لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

و

و

355. واپاري وستي/ ورڌتي، لڪشميهه. (سنسڪرت، چوڻي)
واپار منجهه ٽن مُوڙين جي سيڙپ ٿئي ٿي؛ جان، مال ۽ وقت.
۱ - جان مان مراد؛ پنهنجو عقل ۽ هٿ هلائڻ آهي. پنهنجي عقل بجاءِ ڌارين جي عقل ۽ تجربي، محنت ۽ مزدوريءَ تي ڀاڙبو ته نقصان پرائبو.
۲ - مال مان مراد؛ ملڪيت يا پئسو آهي. پئسي کان بغير، نه ڪو وکر وٺي ۽ ويچي سگهبو ۽ نه رکي يا ٻئي هنڌ پهچائي سگهبو. پئسو، پنهنجو هوندو ته مرضي به پنهنجي هلندي. ٻيو پئسو سيڙائيندو ته مرضي به اهو هلائيندو. پئسي کان بغير، عقل به منجهي پوندو. عقل وارو هڪ راءِ ڏيندو، پئسي وارو ٻي ڏيندو. عقل واري کي ڇڏي پئسي سيڙائڻ واري جي راءِ تي هلبو. پوءِ معاملو اونڌو ٿئي يا سنئون، پر هلبو زر واري جي ذهن تي.
۳ - وقت مان مراد؛ اها آهي ته واپار جي معاملي کي پاڻ به هلهي ملهي هلي جاچجي. نوڪرن چاڪرن جي آسري تي، ڪين ڪمائي سگهبو.
مٿين ٽنهي ذريعن منجهان، پئسي کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڇو جو عقل ۽ تجربو، نوڪر چاڪر ۽ محنت مزدوري، اگر پاڻ کان نه پڳي ته پئسن تي خريد ڪري وٺبي. جڏهن ته بغير پئسي جي ڪو به ڪم يا وٿ نه وٺي سگهبي. جڏهن ڪا شيءِ وٺڻ ۽ ويچڻ جي سگهه نه هجي ته پوءِ واپار ڪهڙو؟ واپار آهي ئي وٺڻ ويچڻ، جيڪو پئسي سان ممڪن آهي.
مطلب: ۱ - واپار ۾ لڇميءَ جو واسو آهي.
۲ - زرِ بيسار؛ واپار.
۳ - جنهن جي زر، تنهن جو ذهن. (۱) ص ۱۷۶.

356. وارا، ڍارا. (چوڻي)
ڍارو؛ ڪڏهن هُن لاءِ پوي؛ ڪڏهن هِن لاءِ. وارا به ائين آهن؛ ڪڏھن تو کي ملي ته ڪڏھن مون کي. اھو ئي سبب آھي جو ڪي ماڻھو، پنھنجو آئندھ جو لائحہ عمل ڍارا ھڻائي، طئي ڪندا آھن. اھي انھن جا انومان ھوندا آھن. حالانڪ، ان ۾ ڪا حقيقت نه ھوندي آھي. ڇو جو اصل فيصلو ته قادر مطلق طرفان اچي ٿو.
مطلب: ۱ - وارو، ڍاري وانگر آھي، جنھن جي نصيب ۾ ھجي.

357. وار واراتي، جنڊ اباڻو. (پهاڪو)
آڳاٽي دور ۾ اَنُّ، جنڊ/ چڪيءَ تي پيسندو هيو، جيڪو هٿ سان هلائڻو پوندو هيو. هر گهر ۾، جنڊ ميسر نه هوندو هيو. جنهن گهر ۾ هوندو هيو، پاڙي اوڙي جون عورتون، ان کڻي اتي پيهڻ اينديون هيون. جنڊ تي رش هئڻ سبب، پيهڻ وارين عورتن کي، پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هيو. اهو جنڊ ڀلي ڪنهن عورت جي پيڪن جو ڇو نه هجي پر پوءِ به کيس اتي پنهنجي واريءَ جو انتظار ضرور ڪرڻو پوندو هيو.
هن پهاڪي جي ٻي مراد اها به آهي ته؛ ڏکيو ڪم، جيڪڏهن ڀلي ابي جي گهر جو آهي ته به نياڻيءَ کي پنهنجي واري تي اهو نباهڻو ضرور آهي.
مطلب: ۱ - هر وڏي ماڻهوءَ کي، تقدير جي ڦيري ۾ هڪ ڏينهن اچڻو ضرور آهي.
۲ - هر ڪم، واري تي ڪرڻ گهرجي.
۳ - هر ڳالهه ۾ وارو وٺائڻ ضروري آهي.
۴ - جنڊ ڀلي ابي جي گھر جو هجي، ته به واري سان هلائي، منجھانئس فائدو وٺبو.
۵ - قسمت جي چڪر ۾، هر ڪنھن کي پنھنجي واري سان اچڻو آهي.
۶ - جنڊ به وار، بٺ به دار.
۷ - اباڻي جنڊڙي، وارائتي وار. (ساھتي) (۶) ص ۱۳۶.

358. وارياسو ڀتر، پاڻيءَ ۾ ڪري ته سلامت نه رهي. (پھاڪو)
مٽيءَ اندر چئن قسمن جا ذرڙا ھوندا آهن؛ پٿر (stone)، ريت (sand)، لٽ (silt) ۽ چيڪي مٽي (clay). چيڪي مٽيءَ ۾ چنبڙڻ جي خاصيت هوندي آهي. پاڻيءَ ۾ ڳوهي غليل ٺاهبو ته پڪيرڙو هوندو. اگر باهه ۾ پچائبس ته سخت ٺڪر ٿي پوندو. چيڪي مٽيءَ جو سنهو داڻو، قد بت ۾ لٽ جي داڻي کان ننڍو ٿيندو آهي.
لٽ جو داڻو، چيڪي مٽيءَ جي داڻي کان وڏيرڙو پر واريءَ جي داڻي کان سنهو ٿيندو آهي. منجهس به چنبڙڻ جي صلاحيت آهي. ڪنھن اَڏَ يا شاخ جي تري ۾ لٽ لڳندو آهي ته ڪوڏر سان به پٽي نه سگهبو آهي.
واريءَ جو داڻو، بجريءَ يا پٿر کان ساخت ۾ ننڍو هوندو آهي. پر منجهس چنبڙڻ واري خاصيت نه هوندي آهي. داڻو داڻي کان، سڪ توڙي ٻوڏ ۾، الڳ بيٺو هوندو آهي. اگر منجهس چيڪي مٽيءَ جي دز پوي ۽ برساتي پاڻيءَ تي ڳوڙهو ٺهي ته اهو پٿر وانگر سخت نه هوندو. ٿوري پاڻيءَ جي ڇِنڊ تي، سندن اهو جوڙ (bond) ٽٽي پوندو. اگر اهو وارياسو ڀتر، پاڻيءَ جي اندر ڪريو ته ڇيهون ڇيهون ٿي ڀُري پوندو ۽ پاڻيءَ اندر پکڙجي پٿارجي ويندو. ڳوڙھي جي صورت ۾ وري هٿ نه ايندو.
مطلب: ۱ - جن خاندانن جا پاڻ ۾، اندران اندران اختلاف آهن ۽ ٻڌي يا سلوڪ ناهي، سي ٻاهرئين ٿوري دٻاءَ سان ڇِڙِوِڇِڙِ ٿي ويندا آهن.
۲ - ڇڊي دوستيءَ کي، ٿوريون غلط فھميون به ٽوڙي ڇڏينديون آهن.

359. واريءَ کي واٽون گهڻيون، ٿڙيءَ کي ٿاٻا گهڻا. (پھاڪو)
ٿر جي علائقي ۾، واريءَ تي ڪو به پڪو رستو نه ٺھي سگهڻ ڪري، جيڏانھن رخ رک تيڏانھن راهه آهي. ان ڪري مسافر، مٿس سفر دوران، اگر سونھون ناھي ته ڀٽن ۽ رستن جي ھڪجھڙائيءَ سبب، اوجهڙ ۾ گم ٿي سگھي ٿو. خاص طور تي رات جي وقت، سفر ڪرڻ اھنجن کان خالي ناھي. اھي ماڻھو جيڪي ستارن جي رستن ۽ راھن جي ڄاڻ رکن ٿا سي ته ھڻي ڌُڻي رستو ڳوليو ڪڍن. باقي اڄاڻ ۽ اڻ-سوھان، ھڪ ھنڌان ٿڙڻ بعد، گهڻا ٿاٻا کائي، نيٺ مري وڃن ٿا.
مطلب: ۱ - وريءَ کي واٽون گھڻيون، ٿڙيءَ کي ٿاٻا گھڻا.
۲ - تر جي گٿي، سوَ چوٽون کائي.

360. واريءَ وارو پنڌ، مٿي تي بار،
تِرَ ڪريا واٽ ۾، اٺ مٿي هسوار،
مڙس هجي پير مرد، ننڍڙي هجي نار،
کيٽ ۾ رڳو ڀُرٽ، تنهن ۾ پوکجي گوار،
چار ئي ڏک جا ڏار. (چوڻي)
کيٽ: کيت، ٻني. ڏار: وڻ جي شاخ. ڀُرٽ: ننڍڙي ٻج واري ول، جنهن جي ٻج ۾ ڪنڊا ٿين، جيڪي رڍ/ ٻڪريءَ کي، منجھن چرندي، ڏاس ۾ چنبڙي پون ۽ تنگ ڪن.
۱ - واريءَ ۾ پيرُ، بجاءِ ڦٻڻ ۽ اڳتي هلڻ جي، پوئتي پيو ويندو آهي. جيڪا وک کڻبي، سا اڳتي بجاءِ پوئتي پئي ويندي. ويتر جو مٿي تي بار/ وزن رکيل هوندو ته پوءِ سفر ڪرڻ هٿائين مشڪل ٿي ويندو.
۲ - اٺ تي سوار ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪم لاءِ، مٿانئس لهڻ چڙهڻ اوکو لڳندو آهي. ويتر جو واٽ تي سندس هٿن مان، تِرَن جهڙو سنهو اَن ڪري وهي وڃي، سو ميڙڻ تمام اهنجو ڪم آهي.
۳ - ننڍي نيٽي زال جي خواهش، ڪراڙي عورت ۽ ڪراڙي مرد جي ڀيٽ ۾، تڪڙي جاڳندي آهي. جنهن ڪري ڪراڙي مرد مان، جلد بيزار ٿي پوندي آهي.
۴ - جنھن ٻنيءَ ۾ ڀرٽ پاڻ مرادو ٿيندا هجن، ويتر ان ۾ گوار جهڙو کهرو ۽ سنهن وار-دار ڪنڊن جو فصل پوکجي ته لڻڻ ۽ پٽڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چئن حالتن ۾، پاڻ سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
۲ - واريءَ سنڌو پنڌڙو، مٿي مٿان بار،
تر ڪريا سڄي پنڌ ۾، اٺ مٿي ھسوار،
مڙس ھجي پير مرد، ننڍي ھجي نار،
کيٽ ڀرٽن وارو، تنھن ۾ پوکجي گوار،
اھي پنج ئي ڏک جا ڏار. (چوڻي) (۲) ص ۱۴۰.

