهه تاڙيندو ۽ هو به هن مان جان ڇڏائڻ لاءِ پهرين پاسو ڪندا، پوءِ حڪيمن ۽ ڀوپن ڏي ويندا ۽ آخر ۾ رسن سان ٻڌي ڇڏيندس.
وهمي ماڻهو، وري جيترو سياڻو، اوترو وسوسن، وهمن ۽ ڀرمن گهڙڻ ۾ وڌيڪ ڀڙ هوندو آهي. هڪڙو وهم ذهن تي سوار هوندس ته ٻئي لاءِ، مڪني من ۾ پئي سنجرندس.
مطلب: ۱- جيڪو گهڻن کي، خدا ۽ اوتار سمجهي، سو وهمن ۾ ضرور وڪوڙبو.
۲- ڀيٽيو: سونسائي؛ مئو ڀلو.

421. هنسان نان سمندر گهڻا، پُهنڪ گهڻا ڀمري،
سگهڙان نان ساجن گهڻا، ديس توڙي پرڏيهه. (چوڻي)
سمندر: سمنڊ، پاڻي. هنسان: هنس پکيءَ جو جمع، هنجهن.
پُهنڪ: ڦنڪ، ڦل، گؤنچ ۽ گل. ڀمري: ڀونئر، پوپٽ.
۱ - هنس يا هنجهه پکيءَ جو گذارو، پاڻيءَ تي ٿيندو آهي. کيس منجهانئس کاڌ خوراڪ به مليو وڃي. مٿس ترڻ تڙڳڻ سان، سندس صحت به برقرار رهي. خالق کيس خلقيو آهي ته سندس طبيعت موافق، منظر به خلقيا اٿائين ۽ کيس اهي ميسر به ڪيا اٿائين.
۲ - پوپٽ جي سونهن سوڀيا ۽ گذارو، گلن جو واس وٺڻ ۾ آهي. سندس انهيءَ گهرج جي حساب سان، قدرت واري وري اهڙا منظر به دنيا اندر چٽيا آهن جن تي سندس گذارو ٿئي ٿو.
۳ - سگهڙن کي سمجهڻ ۽ قدر ڪرڻ وارن جي به ڪمي ناهي. قدرت واري اگر کين گفتي ۽ سمجهه جي ڏات ۽ اظهار جو فن ڏنو آهي ته ان جا قدردان پڻ پيدا ڪيا اٿائين، جيڪي سگهڙن کي، ديس توڙي پرديس ۾، جوڳو مان ڏين ٿا.
مطلب: ۱ - سگهڙ، جتي ڪٿي، سڄڻن جي صحبت مان پڌرو.
۲ - ضرورتمندن جون ضرورتون، دنيا اندر پوريون ٿيو وڃن.
۳ - ڪيليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ، مليو وڃي.
۴ - شڪر-خوري ڪو شڪر، مل ھي جاتي هي. (ھندي) (۲) ص ۳۶.
422. هنگڻ ڍائو، ڪي ڀرڙڪو ڀيچي. (پهاڪو)
هنگڻ ڍائو: هنگڻ پچر ڇڏي، هنگڻ بس ڪيو. ڀرڙڪو: پڇو. ڀيچي: بند ٿي، پنهنجي جاءِ تي بيھي.
هڪڙي همراه کي قبضيءَ جي وڏي شڪايت هئي. ان سبب موڪا ۽ بواسير ٿيڻ جو خطرو به هيس. پيٽ جي انهيءَ شڪايت سببان، ڏاڍو پريشان هيو. ڪنهن چڱي مَٺي سان صلاح ڪيائين. ڏَسُ مليس ته؛ ڪنهن سٺي حڪيم کان ڪو جلاب وغيره وٺ ته پيٽ هلڪو ٿيئي.
