لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

گ

گ

201. گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گهوڙو وهي ڊُگام،
ڪرھ ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان،
گانڊو رڻ نه چڙهي، گهر هڻي شوغان،
راجا جوٺ ٻولي، اهي پنج ئي بدنام. (چوڻي)
ڪپڙ- چٻڻو: ڪپڙو چٻاڙيندڙ. ڊگام: ڊوڙي هلڻ. ڪامڻي: عورت.
ڪرھ: کٽ پٽ، تڪرار، ڪروڌ. گانڊو: گيدي، ڊڄڻو، بزدل.
رڻ چڙهڻ: بهادريءَ جو ڪم ڪرڻ، لڙائي تي وڃڻ.
شوغان هڻڻ: ڊاڙون يا لٻاڙون هڻڻ. جوٺ ٻولڻ: ڪوڙ ڳالهائڻ.
۱ - ڪن گابن ۾ عادت ٿيندي آهي ته بجاءِ گاه ۾ ٻوٿ وجهڻ جي، نوڙيءَ، رسي يا ڪپڙي کي پيا ڄٻيندا آهن. اهڙن گابن جو گهر ۾ هجڻ، گهر جي شين خاص طور تي ڪپڙن لاءِ، نقصانڪار آهي.
۲ - گهوڙي کي هڙ ئي چالون هلڻ گهرجن؛ آهستي به ته تيز به. جيڪو گهوڙو آهستي پنڌ وانگر هلي نه ڄاڻي ۽ رڳو ڊُگام هلي ڄاڻي سو به وقت تي ڪم نه ٿو اچي. ڇو جو سوار ۽ سئيس جون، حالتن آهر، پنهنجون مصلحتون آهن.
۳ - گهر ۾ آيل مهمان وٽ عزت، عورت ڪرائيندي آهي. عورت، وقت تي ماني نه پچائي ۽ هنڌ بسترو نه پهچائي ته مهمان دل ۾ برو سمجهندو ۽ آئنده نه ايندو. ڪروڌي عورت، مهمان جهڙي رحمت کي به موٽائي ڇڏي.
۴ - گهر ويٺي ڊاڙون هڻڻ، گيدي ماڻهوءَ جو ڪم آهي. جيڪو جنگ يا جھيڙي ۾ پاڻ ته نه وڙهندو آهي پر لٻاڙون هڻي، ٻين جي هٿان مارائيندو پڻ آهي.
۵ - بادشاهه کي سمورا اختيار آهن ۽ ان کان سواءِ خدا جي مدد به شامل هوندي اٿس. ان هوندي به ڪوڙ ڳالهائي ته ان کان وڌيڪ ڪا ٻي بيحيائي آهي ئي ڪا نه.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج حالتون، بد ناميءَ جو باعث هونديون آهن.
۲ - گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گهوڙو وھي کٽگام،
ڪرھ ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان،
ڪانيئر رڻ ڀڄڻون، گهر هڻي شوگان،
راجا جوٺو ٻولڻون، پنج ئي بد نام.
۳ - گابو ڪپڙ-چٻڻو، سوئا سينڌي، سٻر سواري،
اَلڙ ڪتو، بندوق ڏوردار، پنج ئي بيڪار.
۴ - گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گھوڙو کٽگام،
ڪرھ ڪري ڪامڻي، گھر آئي مزمان،
سپاھي رڻ نه چڙھي، گھر ھڻي شغان،
چاڪر رڻ نه چلڻا، گھر ڪري ڪلام،
راجا جوٺ ٻولڻو، اھي پنج ئي بدنام. (چوڻي)
۵ - گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گھوڙو کٽگام،
ڪرھ ڪري ڪامڻي، گھر آئي مزمان،
ڪانئر ڀڄي جنگ ۾، گھر ھڻي شغان،
راجا جوٺ ٻولڻو، اھي پنج ئي بدنام. (ٿر) (۱۲) ص ۱۴۶.

202. گاجڻا سو باجڻا، ماٺيڻا سو مِيہ. (پهاڪو)
گاجڻا: گجندڙ. باجڻا: واڄڻا، وڄندڙ، واڪو ڪندڙ. ماٺيڻا: ماٺ ميٺ ۾ ايندڙ. ميہ: مينهن، برسات.
گجندڙ ڪڪر، محض وڄندڙ/ واڪو يا ڪڙڪو ڪندڙ هوندا آهن. منجهانئن ايترو پلر نه پلٽبو آهي، جنهن سان ٿر جون ٺوٺ/ وارياسيون زمينون، سيراب ٿين يا سڪل زمين جا چپڙا آلا ٿين.
ان جي برعڪس، ماٺ ميٺ ۾ اچڻ وارا ڪڪر، جھور يا ٽِڪ ٻڌي وسندا آهن ۽ منجهانئن تمام گهڻو مينهن/ پاڻي وسندو آهي. تر ۽ ترايون، ڍنڍون ۽ ڍورا، ٽونڪا ۽ ٽوڀا، سر ۽ جر، ڀرجي تارئون تار ٿي ويندا آهن. پوٺا ۽ ڀٽون، دڙا ۽ گوڇار، گاهن/ فصلن سان ساوا ٿي ويندا آهن. نتيجي ۾ مال ۽ ماروئڙن لاءِ، سک ۽ سڻايون ٿي پونديون آهن.
مطلب: ۱ - ڪڪرن مان ايندڙ گوڙ بابت، ائين چيو ويندو آهي.
۲ - گونگو/ بيٺل پاڻي، ٻوڙي.
۳ - سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي.
۴ - سکڻو چڻو، وڄي گهڻو.
۵ - ڀونڪندڙ ڪتو، ڏاڙهيندو ناهي.
۶ - Barking dog, never bites.
۷ - جو گجي، سو نه وسي.
۸ - جيڪو گجي ٿو، سو وسي نه ٿو.
۹ - گاجڻا، نه باجڻا. (ٿر)
۱۰ - گرجي سو برسي نهين، برسي گهور انهار. (ڀوڄپوري)
۱۱ - گجندڙ ڪڪر، وسندا ناهن. وسندڙ ڪڪر، گهپ انڌيرو کڻي ايندا آهن. (۵)

