لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ب

81. باتان ريجهئي باڻيو، راگان سُون راجپوت،
بامڻ ريجهئي لاڏوان، باڪل ريجهئي ڀوت. (چوڻي)
باتان: ڳالهين سان، دليل دلائل سان. ريجهئي: رِيڌو رهي، راضي ٿي وڃي.
راگان سُون: راڳن مان، راڳ رنگ سان. بامڻ: برهمڻ، مذھبي پيشوا.
لاڏوان: لڏو کائڻ، مال مليدا کائڻ، مفت جو مال تڪڻ.
باڪل: ڀويو، ڀوپو، جن ڀوت ڪڍندڙ، جنائي.
۱ - واڻيو يا واپاري، گهڻيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ڪرڻ کي پنهنجي واپار جو لازم حصو پيو ڄاڻندو آهي. ٻين جي ڳالهين کي، پنهنجي علم ۾ واڌارو ۽ پنهنجي ڳالهين کي ٻين جو توجهه ڇڪائي مال کڻائڻ لاءِ هٿيار پيو سمجهندو آهي. تنهن ڪري کيس، ڳالهين ۾ راحت ايندي آهي.
۲ - راجپوت يعني راجا جي پٽ يا اولاد کي، ڪرڻ لاءِ ڪم جي ضرورت گهٽ رهي ٿي. وٽس ڪم ڪار لاءِ، نوڪرن چاڪرن جي لانڍ لڳل هوندي آهي. وندر لاءِ کيس شيل شڪار کپي. موسم شيل شڪار جي نه هجي ته پوءِ کيس وندرائڻ لاءِ راڳ روپ کپي ته سندس من منجهس رِيڌو رهي.
۳ - ٻانڀڻ يا برهمڻ کي پرارٿنا کان سواءِ ڪم آهي ئي ڪو نه. دنياداريءَ جو ڏيڻ وٺڻ به کيس ڪجهه ڪونهي. کيس دنيا ۾ کائڻ پيئڻ کان سواءِ، باقي ڪم آهي ئي گهٽ. کاڌا ۽ طعام به وٽس رکئي رکئي پيا پاروٿا ٿيندا آھن. انھن جي به وٽس ڪمي ڪا نه ھوندي آھي. البته نوان نوان طعام تڪڻ لاءِ دل پئي واجھ وجھندي اٿس. جنهن ڪري کيس نئين قسم جي کاڌي پيتي تي ئي ريجهائي راضي ڪري سگهجي ٿو.
۴ - ڀوپا يا ڀويا وري، جن ڀوت ڪڍڻ ۾ خوش ٿيندا آهن. ان سان ماڻهن جي، وٽن اچ وڃ ٿيندي آهي. عزت به وڌندي اٿن ۽ روزگار به کلندو اٿن.
مطلب: ۱ - هر ڪو چاهت واري شيءِ ملڻ تي راضي ٿئي ٿو. (۱) ص ۳۵۳.