361. واڙ ڏني کيٽ نان، کيٽ واڙ نان کائي،
راجا ماري رعيت نان، جيري ڪوڪ ڪڻي لڳ جائي. (چوڻي)
کيٽ: کيٽ، پوک. واڙ: لوڙهو.
۱ - جيڪي پوک پوکيندا آهن، سي ان جي سيوا ڪرڻ سان گڏ، سار سنڀال پڻ لهندا آهن. پوک، پکي پکڻ/ جهار جو شڪار رهڻ سان گڏ، مال جي ڀيل جو شڪار پڻ ٿي سگهي ٿي.
پکي پکڻ، ٻلي يا جهار کان بچاءَ لاءِ ڪانگ تڙيا ويهاربا آهن. پيها ٺاهي، کانڀاڻين جا ڳوڙها هڻي، ’هور هور‘ پئي ڪبي آهي ته جيئن جهنگ ٻلا ٽهي ڀڄي وڃن. تنهن هوندي به مال متاع جي ڀيل جو خطرو اوس رهندو آهي. ان لاءِ پوک جي چوڌاري ڪي ڪوٽ ته ڪي لوڙهي جي واڙ ٺاهيندا آهن ته جيئن ڪو جانور پوک ۾ ٽپي نه پوي.
ايڏي جهد ڪرڻ پڄاڻان، جيڪڏهن واڙ خود، پوک کي کائي ته پوءِ پوک جو ڇا حشر ٿيندو؟ پوک ته ضرور زيان ٿيندي.
۲ - راجا، رعيت جو رکوالو هوندو آهي. ٻاهرين غاصبن کان توڙي اندرين اهنجن کان، اڙيءَ اڌيءَ ۾، رعيت جو واهرو هوندو آهي. ان جي برعڪس اهو پاڻ پيو رعيت مٿان ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ڪندو ته نِه-هَٿا ۽ مسڪين مارو ماڻهو، ڪيڏانهن ويندا ۽ ڪيئن وقت گذاريندا؟ اھو لقاءُ ڏسي فقط اندر ئي سڙندو آھي.
مطلب: ۱ - پيهر ٿئي چور، واهي وهي ڪيترو (۴)

362. واسينگ مري، تڏهان چندڻ گوھ مٿي ٽيلهو آئي. (پهاڪو)
واسينگ: نانگ. گوھ: ڳوھ. ٽيلهو اچڻ: ٽيڳر ٿيڻ.
واسينگ، نانگ جو قسم آهي، جنهن جي ڏنگ لڳڻ سان، ماڻهوءَ کي زهر چڙهي وڃي ۽ موت واقع ٿي وڃي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ڳوھ، جنهن تنهن کي نه ڏنگيندي آهي ۽ نه ئي ايترو زهر ۾ ڀريل هوندي آهي.
جڏهن واسينگ نانگ مري کپي وڃي ته ان جي خالي ٿيل جاءِ، هلڪي زهر واري پر شڪل ۾ بلا هئڻ ڪري، چندڻ ڳوھ اچي والاريندي آهي.
اهڙيءَ طرح جڏهن سکر ۽ سلجهيل والدين دنيا مان ڇڏي ويندا آهن، تڏهن سندن خالي پيل گادي، وراثت جي اصول تحت، سندن نااهل ۽ نکر اولاد کي ملندي آهي ۽ اهو اچي اها جاءِ پُر ڪندو آهي.
مطلب: ۱ - واسينگ مري، تڏهن چندڻ ڳوهه تي ٽيلو اچي.
۲ - جتي وڻ ناهي، اتي ڪانديرو به درخت.
۳ - مڙس مري ويا، تڏهن فوجو ٿيو فقير.
۴ - ملڪ وچ تپ تپالي، ته مستي موهر هالي،
ملڪ وچ خير صليٰ، مار مستي جي منهن وِچ کلا. (سرو) (۶) ص ۱۳۶.

363. واڻڪو وياءُ، جيئن وڌي تيئن کري. (پهاڪو)
وياءُ: اولاد.
واڻيا يا واپاري، هر ڳالهه ۾ ڪاروباري سوچ رکندا آهن. اولاد مٿان جيڪا لاڳت ڪندا آهن سا به ڳڻي ڳوتي. کين پڙهائيندا ته ذهن ۾ سندن مستقبل ۽ ان اندر ملندڙ نوڪريءَ منجهان ٿيندڙ اپت کي به نظر ۾ رکندا. کين پڙهائيندا ته پوءِ نُهن چوٽيءَ جو زور لائيندا ته انهيءَ پالڪيءَ پڄن ۽ ڪمائڻ جو ذريعو بنجن. ائين ڪرڻ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن کين اولاد تمام ٿورو هجي.
اولاد وڌي وڃڻ جي صورت ۾ کين پڙهائڻ ۽ نوڪريءَ سان لڳائڻ يا ڌنڌا ڪاروبار کولي ڏيڻ، ڏاڍا اڻاوا ٿيو پون. ان صورت ۾ سندن اولاد، بجاءِ سڌرڻ جي، بگڙڻ شروع ڪندو آهي. خرچ کاٻار لاءِ، پئسو گھرجين. جيڪو هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ئي هٽ تان چوريءَ/ هٿڙيءَ هڻڻ جي شروعات ڪندا. آخر ۾ اُڌري خوار خراب ٿيندا.
مطلب: ۱- ٿورو اولاد، سنڀالڻ ۽ پالڻ سولو. گهڻو اولاد، پالڻ ۽ ڌَتِ ڪرڻ ڏکيو.
۲- واپاري ماڻهو، اولاد جي به ڪاروباري انداز سان پالنا ڪن.

364. واڻيا پاڻ ۾ وڙهن، پاراتا ڌرين کي ڏين. (پهاڪو)
جهيڙي اندر هڪ ڌر، ٻيءَ ڌر کي زير ڪرڻ لاءِ، هر قسم جو جتن ڪندي آهي. زباني ڪلامي، هٿن پيرن سان، هٿيارن پنهوارن جي زور تي، سياسي/ سماجي اثر رسوخ ھلائي، هڪ ڌر جي ڪوشش هوندي ته ٻيءَ کي نيچو نِوائي. اڳلي ڌر به موٽ ۾ وس ڪندي آهي. پلئه ڪرڻ لاءِ پنھنجا ساٿي مددگار وڌائڻ لاءِ ڪِرائي تي به تيار ڪندي آهي.
واڻيا جڏهن پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته کين هڪٻئي جون ڪمزوريون تاڙيل هونديون آهن. سندن ڪمزوري، ڪمائيءَ جي ذريعي تي ڌڪ لڳڻ آهي. پئسي جي مار جهڙي، مارَ ئي ڪانهي. ڪوشش ڪندا ته اڳلي جي ڪمائيءَ جو ذريعو تنگ ڪيون. ان ۾ سندس گراهڪ کارڻ جي ڪوشش ڪندا. وڙهڻ وقت، بجاءِ گارين بجن ڏيڻ جي هڪ ٻئي جي گراهڪن ۽ ڌڙاوت رکندڙن کي پيا پاراتا چاڙهيندا؛ ”تنھنجي ڌر مري!“
مطلب: ۱- وڙهڻ وقت، اڳلي جي طاقت جا سرچشما بند ڪجن.
۲- وياج خور، پاڻ ۾ وڙهن ته هڪٻئي جي قرضين کي پٽين.
۳- وڙهن مڱڻهار، گاريون ڏين راڄن کي.

365. واڻيو پنچ نه ڀري، پنچاس ڀري. (پھاڪو)
پنچاس: پنجاهه. واڻيو: واپاري، دڪاندار، پڪو ماڻھو.
واپاري يا دڪاندار، ڌنڌي/ واپار ۾ پڪائي نه ڪندو ته نقصان پائيندو. پايون نه سنڀاليندو ته روپيا ڪين رهندس. اوگهه سوگهه مان کٽي ڪمائيندڙ دڪاندار، سنهي کي سنهو ۽ بيڪار ڄاڻي نظر انداز ڪندو ته جلد نقصان پائيندو. اهو ئي سبب آهي جو واپارين ۽ دڪاندارن جي طبعيت، پڪائيءَ واري ٿيندي آهي.
گهڻي پڪائي به نقصان جو سبب ٿيندي آهي. پنج رپيا، چوڪيدار رکڻ تي نه ڀريندو ته چور، پنجاه روپين جو کاٽ هڻي ويندس. وکر/ وٿ/ شيءِ جي سنڀال لاءِ، گهر/ دڪان ۾ خانا وغيره ٺهرائي ترتيب سان نه رکندو ته وقت تي ڪا شيءِ نه لڀندس. گراهڪن جو مسلسل موٽڻ به دڪاندار لاءِ هاڃيڪار آهي. شيءِ دڪان ۾ هجي پر گراهڪ کي ان ڪري نه ڏئي سگھي جو وقت سر ڳولهڻ يا کڻڻ ڏکي ٿي وڃي. گراهڪ هڪ دفعو دڪان تان موٽيو، وري شل اچي. ائين گهڻي پڪائيءَ سبب، دڪاندار نقصان پائي ٿو.
مطلب: ۱ - ٿوري تي پڪائي ڪرڻ وارو، آيل نصيب کي به ڦٽائي ڇڏيندو آهي.
۲ - واڻيو پنج نه سهي، پنجاه سهي.

366. واڻيو لکي، پڙهي ڪرتار. (راجسٿان، چوڻي)
لکڻ به هڪڙو فن ۽ قدرت طرفان مليل ڏات آهي. هڪڙن ماڻهن جا اکر چٽا اهڙا جهڙا موتيءَ جا داڻا. ڏس ته اکيون پيون ٺرن. پڙهڻ جو موڊ نه هجي ته به اکر ڏسي پئي پڙهڻ تي دل هُرکي. هڪڙن جا اکر اهڙا، جيئن ماڪوڙن جون ٽنگون. ڏسڻ سان، پڙهڻ تان ارواح کڻايو ڇڏين. چاهيندي به، پڙهڻ تان دل کٽي ٿي وڃي. جُوھ وجهي، پڙهندي اکين مان پاڻي وهي وڃي، پر اکر سمجهه ۾ نه اچي.
دڪاندار ۽ واپاري، لکڻ پڙهڻ بدران، ڌيان واپار وڙي تي ڏيندا آهن. تنهنڪري اکر ايترا ڀلا نه هوندا اٿن. لکڻ لاءِ پر سڪون دل ۽ دماغ کپن. هٿَ به چئي ڪار هجن. واڻيي جو ذهن واپار ۽ پئسن ۾ محو، هٿَ شين جي تور ۽ سور پور ۾ ڦاٿل. لکڻ لاءِ کنڌو وغيره لکندو ته اڌ-اکري ۽ تڪڙ ۾. اڌ-گيدا لکيل انگ اکر، پاڻ سمجهي يا ڪرتار/ رب ئي سمجهي. انسان جي سمجهڻ کان ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن. هڪڙو معاملو پئسن جو ۽ ٻيو اکر ڦڏا ۽ چچريل. معنيٰ سڌو سنئون ڦڏي ۾ منهن. اهڙا اکر، وقت تي، لکندڙ، پاڻ به پڙهي نه سگهندو آهي. جن اکرن کي لکندڙ، وقت تي پاڻ نه پڙهي سگهي، سي ٻيا ڪيئن پڙهي سگهندا.
مطلب: ۱ - لکي لکانو، واچي والينو.
۲ - لکي لکانو، پڙهي خدانو.
۳ - لکي مو سا، پڙھي خود آ. (پنجاب) (وار وانگر سنھو لکي، پڙھڻ وقت پاڻ وڃي پڙھي.)
۳ - لکي لکانو، پڙهي الانو. (۱) ص ۱۸۱.