اها صلاح وٺي، هڪڙي حڪيم صاحب وٽ وڃي پهتو. کيس ساري ماجرا ٻڌائي، جلاب لاءِ عرض ڪيائين؛ ”حڪيم صاحب! اهڙي ڪا ستي ڦڪي ڏي جو پيٽ جو اَرُ گَرُ نڪري وڃي، پيٽ نرم ٿي پوي ۽ مان صفا هلڪو ٿي پوان!“
حڪيم صاحب، کيس حسب فرمائش، جمال گهوٽي جو جلاب کارايو ۽ چيائينس؛ ”هتي ئي جهنگ اندر ويهي آءُ. جڏهن پيٽ هلڪو ٿيئي ته پوءِ مون کي اچي ٻڌاءِ!“
مڙس، جهنگ جي خيال سان ويو ته چڱو وقت هٿيڪو ٿي ويو. آخر حڪيم صاحب پنهنجي مددگار حڪيم کي ڏانهنس جهنگ ڏي موڪليو. جنهن ڏٺو ته، دستن مٿان دست هڻي، مڙس اڌ مئو ٿيو پيو آهي. تنهن هوندي به پڇيائينس؛ ”ابا ڏي خبر! جلاب ڪجهه پيٽ هلڪو ڪيو ڪن نه! يا اڃا سُتيءَ جو وزن وڌيڪ کپئي ته جيئن وڌيڪ ھلڪو ٿئين؟“
”هنگڻ ڍائو، ڪي ڀرڙڪو ڀيچي!“ مڙس جهنگ جي خيال تان، سهڪندي موٽ ڏنس؛ ”هنگي ڍءُ ڪيم، ھاڻي پڇو چڙهڻ جي دوا ڏي!“
ڪمپائونڊر ڊوڙندو حڪيم وٽ پهتو ۽ کانئس دستن بند ٿيڻ جي سُتي وٺي وڃي همراھ کي ڏنائين، جيڪا کائي سامت ۾ آيو.
مطلب: ۱ - هنگڻ پچر ڇڏي، رڳو پڇو چڙهي.
۲ - هنگڻ کان ڍائس، جي ڀرڙڪو بيھي. (ٿر)
۳ - لالچ ڇڏيسين، رڳو جان آجي ٿئي.
۴ - لذت واريون سڌون ڇڏيون، رڳو کائڻ لاءِ ڪجهه ملي. (۶) ص ۱۳۷.

423. هنڱ سھانگي ته به ڪا ڀات ۾ گهوربي. (پھاڪو)
هنڱ: پسارڪو ۽ ڪارائتو وکر. ڀات: ٻاٽ، ڏريل اَنُ جو ڀت يا رٻ.
گهورڻ: ٻُرڪڻ، مٿان وائرڻ.
هِنڱ، مهانگو وکر آهي، جيڪو ايران/ خراسان کان ايندو آھي. حڪيم، اُوچن معجونن مٿان، ٻرڪي طور استعمال ڪندا آھن. اھڙي اوچي ۽ ڪارائتي شيءِ، سادن کاڌن جھڙوڪ؛ رٻ يا پٽڙي ڀت مٿان نه ٻرڪبي آھي. ائين ڪرڻ، سندس بي قدري ڪرڻ برابر آھي.
مطلب: ۱ - هنڱ سھانگي، ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي. (هندي)
۲ - ڪارائتي شيءِ، ڀلي گهٽ قيمت تي ملي ته به مانُ ڪبس. بيڪار جڳهه تي استعمال نه ڪبس.
۳ - عمدي شيءِ، سستي ملي ته به هاربي ويربي نه.
۴ - گيهه ڀلي سستو ملي، پر جُتيءَ کي ڪين مکبو.

424. هوند تي هونگار آهي. (چوڻي)
هونگار: هونگر، اٺ ۽ مينهن جھڙي مال کي ڪاهڻ لاءِ ”هون هان هاهم“ جھڙا آواز. هوند: هئڻ، خاص طور مال ملڪيت جو هئڻ.
مال ملڪيت وارو، ڀلي ڪيتري به هٿ-روڪ ۽ مُنهَن-پڪائي ڪري، پر سندس ڌن دولت جي چمڪ ۽ بوءِ، سندس چھري مان پئي بکندي آهي. اگر ڌن دولت ڪنهن کي ظاھري ڀلي نظر نه اچي، تڏهن به ملڪيت واري جي ڪيفيت مان، ضرور نظر ايندي. جھڙوڪ، ڪا شيءِ وڪامندي هوندي ته ڊڪي اگهه پاگهه پڇندو. سون جا اگهه ڄاڻڻ، جاين جا نقشا پيا وڻندس. اندر جي خوشيءَ سبب، شادين ڪرڻ جون رٿائون پيون سندس واتان نڪرنديون. ٻاهرين سفرن تي نڪرڻ ۽ واپار وڙي ۾ هٿ وجهڻ جھڙين صلاحن ۾ پيو سنگت ساٿ کان مشورا وٺندو.
