پ
جهاڙ: وَڻ.
پارڪر يا ننگر پارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جون ٽڪريون آهن، جيڪي وڻن ٽڻن سان جنجهيل آهن. منجهانئن مارو ماڻهن کي ماکي ۽ کونئر، لاک ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺ، عمارتي ڪاٺ ۽ مال لاءِ چارو وغيره ملي سگهي ٿو. جابلو علائقن مان، مٿيان مطلب ماڻڻ لاءِ مردانگي، همت ۽ مسلسل جدوجهد جي ضرورت پوي ٿي، جيڪا آخرڪار مارو ماڻهن کي ٿڪايو ڀڄايو ڇڏي.
مطلب: ۱ - پارڪر ۾، سنڌ وانگر ميداني ۽ زرعي اصلاحات هيٺ آيل علائقا ناهن، جنهن مان ماڻهو زميندار يا چوڌري ٿي سگهي. ڏيهاڙي محنت مزدوري ڪرڻ وارو، ڏيهاڙيءَ جو روزگار هٿ ڪرڻ کان سواءِ، ھتان ٻيو ڪجهه ميڙي ڪين سگهندو آهي.
۲ - پارڪر جا پهاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ، رڳو آهي بک ۽ اگهاڙ، رِڻ ۽ رائو، لنگهه ۽ لاهو، مال به رکن ماهو، ته به ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي، رڻن ۾ رڃ، رڳي سڃ ئي سڃ، اچ وڃ جو اهنج، سڄو ئي ڀڙڀانگ، نڪو ساٿي نڪو سانگ، ڪانگ جي به اک نڪريو پوي. (۶) ص ۵۵.
170. پاڙو پيارو جو سمجهي، ٻڌي هيڻن سان همت،
سورهيه سچو سر جو، جو رکي ڪار پت،
لڙي وڏي ڪٽڪ ۾، سامون جهلي رعيت،
پنج ئي لڄ-ونت. (چوڻي)
۱ - پاڙو: ابو امان آهي. ان جي عزت ۽ لڄ اوتري وڏي آهي. نه پاڙي ۾ بري نگاهه وجهجي ۽ نه لالچ رکجي. اڙيءَ اڌيءَ، پاڙي وارن جي ائين ڪم اچجي، جيئن پنھنجي گهر وارن جي ڪم اچجي ٿو. پاڙيسرين جا ايڏا وڏا حق آهن.
۲ - ڏاڍي ماڻهوءَ جي ڇانءَ، هر ڪو ڳوليندو آهي. ڏاڍي کي به گهرجي ته ان ڇانءَ ڳوليندڙ هيڻي جي پرگهور ۽ سار سنڀار لهي. مسڪينن ۽ غريبن جو هڏ-ڏوکي ٿئي. دامي درمي (مالي طرح) مدد نه ڪري سگهي ته قدمي سخني (هلي وڃڻ يا زباني آٿت ڏيڻ) واري مدد ضرور ڪري.
۳ - پنھنجي جان جي حفاظت ڪرڻ اهم ڪم آهي. جيڪو پنھنجي جان جي حفاظت نه ٿو ڪري سگهي، سو سچو سورهيه يا سورمو ناهي. بلڪ بزدل ۽ ڪانئر آهي.
۴ - اوڙي پاڙي، ڏيٺ وائٺ ۽ ڪار وهنوار واري ڪاروبار ۾ ماڻهوءَ جي ساک، نيت پت يا ڪار-پت ڪم ايندي آهي. سٺي ڪار-پت وارو ماڻهو، پرائي مال ۾ به ڀائيوار هوندو آهي. ڪني ڪار-پت وارو، پنھنجي ڦوڪي به ڦُرائي ايندو آهي.
۵ - سام جهلڻ هونئن ته سولو ڪم آهي پر انھن جون سامون جهلڻ، جن جو جهيڙو وڏي ڪٽڪ سان آهي، ڏکيو ڪم آهي. مڙس ماڻهو اهو آهي، جيڪو جهيڙو به ڳائي ۽ سام به جهلي.
مطلب: ۱ - لڄ کي قائم رکندڙ، مٿي بيان ڪيل پنج شخص آهن.
171. پاڙو، ننگ آھي. (چوڻي)
پاڙو؛ اوسي پاسي وارا گھر ۽ منجھن رھندڙ ماڻھو. ننگ؛ بار، جوابداري.
ڳوٺ يا شھر به تڏھن ٿا آباد رھن جڏھن، پاڙي جو ننگ قائم ٿو رھي. ڏڪار سڪار سبب، ڪو اگر وقتي لڏي ويو آھي ۽ روزگار سانگي ڳوٺ راڄ کان پري آھي، تڏھن به پاڙي پتيءَ سبب، سندس ڇڏيل ڪکن جي واھر پئي پويان ٿيندي آھي. اھو لڱائي چڱائيءَ جو ساٿ، پاڙي کي قائم رکي ٿو. ان جي برعڪس پاڙي جي کينس سان شھر به ڦٽيو وڃن. (۳۵) ص ۲۶۶
مطلب: ۱. پاڙو، ابو اما آھي.
۲. پاڙو، نبين کي پيارو آھي.
172. پاڻ اڇا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي،
ڪم پئي هڪل ڪجي، تڏهن کنهي ڪياڙي،
اڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دهل تي تاڙي،
عقل جو ايل پنهوار، گهڻي هڻي ڪچهريءَ ۾ ڄاڙي،
ٻه چوري ويڙهائي، ڏئي گهر کي اماڙي،
هيئين سان هنڊائي ڇڏ؛ اهي پنج ئي ڀاڙي. (چوڻي)
۱ - زال کي اگهاڙو رکڻ معنيٰ ننگ جو خيال نه ڪرڻ. جيڪو ننگ جو خيال نه ٿو ڪري ۽ فقط پنهنجو پاڻ کي چکي مکي ڪري هلي ٿو، اهو به ڀاڙيو آهي.
۲ - جيڪو ڪم پوڻ وقت، ٽال مٽول ڪري يا وقت ڏئي، واعدو ڪري، پوءِ ڀڄي وڃي، اهو به مڙس ماڻهو ناهي.
۳ - ري-دعوتيو يا بنا سڏ جي، پرائي دهل تي نچڻ وارو به احمق ۽ گيدي آهي.
۴ - ڪچهريءَ يا محفل ۾، بي جا وات هڻڻ وارو به مڙني کي بيزار ڪري وجهندو آهي. نه پاڻ ڪو ڪم ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي ٻيا سندس چوڻ تي ڪو ڪم ڪندا آهن. اهڙو ماڻهو به نامردن ۾ شمارجي ٿو.
۵ - ٻِه-ويڙهائو به چڱو ماڻهو ناهي. اهو به جهُڳن جي مٿان ٽانڊو آهي. سانڊي وانگر ڦوڪون ڏيندڙ ماڻهو به، رذيل ٿيندا آهن. نشانبر ٿي وڙهڻ جي بدران، لڪي لڪي تير هڻندا آهن. اهڙي قسم جا مرد، عورتن کان به پري آهي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج خصلتون، ڀاڙيائپ ۾ شمار ٿين ٿيون. مڙسن کي مڙني کان موشو ڪرڻ گهرجي.
۲ - ري سڏيو پرائي دهل تي، نچي ۽ هڻي تاڙي،
ڳالهه ڏانءُ نه اچيس، هڻي سکڻي ڄاڙي،
دوستارن جي گهر اڳيان، هلي پوکي واڙي،
پاڻ ڪري گنديون ڪپڙا، پر زال هجيس اگهاڙي،
مزمان آئي ڪنڌ هيٺ ڪري، ويهي کنهي ڪياڙي.
۳ - ٻه وڙهن پاڻ ۾، ٽيو پٽائي ڏاڙهي،
ٻڌي دهل ڌارين جو، گهر وڄائي تاڙي،
گهر آيو ڏسي مهمان کي، کنهي ڪياڙي،
بنان پئسي بانولو، اڏائي ويٺو ماڙي،
جوف پرائي جوءِ لاءِ، اڏي وهي واڙي.
۴ - پاڻ ڍڪي اڇا ڪپڙا، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي،
ڪم پئي هڪل ڪجي، تڏهن کنھي ڪياڙي،
اڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دهل تي تاڙي،
عقل جو ايل پنهوار، گهڻي هڻي ڄاڙي،
پنهنجي جهڳي ناس ڪري، پرائي ڏسي ماڙي،
اهي پنج ئي ڀاڙي، پنج ئي ڀاڙي. (۱۲) ص ۱۴۵.
173. پاڻ-وهيڻو: بادشاهه. (چوڻي، بيراجي)
پاڻ-وهيڻو: پنھنجي مرضيءَ تي هلندڙ، پنھنجي مرضي مڃرائيندڙ، پنھنجي مرضيءَ وارو.
اهو ماڻهو، جيڪو پنھنجي مرضيءَ سان ڪا ڳالهه يا منصوبو سٽي ۽ اهو وري عمل ۾ آڻي وڃي، تنھن کي پاڻ-وهيڻو سڏبو آهي. جيڪو ماڻهو دل ۾ سوچي ٿو، سو ائين ٿي پوي، اھا اڻ-ٿيڻي آهي. ڇو جو هر سوچ، قابلِ عمل به نه هوندي آهي. بادشاهه يا فرمانرواءِ، جيئن ته ملڪن جا والي ۽ خزانن جا وارث هوندا آهن، تنھنڪري جيڪو منصوبو سٽيندا آهن، سو ڪيئن به ڪري تعمير جي عمل مان گذاري، مٿس تعميل ڪرائي ويندا آهن. سندن آڏو، رنڊڪون يا رڪاوٽون گهٽ اينديون آهن. اگر اينديون به آهن ته خزانن جا منھن کولي، منجهانئن پار پئجي ويندا آهن. ان ڪري پاڻ-وهيڻا، دنيا اندر، فقط آزاد رياستن وارا بادشاهه سڏيا ويا آهن.
حقيقت اها آهي ته دنيا جي بادشاهن آڏو، آخر رنڊڪون رڪاوٽون، عمر جي کٽڻ، پيري اچڻ ۽ وارثن جي پيدا ٿيڻ سان گهڻيون اچن ٿيون. هڪ ڏينھن اهي به گوڏا کوڙي، ابول ڪري، بيهي رهن ٿا. جڏهن ته بادشاهن جو بادشاهه، فقط الله آهي. ان آڏو ڪا به رنڊ-روڪ اچي ئي ڪا نه ٿي. اصل ۾ ۽ حقيقي پاڻ-وهيڻو، الله ئي آهي، جيڪو اصل ۽ حقيقي بادشاهه آهي.
مطلب: ۱ - پاڻ-وهڻيو: پروردگار آهي.
174. پاڻي منجھ پھاڻ، ڀيڄي پر ڀيڏي نھين. (پھاڪو)
پھاڻ؛ پٿر. ڀيڄي؛ پُسي. ڀيڏي؛ ڳري.
پٿر، اندران سخت ھئڻ سبب پڪو ھوندو آھي. پاڻي ڀلي ڪھڙو به ھجي، کيس ڳاري اندر داخل نه ٿي سگھندو آھي. جابلو مٺو پاڻي ھجي يا سمنڊ جو کارو پاڻي، پٿر منجھ داخل نه ٿي سگھندو، توڙي جو پٿر، سؤ سال پاڻيءَ اندر رھي. ڇو جو پٿر ۾، پاڻي چوھڻ/ چورائڻ جي خاصيت ئي موجود ناھي. (۳۵) ص ۲۳۶
مطلب: ۱. دنياوي حالتون، انسان کي وڪوڙيون بيٺيون آھن. انسان انھن حالتن سان منھن ڏيندي، اڳتي وڌندو رھي ٿو، بيھي نه ٿو رھي.
۲. جيڪو ٻين مان وقتي فائدا وٺندو، ٻيا به منجھانئس فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا.
۳. دنياوي تڪليفون ھر انسان تي اچن ٿيون. کيس ڳاري ختم نه ٿيون ڪن بلڪ اڃا پڪو ٿيون ڪن.