367. واڻيو مطلب جو يار، ڪم پوڻ تي ڪري پيار. (چوڻي)
واڻيي يا دڪاندر کي، پنھنجي وکر کپائڻ ۽ مٿانئس منافعي ڪمائڻ جي غرض هوندي آهي. هو کلي به ان ڪري ڳالهائيندو ته جيئن گراهڪ مٿس اعتبار ڪري. جڏهن غرض نڪري ويس ته پوءِ پاڻ-مرادو سلام ته نه ڪندو پر سلام جو جواب به ڪنڌ-ڌوڻ سان مشڪل ڏيندو. جڏهن غرص هوندس ته ورائي ورائي پيو سلام ڪندو. سامان دڪان تي پيو هجيس ۽ نيڪال نه ٿئيس ته اهانا بهانا ڪري پيو گهر وٽان لنگهندو، ڏسي کلي کيڪاريندو. ڳالهين ڳاليهن ۾ اهو باور پيو ڪرائيندو؛ ”دڪان تي هن دفعي فلاڻي شيءِ اهڙي اُچي آئي آهي، جھڙي ڪڏهن نه اڳ آئي ۽ نه ئي وري پوءِ ايندي. خاص دوستن کي ٻڌائڻ لاءِ پيو وڃان، اوهان ڏانھن به ان لاءِ لڙيس جو اوهان به سٺين شين جا شوقين آهيو.“
يا پئسا اڳاڙڻا هوندس ته به مانيءَ جي وقت تي ڏند ٽيڙي اچي بيھندو. ”هلو هلو“ ڪري، حال احوال ڪندو. ائين پيو چوندو؛ ”مان ته هتان لنگهيس پئي، چيم اوهان کي سلام ڪندو وڃان. اڄڪلهه اچو ئي ڪو نه ٿا. پئسن جو خير آهي. اوهان جا پئسا سونا آهن. ان غرض سان نه آيم. البته دڪان ٿورو پوئتي پيو پوي. اوهان جي اچڻ سان ٿوري رونق ٿيندي.“ وغيره.
جڏهن اوڌر اڳڙي ويس يا پڪ ٿيس ته هيءُ گراهڪ ٻيهر منھنجي دڪان تي نه چڙهندو ته ڪٿي به سلام نه ڪندو. ڦوڪيو وتندو. پڇڻ تي پيو چوندو؛ ”اوهان کي اسان کان ڪا شڪايت هجي ته اها چئو. باقي اسان جا پراڻا گراهڪ ٿي ڪري، اسان کي ڇڏي ٿا وڃو. اسان کي اوهان کان ڏک ضرور آهي.“ وغيره.
مطلب: ۱ - دڪاندار جي دوستي، غرض کان سواءِ ناهي.
۲ - واڻيو ۽ مطلبي يار، ڪم پوڻ تي ڪن پيار.
۳ - يار اچن ته ڇيڇڙا به وڪامن.

368. واڻيو، وياج ۾ سڳي ڌيءَ مان به نه ٽري. (چوڻي)
واپاري قسم جي ماڻهوءَ کي، واپار منجهه منافعي سان محبت جهجھي هوندي آهي. مُور کان وڌيڪ، منافعو مٺو هوندو اٿس. خاص طور تي اهو جنهن ۾ مال ۽ پئسي جي لاڳت، جان ۽ وقت جي سيڙپ، گهٽ لڳل هجي. اهو ڌنڌو آهي، وياج وارو. اڳلي کي مهيني اڌ لاءِ پئسا ڏئي، مٿئون وياج وٺڻ، جنهن کي پنهنجي زبان ۾ هو منافعو ڪوٺيندا آهن. اهو کين ايترو ته پيارو هوندو آهي جو، مُور جا پنجاهه هليا وڃن ته هليا وڃن پر منافعي جا پنج نه سهائيندا.
جنهن سان به اهڙو وهنوار هوندن، تنهن کي وقت تي، وياج وٺڻ لاءِ اچي سوڙهو ڪندا. دڙڪا دهمان ڪري، کانئس فقط وياج جي رقم ڇڏرائيندا، مُور اتي ئي رهڻ ڏيندا ته جيئن آئنده مهيني ۾ اتي پيو ٻچا ڪري. وري ايندڙ مهيني جي پهرينءَ تي اچي گَهٽ گُهٽيندس ۽ وياج لاءِ سوڙهو ڪندس. وري به ساڳي ڪار ڪندس. ڪوشش ڪندا ته اڳلي کي فقط وياج ڀرڻ جي حد تائين محدود ڪن. پوري رقم مُور واري ادا نه ڪري سگهي ته جيئن کيس مهيني سر مھيني پيا پٽين ۽ کائين.
اهڙو ڪاروبار اگر پنهنجي نياڻيءَ يا ڏوهٽن سان هوندن ته به ساڻن ورتاءُ اهو ئي هوندن، جيڪو ٻين عام ماڻهن سان هوندن. سندن عقيدو آهي ته ڪاروبار منجهه لائي چائي ٿيڻ نه گهرجي. اگر ٿي ته ڪاروبار ٺَپ ٿي ويندو.
مطلب: ۱ - واڻيي کي وياج، اولاد کان وڌيڪ پيارو آهي.

369. واڻيو هٽيءَ تي، مير بحر مَڏيءَ تي،
هاري اَڏيءَ تي، ڪميڻو ڪُڏيءَ تي. (چوڻي)
۱ - واڻيو، هٽ يا هٽيءَ (ننڍو هٽ) تي پنهنجو ڪاروبار ڪندو آهي. منجهس سندس جان، مال ۽ وقت جي سيڙپ ٿيل هوندي آهي. ان ڪري هٽ جي ننڍي وڏي شيءِ تي سندس حڪم هلندو آهي. اوڌر تي مال ڏيڻ يا نه ڏيڻ، گراهڪ کي گهٽ اگهه تي ڏيڻ يا چاڙهي ڏيڻ، سندس مرضيءَ ۽ اختيار ۾ هوندا آهن.
۲ - ميربحر، درياه مان مڇي ڦاسائي، مياڻ يا مڏيءَ تي اچي رکندا آهن، جتان واپاري، ساٽي يا گراهڪ اچي ساڻن سودو ڪري کڻندا آهن. مڏيءَ تي ميربحر جي سيڙپ ٿيل هوندي آهي، تنهنڪري اتي سندس مرضي هلندي آهي.
۳ - جيئن ڪاسائي، اڏيءَ تي گوشت هلائيندو آهي ۽ اتي سندس مرضي هلندي آهي. ائين هاريءَ جي به اڏيءَ يا ننڍي اڏ تي پنهنجي مرضي هلندي آهي. پيچ مان، ڪهڙي ٻنيءَ کي پاڻي پياري ٿو ۽ ڪهڙيءَ کي اڃيو ٿو رکي.
۴ - ڪميڻي ماڻهوءَ جي بادشاهي به ڪڌن ڪمن تي ڪُڏڻ ۾ آهي. ڪميڻائپ جا ڌنڌا؛ زنا، شراب اگر ڪٿي گهڻا پسند ڪيا ويندا ته اتي وري ڪميڻن کي به ڌنڌي ڪرڻ ۽ حڪم هلائڻ لاءِ موقعو ملي ويندو.
مطلب: ۱ - هرڪو پنهنجي ڏر تي شينهن آهي.
۲ - هٽ تي واڻيي جي، مڏيءَ/ مياڻ تي ميربحر جي، اڏ يا اڏيءَ تي هاريءَ جي ۽ ڪڌن ڪمن ۾ ڪميڻي جي مرضي هلندي آهي. (۴) ص ۲۴۷.

370. واڻيو هجي يار، ٻيو دشمن ئي نه ڌار. (چوڻي)
دوست اهو آهي، جيڪو وقت پئي، بنا ڪنهن غرض ۽ لالچ جي، ڪم اچي. اهو ماڻهو به ٺيڪ آهي، جيڪو ڪا سهوليت ڏيڻ وقت، پنهنجي خدمت جو معاوضو وٺي. واڻيو مطلب کانسواءِ ياري نه رکندو آهي. سندس کل کل به ان لاءِ هوندي آهي ته جيئن هو گراهڪ کي، ڪسي شيءِ مهانگي اگهه ۾ کڻائي ۽ وري اڳلو کيس دوست سمجهي، بنا ڪنهن چون چراءِ جي اعتبار ڪري، اها گهر کڻي وڃي. حضور شرميءَ ۾ ٻئي ڪنهن کي، اگهه پاگهه پڇڻ جي نيت سان، اها شيءِ ڏيکاري به نه.
آئنده اگر گراهڪ ٿي اچي ته، سڌو وٽس اچي ۽ ٻئي دڪان تي اگهه پاگهه جاچڻ يا شيءِ چڪائڻ لاءِ، واجهائي به نه. بظاهر دوست، اندران مفاد پرست واڻيو، کيس اهڙا ٻڌا ڌڪ هڻندو جو آخر ۾ حَرجِي به کيس ڪندو. اوڌر تي سامان ڏيندس ته دُنبڙ ٻڌي ڏيندس، وري مٿئون وياج به ڳرو رکندس جو پاڻ ته نه لاهي سگهي پر سندس پونئير ستن پيڙهين تائين واڻيي جو ڳيجهو رهندو اچي. انهيءَ دوست نما دشمن ڏانهن، دشمني ڪرڻ جو گمان به نه پيو ويندو. کيس هڏ-ڏوکي سمجهي، سندس مٺڙين مٺڙين ڳالهين تي اٻوجهه ماڻهو پيو پاڻ ڦُرائيندو.
مطلب: ۱- واڻيي جي خواهش هوندي آ؛ يار اچن ته ڇيڇڙا به وڪامي وڃن.
۲- ڦڦر نه گوشت، عامل/ واڻيو نه دوست.
۳- واڻيو؛ مطلب جو يار.