203. گانوڙي تو ڏوڌ ونڪي، تيج ونڪي گهوڙيان،
آدمي تو خرچ ونڪو، سيل ونڪي گوريان. (چوڻي)
گانوڙي؛ ڍڳي. ڏوڌ؛ کير. ونڪي؛ گھڻو. تيج؛ تيز. سيل؛ ست، ستي.
۱ - ڍڳي اها ڀلي جيڪا جھجهو ۽ جالارو کير ڏئي. جيڪڏهن کير به نه ڏُھائي ۽ ٻارهين مهيني ڦر به نه ڏئي ته پوءِ ڪاسائيءَ جي ڪم جي آهي. پالڻ ۾ مهانگي پوندي.
۲ - گهوڙي به اها ڀلي آهي، جنهن کي لڪڻ هڻڻ جي ضرورت نه پوي. اشاري سان تيز هلي ۽ جلد منزل پٽي وڃي.
۳ - مرد اهو ڀلو آهي، جيڪو صحيح خرچ ڪري. پاڻ تي، زال تي، ٻارن تي ۽ مٽن مائٽن تي خرچ ڪري. جوئا، زنا ۽ شراب تي پئسا نه وڃائي.
۴ - عورت به اها ڀلي آهي، جيڪا ست سيل واري آهي. باقي رنگ جي سهڻي، جيڪا ڪوٺا ٽپندي ۽ لوڙها لتاڙيندي وتي، ٻاهر پڳي ۽ ڪچي تي لهندڙ هجي، تنهن سدا سهاڳڻ کان، ڀونگو ڀينگ ڀلو آهي.
مطلب: ۱ - ڪمائتي، عزت واري ۽ ڪارائتي شيءِ، تمام ڀلي آهي.
۲ - ڀيٽيو: گانوڙي تو سينڱ ونڪي، ڦينچ ونڪي گهوڙيان،
آدمي تو مونڇ ونڪو، روپ ونڪي گوريان. (۲) ص ۲۳۷.

204. گانوڙي تو سينگ ونڪي، ڦينچ ونڪي گهوڙيان،
آدمي تو مونڇ ونڪو، روپ ونڪي گوريان. (چوڻي)
گانوڙي: گاوڙلي، ڍڳي. ونڪي: واري. ڦينچ: رت، ماس. روپ: سونهن.
۱ - ڳئون اها ڀلي آهي، جنهن جا سڱ وڏا هجن. کير جھجهو جالارو ڏئي ۽ ڦَرَ ڦروٽا، ڦُٽرڙا ھجنس.
۲ - گهوڙي به اها ڀلي آهي، جنهن ۾ رت، ماس ۽ جواني هجي. جواني وڃڻ کان پوءِ، ڪراڙي گهوڙي به اٽي تي چٽي هوندي آهي.
۳ - مرد اهو ڀلو آهي، جنهن جون مڇون وڏيون، ويڪريون ۽ گهاٽيون هجن. ڇڊين ۽ سنهين مڇن واري مرد ۾ ھشمت نه ٿي رهي. بلڪ ڪوت-مُنھن ھئڻ سبب، عورتن کان به پري آھي.
۴ - عورت به اها ڀلي آهي، جيڪا سونهن ۾ سرس هجي.
مطلب: ۱ - خوبين واري شيءِ ئي ڀلي هوندي آهي.
۲ - ڀيٽيو: گانوڙي تو ڏوڌ ونڪي، تيج ونڪي گهوڙيان،
آدمي تو خرچ ونڪو، سيل ونڪي گوريان. (۲) ص ۲۳۶.

205. گانيان جوڀن برسات هي، تريان جوڀن ڏئت،
ماهيلي جوڀن مان هي، مردي جوڀن ڇَتَ. (چوڻي)
گانيان: ڳئن لاءِ. تريان: گهوڙين لاءِ. مَانُ: عزت، مرتبو. ڏِئتَ: اَنَّ کان علاوه جيڪو ڏجي، جيئن گيهه مکڻ وغيره. ماهيلي: عورت. مَردي: مرد لاءِ. جوڀن: جواني، خوشي. ڇَتَ: ايمان يا مهل تي مردانگيءَ وارو جوهر.
۱ - گاھ کان وڌيڪ، ڍڳين لاءِ برسات ۾ مزو آهي. برسات وقت، تازو ڪچڙو ڦٽل گاھ، جنھن کي لونگي ٿا سڏين، ڍڳين لاءِ ڏاڍو مرغوب هوندو آهي. تڙڻ جي باوجود، گاھ مان نه نڪرنديون آهن. مثال؛ لوڀ لڳو واڻيو، لونگيءَ لڳي گانءِ.
۲ - گهوڙين لاءِ سکڻو داڻو نه پر ان سان جيڪو گيهه مکڻ ڏجين ٿو سو ڏاڍو مرغوب ۽ جواني آڻيندڙ هوندو آهي. ان سان سندن مُک ۾ ئي رونق اچي ويندي آهي.
۳ - سڀئي سهاڳڻيون به خوش ناهن، بلڪ اهي جن جي پنھنجي مڙس وٽ عزت ۽ مرتبو آهي. اھي خوش ۽ خرم، مطمئن ۽ معطر آهن. انھن جا چهرا ٻهڪندڙ هوندا آهن.
۴ - مرد به فقط ڌن تي جوان ناهن. بلڪ اهي مرد جن وٽ مڙسي، مردانگي آهي ۽ ايمان جي سلامتيءَ جي زور تي پنهنجي ساک قائم رکن ٿا. تن کي دل جي خوشي حاصل آهي. مثال: خوشيءَ جهڙي خوراڪ ناهي، گڻتيءَ جهڙو ڳارو ناهي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چار حالتون، جواني/ خوشي پيدا ڪندڙ آهن. ٻيءَ صورت ۾ جوان به مرجهايل نظر ايندو.
۲ - گانيان جوڀن وسڪارا، تريان جوڀن سڌان،
مهيلي جوڀن پريم هئي، مردان جوڀن مان.
۳ - ڀيٽيو؛ گايان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن اَنُّ،
ماهيلي جوڀن مرد هي، مردي جوڀن ڌن. (۱۲) ص ۱۴۱.

206. گانيان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن اَنُ،
ماهيلي جوڀن مرد هي، مردي جوڀن ڌن. (چوڻي)
گانيان: ڍڳين لاءِ، ڳئن لاءِ. گاس: گاھ، چارو. تريان: گهوڙين لاءِ. ماهيلي: عورت. جوڀن: جواني، خوشي.
۱ - ڍڳيءَ کي گاھ ڍؤَ تي ملندو ته کائي متاري ٿيندي ويندي ۽ انهيءَ ۾ سندس جواني ۽ خوشي آهي.
۲ - گهوڙي لاءِ داڻو يا اَنُ جام هوندو ته، کائي مَچي مواڙ ٿي پوندو آهي. اهو انهيءَ لاءِ مستي آڻيندڙ آهي.
۳ - عورت، جنهن جو مڙس جيئرو آهي، وريتي هئڻ سبب سندس من جون مڙيئي مرادون پوريون پيون ٿينديون. انهيءَ ۾ سندس خوشي آهي ۽ انهيءَ ۾ سندس جوڀن آهي.
۴ - مرد به ڳڻتين واري ڳاري کان اهو بچندو، جنهن وٽ ڌن آهي. ڌن هئڻ جي خوشيءَ ۾، جوان پيو لڳندو.
مطلب: ۱ - ڳئونءَ لاءِ گاھ، گهوڙيءَ لاءِ داڻو، عورت لاءِ مڙس ۽ مرد لاءِ ناڻو، جواني ۽ خوشي پيدا ڪندڙ آهي.
۲ - اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو،
مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (۱۲) ص ۱۴۱.

