لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

جھ

265. جھرندي، تڏھن ئي ته جُڙندي. (پھاڪو)
انساني ھڏ، عمر جي آخر حصي ۾ ٽٽي ته اصل نه جڙي. جڏھن ته ڪچو ھڏ، ڀڳي کان پوءِ وري جڙڻ سولو آھي. باقي جھريل، ٿڙيل، نڪتل ھڏ، ڪي شاھ ڪاريگر جوڙي ضرور وڃن. رب پاڪ سندن ھٿ ۾ ان قسم جي شفا ضرور رکي آھي.
ھڏ به اھو جڙندو، جيڪو اڳي جھريل ھوندو. اگر جھريل نه ھوندو ۽ ڪنھن اڻ-آزمودگار کي، سور جي سببئون، ڏيکاربو ته اھو آڏا ابتا زور ڏئي ويتر کاري وجھندو.
مطلب: ۱ - ٺھندي اھا، جا ڊٿل ھوندي.
۲ - ٺھيل تي زور آزمائي ڪبي ته ڊھي پوندي. (۳۱)

266. جهنگ کي سدائين ننگ. (چوڻي)
ننگ؛ عزت، پردو.
ٻهراڙين ۽ جهنگن ۾، پردو ڪو نه هوندو آهي. جڏهن ته ٻهراڙيءَ وارن جو گذر سفر، جهنگ تي آهي. جيڪڏهن مرد ماڻهو رڳو جهنگ ۾ وڃن ته گهر ايترو ڪين هلي سگهن. تنهنڪري غريب زالون به مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، ٻنين وغيره تي ڪم ڪن. جنهنڪري کين پردو ڪرڻو ڪين پوي.
بنا پردي جهنگ ۾، عزت آبرو ته اصلئون مالڪ ٿو رکي. جيئن ته غريبن جو گذران جهنگ تي آهي، تنهنڪري ناموس، پردي ۽ عزت جو مدار به جهنگ جي ماحول تي آهي. جهنگ ۾ رهندڙ، رهزن هوندا ته عزت ڌوڙ ۾ هوندي ۽ جيڪڏهن جهنگ ۾ رهندڙ، رحمدل هوندا ته راهبر ٿي ئي رهندا.
مطلب: ۱ - غريب جي عزت بچي يا وڃي، جهنگ جي ماحول تي مدار رکي ٿي.
۲ - مينهوڳيءُ ۾، ٿاريلن کي تڙن/ تراين تي مال ڪاهي اچڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. برسات سبب، سڄي جهنگ ۾ کين پاڻي ملي ويندو آهي. جنهن ۾ سندن ننگ رهجي ايندو آهي.
۳ - جهنگ به حفاظت/ سر بچائڻ واري جاءِ آهي.
۴ - جهنگ جو تتو گهر اچي، گهر جو تتو ڪيڏانهن وڃي؟ (۳) ص ۱۶۶ ۽ (۹) ص ۱۰۵.

267. جهونو منڊ، بڊي ڀنگ، گانجي پوئين سوٽ،
گهوڙو سر ميدان ۾، ڀري گاڏونيءَ سوٽ،
پرڻي رات پهرينءَ، پپر پينگهه جوٽ،
عشق اول کان لڳو، اهي اٺئي الهوٽ. (چوڻي)
گاڏوني؛ نشئي. جهونو؛ پراڻو. منڊ؛ جادوگر. گانجو؛ چرس. جهوٽ؛ ٻڌل.
الهوٽ؛ خمار ۾.
۱ - پراڻي جادوگر کي پنهنجي فن ڪاريءَ تي ناز ٿيندو آهي.
۲ - بڊي مهيني ۾ پوکيل ڀنگ، ڀلي ۽ گهڻي نشي واري ٿيندي آهي.
۳ - چرس، سلفيءَ ۾ سُوٽ ڏيئي سَرِ ڪري پيئبو آهي. سگريٽ ۽ سلفيءَ جو آخري ڪَشُ، نشا ڏياري ڇڏيندو آهي.
۴ - گهوڙي کي ڊوڙائڻ لاءِ ميدان ملي ته پنهنجي سُڌ به نه پوندي اٿس.
۵ - نشئيءَ کي سُلفي سَرِ ڪرڻ وقت، وڏي سوٽ به خمار چاڙھي ڇڏيندي آهي.
۶ - شاديءَ جي پهرين رات، ڪنوار توڙي گهوٽ لاءِ، زندگيءَ جي حسين رات هوندي آهي. جوانيءَ تائين پھچندي جيڪا حسرت جيءَ ۾ پالي ويٺا ھيا، تنھن حسرت جي عملي طور پوري ٿيڻ جي رات آھي. جوانيءَ جي مستان ۾، سا به جلد گذرندي آهي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ان جا اثرات، آخر حياتيءَ تائين، ذهن تي باقي هوندا آهن.
۷ - پپر جي ڇانءِدار ٽاريءَ ۾ ٻڌل پينگهه جا لوڏا، به خمار چاڙهي ڇڏيندا آهن.
۸ - پهريون عشق، تاحيات تائين ياد رهندو آهي. هونئن به شراب جو نشو رات تائين، عشق جو نشو تاحيات تائين.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل اٺ ڪيفيتون/ حالتون، نشو ڏياريندڙ آهن.
۲ - بادي ڀنگ، نانگڻ منڊ، گانجي پهرين سوٽ، گهوڙو پور ميدان ۾، ٻَرَي-گاڏُئين سُوٽ. (تپ سان گڏ پاسي جو سور)، پهرين رات جو پرڻو، پپر پينگهن جُهوٽ، اوائل جو عشق، اهي اٺئي الهوٽ.
۳ - باڊي ڀنگ، جهونا منڊ، تازي طويلين ڇٽا، گانجي پهرين سوٽ، اول سان عشق لڳو، سينهين پهرين سوٽ، پهرين رات پرڻي جي، پرھ هندوري جهوٽ، اهي اٺئي الهوٽ.
۴ - باڊي ڀنگ، نانگڻ منڊ، گانجي پھرين ڦوڪ، گھوڙو سر ميدان منجھ، اٺ ھٿيارن ڀوٽ، پھرين رات جو پوتو، برھ ھندوري جھوٽ، اوائل جو عشق، سي آھن اٺ ئي الھوٽ. (ٿر)
۵ - پرڻو پهرين رات جو، گانجي پوئين سوٽ، حاڪم حڪم جو ڌڻي، جھجها پٽ سپوٽ، عشق اول کان لڳي، اهي پنج ئي الوٽ. (۱۲) ص ۱۵۲.