175. پاڻي نِه پرمار، لاڀي تو ليجئي گهڻو. (چوڻي)
پَرمار: مالِ مفت، پرايو مال. لاڀي: لڀي، ملي. ليجيئي: وٺجي.
۱ - ٿر ۾ پاڻيءَ جي ڏاڍي قلت آهي. ڪن علائقن ۾ ٽي سؤ کان ٻارنهن سؤ فوٽ هيٺ، پاڻي ملي ٿو. اھڙن علائقن ۾، کوه کڻائڻ سولا ڪين آهن. جنهن ڪري ٿري ماڻهو، ڀٽن جي وچ واري ميداني ٽڪرڙن ۾، ٽونڪا ٺاهين ۽ برسات جو پاڻي يا ٻين کوهن وغيره تان جيترو به پاڻي ملين سو کڻي اچي، انهن ٽونڪن کي ڀري ذخيرو ڪن. جيئن گندين ۾ اَنُ وغيره ذخيرو ڪري رکبو آهي، تيئن ٿري وري ٽونڪن ۾ ائين پاڻي جمع ڪن. جڏھن مٺو پاڻي ڪٿي ملين ته، گھر ۾ موجود ھئڻ جي باوجود، اتان اھو کنيو اچن.
۲ - مفت جو مال يا خيرات ۾ ملندڙ شيءِ، اگر بنا محنت يا سوال جي ملي ته ڇڏڻي ناھي، بلڪ وٺي بغل ۾ ڪرڻي آھي. اڄ اھا موٽائي ته سڀاڻي ان جي ملڻ جا امڪانات گھٽجي ويندا.
مطلب: ۱ - پاڻي ۽ مفت ۾ ملندڙ شيءِ، جيتري هٿ اچي، کڻي وٺجي.
۲ - مفت را چه بايد گفت.
۳ - تحفي ۾ مليل گهوڙي جا ڏند نه جاچجن.
۴ - هٿ آيل موقعو، هٿان نه وڃائجي.
۵ - ويل ويل، وري ھٿ نه ايندي. (۶) ص ۵۴.
176. پائيءَ جا پڪا، ٽڪو لنڊ ڪڍاڻي. (پھاڪو)
پڪا؛ ڪرڙ جا ڏيلھو.
ڪِرڙَ جو وڻ، ڀٽن تي ڪو ورلي ٿئي. هيٺانهن هنڌن تي، نرم زمين ۽ خاص ڪري ڏهرن ۽ تراين جي سخت زمين ۾ ٿئي. تراين جي ڀرسان ٿلهي ٿُڙ سان وڏا ۽ ڊگها وڻ ٿيندا آهن. باقي زمين جتي پاڻي گهٽ آهي، اتي رواجي طرح ٿين.
منجھس ڦر ھن طرح ٿئي. اونهاري جو اُن ۾ پهريائين پُسي ٿئي، جنهن کي ”ٻاٽو“ به چون. مارو ماڻهو اُن جي ڀاڄي ڪن. پوءِ اُن مان ڪچا ساوا ڦل ٿين، جن کي ”ڪيريا“ چون. اھي چونڊي، ڀاڄي ۽ آچار ڪري ڪم آڻين. پچڻ بعد ڳاڙها ٿيو پون، انهن کي ”پڪا“ چون. جيڪي چونڊي، ماڻهو کائيندا آهن. پکي، خاص ڪري هُڙيا ۽ ليليون، پڪا جام کائيندا آهن. ڪيترا ته ٺونگا هڻي ڦٽايو ڪيرايو ڇڏين. غريب ماڻهو پُسي، ڪچا ڪيريا ۽ ڏونرا چونڊي آڻي شهرن ۾ وڪرو پڻ ڪندا آهن.
پڪا کائڻ ۾ لذيذ ٿيندا آھن. بک تي کائڻ سان ٿورو پيٽ لاءِ ٻالنگھ پڻ ٿيندا آھن. جڏھن ته آھن قابض. قبضي به ايڏي جو وقت تي ٽورو اچڻ جو نالو ئي نه وٺندو آھي. ڪي ته وري ڊاڪٽرن ڏانھن قبضيءَ جي علاج لاءِ پنڌ ڪن. انھيءَ پنڌ ۽ علاج تي پڪن جي خرچ کان ڏھوڻ تي خرچ اچيو وڃي.
مطلب: ۱ - سستو ڪم، ٻيڻو خرچ ڪرڻ بعد پورو ٿيندو آهي.
۲ - ڀيٽيو: سستي روئي سؤ وار، مھنگي روئي هڪ وار.
177. پتنگ ۽ پروانو، ڪن اگنيءَ مٿي اور،
جيئن ڀمر ڦري ڪمل تي، چنڊ اتي چڪور،
تاڙي جي تنوار، اَن جي تَڪَ تور،
پنج ئي گگن گھور. (چوڻي)
اگني: باهه. اور: ڦيرا. ڀمر: ڀونئر. ڪمل: ڪنول. گگن گھور؛ آزاد ڦرندڙ ڪڪر.
۱ - پتنگ/ پروانو، بي انت عشق سبب، باه ۾ ڪڏي پوي ٿو. سندس عشق جو اندازو سڙي مرڻ مان لڳائي سگهجي ٿو، جو آخر ۾ فنا ٿي وڃي ٿو.
۲ - ڀونئر کي ڪنول جي گل سان عشق آهي، جو ڦريو ڦريو مٿس اچي بيهي ٿو ۽ آخر فنا ٿي وڃي ٿو.
۳ - چڪور پکيءَ جو چنڊ تي موهت ٿيڻ پڄاڻان، ڏانهنس پڄڻ لاءِ پرواز ڪرڻ بي انت عشق جي شاهدي آهي، جو آخر فنا ٿي وڃي ٿو.
۴ - مينهن جي مند ۾، تاڙي پکيءَ جي تنوار جو به اندازو نه ٿو ڪري سگهجي، جو سندس تنوارڻ سان آخر برسات ضرور پوي ٿي.
۵ - ٻارِ مان کنيل اناج جي تڪ تور نه ڪبي ته، اهو به مٿين چئني وانگر ضايع ٿي ويندو.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنجن ئي شين مان، دنيا جو فنائيت ڏانھن مائل ھئڻ وارو سبق ملي ٿو.
۲ - پتنگ ۽ پروانو، ڪن آگ مٿي اور،
جيئن ڀؤنر ڦري گلاب لاءِ، چنڊ مٿي چڪور،
تاڙو تنواري، تنھنجي تڪ نه تور، اھي پنج ئي گگن گھور. (۲) ص ۱۳۳.
178. پٿورو دعا رو گُند، لکڻا رو کوٽو، لگايان رو وڃاڻ. (پهاڪو)
گُند: ڀريل ڀانڊو. لکڻ: لڇڻ، عادت. کوٽو: لوفر پارٽي. لگايان: سکا باسي ايندڙ عورتون. وڃاڻ: ٻيڙي ٻوڙيندڙ.
پٿورو جنگشن ڀرسان، پٿوري جي ماڙيءَ تي، اولاد جي آس رکي ايندڙ ضائفن سان، اتي ويٺل مجارو پاڻ کي پير پٿورو سڏائي، قانونِ فطرت تحت ٻار پيدا ڪرڻ واري عملي ڪوشش ڪندا آهن. جنهن سبب اڇوت هندو، وسهي ويا آهن ته؛ اهي حرڪتون پٿورو ٿو ڪري. جنهن ڪري پٿوري لاءِ ائين مشهور ٿيو آهي.
مطلب: ۱ - ھڪ ھمراھ وٽ ھڪڙو مرشد آيو، جيڪو شڪل جو گروشڙو ھيو. مريد مرشد جي دل سان ٽھل ٽڪور پئي ڪئي. جڏھن ته ساڳئي وقت وٽس ھڪڙو سريلو دوست پڻ مھمان ٿي آيل به ھيو، جنھن جي خدمت، ان گروشڙي مرشد جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ پئي ڪيائين. ان تي مھمان دوست کيس ٽوڪيندي چيو؛ ”مرشد تو واري جي نه شڪل سھڻي آھي، نه شبيھ. تو خوامخواھ اچي پاڻ کي خرچ کاٻار ۾ وڌو آھي. اھو تو کي قبر نه ڇڏائيندو.“
”ڏيکڻ دا گندڙا ھي، باقي ناظرو ڪتا ھي.“ ميزبان موٽ ۾ چيس؛ ”ڏسڻ جو ميرڙو آھي باقي، پٽ پاراتي ڏيڻ جو تيز آھي.“
۲ - ٻاھر ۾ سادڙو، اندر ۾ بڇڙو. (۱۸) ص ۶۳.
179. ”پٽيل ڪيئن مئو؟“ چي؛ ”گيو کٿي ري بُڻائي ۾!“ (پهاڪو)
هڪڙي ڪنجوس پٽيل/ وڏيري، ڪنهن ڪاريگر کي کٿو اڻڻ لاءِ ڏنو. ڪاريگر کٿو جوڙي کڻي آيو. ڏيندي وقت، کانئس پئسا گھريائين.
”هفتي کان پوءِ پئسا ملندءِ!“ پٽيل، کٿو وٺي رکندي چيس.
هفتي کان پوءِ ڪاريگر آيو ته وري ٻيو کُڻُ ڏئي ٽاري ڇڏيائينس. اهڙيءَ طرح ڪيئي کُڻَ ڏنائينس، پر پئسا ڪو نه ڏنائينس. ڪاريگر به هلي هلي ٿڪو. جڏهن ڪاريگر جي، ڊڪي ڊڪي جتي گسي وئي، تڏهن هڪ ڏينهن بيزار ٿي خار مان چيائينس؛ ”هاڻوڪي کُڻَ تي جيڪر پئسا نه ڏنئي ته ٺپ ماريندوسانءِ!“
اڳيون کڻ آيو ته پٽيل وري به عذر ڏنو. انهيءَ تي ڪاريگر مڇرجي پيو ۽ کڻندي لٺ، ڏنائينس مغز واري. پٽيل، نه تو ڏٺو ته مون ڏٺو. پٽيل جي قتل جي خبر ٻيلي جي باهه وانگر ڦهلجي وئي. ڪافي ماڻهو اچي مڙيا ۽ پڇڻ لڳا؛ ”پٽيل ڪيئن مئو؟“
”گيو کٿي ري بڻائيءَ ۾!“ بيٺلن مان ھڪڙي وراڻيو؛ ”ويو کٿي جي اڻائيءَ ۾!“
مطلب: ۱ - ڪنجوس ماڻھو، ڪنجوسائپ سبب، بي موت مريو وڃي.
۲ - ٿوري محنت جي بدلي، گھڻو معاوضو ڏيڻو ٿو پوي.
۳ - بنا ڏوهه جي، اگر آفت اچي ڪڙڪي ته چئبو آھي؛ ”مورڳو وڃون ٿا کٿي جي اڻائيءَ ۾.“ (۶) ص ۷۱.
180. پچي ٿئي جو لال، ڪاڻ نه ڪڍي ڪنڀار جي. (پھاڪو)
ھن دنيا اندر سکن سان گڏ ڏک به آھن. جن منجھ ماڻھو بجاءِ ڳرڻ جي ويتر پڪو پختو ٿئي ٿو. جڏھن زماني جون سختيون سھي، ھڪڙو ماڻھو اڳتي وڌي ٿو، تنھن ۾ سھپ سان گڏ سوچ، سمجھ ۽ سگھ وڌي ٿي. جنھن سببان ٻين جي مدد ڏانھن واجھائي نه ٿو بلڪ ھر ڳالھ سان مڙس ماڻھو ٿي ڪري منھن ڏئي ٿو.