371. واڻيو ۽ سيارو، سڀڪنھن کي سڙهين. (چوڻي)
سڙهڻ: سرڙي ڇڏڻ، پيٽ ۾ آڻڻ، ڪسرون ڪڍڻ.
۱ - واڻيو، دڪاندار يا واپاري، پنھنجي هٽيءَ تي، وڪڻڻ لاءِ وکر وٺي اچي رکي ٿو. مٿس پنھنجي جان، مال ۽ وقت سيڙائي ٿو. اگر ان مان نفعو نه ڪمائي ته پوءِ هٽ اجايو کوليائين. هر ڪنھن سان، ٻِه-چاپُڙائپ واري واٽ پيو رکندو ته جيئن سندس ٻڌا گراهڪ ٿين. اوڌر بجاءِ روڪ تي جيڪو به مال هڪيو حاضر هجي، سو بنا چون-چانءِ جي اکيون ٻوٽي کڻي وڃن. اهڙيءَ طرح، هو نه مٽ مائٽ کي ڏسندو آهي ۽ نه رشتي ناتي کي، فقط پنھنجو مفاد اکين آڏو هوندو اٿس. جنھن سبب اکين-ٻوٽ ٿي، اگهه چاڙهي وٺندو ۽ مال ماري ڏيندو.
۲ - سيارو به جڏهن اچي ته اوچتو اچي. ماڻهو گرمي سمجھي پيا پکا هلائين. ڏينھن جو به هلائين ته رات جي پهرئين پهر ۾ پڻ. تان جو خبر پئي ته صبح کان اڳ سيءَ جي لهر آئي ۽ پکو هلائيندڙن کي ليس زڪام ڏئي وئي. يا جنوريءَ کانپوءِ، اوچتو خبر پوي ته ڏينهن گرم ٿي ويا آهن ۽ سيارو موڪلائي ويو. ٻن ٽن ڏينھن کانپوءِ، جڏهن ماڻھو ڪمبل ۽ سوڙيون ويڙهي، هنڌن جي پيٽين ۾ رکن ته اوچتو اچي وري ڦيرو ڏئي وڃي. سرڙو ڪڍيون، ڪنھن کي ليس زڪام ته ڪنھن کي کنگهه نزلو، ڪنھن کي بخار ته ڪنھن کي سياندو ڏنيون هليو وڃي. انهيءَ حساب سان، واڻيي ۽ سياري جي پڇاڙي خراب آهي.
مطلب: ۱ - سياري جو سيءُ ۽ دڪاندار، هر ڪنهن کي متاثر ڪندا آهن.
۲ - واڻيو ۽ سيارو، آخري ڪسر نه ڇڏين. (سنڌ)
۳ - واڻيو ۽ سيارو، ڪنھن کي ڪسر نه ڇڏين. (سرو)
۴ - واڻيو هجئي يار ته ٻيو دشمن ئي نه ڌار.

372. واڻيي ري ويهانءَ ۾، وگهن گهڻا. (ڍٽ، چوڻي)
وگهن، ڇيڏڪ، ساٺ سوڻ.
واڻيو، اتي پئسو سيڙائيندو آهي، جتان کيس ترت نفعي سميت، مُور موٽي ملي. ويهانءَ شاديءَ جي ڪاڄ تي ڪيل خرچ، خرچ ئي آهي، جنهن جو جلد موٽڻ مشڪل آهي. ڪوشش ڪري، ڪنوار کي سون مين ٿورو ڏيندا. لٽي ڪپڙي تي به گهڻو خرچ نه ڪندا. ان کان علاوه شاديءَ جي رسمن ۾ به ڪوشش ڪندا ته اينگهاريون هجن پر مٿن پئسي جي سيڙپ گهٽ هجي. مهمان به وندريا پيا هجن ۽ خرچ به نه اچي. جيئن ٻار، ضد تي چڙهڻ بعد لهندو ناهي، جيستائين سندس فرمائش پوري نه ڪجي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو، خاص طور تي غريب، پنهنجي ٻچن کي الهو ڀلهو ڪري ريجهائن ۽ آٽي تان لاهي، خيال-مٽ ڪرائي ڇڏين. لال جهرڪڙي ڏيکارڻ جي ڳالهه يا ٻي ڳالهه ٻڌائي سندن ڌيان، اڳلي ڳالهه تان هٽرائي ڇڏين. واڻيا به پنهنجي ڪاڄ ۾، مهمانن جو ڌيان، ساٺن سوڻن جي اينگهه وارين رسمن سان مٽرائي ڇڏين.
تنهن ڪري واڻڪين شادين ۾، ساٺ سنئوڻ ساري سڪاري پورا ڪيا ويندا آهن ته جيئن مهمان مڙيئي رُڌل هجن ۽ ڪنهن اهڙي ڳالهه جي طلب يا فرمائش نه ڪن، جيڪا پوري ڪرڻ ڏُکيرڙي ٿي وڃي.
مطلب: ۱ - دڪاندارن جي پڪائي، شاديءَ جهڙي ڏڻ تي به نه لڪندي آهي.
۲ - ڀيٽيو؛ وياءُ ته واڻڪو، سهج ته سونارڪو، گپ چڪ ڀاٽڪي؟

373. واهڙ ويندا وهي، آخر ڍورو جهليندو ڌڪ. (پهاڪو)
جبلن تان رجندڙ برف يا پوندڙ برسات جو پاڻي، کوڙَ ۽ نيون، نديون ۽ نالا ٺاهي، جڏهن واهڙن ۾ وهندو آهي، تڏهن کيس پنهنجو وَهُه ايترو ته ڌوڏي اڇلائيندو آهي جو اهو وهي ختم ٿيڻ لاءِ، بيقرار هوندو آهي. جنهن شيءِ کي هڪ هنڌ قرار يا ٽڪاءُ ناهي، سا جلد کپي ختم ٿيندي آهي. ائين واهڙ به تيستائين پنهنجي تک ۾ پيو وهندو آهي، جيستائين پويان ڀرتو نالن ۽ نين ۾، جبلن مٿان پوندڙ برساتين جو پاڻي پوندو اچي ٿو. جيئن پويان سر چشمو بند ٿيو، تيئن ڀرتو نالا ۽ کوڙَ به پويان پساهه ڪندا. ندين ۽ نالن منجهان، پاڻيءَ کي جيئن ڇاٻ آئي، واهڙ اتي جو اتي بيهجي ويندا. منجهن بيٺل پاڻي، ڏينهن اڌ به جٽاءُ نه ڪندو. اُسَّ/ واءَ اندر، ٻاڦ/ بخار ٿي يا زمين اندر، سيڪ جي صورت ۾، کڄي ويندو.
ان جي ڀيٽ ۾، جبل جي ڀر ۾ اگر ڍورو يا ڍنڍ هوندي ته برساتي پاڻيءَ کي چڱي وقت تائين منجهس سانڍي رکڻ جي صلاحيت هئڻ سبب، پاڻي بيهندو ۽ جلد نه کپندو. واهڙن منجهان ڏينهن اڌ ۾ پاڻي سڪي ويندو پر ڍورن اندر بيٺل پاڻي، ڀلي ڌپ ڪري وڃي، پر مهينن جا مهينا جٽاءُ ڪيو بيٺو هوندو ۽ پيو پکي پکڻ، ڍور ڍڳي، مرونءَ مڇرن ۽ ماڻهن جي ڪم ايندو.
مطلب: ۱- هلندڙ شيءِ تي، اعتبار گهٽ ڪجي.
۲- آمدنيءَ جا ذريعا، هڪ ڏينهن بيهن ته رکيل موڙي ڪم اچي.

374. واھُندي؛ اٺن سان نه ٺھندي. (چوڻي)
واھندي؛ بهار جي موسم ختم ٿيندي، الهندي جي تيز ۽ گرم، لڳندڙ هوا. جنھن جي گرمي اٺن جي جسم منجھان به آرپار ٿي وڃي.
واھندي، اٺن کي بيحال ڪري ڇڏيندي آهي. اٺ، سياري ۾ اتر جي سخت ٿڌي هوا کي به سامهون سينو تاڻي پيا برداشت ڪندا آهن. سرديءَ جا ڏاڍا آھن. گرمي کين ڳاريو وجھندي آھي. تيز ۽ گرم لڪ لڳڻ سبب، صحرا جي تتل واري، اڏامي اٺن جي اکين ۾ پوندي آهي. جيڪا کين تڪليف ڏيندي آھي. جنھن سبب، ان واءَ جي سامهون هلڻ، ڏکيو ۽ اٺن لاءِ بيمارين جو سبب ٿيو پوي. (۳۵) ص ۱۹۷
مطلب؛ ۱- واھندي، اٺن جي دشمن آهي.

375. واءَ وڃايو ورھيه، وس وڃايو واڏڙي. (چوڻي)
واءَ؛ هوا. وس؛ وسڪارو. واڏڙي؛ ڇمر، لڳاتار برسات.
چؤماسي جي موسم اندر، اگر تيز هوائون لڳيون ته مينهن وسڻ ۽ سڪار ٿيڻ جون اميدون، گهٽجي وينديون آهن. ان جي برعڪس اگر مينهن ته وٺو، پر ڪڪر لڳاتار واڏڙو/ ڇمر ڪري بيٺا يعني جھور ٻڌي وُٺا ته، ڦُٽل گاهن ۽ فصلن جو واڌارو رڪجي ويندو. منجهن بيماريون پيدا ٿي پونديون. گھربل اپت، حاصل نه ٿيندي. (۳۵) ص ۲۳۳
مطلب؛ ۱- وسڪارو ته ٿيو، پر جھور ٻڌي وڻ، سموري اپت کي ختم ڪري ڇڏيو.
۲- جھور ٻڌي وسڻ واري مينھن مان به، اپت جي لحاظ کان، ڪو خاص فائدو نه ٿيندو آھي.