207. گاءِ؛ کٽر مال. (چوڻي)
ڀاڳين جو چوڻ آهي؛ ”جڏهانڪر مخلوق پيدا ٿي ته ٻيو سڀ مال، ماڻهوءَ سان ٺهي ويو پر ڳائي مال ۾ جهنگلي هئڻ جي بوءِ باقي آهي. ڳائو مال، ويٺو هوندو ته به ڌڻيءَ کي ڊپ رهندو ته ڪنهن به وقت ٽاهه کائي نه اٿي!“
عام طرح چوندا آھن ته؛ ”ڳائي ٻوٽي ڏنگي آهي، ايترو جو رڌڻ وقت، ڪني مان به نڪري ويندي!“ ڳئون ويڙهي آهي ۽ ڇڙهي هڻندي!
ساري سنگهار، پنهنجي ماڻهن کان پڇيو؛ ”ڏيو خبر! سڀ خير آهي؟“
”هائو!“ ورندي ڏنائونس.
”ڏيو خبر!“ ساري سنگهار، جهنگ چرڻ لاءِ، ڳاين جي وڃڻ بابت، پڇين؛ ”ڀلا ڳايون پهريون“.
”اڃا ته نه پَهريون آهن.“ کيس ٻڌايائون.
”تڏهن خير ڪٿي!“ ساري سنگهار، ڳائي مال جي ڏنگائيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چين؛ ”ڳايون جي ٽاهه کائي اٿيون ته سُڃ ڪنديون!“
مطلب: ۱ - ڳئون، کٽر مال.
۲ - ڳائو مال ويڙهو ۽ کٽر ٿيندو آهي. (۲۲) ص ۳۱.

208. گائين ڌارجنين گورڙين، رهجي رڻ ري وَٽِ،
پنج آپڻين، ڏس پارڪين، گورين وڏو گهگٽ.
(ڪڇ، چوڻي)
رڻ: ڪڇ جو رڻ، Marshy land. وٽ: ڪڇ ۽ ٿر جي وچ واري جاءِ.
گائين: ڳايون، ڳئون، ڍڳيون. گورڙين: ڳورڙيون، اڇيون. آپڻين: پنهنجو. ڏس: ڏهه. پارڪين: پرايون. گهگٽ: نظارو، show off
اڇيون ڳئون/ ڳايون، ڪڇ جي رڻ وارا ڀاڳيا ڌارين. انهن اڇين ڳاين کي کاڌو کپي. جيڪي رڻ ۾ ٿر جي وچ واري حصي ۾، جنهن کي وٽ سڏجي ٿو، جام ٿئي ٿو. وَٽِ ۾ رهڻ سان، خوشحالي آهي. مال لاءِ کاڌو جام آهي. مارو ماڻهن لاءِ به ات وڻ ٽڻ، ڪڻ ۽ مال جو ٿڻ، ڀريل رهي ٿو.
جيڪڏهن ڪنهن وٽ پنهنجي مال جو ڌڻ ناهي تڏهن به کيس، ٻين جو مال پنهنجي هڪ اڌ گورڙي ڳئون سان ملائي، ڌڻ ٺاهڻ گهرجي. اهو ڌڻ پهرائي، رڻ جي وٽ ۾ وڃي رهڻ گهرجي. ڳئون ڀٽاريون، اتي چري کير مکڻ جھجهو ڏين ۽ سندن گابا ۽ گابيون به اتي ڦٽرڙا رهن. سگها به ٿين ۽ وڏا به جلد ٿين.
مطلب: ۱ - رڻ جي وٽ، گورڙين ڳئونئن لاءِ مفيد علائقو آهي.
۲ - ٽڪ عيسي جي ٽڪ موسي جي، ڌڻ مڙيئي دُندڻ جو.
۳ - پنج تنهنجون ڏهه ٻئي جون، پر ڌڻ وڏو نظر اچڻ گهرجي. (۲۲) ص ۳۳.

209. گڏهه تان گلاب، هاريو ته هھئين ويو. (پھاڪو، بيراجي)
گڏهه، ڪم کان ٿڪجي ته مٽيءَ تي، خاص ڪري وڏي ڊسڙ ڏسي منجهس ليٽي ته ٿڪ لھيس. جڏهن گاهه کارائي، دايا هٿ ڪڍندس ته ڊڪيو وڃي ڪرفٽي کائي ته پيٽ جو هاضمو درست ٿئيس. اهڙي زناور کي ڪڻڪ جي ماني کائڻ لاءِ ڏيڻ، مانيءَ جو مان گهٽائڻو آهي ۽ مٿئون گلاب ڇٽي، گلاب جي بي قدري ڪرڻي آهي.
مطلب: ۱ - هر ڪنھن سان سندس طبيعت آهر ورتاءُ ڪجي.

210. گڏهه ڍؤ جهلي نه سگهي. (پھاڪو)
غريب ماڻهو، گڏهه ڌارين. ڪُنڀارن جو ته خاص وهٽ، گڏهه آهي. ڇو جو سندن ڌنڌو مِٽيءَ مان ٿانءُ ٺاهڻ جو آهي. جنهنڪري مٽي، ڀانءَ ٿپا ڍوئڻ ۽ نهائينءَ لاءِ ڀاڻ آڻڻ واسطي ڪم اچين. عام ماڻهو سواريءَ لاءِ گڏهه ڪم ڪو نه آڻين. گڏهه تي چڙهڻ کي عيب سمجهن. جڏھن ته ڪنڀار ڄڃ ۾ به سواريءَ لاءِ گڏهه ڪم آڻين. وسڪاري جو ٻنيءَ تي پاڻيءَ جو جنڊو ڀري کڻي وڃن. سياري اونهاري شهرن ۾ مِٽي ۽ سرن کڻڻ جي ڪم اچن. مالڪ سڄو ڏينهن ڪم وٺي شام جو جهنگ ڏي روانا ڪن، جتي گاهه وغيره کائين. صبح جو ڳولي هٿ ڪري ڪم ۾ لڳائيندا آهن. خرچ ٿورو، ڪمائي جھجهي. ڏڪار پوي ته به گڏهه ويچارو پيو هلندو آهي. برسات پيئي، ٿورو گاهه نڪتو ته کائي ڍؤ ڪندو.
ڪجهه ساهي آيس ته هينگون ڏيندو ۽ ڊوڙون پائيندو. جنھن سببان چيو ويندو آهي؛ ”گڏهه ڍؤ جهلي نه سگهي.“
مطلب: ۱ - ڍؤ جھلڻ به ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي.
۲ - ڀيٽيو؛ ڍؤ جهلي هڪ ڀاڀڙو، ٻيو مينھن. (۱۲)