مطلب: ۱ - پچي ٿياسون لال، ناهي ڪاڻ ڪنڀار جي. (شاهه عنايت)
پڪل ٿانءَ کي نه پاڻي ڳاري سگهي، نه ئي ڪنڀار جي چڪ تي ٻيهر چڙهڻ ۽ آويءَ ۾ پچڻ جي ضرورت اٿس. (۳۵) ص ۲۶۲
181. پڇ-مروڙيو ڍڳو، دن اگهاڙي نار،
چتين ڇنو موچڙو، مٿي وارو بار،
واريءَ سندو پنڌڙو، پنج ئي گردن بار. (چوڻي)
۱ - ڍڳو، هر وهڻ جي ڪم ايندو آهي. هر ۾ وهڻ لاءِ، طاقت سرس کپي. ڪي ڍڳا، وهڻ جا ڪوڙا هوندا آهن. جيستائين پڇ کان وٺي مروٽو نه ڏبو اٿن، تيستائين وک نه کڻندا آهن. پٺيان، هر کي سنڀاليندڙ هاري، هڪ هٿ سان هر کي سنڀاليندو آهي ۽ ٻئي هٿ سان ٻنهي ڏاندن کي، کيڙيءَ واري ٻنيءَ تان هلندي، ٿاٻڙندي ۽ پاڻُ سنڀاليندي، هڪليندو آهي. اهو اڳي ئي بِرِ بيٺو هوندو آهي. ويتر جو ڏاندُ به ڪوڙو هجي ته صفا کِٿِ ٿي پوندو آهي.
۲ - عورت جو هر عضوو، ڪشش رکندڙ آهي. ڏورا، پنيون ۽ پيٽ ته خاص طور تي اگهڙ ۾ شامل آهن ۽ مردن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪندڙ آهن. ويتر جو عورت دن به اگهاڙو ڪيو وتي ته اها ڄڻ مڙني کي پئي پاڻ ڏانھن سڏي. اها گهڻن کي ويڙهائي ناس ڪندي.
۳ - بوٽ تي جڏهن، ڌارئي چمڙي جون چتيون لڳنديون آهن ته وزن وڌي ويندو اٿس ۽ پائڻ ۾ ٺوٻر ٿي پوندو آهي. پيرن ۾، هيٺان مٿان لڦون ته ڪندو آهي پر هلڻ ۾، ڳؤرو هئڻ سبب، بيزار پڻ ڪندو آهي.
۴ - مٿي تي رکيل بار، آخرڪار پيرن کي ئي کڻڻو آهي. پيرن تائين پھچڻ کان اڳ، سڄي جسم مان وزن کي پار پوڻو آهي. ڪنڌ، پنيون ۽ ٻانهون چڙهي پوندا آهن. اگر بوٽ يا چپل ڇڳل آهن، ته به هلڻ ۾ هلاک ۽ بيزار ڪندڙ هوندا آهن.
۵ - واريءَ جي مٿان پير، ڦٻڻ بدران ٿڙندو آهي. جنھن ڪري هلندڙ کي ڏاڍي بيزاري ٿيندي آهي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج حالتون بيزار ڪندڙ هونديون آهن.
182. پدمڻي پنچ تولا جهيمي، ڏس تولا جهيمي چترڻي،
ايڪ پاءُ جهيمي ڪامڻي، سير جهيمي سنکڻي. (چوڻي)
پدمڻي، چترڻي، ڪامڻي ۽ سنکڻي، عورتن جا قسم آھن. اھي سندن بدني ڊؤل کي جانچي پوءِ ورھايا ويا آھن. جهيمي: ڍاپي، ڍؤ ڪري. ڏس: ڏهه. تولو؛ آنو، ڇٽانڪ.
۱ - پدمڻي، ٿور-کائڪ هوندي آهي. پنج تولا خوراڪ کائڻ سان، سندس گُجي ڀرجي ويندي آهي.
۲ - چترڻي عورت، پدمڻيءَ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي خوراڪ گهليندي آهي.
۳ - ڪامڻي، پدمڻيءَ کان چئوڻ تي کائڻي آهي. ٿوري مان ته سندس پيٽ ئي نه ڀربو.
۴ - سنکڻي ته کائڻ جو چهٻر هوندي آهي. مڙني جي ڀيٽ ۾ گھڻي مانِر هوندي آهي. اهڙي پيٽ-هٿي هوندي آهي جو کارو مانين جو کائي ته به آنڊي جو وڪڙ سڌو نه ٿئيس.
مطلب: ۱ - عورت جو اندازو، سندس کاڌ خوراڪ جي وزن مان به ڪري سگهجي ٿو.
۲ - پا زمئه پدمڻي، اڌ شير زمئه چتر ڳڻي،
شير زمئه ھنش ڳڻي، ٻي شير زمئه شکڻي. (پارڪري)
۳ - پد مڻي پاءُ کائي، اڌ سير کائي چترڻي،
هنش ڳڻي سير کائي، ٻه سير کائي سنکڻي. (ترجمو) (۲) ص ۲۵۸.
183. پدمڻي پون جاڳي، کڙڪا جاڳي چترڻي،
سڏ جاڳي ڪامڻي، واڪا جاڳي سنکڻي. (چوڻي)
پون: آهٽ.
۱ - پدمڻي عورت جي نشاني اِها آهي ته اُها نينڊي طبيعت نه هوندي آهي. ننڊ ۾ به هوشناڪ هوندي آهي. سنهڙي آهٽ تي به خبردار ٿي اٿي پوندي آهي. جيڪڏهن سمهندي به آهي ته جهٽ پلڪ لاءِ.
۲ - چترڻي عورت، پدمڻيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ننڊ ڪندڙ آهي ۽ سندس جاڳ کڙڪي تي ٿيندي آهي. آهٽ تي خبردار نه ٿيندي آهي. سمهندي آهي ته رات جي پوئين پهر ۾ جاڳي پوندي آهي.
۳ - ڪامڻي عورت جي ننڊ ٿوري گهري آهي ۽ سڏ تي اٿندي آهي. ستي کان پوءِ، پرڀات جو مس وڃي اک کلندي اٿس.
۴ - سنکڻي مڙني جي ڀيٽ ۾ اينٿري ۽ نينڊي آهي. هلڪي کڙڪي ۽ سڏ تي سجاڳ نه ٿيندي آهي، جيستائين مٿان بيهي واڪا نه ڪجنس.
مطلب: ۱ - عورتن جا چار قسم آهن. کين سڃاڻڻ جون نشانيون، سندن ننڊ ۽ جاڳ جي طريقن ۾ به آهن.
۲ - پدمڻي تو پلڪ نيندر، پهر نيندر چترڻي،
پرڀات جاڳي ڪامڻي، سورج جاڳي سنکڻي. (۲) ص ۲۵۵.
184. پدمڻي دو پتر، چار پتر چترڻي،
ڪامڻي آٺ پتر، سولا پتر سنکڻي. (چوڻي)
۱ - پدمڻي عورت، ٻار گهٽ ڄڻيندي آهي. اھي به وڏي وقفي کان پوءِ. حياتيءَ اندر، ڇيهه ۾ ڇيهه ٻه ٻار ڄڻيندي سي به پنجن سالن جي وقفي کان پوءِ.
۲ - چترڻي عورت، چئن سالن جي وقفي سان، پنھنجي پوري ڄمار ۾ فقط چار ٻار ڄڻي سگهندي آهي.
۳ - ڪامڻي، ٽن سالن جي وقفي سان به اٺَ ٻار کن، پنھنجي پوري عمر ۾ ڄڻي ويندي آهي.
۴ - سنکڻي، طبيعت جي ڪوسي/ گرم هئڻ سبب، ٻارهين مهيني ٻار ڄڻيندي آهي ۽ زندگيءَ ۾ سورنهن کن ٻار ڄڻي ويندي آهي.
مطلب: ۱ - عورت جو قسم سندس ڄڻڻ واري صلاحيت مان به پڌرو هوندو آهي.
۲ - دو پتر پدمڻي ڪون، چار پتر چترڳڻي ڪون،
آٺ پتر هنش-ڳڻي ڪون، شور پتر شکڻي ڪون. (پارڪري)
۳ - پد مڻيءَ کي ٻه ٻار، چترڻيءَ کي چار ٻار،
هنش-ڳڻيءَ کي اٺ ٻار، شکڻيءَ کي سورنهن ٻار. (ترجمو)
۴ - پدمڻي پانچ برسي، چار برسي چترڻي،
تين برسي ڪامڻي، ٻارهين مهيني سنکڻي. (۲) ص ۲۵۸.
185. پدمڻي ڪون پِتي والو، چترڳڻي ڪون چِير والو،
هنش-ڳڻي ڪون وير والو، شکڻي ڪون واڌ والو. (پارڪر، چوڻي)
ڪُون: تي. پتي: مڙس. والو: پيارو. چير: پيٽ ڄڻيو. وير: ڀاءُ، پيارو ڀاءُ، ماءُ ڄائو. واڌ: جهيڙو، فساد.
۱ - پدمڻيءَ کي، مڙس مڙني کان پيارو هوندو آهي. ان جي ئي خدمت، گهڻي ۾ گهڻي ڪندي آهي.
۲ - چترڻيءَ کي وري پيٽ ڄڻيو، وڌيڪ وڻندو آهي. يعني ڄڻيي اولاد تان ٻلهار ٻلهار پئي ويندي. مڙس جي ڀيٽ ۾، ٻچن ڏانهن قرب وڌيڪ ونڊيندي. انهن جي ٽهل ٽڪور ۾ گهڻو وقت ڏيندي.
۳ - هنش-ڳڻيءَ کي پيڪا پيارا هوندا. انهن ۾ به خاص ڪري ڀائر. ماءُ-ڄڻيي تي، مڙس ۽ پيٽ-ڄڻيي جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ قرب جو اظھار پئي ڪندي آھي.
۴ - سنکڻي ته ڪنهن سان ٺهي ئي نه. نه مڙس جي خدمت، نه ٻارن جي ٽهل ٽور. نه وري ڀاءُ آئي کي سهي. جنهن تنهن سان جهيڙو ۽ فساد. هر آئي وئي کي، اُکين ٿي اچي کڻندي.
مطلب: ۱ - عورت جو روپ، سندس رويي مان به پڌرو هوندو آهي. پنهنجن پيارن رشتن سان سندس نيبهه ڪھڙي رنگ ۾ ٿئي ٿو. ان رنگ کي ڏسڻ سان، کيس سمجهي سگهجي ٿو. (۱۹) ص ۹.
186. پدمڻي کڙيان ڪيس، ڪڙيان ڪيس چترڻي،
اره ڍڪڻي ڪامڻي، ڪنان ڪيس سنکڻي. (چوڻي)
ڪيس: مٿي جا وار. کڙيان: کڙيءَ تائين. ڪڙيان: چيلهه. ڪنان: ڪنن تائين.
۱ - پدمڻي عورت، پنهنجي وارن جي نشانيءَ مان به پڌري هوندي آهي. مٿي جا وار ڊگها، سهڻا ۽ گهاٽا هوندا اٿس، جيڪي سندس قد جيڏا هوندا آهن.
۲ - چترڻيءَ جا وار، سندس چيلهه تائين مس ڊگها هوندا آهن.
۳ - ڪامڻي عورت جا وار، گهٽ ڊگها هوندا آهن. ڇاتي مس ڍڪيندا اٿس.
۴ - سنکڻيءَ جا وار، ڪنن کي مس ڍڪيندا آهن. ڇوڪرن وانگر ٻٽون-ڪٽ وار مس ڌاري سگھندي آھي. ان کان وڏا رکندي ته ڇڻڻ شروع ٿي ويندس.
مطلب: عورت جو قسم، وارن جي نشانيءَ مان به پرکي سگهبو آهي. (۲) ص ۲۵۶.
187. پدمڻي هنس چلي، مرگهه چلي چترڻي،
مور چلي ڪامڻي، ڍور چلي سنکڻي. (چوڻي)
هنس: هنجهه پکي. مرگهه: هرڻ.
۱ - پدمڻي عورت پنهنجي چال مان پڌري هوندي آهي. هلندي آهي ته هنجهه پکيءَ وانگر هلندي آهي. سھڻي ٽور سان پئي ايندي ۽ ھر ڪنھن کي پئي سيبائيندي.
۲ - چترڻيءَ جي چال، هرڻ جي ڇال وانگر هوندي آهي. ٺينگ ٽپا ڏيندي ايندي. جنھن جو ڌيان نه ھجي سو به ڏانھنس ڌيان ضرور ڪري.