سندس اهڙي قسم جي، هون هان مان به ڪي ڄاڻو ۽ جهانديده ماڻهو تاڙي ويندا آهن ته؛ مڙس وٽ ڪجهه هوندَ آهي. انهيءَ هوند تي ٿو پيو هونگرون ڏئي. سکڻي هيانءَ تي، ڪنھن کي به اگهن پاگهن پڇڻ جي ھينئاري نه ٿيندي آھي. ڇو جو چوندا آهن؛ ناڻو هجي ڌوڙ ۾، ته به چمڪاٽ ڏئي نرڙ جي نور ۾.
مطلب: ۱- هوند سارو ڏيک/ نماءُ ڪجي.
۲- هوند تي آهي، هونگار. (۳۵) ص ۲۶۳
۳- هوند مٿي، هونگار آهي.
۴- هوند تي ،هونگر ڏجي.
۵- فصل لهڻ وقت، ڪوئي کي پنج زالون آهن. (تامل)
۶- هوند آهر، اوڌرون ڏجن.
425. هون ئي راڻي، تون ئي راڻي،
ڪوڻ ڪرسي اينڌڻ پاڻي. (پهاڪو)
هون: آءٌ، مان. ڪوڻ: ڪير. ڪرسي: ڪندو. اينڌڻ پاڻي: رڌڻ پچائڻ، سانجڻ.
راڻي، بادشاه جي زال کي چئبو آهي. بادشاهن جي زالن وٽ، گهر جي هر ڪم لاءِ علحده نوڪر ۽ نوڪرياڻيون رکيل هوندا آهن. کين ڪرڻ لاءِ، گهر ۾ ڪو ئي ڪم نه هوندو آهي. سندن لٽا ڪپڙا به نوڪرياڻيون پيون ڌوئنديون، سانڍينديون ۽ مٽرائينديون آهن.
جيڪڏهن ڪنهن کي ڪرڻ لاءِ ڪم نه هجي ۽ ان جو هر ڪم نوڪر ڪري، تنهن کي به راڻي يا راڻو سڏيو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ راڻي يا راڻو ٿيڻ معنيٰ نڪمو ٿيڻ. هر ماڻهو، جيڪڏهن راڻو يا نڪمو ٿي ويهي رهي ته دنيا جو ڪارخانو ٺَپ ٿي وڃي. ڇو جو هتي هر نئين ڏينهن، نئين سر، نئون سج اڀري ٿو. اڄ جا حالات ڪلهه جهڙا ناهن. سڀاڻي، اڄ جهڙو نه هوندو. هر ڦرندڙ حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهوءَ کي، محنت ۽ ڪرت ڪرڻي آهي. جيڪڏهن نه ڪندو ۽ هٿُ هٿَ تي رکي ويٺو هوندو ته پاڻ به بک مرندو ۽ ساڻس سندس عيال به بک مرندو.
مطلب: ۱ - مان به سس، تون به سس، چلهه تان ديڳڙو ڪير لاهيندو؟
۲ - آءٌ به راڻي، تون به راڻي، ڪير ڀريندو پاڻي؟
۳ - مان به رئيس، تون به رئيس، گڏه ڪير هڪليندو؟
۴ - انسان کي زنده رهڻ لاءِ، محنت ڪرڻ گهرجي.
۵ - نڪمو ماڻهو، پاڻ سان گڏ ٻين کي به تڪيلف ۾ وجهي ٿو.
۶ - گهر ۾ سڀ معتبر هوندا ته گهر جو ڪار وهنوار نه هلندو. (۶) ص ۱۳۹.