211. گڏهه، گولو، ڍول، ڪاڳر ۽ ڪپاه،
پنج ئي ڪٽيا ڀلا، جي نه ڪٽيا تو وڻاه. (چوڻي)
گولو: نوڪر. ڍول: دهل. ڪُٽيا: ڪٽڻ، سٽڻ. وڻاه: نقصان.
۱ - گڏه، پيار قرب واري ٻولي نه سمجهندو آهي. رڳو گاه چاربس ته به بار نه کڻندو. ان جي برعڪس باٺن جي بَهيڙ ٻڌبس تڏهن سڌو ٿي وهندو. مثال؛ سوٽي هجي ساڻ، گڏه گوهي نه ڪري.
۲ - نوڪر کي به پيار قرب ڏيڻ معنيٰ اَرن مان ڪڍڻ. کيس قرب ڏئي کارڻ جي بجاءِ، اک ۾ رکڻ بهتر آهي. کيس حجائتو/ بي ڊپو ڪبو ته؛ نه ڪم ڪندو ۽ نه احترام. هٿائين چئن چڱن جي سامهون بيھي پٽڪو لاهيندي به دير نه ڪندو.
۳ - دهل جو اصل مقصد به وڄڻ آهي. جيستائين کيس سوٽيءَ سان نه ڪٽبو، تيستائين منجهانئس مراد نه مِلندي.
۴ - ڪاغذ تي به جيستائين سڄاڻ قلمڪار يا ڪاتب جو قلم نه وهندو، تيستائين بيڪار آهي.
۵ - ڪپهه کي به جيستائين اس تي وائکو ڪري، لڪڻ سان سٽي نه تنببو يا مشين ۾ وجھي نه پڃائبو، تيستائين فائدو نه ڏيندي. ڳوڙها ٿي ويندي ۽ نرمي نه هوندس، نه وھاڻي/ سوڙ جي ڪم جي ۽ نه وري سٽ/ ڌاڳي جي ڪم جي رھندي.
مطلب: ۱ - مٿيون پنج شيون، ڪٽڻ سٽڻ کان سواءِ، بيڪار آھن.
۲ - گولو ۽ گڏه، ڪاغذ، مڃ ۽ ڪپاس،
تن ۾ ڪر تپاس، ته اهي پنجئي ڪٽيا ڀلا.
۳ - ڍولان، گولان، گاڏهان، ڪپڙ، مڃ، ڪپاه،
ڇهني جو گر هيڪ، ڪٽئي بنان نه ٺاه.
۴ - گولو ۽ گڏه، ڍول، ڪاغذ ۽ ڪپاس،
تن ۾ ڪر تپاس، اهي پنج ئي ڪٽيا ڀلا.
۵ - مُڃَ، مھيري، ڪپڙو؛ ڪُٽِ ته ڪولھو (نرم) ھوءِ،
جي رَءُ (ڇڙواڳ) ڇڏيئي جوءِ، ويندئي واڪا ڪندي. (سرو)
۶ - ڀيٽيو: ڍول نِه ڀول، ڪٽيا ڀلا. (۱۲) ص ۱۴۴.
212. گڏھ، لت ھڻڻ کان نه مڙندو. (پھاڪو)
گڏهه جي عادت آهي ته بيٺي بيٺي پيو اِٽون هڻندو آھي. پوءِ چاھي پويان، ڌڻي ھجيس يا ڪو ٻيو ڇو نه ھجي. ھٿين خالي ھمراھ پويان ھجيس يا لڪڻ ھڻڻ وارو. فطرتًا بيٺو اِٽون ھڻندو.
ھڪڙا فطرتًا شرارتي يا شادي بد خبر ھوندا آھن. عادتًا ويٺا ٻين جا ٺھيل ڪم بگاڙيندا آھن. حالانڪ ائين ڪرڻ سان کين ڪو فائدو به نه پھچندو آھي. ويتر خواري به ٿيندي اٿن. پر ڪنھن جي سنئين ۾ ناخوش رھندا آھن. (۳۵) ص ۲۲۷
مطلب؛ ۱ - فطرت، ڪنھن جي به ڪين مٽجي سگھندي آھي.
۲ - جبل گردد، جبلت نه گردد. (فارسي)
۳ - جبل جاءِ تان ھٽي سگھي ٿو، عادت نه.
۴ - ڀيٽيو؛ عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ، اٺ پوي ڪڻڪ ۾ ڪنٽا چڻ چڻ کاءِ.

213. گرا گونئرا نه چئجن، پيٽ-وڌيا پٽ نه چئجن. (پھاڪو)
گَرو؛ ميرو، گَرُ-ورتل، جنھن کي گرڻ جي بيماري لڳل ھجي. گونئرو؛ ڪنواٽ، ننڍو اٺ، سيکڙاٽ، الھڙ. پيٽ-وڌيو؛ پيٽي، گھڻ-کائو، نڪمو، ليلھر، ھڏ-رک، کائڻ جو چھٻر.
اٺ، ٿر اندر ٻني ٻاري لاءِ ڪم اچي. ھر ڪاھڻ، اونھن کوھن منجھان پاڻيءَ جا ورت ڇڪي ڪڍڻ ۽ ڀٽن مٿان وڏا بار ڍوئي گھر تائين پھچائڻ جا ڪم اٺ ڪري ٿو. جنھن کي گرڻ جي بيماريءَ ورتو آھي، اھو پنھنجي عذابن ۾ ڦاٿل آھي، ڌڻين جي ڪھڙي ڪم ايندو. ان جي حيثيت، سيکڙاٽ يا جڙ ڪنواٽ جھڙي به ناھي.
پٽ به ان لاءِ ڄڻبو آھي ته پيريءَ منجھ ڪم ايندو. اگر پٽ، بجاءِ مددگار ٿيڻ جي، پيٽي نڪري پوي ته ان کي پٽ نه پر پاڻ مٿان چٽي پيو سمجھبو. (۳۵) ص ۱۹۲
مطلب؛ ۱- پيٽي پٽ؛ گھر جي سونھن.
۲- نڪمو ٻار، ڀلي سڳو پٽ ھجي، ڪنھن کي به ڪين ٿو وڻي.
۳- ڀلي ڪاڻو ھجي، پر پٽ کاٽو ھجي.