۳ - ڪامڻي، هلندي ته ڊيل وانگر ٽور ڪندي ايندي. پاڻ ڏانھن ٻين جو ڌيان ڇڪائيندي ايندي.
۴ - سنکڻيءَ جي وک، ڍور وانگر ۽ پري کان پڌري هوندي آھي.
مطلب: ۱ - عورت جا چار ئي قسم، سندس وک ۽ چال مان پڌرا هوندا آهن. کيس سندس هلڻيءَ جي چال مان به صحيح ڪري وٺبو آهي. (۲) ص ۲۵۶.
188. پراڻ جائي، پروجن نه جائي. (چوڻي)
پراڻ: ساھ. پروجن: ويساھ، اعتبار.
جيئن سلو پاڻيءَ تي تڳندو آھي، تيئن وري انسان، نيت، ويساھ يا وشواس تي تڳندو آھي. ٻين جي مٿان جيئن سندس اعتبار ويھندو ويندو آھي، تيئن سندس ڪاروبار ۽ ساک وڌندا ويندا آھن. جڏھن ماڻھو غريب ۽ نادار آھي، تڏھن رب جي رضا تي راضي رھي پيو ٿو زندگيءَ جا پل گھاري. ان جي برعڪس جڏھن معاشري ۾ پنھنجي ساک يا نيت پت ٺاھي ڪو مقام حاصل ڪندو آھي ته پوءِ اتان ھٽڻ لاءِ ذھني طور تيار نه ٿيندو آھي. اگر سندس ساک يا ويساھ، ڪنھن ڪڌي ڪم سبب، ماڻھن مان ٽٽو ته سندس اھو اوچو مقام به مٿان کان ٽٽي اچي پٽ پوندو آھي. مٿان ڪري، ھيٺ اچي پوڻ کان پوءِ، زندگي گذارڻ تمام گھڻي اھنجي ٿي ويندي آھي. اھڙي زندگي گذارڻ کان ھر ڪو موت کي ترجيح ڏيندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھر ڪو پنھنجي ويساھ/ وشواس يا ڀرم کي قائم رکڻ جا جتن پيو ڪندو آھي.
مطلب: ۱ - ساهه وڃي، ويساهه نه وڃي.
189. پراڻو کوهه وهي؛ لک لھي،
نئون کوهه وهي؛ ڊهي پوي. (پھاڪو)
۱ - جر جو پاڻي، نارن ذريعي سمي، کوھ جي تري ۾ جمع ٿيندو آھي، جيڪو ڇڪي ٻاھر ڪڍبو آھي. سنھڙن نارن مان سميل پاڻي، صاف ٿي نڪرڻ سبب، پيئڻ لائق ھوندو آھي. کوھ جيئن پراڻو ٿيندو تيئن سندس نارن جا وھڪرا پڪا پختا ٿي ويندا آھن ۽ ورلي بند ٿيندا آھن. اگر پاڻي ڪڍڻ بند ڪبس ته پوءِ امڪان آھي ته اھي نار بند ٿي وڃن. جڏھن پراڻي کوھ جا نار بند ٿيندا آهن ته پوءِ اھو کوھ بيڪار ٿي ويندو آھي. منجھانئس ٻيھر پاڻي ملڻ ناممڪن ٿي ويندو آھي. ھاڻي ان کوھ تي وڌيڪ محنت ڪرڻ بجاءِ، ان کي لٽي ٻيو کوٽبو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اوچتو بند ٿيل نار، وھي به پوندا آھن. اگر کوھ ائين وھي پيو ته پوءِ لک لھي.
۲ - نئين کوهه جي اندرين ڀت گولائيءَ سبب مضبوط ھوندي آھي. تنھن ھوندي به ڪوشش ڪبي آھي ته جيستائين اھا ڀت، چَڪَ تي مضبوطيءَ سان ويھي، تيستائين سندس ڀتين مان پاڻي نه سمي ۽ تري مان به نار، سيما ڪري نه وھن. انھن جو تڪڙو وھڻ نئين کوھ کي ويھاري ۽ نئين اڏاوت کي لوڙهي ڇڏيندو.
مطلب: ۱ - پراڻي کوھ جو وھڻ غنيمت ۽ نئين جو سمڻ زحمت.
۲ - پراڻا سخي، سخاوت ڪن ته ڍائن، نوان سخاوت ڪن ته ڏهڙي رکن.
190. پرائي مانيءَ کان، پنهنجن ڪکن جي رٻ به ڀلي. (چوڻي)
ماني: ڊڳڙ، ڪڻڪ جو لولو، اوچو طعام. رٻ: ڪُني ۾ پاڻي وجهي، منجھس ٻاجهريءَ جو ڏارو وجهي، ڪاڙهين ته پٽڙي پيڄي ٿيو پوي، ان کي رَٻ چون. غريب کيس غنيمت سمجهي، رٻ ڀٽاري چون. ڪک: ڪکاوان گھر، غريباڻا گھر، آکيرو جيڪو پڻ گھر جي علامت آھي.
ماڻھوءَ سان پيٽ به لڳل آھي، جيڪو کيس ڀرڻو آھي. ان کان علاوھ انسان ھئڻ جي ناطي کيس پنھنجي عزت نفس به برقرار رکڻي آھي. پيٽ اندر پيل کاڌو، جسم جي خوراڪ آھي، جنھن تي اھو پلجي ٿو ۽ وڌي ويجھي ٿو. بلڪ ائين چئجي ته اھو زندھ ئي ان کاڌي تي رھي ٿو. اھڙيءَ طرح عزتِ نفس يا روح جي به ھڪ خوراڪ يا غذا آھي. جيڪا آھي حلال روزي ۽ چڱا ڪم. اگر انسان ڪِري، پوءِ ڪا روزي حاصل ڪري ٿو ته سندس روح مردھ ٿئي ٿو ۽ عزتِ نفس مجروح ٿئي ٿي. کيس پيٽ ڀرڻ سان گڏ، انھن جي سلامتيءَ جو بندوبست پڻ ڪرڻو آھي. ڇو جو فقط پيٽ ڀرڻ، سندس مقصود ناھي. اھو ته ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾، جانور ۽ درندا به پيا ڀرين. اگر انسان به ائين ڀريو ته پوءِ انھن ۽ ھن ۾ ڪو واضح فرق نه رھندو. جنھن واضح فرق سبب، کيس اشرف المخلوقات جو لقب مليل آھي، اھو فقط روح کي زندھ يا مردھ رکڻ ئي آھي.
پنھنجي ھٿن سان ڪمايل سادي روٽي، پنھنجي ھٿن سان جوڙيل ڪکاون گھرن ۾ کائڻ سان، ماڻھو ٻين تي ٻوجھ نه ٿو ٿئي، ۽ نه ئي ائين ڪرڻ ٻين تي گران ٿو گذري. ان جي برعڪس، ٻين جي درن تي ڪرڻ وارو ڀلي سٺيون مانيون کائي، پر ٻين مٿان بار ۽ سندن ھنيانءَ تي تور ٿئي ٿو. ان سان انسان، اڳلن جي نظرن ۾ ته ڇا، پنھنجي نظرن ۾ به ڪري پوي ٿو. سندس روحاني مردھ ٿيو وڃي ۽ اشرف المخلوقات ھئڻ واري درجي کي به شرمائي ٿو.
مطلب: ۱ - ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان.
۲ - شان مان پيٽ ڀرڻ ۾ نه، بلڪ عزتِ نفس قائم رکڻ ۾ آھي.
۳ - پنھنجي ڪکائين گهر ۾ رٻ کائڻ، پرائي گهر ۾ پلاءُ کائڻ کان وڌيڪ شان واري آهي. (۱۲)
191. پرٿويءَ جو نالو: نانهن جو گهر. (چوڻي)
پرٿوي: ڌرتي. نانهن: محنت.
ڌرتيءَ تي هر ڪو هٿين خالي آيو آهي. جڏھن ته اھي خالي ھٿ، سندس ڪمائڻ جا اوزار يا ھٿيار پڻ آھن. کيس ڌرتيءَ مٿان، حياتي گذارڻ لاءِ، روزي رزق حاصل ڪرڻ لاءِ انھن عطا ڪيل ٻنھي ھٿن پيرن جي معاونت سان محنت ڪرڻي آھي ۽ پنھنجي حصي جي روزي روٽي چُڳڻي آھي.
اگر، هڪڙو ماڻهو، هٿ پير هوندي، محنت نه ڪندو سو نيٺ ٻين آڏو هٿ ٽنگيندو. اگر محنت ڪندو ته مان به پائيندو ۽ بک به نه مرندو.
مطلب: ۱ - ڌرتي، محنت جي جاءِ آهي.
۲ - انسان کي هر وقت محنت ڪندو رهڻ گهرجي.
192. پرجا سکي؛ راجا سکي، سکي سڀ سنسار. (پھاڪو)
پرجا؛ رعيت. راجا؛ بادشاھ. سنسار؛ جڳ.
رعيت تڏھن خوش ٿي رھي، جڏھن حاڪم، ساڻن عدل ۽ انصاف واري ھلت ۽ ورتاءُ ٿو ڪري. رعيت جا جڏھن گھر ويٺي حق انصاف وارا فيصلا ٿين ٿا ته اھي وري موٽ ۾ بادشاھ جي صحت ۽ سلامتيءَ لاءِ دعائون گھرندا رھن ٿا. ٻئي ڌريون جڏھن ھڪ ٻئي مان خوش آھن ته ٽين ڪا به ڌر سندن معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جو سوچي به نه ٿي سگھي. اھا به کانئن پاڻ کي بي اونو ڪيو، سڪون ٿي ماڻي. (۳۵) ص ۲۴۹
مطلب: ۱. جيڪو زمين وارن کي خوش رکڻ جي ڪوشش وٺي ٿو، تنھن کي آسمان وارو سڪون مھيا ڪري ٿو.
۲. بادشاھ کي به مٿي ۾ سور رعايا وجھندي آھي. اھا سکي ھوندي ته راجا کي به قرار ھوندو.
193. پرس ڪراڙو، جوءِ جواڻ، اهو نه جڙندو جوڙ،
جي حيلا ڪرين هزار، ته به بُهه جو نه ٻڌبو نوڙ،
چوٿين جَون جي ماني، پنجون ٿيلهي مڇيءَ جو ٻوڙ،
پنج ئي گردن ٽوڙ. (چوڻي)
۱ - ڪراڙو مرد، جوان عورت جي ڪم جو ناهي. جوان عورت کي جيسي مرد جي ضرورت آهي. جنھن سان رسڻ پرچڻ ۾ کيس ساءُ اچي. ڪراڙي جو پرچائڻ ۽ ڀاڪر ۾ ڀرڻ، کيس ڪرڀ ڏياريندڙ ٿيندو. نه ئي وري ڪراڙو، سندس جنسي تقاضائون پوريون ڪري سگهندو. انھن ٻنهي جو پاڻ ۾ ٽاڪو لڳڻ، اگر ناممڪن ناھي ته مشڪل ضرور آهي.
۲ - بُهه، تمام ننڍڙن داڻن تي مشتمل هوندو آهي. جڏهن ته نوڙ يا نوڙيءَ وٽڻ لاءِ ريشي-دار، ڌاڳن جھڙن سرن جي ضرورت آهي، جيڪي هڪٻئي کي سڌائيءَ ۾ وڪوڙي جهلي بيھن. بُهه جي داڻن سان نوڙ وٽڻ لاءِ سوچڻ ئي بيوقوفي آهي.
۳ - جَوَ، اڻڀو اَنُ آهي. پيهڻ سان به بلڪل ميدي وارو اٽو منجهانئن نه ٿيندو آهي. بلڪ داڻيدار تُھن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن ۾ اٽي وانگر چنبڙڻ واري خاصيت نه هوندي آهي. جنهن سببان منجهانئس ماني نه جڙي سگهندي آهي.