376. وٺو ته ٿر، نه ته بر. (چوڻي)
ٿر جي علائقي جا طبعي طور تي ٻه روپ آهن. هڪڙو برسات پوڻ کان پوءِ ۽ ٻيو برسات نه پوڻ جي صورت ۾.
برسات پئي ته ٿر جو حسن، ائين نکري ٿو جيئن ڪنوار جو ونواه کائڻ وقت نکرندو آهي. برسات سبب، ٿر جي ريتيلي ۽ نرم زمين منجهان پاڻ مرادو، ايترا ته ڪارائتا گاهه، گل ۽ ٻوٽا اڀرن ٿا جيڪي هوند محنت ڪري، هر ڏيئي، ريج ڪري، ڀاڻ ڏيئي، ٻج پوکي ۽ رونبا ڪڍڻ کان پوءِ به نه ٿين. سارو علائقو، سرسبز ٿي پوي ٿو. مال لاءِ، چاري طور، گاهه پٺو جام ٿئي. جيڪو چرڻ/کائڻ سان، مال ۾ کير مکڻ جام ٿئي. ان وقت، ٿر جي زمين ۽ ٿرين جي مُک جو ڏيک، کير مٿان ترندڙ مکڻ- واري ٿر جيان سڻڀو ۽ چمڪندڙ هوندو آهي.
جيڪڏهن وسڪارو نه ٿيو ۽ سوڪهڙو ٿيو ته پوءِ ڏڪر پوندو. گاهه پٺا نه ٿيندا. مال، بک تي ڏٻرو ٿيندو ۽ مرندو. کير مکڻ سڪائي ويندو. ڏٿ جي کٽڻ تي، ماڻهن ۾ لڏ پلاڻ شروع ٿيندي. ٿر جا ڏهر ۽ ڀٽون، مال ۽ ماڙهن کان سواءِ، ڀڙ ڀانگ ۽ ويران ٿي ويندا آهن. پاڻي نه ملڻ ڪري، انهيءَ ريگستان جو پکي به ڪٿي اڏامندي نظر نه ايندو آهي. ان وقت، ٿر جو ڏيک رڻ ۽ بَرَ جهڙو هوندو آهي.
مطلب: ۱ - ٿر آهي، وٺي تي.
۲ - ٿر ۾ سڪار، وسڪاري سان آهي، ٻيءَ صورت ۾ رڃ آهي.
۳ - وسي ته ڪوهه، نه ته روهه.
۴ - وسي ته ٿر، نه ته بر.
۵ - پاڻيءَ ۾، حياتي آهي.
۶ - بغير پاڻيءَ جي، ڪا به زندگي ناهي.
۷ - ٿر ۽ ڪوهستان، برسات پوڻ سان سھڻا لڳن. برسات نه پوي ته بُٺ ملڪ لڳن.
۸ - جتي پاڻي تتي پهر/ پاڻ. (۶) ص ۷۸.

377. وٺو ته سٺ، نه ته نَو به اٺ. (چوڻي)
۱ - ٿر اندر برسات پوي ته پٽ پوٺا، ٽوڀا ترايون ڀرجي وڃن. فصل اھڙو ڀلو ٿئي جو ھڪ ايڪڙ منجھان سٺ مڻ به اچي وڃن. ان جي برعڪس، اگر قحط سالي ٿئي ته پوءِ بيراجي علائقن ڏانھن لڏ پلاڻ ٿئي. اتي گذر معاش لاءِ ٿري ويچارا، لابارا ڪن، جتان کين في ايڪڙ تي محنتاڻو، اٺ ڏھ کن مڻ ملي وڃن.
۲ - ٿر ۾ برسات جون ڪڻيون وٺيون ۽ زمين ٿوري وٽ ورتي ته هاري ٻنيءَ ۾ ٻج ناڙي ڪري ڇڏيندو. زرخيز زمين آھي، ٻج گهڻي ڀاڱي ڦٽي ٻاهر نڪري. اگر ٻه ٽي مينهن، ٿوري ٿوري وقفي پڄاڻان وٺا ته، پئون ٻارنهن. فصل پچي راس ٿيندو ۽ نو پاٽيون ڇٽيل ٻج سٺ ڪاسن تائين لهندو. اگر مينهن لڳاتار وٺو ۽ ڇمر ٿيو ته پوءِ فصل واڌ نه کائيندو ۽ نو پاٽيون ڇٽيل ٻج وڃي اٺ پاٽيون لهندو. سموري محنت کان پوءِ به هڪ پاٽي جو گهاٽو پوندو. (۳۵) ص ۲۵۶
مطلب: ۱ - برسات پوي ته ٿر اندر، بنا تڪليف جي ساٺيڪو مڻ ان ملي وڃي. اگر برسات نه پوي ۽ ڏڪر منھن ڪڍي ته بيراجي علائقي ۾ ڏينھن رات ڪمائڻ جي باوجود، نو مڻ مشڪل سان حاصل ٿين. (۳۶)
378. وٺو ته ورساڙو، نه وٺو ته اونھاڙو. (چوڻي)
ورساڙو؛ سيارو، ٿڌ جي موسم. اونھاڙو؛ اونھارو، گرم موسم.
مند منجھ وسڪارو ٿيو ته سياري واري ھير لڳندي. جي برسات نه پئي ته گرمي، اونھاري واري ٿيندي. ٿر اندر سڀڪجھ اُٺي تي آھي. (۳۶)
مطلب: ۱ - برسات جي وسڻ سان ھيانءُ-ٺار سک ٿئي، خشڪ-ساليءَ سان اونھاري جي گرميءَ جھڙي حالت ٿئي.

379. وڄوٽي جي وَسَ، گانگاڻ جا گس.
(وٽ، سارو سنگهار، چوڻي)
وڄوٽي ۽ گانگاڻ: علائقي جو نالو. وَسَ؛ وسڻ، وسڪاري جي پهرين برسات جنھن تي ڪچڙو گاهه ڦٽي. گس: رستا.
وسڪاري کان اڳ، سوڪهڙو هوندو آهي. سوڪهڙي اندر، پاڻي ته ڪيئي پُرهه زمين اندر هيٺ لهي ويندو آهي، جنھنڪري زمين جي مٿان، ڀٽن ۽ ڏهرن اندر، ڪا به ساوڪ نظر نه ايندي آهي. برسات جڏهن پوندي آهي ته پهرئين وسڪاري تي زمين اندران جيڪو ڪچڙو ۽ نرم گاهه نڪرندو آهي، سو مال لاءِ ايڏو ته مرغوب هوندو آهي، جو منجهانئس وات ڪڍڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. ٻارَ ڄمڻ وقت، ماءُ جي سيني اندر لھندڙ کير ڇڊو ۽ پاڻيءَ جهڙو هئڻ سبب ڄاول ٻار لاءِ مفيد ۽ هاضميدار هوندو آهي. اهڙيءَ طرح، وَسَ وارو گاهه، مال جي صحت لاءِ پڻ مفيد ۽ مرغوب هوندو آهي.
ساري سنگهار، گانگاڻ جي گسن کي، وڄوٽي ماڳ جي وس مٿان ترجيح ڏني آهي. ٻين ماڳن جي وس کان، وڄوٽيءَ جي وس کي وڌيڪ ته چيو اٿائين پر، گانگاڻ جي گس تي ڦٽل گاھ کي، ان کان به مٿي ڄاڻايو اٿائين.
مطلب: ۱ - وڄوٽيءَ جي وس، گانگاڻ جي گسن وانگر ڀلي آهي.
۲ - لوڀ لڳو واڻيو، لونگيءَ لڳي گانءِ.
۳ - ڀيٽيو: ٿر جا وسَ، جھول جا گس. (۲) ص ۴۷.

380. وڌيا ڀَل-پڻ، سمونڊ جل، اونچ-پڻ اندر گاج،
اتر-پنٿ، مالڪ-گت، پار نه پرٿوي راج. (ڍٽ، چوڻي)
وڌيا: هنر. ڀَل-پڻ: ڀلو هجڻ. سمونڊ: سمنڊ، ساگر. جل: پاڻي. اونچ-پڻ: اونھائي، مٿانهون. اندر گاج: آسمان. اتر-پنٿ: قطب تارو. مالڪ-گَتَ: مولا جي مرضي. پرٿوي: ڌرتي. راج: راجا، بادشاھ.
دنيا ۾ هر شيءِ يا معاملي وغيره جو ڪو نه ڪو ڇيهه يا انت ضرور آهي. مگر ڪي اهڙيون شيون پڻ آهن، جن جو ڪو انت، ڇيھ يا پار ڪونهي.
۱ - هُنر ۾ هڪ کان هڪ ماهر پيو آهي، هڪ کان هڪ سهڻي شيءِ ٺهي ٿي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ناهي. ڪنھن ھڪ تي نظر انتخاب دنگ نه ٿي ڪري.
۲ - سمنڊ، ڌرتيءَ جي ٻن ٽھائين تي پکڙيل آهي. ھڪ-ٽھائيءَ ۾ سُڪَ آھي، جيڪا به سموري زندگيءَ ۾ ھڪڙو انسان پوريءَ طرح ڏسي نه ٿو سگھي ته پوءِ سمنڊ جو انت لهڻ ته اڃا ڏکيو آهي.
۳ - آسمان جي وسعتن کي ماپڻ يا تصور ۾ آڻڻ به انساني عقل کان مٿي آهي.
۴ - قطب تارو، اتر طرف بيهندو آهي. جيڪو ازل کان ساڳي جاءِ تي بيٺل نظر ايندو آهي. ان جي بيهڪ سان زمين جا طرف ۽ نکٽن جا پيچرا وغيره اندزاي ۾ آڻبا آهن. ان جي محور تي چوڌاري سمورا نکٽن ائين گهمن ٿا، جيئن گهڙيال جا ڪانٽا، مرڪزي نقطي جي محور تي گهمندا آهن. سندس هڪ هنڌ بيهڻ واري وقت کي ڪَٿي نه ٿو سگهجي.
۵ - الله جي مرضيءَ جو احاطو ڪرڻ به، ناقص انساني عقل کان مٿي آهي.
مطلب: ۱ - زمين جا بادشاھ، پنھنجا سمورا وسيلا استعمال ڪندي، مٿي ٻڌايل پنجن شين جو احاطو نه ٿا ڪري سگهن. (۲) ص ۶۳.

381. وڏو مرڻو: وڏو وهانءُ. (چوڻي)
وڏو مرڻو؛ ڪو به ماڻھو پنجاهه يا سٺ سال کان وڏي عمر گهاري، پوءِ مري ته ان کي وڏو مرڻو چئجي.
ماڻهو جڏهن وڏيءَ عمر کي رسي ٿو ته پوءِ ڪمزور به ٿئي ٿو. کيس ڪيئي بيماريون پڻ وڪوڙي وڃن ٿيون. جنهن سبب ٻين جو محتاج ۽ مٿن ٻوجهه بڻجي ٿو. گهر جا ڀاتي منجهانئس خفا ٿي وڃن ٿا. پاڻ به بت مان بيزار ٿي پوندو آھي ۽ پيو موت کي سڏ ڪندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ آيل موت سان، گهر ڀاتين جي پريشاني ۽ مريض جي بيزاري، دور ٿي ويندي آهي. مريض، ڊگھن عذابن ۽ سورن کان ۽ گهر-ڀاتي، اڻ-کٽ اهنجن ۽ خفي کان آجا ٿي پوندا آهن.
ان مرڻي تي، اڇوت ۽ هندو، اوسر/ شاديءَ جھڙو ڀت ڪن. اها اوسر، چڱن ڀلن کي به کُھائي وجهندي آهي.
• وڏي موت مان، بيزار ٿيڻ بجاءِ، شاديءَ وانگر سندس آجيان ڪئي ويندي آهي.
• وڏي ماڻهوءَ جي موت تي، ايترا ماڻهو مڙندا آهن ۽ ڪفن دفن جا مرحلا ايترا ته ڊگھا ٿيندا آهن، جيترا ڪنهن شاديءَ لاءِ ئي ٿي سگهن ٿا.
مطلب: ۱ - وڏيءَ عمر جو موت، پوين لاءِ سک جو سبب ٿئي ٿو.
۲ - وڏيءَ عمر وارو، بيمارين ۾ پاڻ ته لوڙي پر ٻين کي به بيزار ڪري مرندو آهي. ان ڪري وڏي مرڻي تي هر ڪو سک جو ساهه کڻندو آھي.
۳ - گهڻن سئين موت، عيد برابر.
۴ - وڏو مرڻو، وهانءَ جھڙو.
۵ - وڏو مرڻو؛ وڏو پرڻو. (۶) ص ۱۳۵.