82. بادشاهه ديوانو نه ٿئي، هاٿيءَ ٿئي نه هار،
ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار،
مرد ويري ننڊ، عورت ويري سينگار،
لاٻڙ-پونڇو ٻڙڌيو، نَکَ اگھاڙي نار،
سڃو هاري سکڻو، کوهي کارو نار،
ڪميڻو ڪچهريءَ ۾، گانڊو ڏيندو گار،
پَڇَ-ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي هجي تجار،
اهي هجن ستار، ته به ٻارهن ئي ٻن پيا. (چوڻي)
لاٻڙ-پونڇو؛ ڊگھي پڇ وارو. تجار: تاجر، تجاور، واپاري، امير. پَڇَ ڍائو: پوءِ ڍائو، نئين مان امير ٿيل، جنھن کي مال ملڪيت ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ نه ملي ھجي، نو-دولتيو.
۱ - چريو بادشاهه، اجايا حڪم ڪري، رعايا تي ظلم ڪندو.
۲ - لڙائيءَ جي ميدان ۾، لشڪر کي هار ٿي ته پنهنجا هاٿي ئي موٽ واري ڀاڄڙ ۾، لتاڙي کين ماريندا.
۳ - ڪلر، چڱي ڀلي ڪوٽ کي، ناس ڪري ڇڏيندو.
۴ - مهاڻي جو اڇليل ڄار، مڇيءَ لاءِ موت آهي.
۵ - ننڊ، مرد لاءِ نقصانڪار آهي. ستو ته عورت به پرائي ٿي ويندس.
۶ - عورت، سينگار ڪري ٻاهر نڪتي ته، نظرن جو کاڄ ٿي ويندي.
۷ - ڊگهي پڇ وارو ڍڳو به، کوٽو يا ٽهندڙ ھئڻ سبب، ڪنهن ڪم جو ناهي.
۸ - هٿ پير اگهاڙا ڪري، پردي کان ٻاهر، پاڻُ ڏيکاريندڙ عورت، سلڇڻي ناهي.
۹ - هاري اهو ڀلو، جنهن جي ٻنيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي تنھن مان پاڻ به کائي ۽ سنگت کي به ڏئي.
۱۰ - کوهه جا نار کارا هوندا ته منجهانئس ڪير به پاڻي نه پيئندو ۽ آخر پورجي ويندو.
۱۱ - ڪميڻو ماڻهو، ڪچهريءَ ۾ ويهارڻ جي لائق ناهي.
۱۲ - پوءِ ڍائو يا پڇ ڍائو يا نودلتيو ماڻهو، حريص ۽ لالچي هوندو آهي. کيس ڪنهن تي به، لالچ سبب، رحم نه ايندو آهي. ايندڙ دولت مان، رپيو ڏيڻ به پنهنجو نقصان پيو ڀانئيندو آهي.
مطلب: مٿي ٻڌايل ٻارنهن ئي، ڪنهن به ڪم جا ناهن. (۱۲) ص ۱۵۲.

83. باکاڻي کچڙي، ڏانتي وڙڳائي. (پهاڪو)
باکاڻي: واکاڻيل، تعريف ٿيل، تشهير ٿيل. کچڙي: کچڻي، نرم دال، ڀت.
ڏانتي وڙڳائي: ڏندن چٻاڙي، ڏندن ڳڙڪائي.
جنهن شيءِ جي گهڻي واهه واهه ۽ تشهير ٿيندي آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا ماڻهو سڌون ڪندا آهن. جنهن جا چاهيندڙ گهڻا هوندا آهن، ان تي آزمائشون به گهڻيون اينديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن به طنبيلي ۾ بيٺل گهوڙن جي گهڻي تعريف ٿئي ٿي يا ڏاندن جي جوڳ جي هنڌين ماڳين هاڪ ٿي پهچي ته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا واپاري، خرزينون پئسن جون ڀري، اچي ٿا ميدان ۾ لهن. ان کان اڳي انهيءَ گهوڙي يا ڏاند کي، چور چڪار به تاڙين ٿا. ائين گهوڙا ۽ ڏاند ٻوهي ۾ اچن ٿا. اهڙيءَ طرح اگر ڪنهن عورت جي سونهن ۽ سوڀيا، حسن ۽ رعنائي جي واکاڻ ٿي ٿئي ته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ به گهڻا ئي واجهه وجهن ٿا. ڪو ڪيڏانهن ٻانهن ٿو ڇڪي ته ڪو ڪيڏانهن!
مارڪيٽ ۾ آيل نئين شيءِ جي اگر تشهير ۽ ايڊروٽائيزمينٽ ٿي ٿئي ته اها به هٿوهٿ کپيو وڃي، بها به ٻيڻي ٽيڻي ٿيو وڃيس. اهڙيءَ طرح جنهن کاڌي ۽ کچڻيءَ جي گهڻي تعريف ٿي ٿئي، تنهن کي ڏندن ۾ چٻاڙڻ لاءِ، گهڻا ئي وات گگون ڳاڙيندا رھن ٿا.
مطلب: ۱ - واکاڻيل کچڻي، ڏندن ڳڙڪائي.
۲ - تعريف جوڳو کاڌو، جلد کاچي ختم ٿيو وڃي.
۳ - واکاڻيل شيءِ، جلد وڪامي.
۴ - شيءِ جو اگهه چاڙهڻ لاءِ، دلال وڏي تعريف ڪندا آهن.
۵ - واکاڻيل ڍور، چورن جي ور چڙهن.
۶ - واکاڻيل عورتون، مردن جي نگاهه ۾ اچن.
۷ - ڀيٽيو؛ وکاڻيو ري کچڙي، ڏانتي پڙءِ. (۶) ص ۸۹.