۴ - ٿيلهي مڇي، تري کائڻ ۾ ئي مزيدار ۽ ذائقيدار هوندي آهي. اگر منجهانئس ٻوڙ رڌجي ته ڀُري ويندي ۽ کائڻ ۾ لذت نه ڏيندي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل حقيقتون، ڏک ڏيندڙ آهن.
194. پَرَ-متڙيو، سدائين ڏوهرو. (چوڻي)
پَرَ-متڙيو: پرائي مت تي هلندڙ، ٻين جي عقل تي هلندڙ. سدائين: ھميشه.
ڏوهرو: ڏکيو، ڏک ۾، تڪليف ۾.
جيڪو پنهنجي معاملي ۾ به، ڀلي بري جي تميز نه ڪري سگهي ۽ هر معاملي ۾ ٻين جي عقل تي هلي، سو نيٺ پر-متڙيي پوڙهي وانگر گڏھ ته ھٿان وڃائي پر ماڻهو به مٿان کلائي.
هر معاملي ۾ رڳو پڇ پڇ به، ٻين کي بيزار ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري بهتر آهي ته ڪجهه پنهنجي عقل کان به ڪم وٺجي.
مطلب: ۱ - اڌارو عقل، ٿورو ۽ کٽل، ناقص ۽ مارائيندڙ هوندو آهي.
۲ - پنهنجي سمجهه سان ڪيل ڪم جو نقصان به وڻندو آهي. اڌاري عقل سان ٿيل فتح به، دلي سڪون نه ڏيندي آهي.
۳ - هر معاملي ۾، پنهنجي پاڻ تي ڀاڙجي.
۴ - سدائين پنهنجي ٻارجي ۽ پنهنجي چاڙهجي.
۵ - پرائي مت آهي پرڻ ۾ پاڻي، پيو ۽ وهي ويو.
۶ - ٻين جي عقل تي هلندڙ، سدائين ٽوٽ ۾ هوندو آهي. (۶) ص ۹۷.
195. پرڻي او پاڙي، جڻي او جاڻي. (چوڻي)
پرڻي؛ پرڻجندڙ، شادي ڪندڙ. او؛ سو. پاڙي؛ پالي، نپائي. جڻي؛ ڄڻيندڙ. جاڻي؛ ڄاڻي، سمجھي.
جيڪو شادي ڪري ٿو، زال تنھن کي ئي پالڻي آھي. ان جا نخرا وغيرھ کيس برداشت ڪرڻا آھن. ڇو جو سندس پٺ ان منجھان ئي ظاھر ٿيندي. اھڙيءَ طرح، ٻار جو مزاج اھو ڄاڻي، جنھن کيس ڄڻيو آھي. ٻئي کي ان جي معاملن جي ڄاڻ گھٽ پوندي. (۳۶)
مطلب: ۱ - ھر ڪو پنھنجي معاملو کي، پاڻ سڌو ڪري ته بھتر ٿيندو.
196. پريت ڪجي جاڻ سجاڻ سون،
حيوان سون پريت ڪيسي،
سارس ٻيٺا ماس چوماسون،
چونچ ڀري سا ڪپاس جيسي. (پهاڪو)
سارس: سوهٽا، پکيءَ جو نالو. ماس: مهينو. چوماس: چار مهينا. چونچ: چنهنب.
سارس پکيءَ جي، ڪاري ڪانءَ سان دوستي ٿي وئي. هڪ دفعي ڪانءَ جي دعوت ڪيائين. دعوت ۾ ٻين طعامن سان گڏ انب پڻ رکيائينس، جيڪي مختلف قسمن جا هيا.
موٽ ۾ ڪانءَ به، کيس دعوت ڏني. ڪانءُ دعوت ڏيئي اچڻ کان پوءِ، بندوبست کي لڳي ويو. کيس انب ڏاڍا وڻيا هيا. ٻيو ڪجهه ڪو نه ڪيائين، فقط انبن جي بندوبست ۾ جنبي ويو. کيس انبن جو وڻ نظر ڪو نه آيو، ان جي بدران اڪ جي ٻوٽي ۾ انبن جهڙا اڪ ٽٽڙا نظر آيس، جن کي انب سمجهي، سندن پچڻ ۽ پيلي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن اڪ پچي پيلا ٿيا ته سارس کي دعوت کائڻ لاءِ ڪوٺي وٺي آيو ۽ اچي اڪ ٽٽڙن مٿان ويهاريائينس. سارس، اڪ- ٽٽڙي ۾ جيئن چنهنب هنئي ته منجهائنس ڪپهه جهڙا تُهَه اڏامڻ لڳا، جنهن تي ڪانءُ ڏاڍو پشيمان ۽ لڄي ٿيو.
مطلب: ۱ - بي جنس جي ياريءَ مان، فقط خواري نصيب ٿيندي آهي.
۲ - نيچ سون سڱ، ڪيو نه ڪيو. (۲) ص ۲۶۳ ۽ ص ۲۸۰.
197. پڙهياسي گڻيا نهين، رهيا ٺوٺ ڪا ٺوٺ. (چوڻي)
پڙهياسي: پڙهيل. گڻيا: گڻن وارو. ٺوٺ: ڏڏ، بيڪار.
علم حاصل ڪرڻ جو مقصد آهي؛ مٿس عمل ڪرڻ. جيڪو ماڻهو پڙهي ۽ ڪڙهي نه، سو به بيڪار آهي. ڇو جو علم حاصل ڪرڻ جو مقصد اهو ناهي ته فقط ٻين تي عالم هجڻ جو رعب جهاڙيندو رهجي. بلڪ علم حاصل ڪرڻ جو فائدو تڏهن آهي، جڏهن مٿس پهرين پاڻ عمل ڪجي، پوءِ ٻين کي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪجي.
مطلب: ۱ - گڏھ تي ڪتابن جي لڏ سٿڻ سان، گڏھ عالم نه ٿيندو، پوءِ چاهي حضرت عيسيٰ وارو گڏھ ڇو نه هجي.
۲ - علم حاصل ڪجي، مٿس عمل ڪرڻ لاءِ.
۳ - پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
تيئن ٿا ڏوھ چڙهن، جيئن ورق ورائين وترا.
۴ - پڙهيو آهين، ڪڙهيو به آهين؟
۵ - جيئن ڪڙهڻ کان پوءِ کير مان مکڻ نڪرندو آهي، تيئن ڪڙهڻ کان پوءِ ماڻھوءَ مان لڇڻ ظاهر ٿيندو آهي.
۶ - پڙهيل، ڪڙهندو نه ته جاهل کان به بدتر هوندو. (۵)
198. پڪي گهڙي نا ڪنا ڪيها. (پھاڪو)
گهڙو يا دلو، ڳوهيل مٽيءَ مان جڙندو آهي. مٽيءَ تي محنت ٿيندي آهي. ان کان پوءِ ڳوھيل آلي مٽي چڪ تي چاڙهي، منجھانئس پھرين پھرين، دلي، دکيءَ يا مٽ وغيره جا ڪنا جوڙيا ويندا آهن. اهي جڏهن سڪي ويندا آهن ته پوءِ هيٺان واري چاڻي مان، پاڻيءَ ۽ ٺاپيءَ ذريعي، دلي/ مٽ جو ڍڍ/ بول ٺاهيو ويندو آهي.
انهيءَ مرحلي دوران، جيڪڏهن دلي يا مٽ جو ڪَنو، ڪنڀر جي بي احتياطيءَ سبب، ٽٽي پيو ته وري نه ٺهي سگهندو آهي. انهيءَ کي وري مٽيءَ ۾ ملائي، منجهانئس ٻيهر، چڪ تي چاڙهي، ٻيو دلو يا مٽ ٺاهيو ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح جنهن ماڻهوءَ ۾، ٻارائپ يا ڪچيءَ عمر ۾ جيڪي عادتون جڙيون، سي وس ڪئي نه نڪرنديون آهي. تنهنڪري ننڍي ٻار جي اخلاق جوڙڻ تي، گهڻو ڌيان ڏيڻ گهرجي.
مطلب: ۱ - پڪيءَ عمر ۾ سڌرڻ، مشڪل آهي.
۲ - ننڍو ٻار، مڇ جو وار، جيئن وارءِ تيئن وري.
۳ - پڪي گهڙي کي ڪنا ڪو نه پوندا. (۵)
199. پل پهر مينھن، ڇهه پهر ڇنو. (پھاڪو)
مينھن جڏهن آيل ڪڪرن مان وسندو آهي ته ڇڇڪي سان ڪلاڪ اڌ اندر ڪڪر خالي ٿي ويندا آهن. هڪ هنڌان ڪڪر وسي، اوڪاڻجي، ٻئي هنڌ وڃي گجندا ۽ وسندا آهن.
مينھَن جو پاڻي پڪين جاين تي پوڻ شرط، ڪٺو ٿي، لاهائين طرف هليو ويندو آهي ۽ جاءِ سڪي ويندي آهي. واريءَ تي پوندو ته واري کڻي ويندي. نرم زمين تي پوندو ته چڪ ٿيندي. هر ڪو پاسو ڪري پيو لنگهندو. جڏهن سُڪندي ته پوءِ هر ڪو پيو اتان لنگهندو.
جڏهن ته ڪکائين ڇت ۾ اهي مڙيئي سھولتون ناهن. پهرين ته چونئري، مَنهه يا لانڍيءَ جا سڪل ۽ ڪڙڪ ڪانا يا سر، مينھن جي پاڻيءَ تي پُسي ڀِڄندا. ان کانپوءِ پنھنجي استعداد آهر، پاڻ ۾ پاڻي جذب ڪندا ۽ ان بعد ٽمڻ شروع ڪندا. ڪلاڪ-اڌ اندر مينھن ختم ٿيو پر چونئري جي ڪانن وارو پاڻي ٻه چار ڪلاڪ پيو ٽمندو ۽ هيٺان ويٺلن کي بيزار ڪندو.
مطلب: ۱- مينھن گهڙي سوا پوي ۽ ڇن، پھرن جا پھر، پئي ٽمي.
۲- گيدي ماڻهوءَ کي، هڪ مڪ لڳي ته پھرن جا پھر پيو روئي.
۳- مينھن وسي ٻه پھر، ڇنو وسي ڇهه پھر. (۳۵) ص ۲۰۰
۴- مينھن وسي ٻه پھر، ڇن ٽمي ڇهه پھر. (ساهتي)
۵- ٻلي کائي ٻه دڪا، ڇٻل ڪڍي ڇهه دُڪا. (ساهتي)
200. پل ري گٿي، سَو سٽون کائي. (پھاڪو)
هر معاملي ۾ ڪاميابي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن اهو وقتائتو ۽ مندائتو ڪجي. جيڪڏهن تير، وقت تي ۽ نشاني تي چُٽي نه هڻبو ته گسي ويندو. پوءِ شڪار تي ڇڏيل تير، موٽي اچي ماڳ نه پوندو. جيڪڏهن شڪار هرڻ جو آهي ته تير ھٿان ويو. جيڪڏهن شڪار، خونخوار درندي جو آهي ته تير ته ويو پر سر به ويو. ان ڪري تير هلائڻ جهڙو ڪم، سوچي سمجهي ڪجي. هڪ دفعو خطا ٿيو، ته پوءِ وڏو نقصان پوندو.
اهڙيءَ طرح، ڏيتي ليتيءَ ۽ معاشرتي روابط قائم ڪرڻ ۾ به جيڪو پهريون اثر پيو سو آخري هوندو. اٿندي ئي هلايل تير، ناڪام ويا ته ماڻهو ساري زندگي پيو پشيمانيءَ ۾ گذاريندو. ان ڪري هر ڪم جهڙوڪ؛ شادي وغيره تڏهن ڪجن، جڏهن انھن جو وقت اچي وڃي ۽ پاڻ ۾ به بلوغت هجي. ٻيءَ صورت ۾ اڇلايل تير، نشاني تي نه لڳندا ۽ ماڻهو سڄي عمر پيو سٽون ڏيندو ۽ سٽون سھندو.
مطلب: ۱ - هر معاملي ۾ احتياط سان هلڻ گهرجي. بي احتياطيءَ کان پاسو ڪجي.
۲ - ٿوري تان ترڪيل، وڏو نقصان کائي ٿو.