382. وَرَ ڀلي؛ او گهر ڀلي. (چوڻي)
وَرَ يا مڙس کي وڻندڙ عورت/ زال ئي، سڄي گهر جي ڀاتين کي وڻندي آهي. جنهن عورت جي، اٿندي ويهندي، مڙس بيعزتي ڪري، تنهن جي عزت گهر-ڀاتي به ڪين ڪندا آهن. مڙس کي سا وڻندي، جيڪا سندس خدمت ڪندي. نخريل ۽ ڪاهل عورت، مڙس کي ڪين وڻندي آهي. جنهن سبب سمورن گهر ڀاتين جي دل تان پڻ ڪري پوندي آهي.
عورت کي گهرجي ته ڪاهل نه ٿئي ۽ مڙس جي خدمت ڪري. ڇو جو سندس عزت، مڙس جي قدمن ۾ ئي آهي.
مطلب: ۱ - دل سان مڙس جي خدمت ڪندڙ زال، گهر جي مالڪياڻي ٿئي ٿي. (۶) ص ۱۳۵.

383. ورڌاتا، مستڪ تي جيڪي لکي ٿو، ائين ٿئي ٿو. (چوڻي)
ورڌاتا: قسمت لکندڙ، نصيب لکندڙ. مستڪ: قسمت جو ڪتاب.
جنهن قادر، پنهنجي قدرت سان، هيءَ ڪائنات ۽ جيڪي منجهس آهي، جڏهن تخليق ڪيا، تڏهن هر شيءِ جي قسمت هڪ ڪتاب يعني لوح محفوظ ۾، رقم ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ ڪائنات بمع موجودات؛ نباتات، حيوانات ۽ جمادات وغيره، ان ئي ڏنل ترتيب ۽ ٽائيم ٽيبل تي، پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيئي رهي آهي. جنهن قلم سان اها قسمت لکي وئي هئي، سو قلم پنهنجي مس سميت خشڪ ٿي ويل آهي. جڏهن ته جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، سو اوس ٿي رهيو آهي ۽ اڻ ٽر آهي. ڇو جو جنهن اها قسمت لکي آهي، سو دانا بينا ۽ عليم خبير آهي. کانئس ڪا به سهو ٿيڻ جو انديشو ناهي. غيب جو ڄاڻيندڙ هئڻ جي ناتي جيڪا شيءِ هن ڄاڻي پوءِ لکي آهي، تنهن ۾ وار برابر اڳتي پوئتي ٿيڻ جو امڪان ئي ناهي.
مطلب: ۱- رب، جيڪا قسمت لکي آهي، سا ٿي رهندي.
۲- لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
۳- جيڪي لکيو منجهه ازل، تنهن کي وجهي نه ڪو جَهل.
۴- قسمت ۾ جيڪي لکيل آهي، سو ٿي گذرندو.

384. ورھيه ته ڏڪار، پر مٽيءَ ڏانھن موٽڻو آھي. (چوڻي)
ڳوٺ يا وطن جي مٽيءَ منجھ عجيب ڪشش آھي، جيڪا پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏيندي آھي. تنھن ھوندي به بک ۽ بدحالي، اھڙا عنصر آھن، جيڪي جڏھن منھن ڪڍندا آھن ته ماڻھو وطن ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندو آھي.
ٿر ۾ ڪيترو به ڏڪار پوي، ڪي قبيلا جهڙوڪ؛ ٺڪر، ميگهواڙ، واڻيا، مالهي، ارباب، راهمان، جنجھي، سوٽهڙ ۽ ٻيون ذاتيون ٿر مان لڏي وڃڻ کي عيب سمجهنديون آهن. پنهنجا اجها ويران ڪرڻ، ڪجھ ٽپڙ هِتي رولڻ ۽ ڪجھ هُتي رولي ڀڃڻ کي موراڳو پسند نه ڪندا آھن. ڇو جو وسڪاري وقت وري کين ٿر ڏانھن ئي موٽڻو ھوندو آھي. ان لڏپلاڻ کي عيب سمجھندا آھن. (۳۵) ص ۲۱۰
مطلب؛ ۱- ڪيتريون به مصيبتون مٿان ڪڙڪن، تنھن ھوندي به وطن نه ڇڏجي.
۲- حيف تنين کي ھوءِ، وطن جنين وساريو.

385. ورهيه کري جهڪ ڪري، مڙس کري بڪ ڪري،
ڌرتي کري اڪ ڪري. (چوڻي)
ورهيه: سال، سال جي مند. جهڪ: ٺلهي طوفاني هوا جيڪا فائدي بجاءِ نقصان ڪري.
۱ - مينهن/ برسات مند تي پوي ته جهنگ ۾ گهڻو ڏٿ پاڻمرادو ڦٽي پوي، جنهن سان مال ۽ ماروئڙن کي پيٽ قوت حاصل ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن سال ۾، مينهن مند تي نه پوي ته ڪا اوڀڙ نه اڀري ۽ ڏڪار پوي. مينهن جي موسم ۾، جيڪڏهن مند کري/ ڦري ته فقط جهڪون ۽ طوفان اٿن. منجهانئن، سواءِ نقصان جي، ڪو به فائدو نه پوي.
۲ - مڙس، گهر لاءِ کٽندڙ ڪمائيندڙ هوندو آهي. جيڪڏهن منجهس کٽڻ ڪمائڻ جي صلاحيت، ڪن سستين سبب، سلب ٿيل هوندي ته پوءِ گهر ۾ رڳو ويٺو ڪڪڙ ڪانءَ کي گاريون ڏيندو.
۳ - زمين ۾ زرعي فصل جي پيدا ٿيڻ جي صلاحيت رکيل هوندي آهي. جيڪا زمين کرندي/ کري پوندي آهي، تنهن مان اڪ جهڙا گهٽ فائدي وارا ۽ پاڻ مرادو اڀرندڙ سلا، اڀري پوندا آهن.
مطلب: مٿي ٻڌايل ٽنهي شين جي کرڻ سان، ٽي وڏا نقصان پون ٿا. (۳۹) ص ۱۶۵.

386. وڙهڻ ويريءَ سان، اڪ کڻي سوٽو،
واڻئي جي هٽ تي، هجي وٽ کوٽو،
ساماڻيل زال کي، ور ڏيڻ ڇوٽو،
انهن ٽنهي ۾ ٽوٽو. (چوڻي)
۱ - اڪ جي ڪاٺي ڀُتي ٿيندي آهي، سوٽي جي طور استعمال ڪرڻ سان، جهٽ ڀڄي ڀري پوندي. دشمن سان مقابلي/ ويڙهه وقت، اڪ جي ڪاٺي استعمال ڪبي ته هٿائين پاڻ مار کائبي.
۲ - دڪاندار وٽ، کوٽا وٽ هوندا ته تور ۾ شيون گهٽ ترنديون، گراهڪ کي گهڻو نقصان پوندو.
۳ - جوان زال کي ننڍيءَ عمر وارو مڙس ڏبو ته اها نابالغ ڇوڪر مان خوش نه رهندي. هر ڪنهن جو پنهنجو منهن هوندو، گهر ئي ڊانوانڊول ٿي ويندو.
مطلب: ۱- مٿي ڄاڻايل ٽنهي حالتن ۾، رڳو نقصان ئي نقصان آهي.
۲- وڙهڻ ويريءَ سان، کڻي اَڪ سؤنٽو،
عورت ساماڻل کي، ور ڏيڻ ڇوٽو،
ڏيئي رقم ٿورڙي، ڳهه ڳنهڻ کوٽو، ٽنهي مان ٽوٽو.
۳- سُمند گهوڙو، شيرو ماڻهو ۽ ڪم-ذات، ٽنهي مان ٽوٽو. (۱۲) ص ۱۳۹.

387. وسي ته وسڪارو، نه ته ڪارو اونڌارو. (چوڻي)
وسڪارو، مينھن جي وسڻ کي چئبو آھي، جيڪو سڪار جو ساکي آھي. اگر برسات نه پئي ته پوءِ نه ان ٿيندو، نه پاڻي ٿيندو ۽ نه واري مال ۾ کير مکڻ ٿيندو. اگر نه وٺو ته ڏڪار ۽ ڏولائو منهن ڪڍندو. بک ۽ بيروزگاري سبب، جيڏانھن تيڏانھن ڪارونڀار وانگر انڌوڪار پيو نظر ايندو. (۳۵) ص ۲۲۳
مطلب؛ ۱- وسڪار ته سڪار.
388. وسي ته رحمت، گجي ته زحمت. (چوڻي)
ٿر جهڙي علائقي کي سيراب ڪرڻ لاءِ، برساتي پاڻيءَ جي اشد ضرورت ٿئي ٿي. بادل يا ڪڪر، جيڪي مٿئون ٺهي جڙي اچي بيهن ٿا. سي اگر وسيا ته واه واه ٿي ويندي. آئنده سالُ، آباديءَ جي حساب سان سٺو گذرندو. اوڀڙ اڀرندي، جيڪا مال لاءِ گاهه پٺي طور ۽ مارن لاءِ ڏٿ طور ڪم ايندي. انسانن ۽ جاندارن جو گذران ٿي ويندو. جنھن فعل سان، سال جي گذر سفر جيترو مال ميسر اچي وڃي، تنهن کي رحمت ئي چئبو آهي.
بادل وسڻ بدران گجگوڙ ڪندا آهن ته اهي ڪم جا نه رهندا آهن، ڇو جو منجهن جيڪا گوڙ ۽ کنوڻ جو چمڪاٽ آهي، تن لاءِ آراءِ اها آهي ته مٿن مقرر ٿيل مقرب ملائڪ، ميڪائيل عليہ السلام، کين اتان ڪنهن ٻئي پاسي هڪلڻ لاءِ جيڪا رعد يا رڙ ڪري ٿو، تنهن جو اهو آواز آهي. سندس ڇمڪيءَ/ چهبڪ جي چمڪ کي کنوڻ جي چمڪ سڏجي ٿو. جڏهن ته گوڙ جو آواز ۽ کنوڻ جو چمڪاٽ، آهن ئي کين ھڪل سان ٻئي هنڌ وٺي وڃي وسائڻ جو حڪم ته پوءِ، جنهن زمين جي مٿان اهو گوڙ يا ٺڪاءُ ٻڌو ويو، تن وٽ اهي ڪڪر ڪيئن وسندا؟ جڏهن ٿر جهڙي علائقي تي ڪڪر نه وٺا ته مطلب اهو وٺبو ته مٿن رحمت نه ٿي، بلڪ زحمت ٿي.
مطلب: ۱- ڀيٽيو: وٺو ته ٿر، نه ته بر.
۲- گجڻ وارو، ورلي وسندو، جڏهن ته ٿرين لاءِ وسڻ رحمت ۽ نه وسڻ زحمت آهي.