214. گُر بِن ملي نه گيان، ڀاڳ بن ملي نه سجن،
تپ بن ملي نه راڄ، ٻانهن بن هٽي نه دُرجن،
پرس بن ڪيسي سينگار، مينهن بن ڀري نه سگر.
(ڍٽ، چوڻي)
گر: گرو، مرشد. بن: کان سواءِ. گيان: علم، ڄاڻ. ڀاڳ بن: ڀاڳ/ بخت کان سواءِ. تپ: تپسيا ۾ پرارٿنا، عبادت. راڄ: بادشاهي. ٻانهن بن: ٻانهن جي ٻل کان سواءِ. هٽي: هٽڻ، ٽهڻ، ٽهي ڀڄڻ. دُرجن: دشمن. پرس: مڙس. سگر: ساگر، درياھ.
۱ - دنيا جا معاملا، بنا سکڻ جي جلد سمجهه ۾ نه ايندا آهن. سکڻ لاءِ آزمودگار استاد/ رهبر وٺڻ ضروري آهي.
۲ - سڄڻ به ڀاڳ وارن کي ملندا آهن، جنهن تنهن کي نه ملندا آهي.
۳ - راڄ ڀاڳ ۽ حڪومتون/ بادشاهيون، پاڻ پچائڻ ۽ محنت ڪرڻ سان ماڻبيون آهن. سستيءَ ۽ ڪاهليءَ سان، راڄ نه ملندا آهن. نه ئي گهر ويٺي يا ورثي ۾ آيل، نيبهه ئي ٿيندا آهن.
۴ - دشمن به وسئون ڪو نه گهٽائيندو آهي. آخري موقعي تائين تاڙ ۾ رهندو آهي. ان کي مِٽائڻ لاءِ، پنهنجي ٻانهن ۾ به ٻل/ شڪتي هئڻ ضروري آهي.
۵ - عورت کي مڙس جي جيئري ته سينگار سونهي ٿو. پر مڙس جي مرڻ پڄاڻان ڪيل سينگار، سواءِ خواريءَ جي، ڪجهه به فائدو نه ڏيندو آهي.
۶ - درياه ۽ سمنڊ کي ڀرڻ لاءِ به مٿيون/ آسماني پاڻي ضروري آهي. بنا برسات جي، درياه وهي نه هلندا آهن.
مطلب: مٿي ٻڌايل صورتون، مختلف شين/ ڪارنامن لاءِ لازمي آهن. (۲) ص ۶۵.

215. گُڙي گُڙي، نيٺ ته وسندو. (پھاڪو)
موسم جا پُور، پنهنجا ھوندا آهن. ويٺي ويٺي آڙنگ ٿي ويندو. ڪڪر ٺهندا ۽ گوڙون پيا ڏيندا. کنوڻيون کيل به لايو بيٺيون هونديون. مٿئون گذري ويندا، پاڻي جي ڦنڍ نه ڪرندي. (۳۵) ص ۲۰۱
مطلب؛ ۱- مينهن جي ٺھيل مانڊاڻ مان، ڪڏھن ته ڦڙي به نه وسندي آھي.
۲- ڳالهيون ڪرڻ وارا، ڪڏهن پنهنجي ڳالهين تي بيھي نه سگھندا آهن.

216. گُگِر گِگِر، پنڊا اڙيا. (پھاڪو)
گُگِراڻ: ڀِٽن جي مٿان ۽ پاسن وارن لاهن جي اڌ کڙن، ڏورڙن ۽ مٿانهن هنڌن جي وارياسي زمين ۾ ٿئي. سندس ڊيگهه اٺ فوٽ کن ٿئي. ٿڙ ۽ ٽاريون، ڏنگيون ڦڏيون هونديون اٿس. ٽارين ۾ اڇي رنگ جا ڪَنڊا ٿيندا آهن، جي اهڙا خطرناڪ ڪو نه ٿين. ٿڙ ۽ ٽاريون، لسيون ۽ رَس سان ڀريل ٿين. چوڌاري ڇوڏي جي بدران بصر جي پردن جهڙا اڇا تَهه ٿيندا آهن. جيڪي لاهبا ته هيٺيان ساوا تهه ڏسڻ ۾ ايندا.
واهوندا ورندا ته اُن جي ٿڙ ۽ ٽارين مان رس نڪرندي آهي، جا ٻاهر گڏ ٿي ڳنڍا ڳنڍا ٿي پوندي آهي، ان کي “گُگرَ” چون. ننڍا ٻار، ڌنار، ٻڪرار، ڀيل ۽ ڪولهي ماڻهو اهو گگر چونڊي گڏ ڪري وڪڻندا آهن، جنهن مان چڱو اُپراسو ٿيندو آهي. ڪي ماڻهو گگراڻ جي ٿڙ ۽ ٽارين کي ڪهاڙيءَ سان ڌڪ هڻي وَڍ وَڍ ڪري ڇڏيندا آهن ته اتان رس نڪري ايندي آهي جا ڳنڍا ٿي پوندي آهي. پنجن- ستن ڏينهن کان پوءِ وڃي اهي ڳنڍا لاهي آڻيندا آهن. اهڙيءَ طرح سال بسال سوين مڻ گگر ٻاهر موڪليو ويندو آهي.
گگر دوا طور ۽ سيمينٽ وانگر به ڪم ايندو آهي. پاسرين يا ڇاتيءَ ۾ سُور هجي ته ڪوري اڇي ڪاغذ جون چورس چُٽِڪيون ڪتري، گگر ڳاري، انهن تي ليپ ڪري، سور واري هنڌ چنبڙائي ڇڏين ته ترت فائدو ٿيو پوي.
کونئر جنھن شيشيءَ ۾ ايندو آھي تنھن کي نه چنبڙندو آھي. جڏھن ته گگر، پيل ٿانءَ کي به چنبڙي پوندو آهي. نتيجي طور، ٿانءُ ئي سوگهو ٿي ويندو آهي.
مطلب: ۱ - جيڪو پنھنجي مفاد لاءِ، ٻئي کي چنبڙي پوي، تنھن لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.