۳ - تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
۳ - ويل وقت، وري هٿ نه ايندو آهي. (۵)
201. پلو، تپلو. (ڍٽ، چوڻي)
تپلو؛ تپيل، تپائيندڙ، تپ وارو، تتل، گرم.
ڪنٺي واري علائقي اندر، ڏهر جي ٻنين ۾، جهنگلي ٻيريون گهڻيون ٿينديون آهن. ٻنين ڇُٽڻ وقت، نومبر جي پڇاڙيءَ يا ڊسمبر ڌاري، ٻيريون وڍي، ھلڪا هلڪا ڍڳ ڪندا آهن، جن کي پاھي يا ڀينٽ چوندا آهن. چوٿين ڏينهن پاھيءَ کي، ڏاڍيري زمين تي ڪٺو ڪري، هلڪا هلڪا ڌڪ ھڻندا آهن ته پن سڀ ڇڻي پوندا آهن ۽ باقي ڪنڊن سميت ڊينگهر بچندا آهن، جيڪي جدا ڪري ڇڏبا آهن. اھي گھڻو ڪري گهرن لاءِ، لوڙهي جي طور ڪتب ايندا آهن، جيڪي ڪم خرچ ۽ مضبوط ٿيندا آهن. ڊينگھرن جا پنج-ست ڀينٽ گڏ ڪري، ٻيانيءَ جي وسيلي مُڙسالو مٿي تي کڻي ايندا آهن، جنهن کي ”اوپاڙو“ چون. بعضي اهي ڪنڊا اُٺن تي به کڻي ايندا آهن. اُٺ جي پُور کي ”ڀينسارو“ چون. سمورن ڇڻيل پنن کي ”پلو“ چوندا آهن.
پلي جا جالنگ يا ٻورا ڀري اٺن تي لڏي، گهرن ۾ آڻي رکبا آهن. سياري ڌاري اهو اٺن لاءِ فائدي وارو چارو آهي. تاثير ۾ تپلو، يا گرم هئڻ سبب، وهٽ تي سيءَ جو اثر نه ٿيندو آهي. اٺن کان سواءِ ٻڪرين کي به کارائبو آهي. جيڪي کائي کير ججهو ڏينديون آهن.
هوليءَ کان پوءِ گرم موسم ايندي آهي، اُن بعد پلو ڏيڻ بند ڪندا آهن.
مطلب: ۱- پلو، تاثير ۾ گرم ھئڻ سبب، مال لاءِ ڪارائتو آھي.
۲ - ڪک کي به بيڪار نه سمجھڻ گھرجي.
۳ - دنيا ۾ رب پاڪ ڪا به شيءِ بيڪار پيدا نه ڪئي آھي. (۱۱) ص ۲۰۹.
202. پنڻ عيب، مدد ڪرڻ فرض. (چوڻي)
پنڻ؛ بنا محنت جي ٻئي کان پئسي جو سوال ڪرڻ.
مدد؛ بنا گھرڻ جي وقت تي پئسو ڏيڻ.
ھڪ دفعو ٻئي جي آڏو ھٿ ٽنگڻ سان ماڻھوءَ جو مرم ۽ مريادا مريو وڃي. مليل مدد، کيس ھڏ-رک ۽ گيدي بڻايو ڇڏي. سماج منجھ ڪوڙھ جو ٽڪو ۽ ناسور ٿيو پوي. ان جي برعڪس اڙيءَ اڌيءَ ۾ پنھنجي ان مائٽ جي مدد ڪرڻ، جيڪو اڙيل ھوندي زبان سان نه ٿو ڪڇي، ھر صاحب ثروت تي فرض آھي. (۳۵) ص ۲۳۹
مطلب: ۱. مفت جي ماني پيٽ پوڻ سان، ماڻھوءَ منجھان ھمت جو جذبو نڪريو وڃي. مفت جو مليل ٽڪر، کيس گيدي ۽ بزدل بڻايو ڇڏي.
203. پنڻي پنيو، سڪڻو سمهو رو سمهو. (پهاڪو)
سڪڻو: پنندڙن کان پنندڙ. سمهو رو سمهو: سامهون جو سامهون.
ائين ته هڙئي انسان منگتا/ فقير آهن. جڏهن ته ڏيئي نه پچارڻ وارو سخي، فقط هڪ الله آهي.
هتي فقط انهن فقيرن/ منگتن/ پنڻن بابت چيل آهي، جيڪي ماڻهن آڏو هٿ ٽنگين ٿا. منجهانئن هڪڙا اهي آهن، جيڪي پنڌ ڪري ڪنهن سخيءَ جو در جهلين ٿا ۽ مراد ماڻڻ لاءِ سين هڻن ٿا.
ٻيا فقير اهي آهن، جيڪي اها تڪليف به ڪا نه ڪن. سست ۽ ڪاهل، ھڏ-رک ۽ ھڏ-حرام بڻجيو، هڪ هنڌ ويٺا رهن. ٻين کان ته سوال ڪن پر، پينڙياتن مان به ڪين مڙن. کانئن به سوال ڪندي شرم/ عار محسوس نه ڪن.
مطلب: ۱ - پنڻ لاءِ به اصول ڌارجي، خوامخواھ بي حياءُ نه ٿجي.
۲ - پوريل در نه پن، متان پنيي پوري نه پوئي، سو ئي دَر پن، جت پينارا پُرِ ٿين.
۳ - پنندڙن کان جو پني، سو گونهن ڪتن جو ڳنهي.
۴ - سڪڻا ٽوٽي، پينڙياتن کان به پيا پنندا آهن.
۵ - پنندڙن کان نه پن، متان پنيي پوري نه پوئي،
سو ئي نالو ڳنهه، جو ڏئي نه پچاري. (۶) ص ۵۶.
204. پنھنجو گهر، هنگيو پئي ڀر،
پرايو گهر، تُڪيو پئي ڏر. (چوڻي)
تُڪيو: ٿُڪيو، ٿڪ اڇلي، ٿڪ اڇلائي. ڏر: ڊر، ڊڄ.
هر ساهدار کي، جيءُ لڪائڻ لاءِ، اجهو ضرور کپي. انسان کي گهر ۽ جاندار کي ڏر. موذي جانور، ڏرن ۾ رهن ۽ انسان گهرن ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهن. پنھنجي رهڻ واري جاءِ کي ته هر ڪو، ٻاهرين حملن کان محفوظ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر منجھس رھڻ دوران ننڍڙن خطرن کان پڻ پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. صفائيءَ سٿرائيءَ ذريعي گندگيءَ کان يا دوائن ذريعي موذي شين جھڙوڪ؛ مڇر ۽ منگهڻ، وڇون ۽ بلا، تِڏين ۽ ٽنڊڻن، ڪولين ۽ ماڪوڙن، نوريئڙن ۽ ڪئن وغيره کان، پاڻ ۽ گھر کي آجو رکندو آھي. گندگي ڪرڻ کان به پرهيز ڪبي آهي. ماڻهو پنھنجي گهر ۾، آزاد ۽ پنھنجي مرضيءَ وارو آهي. اگر ان ۾ پاڻ ويهي گند ڪندو ته ڪير کيس ٻانهن کان وٺي ڪو نه روڪيندو.
ان جي برعڪس اگر پرائي گهر ۾ ويهي ٿڪ به اڇليندو ته اڳلو اها برداشت نه ڪندو. اگر ٻانهن مان نه ورتائينس ته دڙڪا ضرور ڏيندس. اگر دڙڪا نه ڏئي سگهيس ته ڪُرڙين اکين سان ضرور گُهوري ڏسندس. ڀلي ڪمزور هجي، پر پنھنجي ڏر تي گدڙ ته ڇا ٻلي به شينهن آهي. ٿڪ اڇلڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پرائي گهر ڏي نهارڻ ۾ به خطرو هوندو آهي.
مطلب: ۱ - پنھنجي، پنھنجي ۽ سھنجي آهي.
۲ - پنھنجو گهر، الله جو در، پرائو گهر، ڏسيو ڏر.
205. پورب جيڪو وڻ چوري، سو ئي وڻ ٻوڙي. (پھاڪو)
پُورب؛ ڏکڻ-اوڀر جي ڪنڊ کان لڳندڙ ھوا.
پورب کان لڳندڙ هوا جي ھلڪڙي ڦڙڪ به، مينهن جي وسڻ جو اُهڃاڻ آهي. اھا جڏهن لڳندي آھي ته سندس زور تي، وڻ به لڏندا يا چرندا آھن. وڻن جو، پوربي ھوا تي چرڻ، ان ڳالھ جي نشاندھي ڪري ٿو ته ان تر ۾ زوردار برسات پوندي. ايستائين جو پوربي ھوا تي چرندڙ وڻ به آخر برساتي پاڻيءَ اندر ٻڏندا. (۳۵) ص ۲۵۹
مطلب: ۱ - پورب جي هوا جتي به لڳي، اتي برسات پوندي.
۲ - ڀيٽيو: ڏاکڻا نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻا، ھڻي ته ٽوڙي.
206. پوڙھو ٿيو اٺ، ته به گت گونئرن جي. (پھاڪو)
گت؛ عادت. گونئرو؛ اڻ سيکڙاٽ. پوڙھو ٿيڻ؛ وڏي عمر پائڻ.
ماڻھو عمر ۾ جيئن وڏو ٿئي ٿو، تيئن جسم ۾ ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي. جڏھن ته سندس تجربي، مشاھدي ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ٿئي ٿو. سندس اٿڻ ويھڻ ۾ ٺھراءُ، نھٺائي، ڌيرج ۽ سوچ سمجھ وڌي ٿي. ھر معاملي ۾ بجاءِ ھٿ-کس ۽ ڇيڳرپائيءَ جي، دليل دلائل کان ڪم وٺي ٿو. ڇو جو ان وقت، سندس سوچ ۽ سمجھ، جوان ۽ پختا ٿي ٿا وڃن. ان جي برعڪس اگر ڪو ماڻھو، ڪراڙو ھئڻ جي باوجود، جوانن وانگر پيو ٺينگ ٽپا ڏيندو ته گھڻا ڏک ڏسندو. يا ھڏ گڏ ڀڃائيندو يا نرو لھي پوندس. ٽنگ دڏ/گوڏي وٽان نڪري پوندس يا ٻانھن ٺونٺ وٽان نڪتل ھوندس. ان عمر ۾ کيس ھر ڪم زبان کان وٺڻ گھرجي ته چڱو. (۳۵) ص ۲۳۹
مطلب: ۱. ڀولو پوڙھو ٿئي، پر گيلاٽين کان نه مڙي.
۲. ڪراڙو اٺ، ٻه ڪنواٽ لھي.
207. پوسرڪي جو پاڻي، ڪونئرل جي سيم. (وٽ، چوڻي)
پوسرڪو: مشهور ڳوٺ. ڪونئرل: ڳوٺ جو نالو. سيم: چراگاهه.
سارو سنگهار، چار صديون اڳ، ٿر اندر ڄائو. سندس واهپو، گهڻو تڻو مال ڌارڻ ۽ چارڻ سان رهيو. انهن جي چاري ۽ چراگاهن لاءِ هنڌين ماڳين رُليو. ٿر جي هر ويءَ ۽ ولهار، وطن ۽ وٿاڻ جو کيس ڀليءَ ڀت مشاهدو هيو. پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ تجربي تحت، هن ٿر جي ٻن علائقن کي، مال جي لاءِ مفيد چيو آهي.
هڪڙو پوسرڪو ڳوٺ، جنھن لاءِ ساري سنگهار جو چوڻ آهي ته؛ پوسرڪو جا تڙ ۽ تلاءَ، ترايون ۽ ٽوڀا، پاڻيءَ سان سدائين ٽمٽار رهن ٿا. بيٺل پاڻي گندو ۽ ڌپيارو نه ٿو ٿئي. مٺاس برقرار رهيس ٿو ۽ اوسنائپ مٿس اثر نه ٿي ڪري.