389. وقت گذري ويندو، وڃي رهنديون ڳالهيون. (چوڻي)
۱- وقت؛ ازل کان ابد تائين، هڪ وَھَ تي، وڏي بيقراريءَ سان وهندو رهي ٿو. کيس هڪ هنڌ ٽِڪاءُ ئي ناهي. ڪير کيس، واڳي ۽ مُنڊي، بيهاري نه سگهيو آهي. درياهه وانگر مسلسل وهڪ ڪندڙ وقت، پاڻ ته ڀڄندو ٿو وڃي پر حالات ۽ واقعات جي صورت ۾، پويان پنهنجا چٽا نشانات ڇڏيندو ٿو وڃي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي صورت ۾ ڇڏيل سندس اهي اهڃاڻ، سندس هئڻ ۽ وهڻ جو دليل آهن.
۲- جنهن سان واسطو/ رابطو آهي، تنهن سان معاملات پڻ آهن. اگر چڱو هلندو، ته به وقت گذري ويندو. اگر برو هلندو، ته به وقت گذري ويندو. پر سندس رويو ۽ ان دوران ٿيل ڳالهيون، دل تي نقش ٿيل ئي رهنديون. اهي دل تان ميسارئي نه ميساربيون. جڏهن ته اهو وقت ۽ اها مهل، ڪڏهوڪو گذري چڪا هوندا.
مطلب: ۱- ٽاڻو ته ٽري وڃي، پر ويڻ ڪين وسري.
۲- رِڻو لهي وڃي، وڻو ڪين وسري.
۳- دل تي اڪريل ڳالهه، وقت گذرڻ سان به ڪين ميسارجي.
۴- وڃي رهندو واس، دلبر هن دنيا ۾.
۵- چڱا ڪم ڪجن، جيڪي وقت گذرڻ سان شرمساريءَ جو سبب نه بڻجن.

390. وقت وقت جي ٻلهاري آهي. (چوڻي)
ٻلهاري: گهر واري، غرض، گرهستي.
هر شيءِ جو قدر ۽ قيمت، وقت جي حساب سان آهي. هڪ وقت تي ڪنهن شيءِ/ وٿ جي، اشد ضرورت محسوس ڪبي آهي ته ٻيڻي ٻانهن ڏئي، نائوڻا ناڻا خرچي به حاصل ڪبي آهي. جڏهن ٽاڻو ٽري ويندو ۽ وقت گذري ويندو آهي ته پوءِ ان شيءِ جو نه قدر رهندو آهي ۽ نه ئي ڪير ان جي قيمت ادا ڪندو آهي.
جڏهن وٿ جي ضرورت هئي ته ضرورتمند، هٿ ڪرڻ لاءِ پريشان هيو. جڏهن سندس ضرورت ۽ کپ نه رهيو ته ٿڪون پئي چٽيندي ۽ کيس سڌو ڪري رکڻ لاءِ ڪنهن جو ارواح به نه پيو ورندو.
ماڻهوءَ جو به وقت هوندو آهي. يا ته کيس مٿي کنهڻ لاءِ فرصت نه هوندي آهي. ملڻ وارا، ويهي ويهي بيزار ٿي موٽي ويندا پر ساڻن لفظ به ڳالهائڻ جي مهلت نه ملندس. يا ته ڪو وقت ايندو جو نکمڻو ٿيو، ماڻهن جي ملڻ لاءِ آتو ويٺو هوندو پر ڪو ساڻس هٿ ملائڻ وارو به نه هوندو. ڳالهه ٻڌڻ، ڪچهري ڪرڻ ۽ صلاح مشوره وٺڻ ته رهي پري جي ڳالهه.
مطلب: ۱- وقت چوي؛ آءٌ بادشاهه.
۲- ڌار ڌار موسمن/ موقعن جو، انسان جي جذبات تي ڌار ڌار اثر پوي ٿو.
۳- وقت؛ ٽين طاقت آهي.
۴- کنئي کپي ڪا نه، ڳولي لڀي ڪا نه.

391. وکاڻيو ري کچڙي، ڏانتي پڙءِ. (مارواڙ، پهاڪو)
پڙءِ: پوي، ڦاسي.
کچڻي، کائڻ ۾ نرم ۽ هضم ڪرڻ ۾ آسان آهي. جڏهن سندس گهڻي تعريف ٿيندي آهي ۽ مٿس گهڻن جي سڌ ٿيندي آهي، تڏهن اها به ڏندن کان سواءِ چٻاڙجي نه سگهندي آهي. ڪن حالتن ۾ ته موراڳو ڏندن ۾ ڦاسي پوندي آهي. چڱو رڌل کاڌو، گهڻي تعريف کان پوءِ، ڪڏهن ڪڏهن چکڻ سان به ڏندن ۾ ڦاسي پوندو آهي. چڱي تعريف، دنيا جي شين جي ڪبي ته اهي ضرور ڳچيءَ پونديون. تعريف ته فقط هڪڙي ئي رب پاڪ جي سونھين ٿي ۽ ڪرڻ به اھا جُڳائي. دنياوي شين جي تعريف، اجائي ۽ ڪوڙي آهي.
مطلب: ۱ - دنيا ۾ جنهن جي جيتري تعريف ڪبي، اها اوترو ئي تڪليف ڏيندي.
۲ - تعريف فقط هڪ رب جي سونهين ٿي. ان جي ئي ساراه ڳائجي.
۳ - ڀيٽيو؛ بکاڻي کچڙي، ڏانتي وڙڳائي. (۵)

392. وڳ ۾ هڪ گري، وڳ گرو. (پھاڪو)
گـَرُ: پانءِ، بيماريءَ جو قسم.
گَرُ يا گرڻ جي بيماري، گھڻو ڪري اٺن ۾ ٿئي. ان ۾ اُٺ جا وار کسي ويندا آهن ۽ پيو کنھندو آهي. ان کان علاوھ بدن ۾ ڳرندو ويندو آهي.
جيئن پکي پاڻ ۾ گھڻا ڪٺا ٿين ته ولر سڏائين، ماڻھو ڪٺا ٿين ته ميڙ يا انبوھ سڏائين، اٺ گڏجن ته گلو سڏائين. اھڙيءَ طرح حلال مال جو جٿو، وڳ سڏائي. وڳ اندر؛ نر ۽ ماديون، ڦر ڦروٽا ۽ وڏا وھٽ ھوندا آھن. وچڙندڙ بيماري اگر وڳ اندر ھڪ ساھدار کي چنبڙي ته، آھستي آھستي ٻين کي به چنبڙي پوندي. ڇو جو مال، بي زبانو ھئڻ سبب، پنھنجي اھنج ۽ آزار بابت ٻڌائي نه سگھندو آھي. جيستائين ڌراڙ يا ڌڻي وڃي سندن پر گھور لھي تيستائين، بيماري ڳچ جيترن جانورن کي سيڪاٽي لاھي.
مطلب: ۱ - صحبت جو اثر، هر هڪ تي ٿئي ٿو.
۲ - ڪني مڇي، کاري مان ڪڍي نه اڇلبي ته، کارو ئي گونھن ٿي ويندو.

393. ونجهه اُپني، دک اُپنو، رُني سڀ وڻراه،
هيءُ وڻ اڀاڳو اُپنو، جو ڄيرو سڀن لاه.
ونجهه: وڻ جو نالو، جنهن جا پن پاڻ ۾ لڳن ته منجهانئن باه ڀڙڪي اٿي.
ڄيرو: باه. اُپنو: پيدا ٿيو، اُپايو ويو.
ونجهه جي وڻ پيدا ٿيڻ تي ساري وڻراه رُني هئي ته؛ هيءُ نڀاڳو وڻ پيدا ٿيو آهي، جيڪو ٻين سڀني کي باه لڳائيندو ۽ جلائي ڀسم ڪري ڇڏيندو.
مطلب: ۱ - ڪنهن نڀاڳي، رهزن يا ظالم جي ڄمڻ سان سارو معاشرو روئندو آهي. ڇو جو اهو سمورن کي تنگ ڪندو آهي.
۲ - چورن سان چاھ پئي، جي من ميڙ ڪيائين،
پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سهين.
۳ - ڀيٽيو؛ چندن اُپني، سک اپنو، کِلي سڀ وڻراه،
هي وڻ سڀاڳو اُپنو، جنهن واسي سڀ وڻراه. (۲) ص ۶۰.

394. ونهيون بادشاه، چاهي تيئن ڪري. (چوڻي)
ونهيون؛ پنهنجي مرضيءَ مطابق هر ڪم ڪري سگهڻ جي سگهه ۽ قوت رکندڙ فقط هن جھان/ ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ، الله آهي. پاڻ پنھنجي قدرت سان، قديم وقتن کان، قائم ۽ دائم آهي. سندس خزانا ڀرپور آهن، جن ۾ ڪڏهن به ڪا کوٽي ته ڇا پر ڪَرَ به نه ٿي اچي سگهي. سو رب، جيئن چاهيندو، تيئن ٿيڻ ممڪن به آهي ۽ عين ائين ئي ٿي سگهندو جيئن ان جي ٿيڻ جو، پاڻ ارادو فرمائيندو.
دنيا جا بادشاه، جيئن چاهين، تيئن مڃرائڻ جي ڪوشش ته ڪندا آهن پر اهو تڏهن ممڪن ٿئي ٿو، جڏهن بادشاهن جو بادشاهه، شھنشاهن جو شھنشاهه، جهانن جو ڪارساز ائين چاهي. اصل فيصلا، سندس مشيت ايزديءَ تحت، دنيا تي نازل ٿين ٿا. جڏهن ارادو ڪري ڪنهن شيءِ جي ٿيڻ لاءِ فقط چوي ٿو؛ ٿيءُ! ته پوءِ اها شيءِ ٿي پوي ٿي.
مطلب: ۱- اصل بادشاهه، رب آهي.
۲- بادشاهن جو به بادشاهه، اهو رب آهي، جيڪو پاڻ-وهيڻو آهي.
۳- خدا تعالى کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي. کيس جيئن وڻي ٿو، تيئن ڪري ٿو.