217. گنگو؛ جھڙو گهر، تھڙو گانين ۾. (پھاڪو)
گنگوءَ نالي هڪڙو همراهه، ڍڳين جو ڌنار هيو. ننڍپڻ کان ڳانيون/ ڳئون ۽ گابا چاريندو ايندو هيو. جوان ٿيو ته به گانيون پيو چاريندو هيو. غريب هيو، جنھن ڪري شادي نه ڪري سگهيو. ڇڙو ڇانڊ هئڻ سبب، لاابالي طبيعت هيس، جنھنڪري گهر کان ٻاهر، گانين ۾ وڌيڪ مزو ايندو ھيس.
ٻاهر ڍڳن سان ته ڪا ڪچھري وغيره نه ٿيندي آهي. فقط تڙيون ۽ رڙيون ڪم اينديون آهن. ھيءُ به ساڻن رهڻ سبب، ڳالهائڻ ٻولھائڻ جا ڍنگ ۽ طور طريقا نه سکي سگهيو. جنھن سبب جھڙو ورتاءُ، مال سان جهنگ ۾ هيس، تھڙو گهر ڀاتين سان گهر منجهه هيس. يا ته صفا گگ مُڪ موڳو لڳو ويٺو هجي. اگر ڳالهائي ته هُڏيون ۽ چھڙون ويٺو ڏئي. سندس صحبت مان، نه جهنگ منجهه ڍڳين کي ڪو فيض پھچي ۽ نه وري گهر اندر گهر ڀاتين کي ڪو ساءُ اچي.
مطلب: ۱ - ماڻهن ۾ اچي ته ماڻهن جھڙو، ڍورن ۾ وڃي ته ڍورن جھڙو. سندس صحبت مان، نه ماڻهن کي آسيس ۽ نه ڍورن کي ڍؤ.
۲ - ڀيٽيو: گوريو؛ گاءِ، نڪو ٻڙڌ.

218. گنگو غريب، ڏياريءَ ري ڏينھن گِس کائي. (پھاڪو)
گِس؛ رٻ.
عيد خوشيءَ جو ڏڻ آھي. جنھن تي وھنجي سھنجي، نوان لٽا پاتا ويندا آھن ۽ کاڌو به وس آھر تمام اوچو تيار ڪري کائبو آھي. گھمڻ گھتڻ لاءِ، دل وندرائڻ لاءِ ميلا ملاکڙا وڃي ڏسبا آھن. اھي سموريون خوشيون پئسي سان خريد ڪري سگھجن ٿيون. غربت ۽ سڃائيءَ تي حاصل ڪين ٿيون ٿين. گنگوءَ جھڙو غريب ماڻھو، ان ڏينھن به ساڳي رٻ رڌيو پيو کائيندو آھي. (۳۵) ص ۲۶۷
مطلب؛ ۱ - خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري. (شاھ)
۲ - اڄ عيد، سڀان غيد، پرينھن پيالا پشيءَ جا.
۳ - خوشي، دائمي ۽ مفت ۾ حاصل ڪين ٿي ٿئي.

219. گوارٽيءَ-ڌڻي، کير-ڌڻي. (چوڻي)
گوارٽي: گوار جو چارو، گوار جو گاھ، ڏريل گوار، گوار جي ٻوٽي مان گوار جون ڦريون پٽڻ بعد بچيل ٻوٽي کي گوارٽي سڏبو آھي.
گوار/گوارٽيءَ جو گاھ، سڻڀو ۽ طاقت بخش آھي. جڏھن مال کائي ته منجھس کير جام ٿئي. مال ۾ کير جو جام ٿيڻ، مالوند ماڻھوءَ لاءِ سکيو ستابو ھئڻ جي نشاني ۽ خوشخبري آھي.
مطلب: ۱ - جنھن وٽ گوارٽي آهي، ان جي چوپائي مال ۾ کير جام هوندو.
۲ - اسباب/ وسيلا هٿ ڪرڻ وارن کي، مالي فائدا پھچن ٿا.

220. گوار جو فصل، پاڇاٽو ڀلو. (زرعي، چوڻي)
گوار، مارو ماڻهو رڌي به کائين پر اصل ۾ آهي ٻڪرين ۽ اٺن جو کاڌو. ان سان منجهن کير مکڻ جام ٿئي ۽ پاڻ به طاقت وارا ٿين. گرميءَ منجهه ٿيندڙ هن فصل کي، آڳاٽا پاڻي اٿڻ نه ڏين. پوءِ وارن سوڪھڙن تي ماچ ڪري اٿي ۽ فصل جام لهيس.
مطلب: ۱ - پوئينءَ برسات مان، گوار جي فصل کي زبردست فائدو پوندو آهي.

221. گوريو؛ گاءِ، نڪو ٻڙد. (پهاڪو)
گوريو نالي هڪڙو ٿريو هيو، جيڪو ڳوٺ جي هر معاملي ۾، زالن سان به ٻٽ ته مردن سان به سنمک هوندو هيو. جنهنجي ڪري زالون کيس پنهنجي پاسي ته مرد پنهنجي پاسي سمجهندا هئا.
هڪ دفعي عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ بحث ڇِڙي پيو ۽ شرطون پڄايائون. هر ڌر جو چوڻ هيو ته؛ ”گوريو، اسان جو آهي“.
بحث نبري ته ڪيئن؟ فيصلو ڇڏيائون گوريي تي. کيس چيائون؛ ”ٻڌاءِ ته ڪنهن سان آهين؟ مردن سان ڪن ماين سان؟!“
گوريي کي انهيءَ سوال ھڻي منجهائي وڌو. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”عورتن سان شامل هئڻ جي دعويٰ ڪندس ته مرد ڦري ويندا. مردن سان شامل ٿيندس ته عورتون رسي وينديون.“
وڏيءَ سوچ ويچار کان پوءِ، ٻڙڪ ٻاڦيائين؛ ”گوريو، گاءِ نڪو ٻڙد.“
مطلب: ۱ - گوريو؛ نه ڳئن ۾، نه ڏاندن ۾.
۲ - وچ-ڪٽيو ماڻهو، ڪنهن جو به ناهي.
۳ - جيڪو هر ڪنهن سان آهي، سو ڪنهن سان به نه آهي.
۴ - ماديءَ-پڇيي ماڻھوءَ مان؛ نه دشمن کي ڀؤ، نه سڄڻ کي آسرو.
۵ - ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.
۶ - ڀيٽيو؛ گنگو، جھڙو گھر، تھڙو گاين ۾. (۶)