ٻيو ڪونئرل ڳوٺ، جنھن لاءِ ساري سنگهار جو چوڻ آهي ته؛ ڪونئرل ڳوٺ جي آس پاس وارو علائقو، وري گاه پٺي يا چاري لاءِ بهترين آهي. منجهس مفيد گاه ٿين ٿا، جن تي مال جو چڱو جياپو ٿيو وڃي.
مطلب: ۱ - پوسرڪي جي تڙن جو پاڻي، ماڻھن ۽ مال لاءِ مفيد. وري ڪونئرل جا چراگاه چوپائي مال لاءِ بهترين آهن. اتي مال چري، کير ججھو ڏئي ٿو. جنھن تي مارو ماڻھن جو سٺو گذران ٿئي ٿو. (۷) ص ۴۷.
208. پوک کي ته ڀاڻ ڀلو، کٽ کي ته واڻ ڀلو،
اٺ کي ته ڏاڻ ڀلو، پڪو پختو ماڻ ڀلو،
روهيڙي جو وڻ ڀلو، ٻڪرين جو ڌڻ ڀلو،
هاريءَ کي هر ڀلو، جاءِ کي در ڀلو. (چوڻي)
ڏاڻ: ڏاوڻ. ماڻ: ماپو. روهيڙو: ٿر ۾ ٿيندڙ ٻوٽو.
۱ - پوک، ڀاڻ کان سواءِ، تيز ۽ تڪڙي نه اٿندي آهي. فصل کي طاقتور ۽ لاپائتو ڪرڻ لاءِ ڀاڻ ڀلو آهي.
۲ - کٽ تختن سان ٺھيل ھوندي يا نهور سان واڻيل ھوندي ته چڱي نه لڳندي. تختا پاسا ڀڃندا ۽ نهور، اينگهه ڪرڻ سبب، جهولي ٿي ويندو. جهوليءَ واري، مڏهڙ کٽ تي سمهڻ سان قرار نه ايندو. ان جي ڀيٽ ۾، واڻ سان واڻيل کٽ، نه سخت ٿئي ۽ نه ئي ايتري نرم جو جھولي ٿي وڃي.
۳ - اٺ کي هلائڻ ۽ هشائڻ لاءِ نڪ ۾ ناڪيلي وجهبي آهي. هڪ هنڌ بهارڻ لاءِ، سندس گوڏو ٻيڻو ڪري، رسي سان ٻڌبو آهي. هڪ ٽنگ ٻڌجڻ کان پوءِ، منڊن وانگر هڪ هنڌ بيٺو هوندو. ٽنگ نه ٻڌبس ته وڏين وکن سان ڪٿان کان وڃي ڪٿي نڪرندو. خاص طور تي رڻ ۽ صحرا واري پنڌ ۾ کيس ڳولي به نه سگهبو.
۴ - ماپو، يا تارازو به تڏهن ڀلو آهي، جڏهن پڪو پختو ۽ پورو پورو هجي. لائو يا ڪانڊو، سوايو يا کوٽو نه هئن گهرجي. ان سان ٻنهي ڌرين کي نقصان آهي. انصاف قائم ڪرڻ لاءِ، ماڻ پڪو پختو هجي.
۵ - روهيڙي جو وڻ خوشبودار ڪاٺيءَ وارو ٿيندو آهي. سندس ڪاٺي به وڃجڻ بعد، ٻارڻ ۽ فرنيچر وغيره ۾ ڪم ايندي آهي. تنهنڪري اهڙو وڻ گهر اندر نظرداريءَ ۾ هئڻ ضروري آهي.
۶ - ٻڪري، اڪيلي ڌارڻ ڏکي آهي. پئي ٺينگ ٽپا ڏيندي ۽ هڪ هنڌ نه بيهي سگهندي. ڌڻ ۾ هوندي ته ٻئي ٺهندي. گڏيل پئي رهندي ۽ هيڏي هوڏي نه ويندي.
۷ - هاري به تڏهن هاري آهي، جڏهن هَرُ ڪاهي ٿو. جنهن زمين ۾ هر ۽ هاري ناهي، سا به فصل نه ٿي ڏئي. تنهنڪري هاريءَ کي هر سان ياري رکڻ گهرجي. هر کان ڀڄندو، بک مرندو.
۸ - جنهن جاءِ کي در ناهي سا به ڀلي ناهي، بلڪ ڀوائتي آھي. ڇو جو جاءِ ۾ اچبو ئي در مان آهي. ڀت ٽپي اچڻ واري جاءِ، چڱي جاءِ ناهي.
مطلب: ۱ - هن چوڻيءَ اندر، اٺن ڀلين شين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي ماحول ۽ بيهڪ جي حساب سان چڱيرڙيون آهن.
۲ - پوک کي ته ڀاڻ ڀلو، کٽ تي ته واڻ ڀلو،
اُٺ کي ته ڏاڻ ڀلو، پڪو پختو ماڻ ڀلو،
روهيڙي جو وڻ ڀلو، ٻڪرين جو ڌڻ ڀلو،
سنڌ جو ته سر ڀلو، هاري کي ته هر ڀلو،
جاءِ کي ته در ڀلو، ”پرڀو“ کي ”ٿر“ ڀلو.
209. پَون مٿي پر ٺھيو، سو ميگھ جو مانڊاڻ. (چوڻي)
پون؛ ھوا. پر ٺھڻ؛ تتر-کرڙي ٿيڻ، پکيءَ جي پرن جھڙيون ڪڪريون. ميگھ؛ برسات. مانڊاڻ؛ اھڃاڻ.
چؤماسي جي مند جي شروع ٿيندي ئي اگر آسمان ۾ تتر-کرڙي ٿئي ۽ هيٺ نظر اچي ته اها جلد مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي. اگر آسمان ۾ اھا گھڻو مٿي ھجي ته ڏڪر جو اهڃاڻ آھي. (۳۵) ص ۲۴۸
مطلب: ۱ - ڪڪرن جو مانڊاڻ، مينھن جي وسڻ/ نه وسڻ جو نياپو ڏئي ٿو.
210. پوھ کلڙ کوھ؛ ھڪڙا رڌ، ٻيا سوھ. (چوڻي)
پوھ؛ جنوري ڌاران ايندڙ سنبت وڪرمي سال جو مھينو. کلڙ؛ ھٿن پيرن جون کلون. کوھ؛ کسائيندڙ. سوھ؛ سوءِ، ڪچرو يا ٻھر ڪڍي، رڌڻ جي قابل بڻائڻ.
پوھ جي مھيني اندر، ڏينھن ننڍو ٿئي. سيءَ سبب، ويتر بستري مان اٿندي دير ٿيو وڃي. جيستائين سج نڪري گرمائش ڏئي ۽ ماڻھو ڪم ڪار لائق ٿئي، تيستائين، ڏينھن پورو ٿيو وڃي. ھڪڙو رڌي بس ڪر ته ٻئي جي تياري ڪرڻي پوي. ٿڌ سبب، پاڻيءَ ۾ ھٿ وجھڻ سان ھٿن جون کلون به کسيو وڃن. (۳۵) ص ۱۹۶
211. پوهه، لاڻا لوهه. (چوڻي)
پوهه: هندي مھيني جو نالو، جنھن ۾ گهڻا پارا پوندا آهن. منجھس سردي/ سيءُ ايترو هوندو آهي جو لاڻي جھڙو گاھ، جيڪو اٺ لاءِ مرغوب غذا آھي، آڪڙجي ۽ سيٽجي، ڪڙڪ ٿي پوندو آهي. ڪپڻ، چٻاڙڻ يا هٿ سان ڀڃڻ ۾ اهڙو سخت لڳندو آهي، جيئن لوهه.
مطلب: ۱ - پوهه مھيني اندر، گهڻا پارا پوندا آهن.
212. پهرين پيٽ پنجوءَ جو، پوءِ ٻار ٻچا. (پهاڪو)
هندستان جي راجستان جي علائقي ۾، پنجو شيدي ڳوٺ آهي. اتي جا شيدي مسلمان آهن. جنهن پنجوءَ شيديءَ جي نالي سان اهو ڳوٺ منسوب آهي، سو شيدي پڻ ٻين شيدين وانگر اندر جو صاف ۽ ڳالهائڻ جو کرو هيو.
پنجوءَ جي آڏو، گهر ۾ يا اوطاق ۾ يا ڪنهن درگاه جي ننگر ۾، جڏهن ماني ايندي هئي ته حسب عادت ڪلهن کي لوڏي، ٿلهي آواز ۾ پاسي وارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ چوندو هيو؛ “پهرين پيٽ پنجوءَ جو، پوءِ ٻار ٻچا”.
مطلب: ۱ - ٻچا ته ڪانون کي به پيارا آھن پر، پنھنجو سر انھن کان به وڌيڪ پيارو آھي. (۲۰)
213. پهلو سک نروڳي ڪايا،
ٻيجو سک ته گهر ۾ مايا،
ٽيجهو سک ته بچن سڌ ناري،
چوٿو سک پتر اگيا ڪاري. (چوڻي)
نروڳي ڪايا: تندرست جسم. بچن سڌ: سپوتر، فرمانبردار. بچن: وچن. سڌ: پارڻ. ناري: زال. پتر؛ پٽ. اگيا ڪاري: چئي آکئي ۾.
۱ - دنيا اندر هر ماڻهو، سک/ سهوليت جي تلاش ۾ آهي. پهريون سک جيڪو کيس گهرجي، سا آهي صحت. صحت کان سواءِ، دنيا جي ڪا به چيز کيس مزو نه ڏيندي آهي. جيءُ خوش ته جهان به خوش پيو نظر ايندو آهي. ان کان مٿي ڪو به سک ناهي. بيماري، وڏو آزار آهي.
۲ - ٻئي نمبر تي سک، دولت ۾ آھي. ڪن جو چوڻ آھي ته؛ صحت به پئسي سان آھي. پئسي سان سک/ سھوليتون خريد/ پيدا ڪري سگهجن ٿيون. سڃائي پڻ بيزار ڪندڙ آهي.
۳ - ٽئين نمبر تي سکيو اهو آهي، جنهن کي گهر ۾ سلڇڻي ۽ فرمانبردار زال آهي. سگهڙ زال، هر شيءِ کي ٺاهي سينگاري رکي. نافرمان زال، زندگي زهر ڪيو ڇڏي.
۴ - آخري سک، صالح ۽ فرمانبردار اولاد آهي. لوفر/ لچ پٽ، پاڻ نه ماريندو ته ڪڌن ڪرتوتن سبب، ٻين جي هٿان مارائي سک ڦٽائيندو.
مطلب: ۱ - مال ۽ اولاد، دنيوي زندگيءَ جو سينگار به آهن ته آزمائش پڻ. صحت، پئسو، چئيوان زال ۽ نيڪ صالح اولاد سان سک ئي سک آهن.
۲ - پهلو ڏک ته سرير ۾ ڏک، ٻيجهو ڏک ته گهر ۾ بک،
ٽيجهو ڏک ته ڪڀارجا نار، چوٿو ڏک ته پتر بيڪار. (ابتڙ) (۲) ص ۸۵.
214. پيٽ، بري بلا آهي. (بيراجي، چوڻي)
بلا، جيڪا نقصان ڏئي. اهڙي آفت پيٽ جي صورت ۾ هر ساهدار سان لڳل آهي، جيڪا کانئس ڪڌا ڪم به پئي ڪرائي. انسان، دنيا اندر محنت ڪري ئي، پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ ٿو.
مطلب: ۱ - پيٽ، ماڻهوءَ کان ڪڌا ڪم ڪرائي ٿو.
۲ - پيٽ خاطر، ماڻهو غليظ ڪم به ڪري ٿو.
215. پيٽ ديا پت کوهڻ ڪون. (چوڻي)
هڪ دفعي هڪڙي راجا جي درٻار ۾ ڪچهري متل هئي. امير امراءَ پنهنجي مسندن تي براجمان هيا. راڄ رعيت جا ماڻهو به جام ويٺا هيا.
اوچتو هڪرو مڱڻهار درٻار ۾ ڪاهي آيو. سمجهيائين؛ رهاڻ وڏي متل آهي، سوال ڪندس ته توقع کان واڌو ملندو. ريءَ سڏئي، ريءَ سلام دعا جي، اچي سئن هنيائين.