395. وڻ ٻٻر، کر ماڻهو، شال مَ پاڙي هوءِ،
آکٻي ڪينڪي، ته به هيئين اڊڪو هوءِ. (ڍٽ، چوڻي)
کر: آزاريندڙ. آکٻي: ڏکوئي. اڊڪو: ڊپ، کٽکٽو، هٽڪو.
۱ - ٻٻر جي وڻ ۾ سيلھ ڪنڊا ٿيندا آهن، جيڪي سڪڻ کان پوءِ سخت ۽ چنهبيارا ٿيندا آهن. ڪڏھن ڪڏھن ڇڻي، هيٺ به ڪرندا آهن. مٿن اگر پير آيو ته، ماس اندر ٽنبجي پوندا ۽ اهنج/ ايذاءُ ڏيندا. ٻٻر اندر پلڙو ٿيندو آھي، سو به ماڻهن جي کائڻ لائق نه، بلڪ رڍون ٻڪريون کائنس. تنهنڪري گهر جي اڱڻ تي يا پاڙي ۾، ٻٻر جو وڻ نه هجي ته چڱو.
۲ - آزاريندڙ ماڻهوءَ مان به سڀ بيزار هوندا آهن. مڙني کي تائي تپائي ڏيندو آهي. گهر ته ڇا پر پاڙي/ تر/ ڳوٺ ۾ ئي نه هجي ته ڀلو. جيڪڏهن منجهانئس ايذاءُ نه به اچي ته به هينئين ۾ پيو هُرکندو.
مطلب: ۱ - آزاريندڙ شيءِ کان، پاسو چڱو.
۲ - باه ۽ بلا جو بَرَ ڏي منهن.
۳ - وڻ ٻاٻرو، کر ماڻهو، گهر ۾ نه هئن. (۲) ص ۶۱.

396. وهانءُ ته واڻڪو، سھج ته سونارڪو، گپ چڪ ڀاٽڪي. (چوڻي)
سھج: سک، آرام، آسائش، فرحت، عيش، آسودگي. گپ چڪ: لاف، ڊاڙ، ٻٽاڪ.
۱ - دڪاندار يا واڻيا، جڏھن وھان جھڙو ڪاڄ ڪن ته کين سيڌو سامان پنھنجي ھٽ تان ئي مليو وڃي. اگر ٻئي ھنڌان حاصل ڪن ته به کين سستي اگھ يا اوڌر پاڌر تي مليو وڃي. سندن واقفيت جھجھي ھئڻ سبب، ساڏي به گھڻا اچن ۽ پاھت وغيرھ ۾ به ڪسر ڪڍيو وٺن. ان ڪري سندن وهانءُ چڱو ٿيو وڃي.
۲ - سونارو، ھر شيءِ ۾ مٺ ملائڻ سبب، ڪڏھن به نقصان ۾ نه ٿو وڃي. اصل سون جي خبر به کيس ئي ھوندي آھي. ان ڪري پنھنجي ڌنڌي مان چڱو خاصو اپراسو حاصل ڪري ٿو ۽ عيش جو وقت گذاري ٿو.
۳ - ڀاٽيہ ذات وارا جيسلمير اندر رھن ٿا. اھي ڌنڌي واپار اندر ڪافي مشھور آھن. سندن زبان پئي ھلندي آھي، جنھن سبب لاڦ ڊگهي ھڻي ويندا آهي.
مطلب: ۱ - وهانءُ نه واڻڪو، سھج نه سونارڪو، گپ چڪ ڀاٽڪي.
۲ - واڻيي ري ويھانءَ ۾، وگھن گھڻا.

397. وئي جو هڪڙو پيرو، ڳوليندڙ جا سَوَ پيرا. (پهاڪو)
چور جڏهن چوري ڪري ڀڄندو آهي ته ڀڄڻ وقت ڪوشش ڪندو آهي ته پنهنجا نشان پويان نه ڇڏي ته جيئن ڀاڳيا ترت کيس پهچي نه سگهن. اگر چور وٽ ڇوهي ۽ تيز سواري آهي ۽ وڃڻو به پري اٿس ته پوءِ گوهيون ڏيڻ بجاءِ هڪ- منهن ٿي، هڪ-رخ تي سفر ڪندو آهي. ڀاڳين کي ٻيا گهٽ گهيڙ جهلڻ کان علاوه، تيز سواريءَ جو بندوبست ڪرڻ جھڙا ڏکيا مرحلا آڏو هوندا آهن، جنهنڪري کيس پهچي نه سگهندا آهن.
اگر چور وٽ، ڍري سواري ۽ ڳؤرو بار آهي ته پوءِ ساڳي جوءِ ۾ اڳتي پوئتي اچي ولو ڪري، پيرا وڃائڻ جي ڪوشش ڪندو ته جيئن ڳوليندڙ، پيرو ڪڍڻ ۾ الجهيل رهن. پاڻ ويندو هڪ رستي سان پيو، ڳوليندڙ، شڪ جي بنياد تي، سندس سمورا گهٽ گهيڙ پيا واچيندا. جيتريون واٽون ۽ رستا، سندن نظر ۾ هوندا، مڙني تي مڙس ويهاري ڇڏيندا.
مطلب: ۱- اصل واٽ هڪڙي آهي پر ڳوليندڙ کي نظر ويهه اينديون. کيس ڇنڊ ڇاڻ سڀني جي ڪرڻي آهي ته جيئن اصل جي خبر پويس.
۲- چور کي ڳولهڻ لاءِ، ڀاڳئي کي سَوَ گهٽ جهلڻا پوندا آهن.
۳- واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪيهي ويا.
۴- ڀيٽيو: واريءَ کي واٽون گهڻيون، ٿڙيءَ کي ٿاٻا گهڻا.

398. وياس جي وينڱڻ کائي، ٻيجان نان اپديش ڏي. (پهاڪو)
وياس جي: بياس جي، ماڻهوءَ جو نالو، ٿر ۾ رهندڙ برهمڻن جي هڪ ذات جو نالو. وينڱڻ: واڱڻ. ٻيجان نان: ٻين کي. اپديش ڏي: منع ڪري.
بي عمل ماڻهو، جيڪو پاڻ عمل نه ڪري ۽ ٻين کي ويٺو نصيحتون ڪري، تنهن جي چوڻ تي ڪير به ويساه يا عمل نه ڪندو آهي. نه ئي ان جي ڳالهه ۾ اثر هوندو آهي ۽ نه ئي ڪير مٿس وشواس ڪندو آهي. عيبدار ۽ عادتي، بري عادت کان پاڻ کي پري نه ٿو ڪري سگهي. سندس زباني ڳالھ تي، ٻيا ڪيئن پاڻ کي پري ڪري سگهندا.
مطلب: ۱ - بياس جي واڱڻ کائي، ٻين کي منع ڪري.
۲ - پهرين پاڻ پرهيز/ عمل ڪجي، پوءِ ٻين کي تلقين/ مهميز ڪجي.
۳ - ملان جيئن چئي تيئن ڪجي، جيئن ڪري تيئن نه ڪجي.
۴ - بي عمل شخص کي، نصيحت نه ڪرڻ گهرجي.
۵ - اول نقصان کان پاڻ کي بچائجي، پوءِ ٻين کي هدايت ڪجي. (۶) ص ۱۳۷.

399. ويچا روڳي، ٻڍا جوڳي، سورهيان پٺي گهاءِ،
ڌات ماري بکيا مانگي، اهي چار ئي مَ وسهاءِ. (چوڻي)
ويچا: حڪيم. روڳي: بيمار . سورهيان: سورهيه. بکيا: بيک، پنڻ. مانگي: پني. ڌات ماري: ڪشتا ٺاھيندڙ، ڪيمياگر. مَ وسهاءِ: اعتبار نه ڪر.
۱ - جيڪو حڪيم، پاڻ مريض آهي، سو ڪهڙي تپاس ڪري سگهندو؟ کانئس علاج ڪرائڻ، پاڻ کي وڌيڪ بيمار ڪرڻ برابر آهي.
۲ - جوڳي به جوانيءَ ۾ سيلاني ٿي رهندو. پيريءَ ۾ هڪ هنڌ رهي، بيٺل پاڻيءَ وانگر ڌپ ڪري ويندو. مثال: پاني بهتا ڀلا، جوڳي رمتا ڀلا.
۳ - سورهيه اهو آهي، جيڪو جنگ جي ميدان ۾ دوبدو وڙهي ۽ سيني تي زخم سهي. پٺي ڏئي ڀڄڻ وارو، بزدل آهي. جنهن کي پٺيءَ تي زخم يا ڌڪ لڳل هجي، اهو بزدل آهي، سورهيه ناهي. ڇو جو سينو ڏئي وڙهڻ بجاءِ، پٺي ڏئي ڀڳو آهي.
۴ - ڌاتو ماريندڙ حڪيم يا ڪيمياگر، وڏا ڪشتا ٺاهي، تمام گهڻي دولت ڪمائي سگهي ٿو. ان جي برعڪس اهو پنندڙ هجي ته پوءِ ڪوڙو سمجهبو.
مطلب: مٿي ٻڌايل چار ئي شخصيتون، اعتبار ڪرڻ جهڙيون ناهن. (۴) ص ۲۴۷.

400. ويساک وُٺو نه ڀلو، چمڪيو نه ڀلو چيٽ،
راجا رُٺو نه ڀلو، پرچيو نه ڀلو سيٺ. (چوڻي)
ويساک: سنڌي ڪئلينڊر جو ٻيو مهينو ٿئي.
۱ - برساتي سنئوڻن موجب، جيڪڏهن ويساک ۾ ڀُلجي به مينھن جون ٻه ڪڻيون پيون ته پوءِ ساري رُت، مينهن ڪنهن نخريلي محبوب وانگر رٺل رهندو ۽ ان کي پرچائڻ لاءِ ڪيئي جتن ڪرڻا پوندا.
۲ - چيٽ ۾ وڄ جي چمڪاٽ کي ڪُ-سنئوڻ لکيو ويندو آهي.
۳ - راجا يا بادشاھ سان ڦٽائڻ چڱو ڪم ناھي. کيس ستن ولين جي طاقت آھي. رٺو ته رلائي ڇڏيندو. سندس بادشاھيءَ ۾ رھي، ساڻس وير وجھڻ، ائين آھي جيئن درياھ ڀر ويھي، واڳونءَ سان وير وجھڻ.
۴ - سيٺ يا دڪاندار سان ياري رکڻ، چڱو ڪم ناھي. ان جو انت خراب آھي. ڇو جو دڪاندار، مطلب کانسواءِ ياري نه رکندو آھي. ڪوشش ڪندو ته، سنگت ۾ اوڌر تي ڳري وياج سان، نه ھلندڙ شيءِ جو نيڪال ڪيان. جيئن ڪاسائين جي ياريءَ لاءِ مثال ڏيئي چوندا آھن؛ يار اچن، ڇيڇيڙا به وڪامي وڃن.
مطلب: ۱ - چيٽ ۾ جيڪڏهن کنوڻ کِنوي پوي ته سمجهبو؛ هيل وسڪارو ٻاڙو ٿيندو. ان ڪري هاڻي کان ئي توڏا تاڻي، مال ڪاهي وڃي ڪنهن ناري جي نواب يا لاڙ جي وڏيري جي ڀر وٺجي.