222. گولاڙو، بول کان پچي. (چوڻي/ پهاڪو)
گولاڙي جي ول، وسڪاري ۾ سڀني ولين کان سرخرو نظر ايندي آهي. ڪو به ڪنڀٽ، ڪنڊو، ڪرڙ يا ڄار اهڙو نه هوندو، جنهن تي هيءَ ول جلوه افروز نه هجي. منجهس ڳاڙهي رنگ جو هڪ گول ميوو پيدا ٿيندو آهي، جنهن کي گولاڙو سڏبو آهي.
برسات ۾ گولاڙي جا گدام لڳيو وڃن. پر ماڻهن کي نصيب ورلي ٿين. ان جو سبب اهو آهي جو وسڪاري جي نعمتن جا، نه رڳو ماڻهو سڪايل هوندا آهن، بلڪ ٿر جا پکي پکڻ پڻ سڄو سال آسروند هوندا آهن. اهي پنهنجو دسترخوان انهن گولاڙن تي ڪندا آهن.
گولاڙا ڪچا ئي کائبا آهن. کائڻ ۾ سوادي ۽ قوت بخش آهن. گولاڙي جي ول جو گاه، کائڻ سان ٻڪري کير وڌائي ٿي ۽ اٺ ٿوهو ڪڍي ٿو.
ٻيا سڀ ميوا منهن وٽان پچڻ شروع ڪندا آهن، مگر گولاڙو بول کان پچندو آهي. تنهن ڪري بلبليون ۽ ٻيا پرندا، کيس سڄو پچڻ جي مهلت ئي نه ڏين.
جيئن پچندو ويندو، تيئن کائيندا ويندس، تان جو ولين جي ڏانڊين ۾ نشانيءَ طور وڃي کَلَ-ذرو لڙڪيل نظر ايندو آهي.
مطلب: ۱ - گولاڙي کائڻ جي، سندس ابتي پچڻ سبب، ٿري فقط حسرت ئي ڪري سگهندا آهن.
۲ - گولاڙو، ڳئيان/ پويان پچي.
۳ - گولاڙو/ گولو/ ٻانهو، پيٽ سان سوچيندو ۽ ڳالهائيندو آهي.
۴ - گولو/ غلام/ نوڪر، دوستن جي ڀيٽ ۾ هلڪڙو/ ٽرڙو ٿيندو آهي. (۹) ص ۷۵.

223. گونث ري پِٽِ نان، پٿوري ري دعا ڪي ڪرسي. (پهاڪو)
هڪڙو مينگهوار، غوث بهاؤالحق جي پانڌيئرن سان گڏجي، ملتان روانو ٿيو. سفر جي تڪليفن کان تنگ ٿي اڌ مان ڀڄي آيو. ڳوٺ پهتو ته سخت بيمار ٿي پيو. سندس اها حالت ڏسي هر ڪنهن چيو؛ ”اڌ مان موٽي اچڻ ڪري، غوث جي پِٽ لڳي اٿس.“
هڪڙو گرڙو مهراج به ڳوٺ ۾ اچي نڪتو. جنهن مينگهواڙ جي بري حالت ڏسي مشورو ڏنو؛ ”هن کي پٿوري تي وٺي وڃو ۽ اتان دعا ڪرائي اچوس ته ٺيڪ ٿي ويندو.“
”گونث ري پِٽَ نان. پٿوري ري دعا ڪي ڪرسي.“ اتي ويٺلن مان هڪ چيو؛ ”غوث جي پِٽَ کي پٿوري جي دعا ڇا ڪندي؟“
مطلب: ۱ - وڏن جي آڏو، ننڍن جي ڪين هلندي.
۳ - وڏن آڏو، ننڍن کي ادب سان ھلڻ گهرجي. (۶) ص ۱۲۵.

224. گونگا چاوا هتا، بيري کڻتي الگهان چڙهي گيا. (چوڻي)
گونگا: ذات جو نالو. چاوا: پڌرا. هِتا: هُئا. بيري: کوه، واه. کڻتي: کڻندي.
الگهان: مٿي.
کوھ کوٽڻ سان، ماڻهو زمين کان هيٺ به لهندو ويندو آهي، جڏهن ته گونگا ذات وارا، کوهن کوٽڻ واري محنت سبب ڪمائي، ترقي ڪري زمين تي ٺهيل جهوپڙين مان نڪري، مٿي چڙهي ويا ۽ جاين جڳهين جا مالڪ ٿي ويا.
مطلب ۱ - محنت ڪرڻ وارو ترقي ڪري ٿو ۽ هيٺان کان مٿي چڙهي وڃي ٿو.
۲ - محنت جو ڦل، ڏاڍو مٺو آهي.
۳ - محنت، چور جي به زيان نه ٿي ٿئي. (۱۶)

225. گونگن جي ٻولي، گونگا ڄاڻن. (بيراجي، پھاڪو)
گونگو، زبان سان ڳالهائي نه سگهندو آهي. ان جا ٻه سبب آھن؛ زبان جو بند ھئڻ يا ڪنن کان نه ٻڌڻ. جڏهن ڪنھن ماڻهوءَ، ٻين جي واتان ڪو به لفظ اچاريندي، پنھنجي ڪنن سان ٻڌو ئي ناهي، پوءِ اهو پنھنجي زبان سان اھي اکر اچاري به نه سگهندو. جڏھن اکر نه اچاريندي ٻڌائين ۽ نه زبان سان ادا ڪيائين ته پوءِ کيس لفظن جي ادائگي ۽ مفھوم سمجهڻ جو ادراڪ ئي نه هوندو.
گونگي وٽ، پنجن حواسن مان باقي ٽي حواس بچن ٿا، جن جي ذريعي کيس پنھنجي ڪيفيت ۽ ضرورت، ٻين آڏو بيان ڪرڻي آهي. سندس ٻولي به اهي سمجهندا، جن جا ٻه حواس پڻ بند هجن.
اهو ائين آهي، جيئن هڪ هٿ-ڦاڙ ماڻهوءَ کي، کپائڻ خرچڻ لاءِ گهڻا ذريعا هجن. اوچتو سندس اڌ ذريعا بند ڪري، پوءِ چئجيس؛ ”هاڻي ساڳيو خرچ ڪري ڏيکار.“ ته اهو ماڻهو منجهي پوندو. تيئن مڪمل حواسن وارو، کٽل حواسن واري سان اظھار وقت، منجهي پوندو. سندس ڳالهه جي مفھوم کي پنھنجي دماغ سان سمجهي ئي نه سگهندو.
مطلب: ۱ - جيسي، جيسيءَ جي ٻولي سمجهندو.
۲ - ٻار، ٻار جي ٻولي سمجهندو.
۳ - جاهل جي ٻولي، جاهل ئي سمجهندو.
۴ - ڀيٽيو: ڪاٿي راجا ڀوڄ، ڪاٿي گنگو تيلي.