ڪچهريءَ جي رنگ ۾ اهڙي ڀنگ وڌائين، جو چهچٽو ئي چرٻرو ٿي ويو. سڀئي قهرين نظرن سان ڏسڻ لڳس. راجا ئي خفي ٿي ويو. راجا جي خيال/ موڊ کي مٽائڻ لاءِ، هڪڙي هوشيار وزير، يڪدم چيو؛
”ڪيس ديا سر سونهن واسطي، نيڻ ديا ديکڻ ڪو،
ڪان ديا سڻڻ ڪي واسطي، ناڪ ديا ناسڻ ڪو،
هاٿ ديا سخا ڪي واسطي، پاڳ ديا پنٿ چلڻ ڪو،
ڪھي ڪوي گنگ ڀاٽ، پيٽ ديا پت کوهڻ ڪو.“
انسان کي وار مليا آهن مٿي جي سونهن واسطي ۽ اکيون ڏسڻ لاءِ. ڪن ٻڌڻ لاءِ ته نڪ سنگهڻ لاءِ. هٿ مليل اٿس سخاوت ڪرڻ لاءِ ته پير پنڌ ڪرڻ لاءِ. گنگ ڀاٽ ٿو چوي ته؛ پيٽ وري پَتِ/ عزت وڃائڻ لاءِ آهي.
مطلب: ۱ - پيٽ کي ڪيترو به ڀريو، ڪين ڀربو.
۲ - پيٽ جي بک کي، قبر جي مٽي ئي ڀري سگهي! (۲) ص ۲۶۸.
216. پير ٿيو ڪي پيڙ ٿيو. (چوڻي)
پير: مرشد يا رهبر، جيڪو مريد يا خليفي کي رشد و هدايت سان فيضياب ڪري. اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيندڙن کي، انڌي جي لٺ وانگر، رستو ڏيکاري ۽ اوجهڙ ۾ ڪِرڻ کان بچائي. ماڻهن کي جھالت سببان پيش ايندڙ خطرات کان، اڳواٽ آگاهه ڪري ۽ کين ڪنھن اوجهڙ ۾ ڦاسڻ کان اڳ، سنئين دڳ لائي وٺي. سندس انهيءَ فيض ۽ ڪرم نوازيءَ سببان، موٽ ۾ مريد به پڳر جي صورت ۾ مالي مدد ڪن. ان طريقي سان، ٻنهي ڌرين لاءِ ڀلائي ٿي پوي. مريد جي ڀلائي، نقصان کان بچڻ ۾ ۽ مرشد جي ڀلائي، مالي مدد ٿيڻ سان، بک کان بچڻ ۾.
انهيءَ طريقي سان مليل مال کي، ڪن لالچي ماڻهن، مفت ۽ سولي طريقي سان آيل سمجهي، پير ٿيڻ جا ڍونگ رچايا ته جيئن پاڻ به سڻڀن مالن تي ڦٻن. دعائن سڳن وارن کي وڌيڪ مال ملي ٿو ته وجهي ملا ۽ پير به ڪاهي پيا، دعائن سڳن ۽ ڦيڻن شوڪارن واري ڌنڌي ۾. اصلي پيرن کي جيڪي نذرانو ملندو هيو، سو ملندي ئي خيرات/ دان ڪندا هيا. پوين، منجهانئن محل ماڙيون ۽ ملڪيتون جوڙيون. دنيا ته گڏ ٿيڻ جي شيءِ آهي ئي ڪا نه. آئي ۽ وئي. وڌيڪ ميڙڻ لاءِ، وجهي پيرن ماڻهن مان پئسا ڪڍڻ جا، جديد طريقا اختيار ڪيا. سرڪار ۾ عھدا وٺڻ، ماڻهن کي ڪاني ڪرامت جا ڀو ۽ ڊيڄارا ڏئي، سندن مال ملڪيتون ڦٻائڻ وغيره.
ڪمند جو ڳنو ۽ رائيءَ جو داڻو، سخت ٿيندا آهن. هڪ مان مٺي رس ڪڍڻ ۽ ٻئي مان مٺو تيل ڪڍڻ، آسان ڪم ناهن. جيستائين هُن کي چيچڙي ۾ ۽ هِن کي گهاڻي ۾ نه پيڙجي. اهڙيءَ طرح لالچي پير، سخت ۽ پڪن مريدن مان به پيڙي پئسا ڪڍيو وڃن. جنهن سببان کين پير بجاءِ پيڙ به سڏيو ويو آهي.
مطلب: ۱ - مون ڀانيو درويش پر هيو بازن کان بڇڙو.
۲ - اڄوڪا ساڌو، ٻه آڱر واڌو.
۳ - اڄوڪا حاجي وتندا، رنون زالون ڦريندا.
۴ - اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن ٿا جاوا.
217. پير کپا ڙي، ته جاٺا مارا ڙي. (پھاڪو)
هڪڙي ملهه ڳوٺ جي چوڪ تي پھچي سڄي ڳوٺ کي مقابلي لاءِ للڪاريو. ڪيترا ئي ملھ جا شوقين ۽ ويڙھاڪ آيا، پر ٻاھريون ملھ، کين ملھ ماريون پئي ويو. ڳوٺ ۾ ھڪڙو ٿلھو ٿنڀرو مڙس به ھيو، جنھن کي جسم ۾ طاقت ته ٻين جي ڀيٽ ۾ سرس ھئي پر ملھ وڙھڻ جو کيس تجربو يا حوصلو نه ھيو. مڙني مڙسن جي دسجي وڃڻ سبب، چڱي مڙس، ڳوٺ جي بيعزتي سمجھي. ان ڳالھ کي اندر ۾ ڳڻي، انھيءَ ٿلھي ٿنڀري کي منٿ ايلاز ڪري ميدان ۾ لاھي وڌائين. کيس اھو به آٿت ڏنائين؛ ”تون رڳو ملھ وڙھڻ لاءِ ھٿ ڳنڍ، باقي ملھ دسائڻ اسان جو ڪم آھي. اسان تو کي ملھ جا داءَ پيچ ٻڌائيندا ھلنداسين. ائين ڪرڻ سان ھن کي ملھ به ماري ويندين ۽ ڳوٺ راڄ جو مان به مٿانھون ڪري وجھندين. اڄ کان پوءِ تنھنجي گھڻي واھ واھ ٿي ويندي.“
ريھي ريبي کيس ميدان تي لاھي وڌائون. سندرن ۾ ھٿ به ڳنڍرايائونِ. اڻ ڄاڻ کي ملھ جي دائن جي خبر نه ھئي. ٻاھرئين ملھ، سندري ۾ ھٿ پوندي ئي کيس چيلھه تي کڻي، سيني جي زور تي هوا ۾ ڦيرايو. ان تي ھن جا حواس ئي خطا ٿي ويا. جنھن تي ٻاھران بيٺل ھمراھ چيس؛ ”ڍاڪ تان ھيٺ لھڻ کان اڳ اڙي يا جاٺو ھڻي دسي رکينس.“
”جاٺو به تڏھن ھڻان جڏھن، ھڪڙو پير زمين تي کتل ھجي. ھتي ته ٻئي ڄنگھون کجي ويون آھن. جاٺو ڇا کي لڳندو.“
مطلب: ۱ - پير کتل ناهن ته مقابلا ڪرڻ به ڏکيا آهن.
۲ - پير کپن ته جاٺو به لڳي.
218. پيري، جوانيءَ تي ڪُرڪي. (چوڻي)
پيريءَ ۾ پير پائيندڙ، جوانيءَ جي حد اڪري چڪو هوندو آهي. وٽس، جوانيءَ جي اندر ڪيل ڪارنامن جو تجربو ۽ مشاهدو ھوندو آهي. پيريءَ ۾ کيس اها طاقت ته نه هوندي آهي پر عقل سرس هوندو آهي. عقل جي ٽيڪ تي، نوجوانن جي جسماني طاقت جي ڀيٽ ۾ مشڪل ۽ وڏا ڪم، جلد ۽ آسان طريقي سان سرانجام ڏئي ويندو آهي. جوانن جي، ناتجربيڪاريءَ سبب کنيل، کٽل وک تي چٿرون ۽ ٽوڪون ڪندو آهي. ڇو جو جوان، گهڻي ٻل ۽ طاقت هوندي، گهڻو پئسو ۽ وقت زيان ڪرڻ پڄاڻان، ڪو ڪم صحيح نموني سرانجام نه ڏئي سگهندو آهي. جڏهن ته پير مرد، ڪم طاقت هئڻ جي باوجود، ٽل سل سان ساڳيو ڪم، ٿوري موڙيءَ ۽ ٿوري سيڙاءَ سان اڪلائي به وٺندو آهي.
مطلب: ۱ - عقل کي طاقت مٿان فوقيت حاصل آهي.
۲ - پيري کوکلا دليل ڏئي، جوانيءَ آڏو، پاڻ پڏائيندي آهي.
219. پيريءَ کي سؤ عيب. (چوڻي)
پيريءَ اندر ماڻهو ڪمزور ٿئي ٿو. نظر گهٽ ٿئي ٿي، چشمي جو محتاج ٿيڻو پوي ٿو. ڏند ۽ ڏاٺون ڀڄي پون ٿيون، سخت شيءِ ڄٻاڙڻ مشڪل ٿيو وڃي. آنڊو پڻ ڪمزور ٿئي ٿو. ٿوري به سخت غذا، اندر پوڻ کان پوءِ بيزار ڪري ڇڏي ٿي. ڄنگهون ٻاهون طاقت ڇڏي ٿيون وڃن. لٺ جي سھاري سان هلڻو پوي ٿو. مردانگي طاقت پڻ گهٽ ٿيو وڃي، جنھنڪري گهر واريءَ جون گهرجون مڪمل نه ٿيون ڪري سگهجن. ماڻهو ڪمائڻ ڪرڻ جھڙو پڻ نه ٿو رهي. جنھن ڪري اولاد آڏو ڳيجهو ٿيو پوي.
مطلب: ۱ - ڪراڙپ منجھ سوين بيماريون، ڪمزوريون ۽ عيب ورائي وڃن ٿا.
۲ - ڪراڙو ماڻهو، حرص، هوس ۽ جسماني ڪمزوريءَ سببان ٻين جو محتاج رهي ٿو. جنھن ڪري سڀڪو منجهانئس عيب ئي ڪڍي ٿو.
220. پيءُ پٽ، ليکو. (چوڻي)
دنيا اندر زندگي گذارڻ لاءِ، تقاضائون هر ساهدار سان لاڳو ڪيون ويون آهن. جھڙيون ضرورتون ۽ ڪمزوريون پيءُ اندر آهن، تھڙيون پٽ اندر آهن. پيءُ ڪمائي ٿو ته کيس به ضرورت آهي ۽ مٿس ڪمزوريون پڻ اينديون، جنھن تحت پنھنجي ڪمائي سهيڙي رکندو ته جيئن ٻين جو محتاج نه رهي. اهڙيءَ طرح پٽ تي پڻ ساڳيا مرحلا آهن. اگر پٽ، پيءُ تي ڀاڙيندو ته پيءُ کان برداشت نه ٿيندو. اگر پيءُ اچي پٽ جي ڪمائيءَ ۽ وسيلن تي ڀاڙيندو ته پٽ کان سَٺو نه ٿيندو. سُٺو سلوڪ هلڻ سان، ٻنهي اندر سک سانت رهندا. روابط قائم رهندا. اگر حساب ڪتاب برابر نه ڪندا ته هڪ ٻئي کي برداشت به اصل نه ڪري سگهندا.
مطلب: ۱ - حالات واقعات، ڪڏهن ڪھڙا ته ڪڏهن ڪھڙا. ان ڪري پاڻ ۾ معاملات، حساب ڪتاب سان رکجن ته جيئن گهڻي دير جٽاءُ ڪري سگهن.
۲ - ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
۳- مٽي مائٽيءَ ۾ حساب ڪتاب سڌو رکڻ، چڱي ڳالهه آهي.