426. هيڪ اڻ ڪوٺيو، نِه ٻيجو ٿري ڪرياتو. (پھاڪو)
ڪرياتو: ڪريءَ وارو کاڌو کائيندڙ، رک واري کاڌي تي.
ٿر اندر ڏڪارن جي اثر سبب، ڪيترا ماڻھو، ٻين جي درن تي، پيٽ ڀرڻ کي عيب نه سمجھن. اھو ئي سبب آھي جو ناري پٽ ۾، ڪنھن به ڪاڄ تي بي دعوتيو پھچي، ڀت کايو اچن.
انھيءَ عادت سبب، ھڪڙو ٿريو، ڪنھن ڪاڄ ۾ ويو. اڻ واقف ۽ ري-سڏيو ھئڻ سبب، کيس سادو يا ھڏي ڀت مليو. ڏسي، يڪدم چڱي مانيءَ حاصل ڪرڻ جي طلب ڪيائين؛ ”مان ڪرياتو آھيان، مون کي ٻوڙ ماني ڏيو.“
”ھيڪ اڻ ڪوٺيو، نِه ٻيجو ٿري ڪرياتو.“ اھو ٻڌي، ڀت وارا ٽوڪ طور مٿس کليا ۽ چئي ڏنائونس؛ ”ھڪ ري سڏيو، ٻيو ٿريءَ کي ڪِري.“
مطلب: ۱ - جتي پاڻمرادو وڃجي، اتي نخرا نه ڪجن.
۲ - هڪ اڻ دعوتيل، ٻيو ڪرياتو. (لاڙ)
۳ - هڪڙو اڻ سڏيو، ٻيو انگل. (سرو)
۴ - هڪڙو بي دعوتيو، ٻيو ڪرائتو. (لاڙ)
۵- ھڪڙي ڇوري، ٻيو ھنج. (ساھتي)

427. هيڪ گهر مانجو، ٻيجو قاجي رو،
باقي ڪل ڍاڍ ڍوڍ. (چوڻي/ پھاڪو)
انگريزن جي دور ۾، عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ ڊيٻي ۾ ھڪڙو مينگھواڙ، ڳوٺ جي زميندار قاضي محسن وٽ اچي رھيو. مينگھواڙ ان وقت ڏاڍو غريب ھيو. قاضي صاحب، کيس پنھنجي ڳوٺ جي ھارين سان آھت ٻڌرائي ڏنو ته جيئن پيٽ گذر ٿئيس ۽ وقت سک سان گذريس. ان آھت جي ڪري ۽ ڪجھ پنھنجي محنت سبب، اھو مينگھواڙ چند سالن ۾ پئسي وارو ٿي ويو. تنھنڪري سٺو ھٽ ۽ چڱي جاءِ کڻي جوڙايائين. دڪان ايڏو عاليشان ٿي ويس جو اتان جي رھاڪن کي کڻي اتي مزور رکيائين.
ھڪ دفعي اھو مينگھواڙ، ڪنھن پرانھين ڳوٺ جي سفر تي ويو. اتي ماڻھن ٻڌو ته، ڊيٻي جو مينگھواڙ آيو آھي ته ھلي ساڻس ملڻ آيا. کانئس ڳوٺ بابت حال احوال وٺندي، ڳوٺ ۾ رھندڙ ذاتين ۽ قومن جو حال پڻ پڇيائون. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ، پھرين پنھنجي گھر جي واکاڻ ڪيائين. پوءِ قاضي محسن کي به خاطُر ۾ آندائين. باقي ٻين ذاتين وارن تي فلڪ نه آڻيندي، کين ڳاڻيٽي ۾ ڍاڍ ڍوڍ ڪوٺيائين.
مطلب: ۱ - هر ڪو پاڻ کي ئي سڄو سون سمجهندو آهي.
۲ - هڪ گهر سيد جو، ٻيو اسان پاڪ-روهي-پوٽن جو، ٽين لاٽ لوٽ. (ساهتي)
۳ - هڪ گهر اسان جو، ٻيو سيد جو، ٻي ڪُتِ خلق به گهڻي آهي.
۴ - هڪ سائين ٻيا مئن، ٻي رڳي ڊاڊ ڊوڊ. (لاڙ)