226. گوھ نا کٽي کڻي، ڀيلان را گهر جُوئي. (پهاڪو)
گوهه: ڳوھ. ڀيلان را: ڀيلن جا، مينگهواڙن جا. جُوئي: ڳولهي، لهي.
ڀيلن جون ڪي نکون يا پاڙا جهڙوڪ هاڏيري، شڪاري، جوڳي ۽ سامي وغيره ڳوهون پڪڙي کائيندا آهن. ڀيلن جون سموريون نکون ۽ پاڙا هن وقت ڳوهون جهلي نه ٿا کائين. ٿي سگهي ٿو آڳاٽي دؤر ۾ جهلي کائيندا هجن. ڇو جو جهالت واري دؤر ۾ عربن جا خانه بدوش قبيلا پڻ ڳوهون پڪڙي کائيندا هيا.
اڪثر اها ڪهاوت، شڪارين لاءِ استعمال ۾ ايندي آهي. جيئن ته شڪاري ڀيلن جو پاڙو آهي، تنهنڪري چوڻي ڀيلن سان منسوب ٿي وئي آهي. هونئن به وٽو هڪڙو کڻندو آهي، واٽ مڙني جي وڃائيندو آهي. تنهنڪري اگر ڳوهون شڪاري پاڙو پڪڙي کائي، تڏھن به بدنام پوري ڀيل قوم ٿيندي. اڃا به وڌي، مڙيئي خانه بدوش قومون بدنام ٿينديون.
مطلب: ۱ - جڏهن موت ايندو آهي ته بهانو به جڙي پوندو آهي.
۲ - ڳوھ کي کٽي کڻي، تڏهن نهاري ڀيلن جا گهر.
۳ - ڳوھ کي کٽي کڻي، ڳولي شڪارين/ ڍيدن جا گهر.
۴ - گدڙ کي کٽي کڻي، شهر ڏانهن منهن ڪري.
۵ - اجل کي، اجمل ڇا ڪندو؟
۶- اجل اچي، اجمل پاڳل ٿي پوي.
۷ - جڏهن موت ايندو آهي، حڪيم به پاڳل ٿي پوندو آهي. (۶) ص ۷۲.

227. گيان وڌي گڻوان ڪي سنگت،
ڌيان وڌي تپ سنگ ڪينو،
موھ وڌي پروار ڪي سنگت،
لوڀ وڌي ڌن ۾ چت ڏينو،
ڪروڌ وڌي نرمونڍ ڪي سنگت،
ڪام وڌي تريئا سنگ ڪينو،
ٻڌي، وويڪ، ويچار، وڌي ڌيان،
سڄڻ سين ست سنگ ڪينو. (چوڻي)
گيان؛ سمجهه. گڻوان: اوچو اخلاق. ڌيان: خيال. تپ-سنگ: تپسيا ڪندڙ.
ڪينو: صحبت ۾. موھ: دنيا جي لالچ. پروار ڪي سنگت: ڪٽنب جو چاهه.
ڪروڌ: شيطان. نرمونڍ: بيوقوف. ڪام: شيطاني خواهش. تريئا: پرائي زال. ٻُڌي: سمجهه. وويڪ: خيال، ضمير. ويچار: آدرش.
۱ - سٺن اخلاقن واري سان سنگت يا واسطو رکڻ سان، ماڻھوءَ جي سمجھ ۽ سوچ به پروان چڙھندي آھي.
۲ - درويش ۽ اللھ لوڪ، دنيا ڏانھن مور نه تڪيندا آھن. سندن صحبت ۾ رھڻ سان خيال اوچا ٿيندا آھن.
۳ - اولاد جي ڇڪ يا محبت سان، ماڻھو دنيا ڏانھن مائل ٿئي ٿو ۽ دل ۾ دنيا جي لالچ وڌيس ٿي.
۴ - مال ملڪيت کي اھميت ۽ ڌيان ڏيڻ واري جو منھن، سڄو ڏينھن ميڙيءَ ۾ ھوندو آھي، جنھن سبب ھو لالچي ٿي پوندو آھي.
۵ - بيوقوف ماڻھوءَ سان سنگت نه رکجي. ساڻس سنگت رکڻ وارو، سارو ڏينھن شيطان وارا خيال، اندر ۾ پاليندو وتندو آھي.
۶ - پرائي زال کي تڪڻ چڱو ڪم ناھي. ائين تڪڻ سان، ماڻھو بي حياءُ ٿي ويندو ۽ سندس شيطاني خواهشن کي تقويت پئي ملندي.
۷ - سچي سائينءَ يا خالق ڏي ڌيان ڪرڻ سان، سمجهه ۽ ضمير، آدرش ۽ ڌيان وغيره وڌن ٿا. جنھن سان ماڻھو ءَ جي شخصيت ۾ نکار اچي ٿو.
مطلب: ۱ - صحبت، سوچ ۽ سنگت ھميشھ سٺي رکجي ۽ واسطا ھميشہ سٺن ماڻھن سان رکجن.

228. گينگو؛ ٿر جو ڀنگي. (چوڻي)
گينگو، ڪاري رنگ جو، ٽنڊڻ جهڙو ھڪ جيت ٿئي ٿو. ٽنڊڻ اڏامي نه سگهندو آھي، جڏھن ته گينگو اڏامندو آهي. کيس سنڌ ۾ گونهر پڻ سڏيو ويندو آهي. تيز ۽ بنا بريڪ، اڏامندو آهي. اهڙو زم سان اڏامندو آهي، جهڙي بندوق جي گولي. جنهن کي لڳي ته ٺڪاءُ ٿي وڃيس.
ڪو به ماڻهو پاخانو ڪري يا جانور لڏ يا بوسو لاهي ته گينگا ازغيبي اچي نازل ٿيندا آهن. گندگيءَ کي مٿو ڏيئي ذرو ذرو ڪري، اهڙيءَ طرح گهليندا آهن، جهڙيءَ طرح ٻه مزور گڏجي ڪا ڪپهه جي ڳٺڙي ٺيلهيندا ويندا آهن. چار-پنج گينگا اچي ڀيڙا ٿيا ته چند منٽن ۾ گندگيءَ جو نشان ئي ڪو نه هوندو.
مطلب: گينگو، ٿر جي مڪروھ شيءِ آهي. (۹) ص ۱۶۳.