84. بامڻ سي بامڻ مليو، پوربلا جنم سنسڪار،
ديڻ ليڻ لئه ڪڇ نهين، نمسڪار هي نمسڪار. (چوڻي)
بامڻ: ٻانڀڻ، برهمڻ. پوربلا: گھڻي وقت کان پوءِ. جنم: ڄاول. سنسڪار: سنگت.
ٻانڀڻ يا برهمڻ، عام ماڻهن ۾ اوچي ذات هئڻ سبب، فقط ٻين ماڻهن مان تحفا تحائف هٿ ڪرڻ جي هوس ۽ جدوجهد ۾، ٻين کي ڏيڻ جي پاڻ ۾ عادت ئي نه ڌاريندا آهن. رڳو آئي وئي جي هٿن ڏانهن پيا تڪيندا آهن.
پهرين ڳالهه ته ٻانڀڻ پاڻ ۾ گهٽ ملندا آهن. پاڻ ۾ هم پيشه هئڻ سبب، هڪڙو ٻئي کي پاڻ کان گهٽ پيو ڄاڻندو آهي. عام ماڻهن کان مليل مفت جي مال ۾، خواھ مخواهه جو ڀائيوار تصور پيو ڪندو اٿس. تنهنڪري پاڻ ۾ گهٽ ملندا آهن.
جڏهن اتفاق سان ملي پوندا آهن ته ٺلهي خوشامد ۽ کيڪر اهڙي ڪندا، ڄڻ جنمن جا وڇڙيل يار هجن. جيئن ته کين تحفي تحائف ڏيڻ جي عادت ئي ڪانهي، تنهنڪري هڪ ٻئي کي ڏيندا به ڪجهه ناهن. جڏهن هڪ ٻئي کي ڏيندا ناهن ته نتيجي ۾، هڪ ٻئي کان، پاڻ کي ملندو به ڪجهه نه اٿن. وقت ڪاٽڻ لاءِ رڳو هڪ ٻئي آڏو پيا جهڪندا، خوشامد ڪندا ۽ نمسڪار ئي نمسڪار ڪندا آهن.
مطلب: ۱ - سڃا آيا سڃن ڏي، کنيو سکڻا سلام.
۲ - ٻانڀڻ کي ٻانڀڻ مليو، پورب جنم جو سنسڪار،
دئڻ لئڻ ڪڇ نهين، نمسڪار هي نمسڪار.
۳ - سڃو گڏيو ڀينگئي سان، چي؛ ”ادا عيد مبارڪ!“ (۱) ص ۳۵۴.

85. بامڻ، نائي، ڪُوڪرا، جات ديک گُرلايه. (راجسٿان، پهاڪو)
گرلايه: گرڻ، ڏند، شيڪڻ.
۱ - بامڻ/ ٻانڀڻ کي، ٻين کان فقط مال وٺڻو آهي. ڏيڻو ناهي. ٻيو برهمڻ يا ٻانڀڻ، جڏهن ملندس، اهو پڻ وٺڻ وارو آهي، ڏيندس ڪجهه ڪو نه. ٻئي هڪجهڙا ۽ جيسي آهن. هڪ ٻئي کي پاڻ جهڙو سمجهي، يا هجائتا ٿيندا يا هڪ ٻئي کي زير ڪرڻ لاءِ ٽوڪ-زني ڪندا. برابري ته ڪنهن کان به هضم نه ٿيندي آهي. هيءُ ڪيئن برداشت ڪن. برداشت ڪرڻ سان، مفت جي مال جا دروازا ٿا بند ٿين، تنهنڪري هڪ ٻئي تي پيا گرندا آهن.
۲ - نائي يا حجم به، قئنچيءَ سان گڏ، زبان جو کٽيو کائيندو آهي. ٻهراڙيءَ جو حجم، سنوارت ٺاهڻ سان گڏ مٿي جا وار به لاهي، ڀت به رڌي ته طهر به ڪري. انهن ڪمن تي کيس چڱو خاصو معاوضو ۽ مفت جو ڀت مليو وڃي. تنهن سان جيڪڏهن ڪو ٻيو حجم يا نائي راهه ويندي ملندو ته کانئس برداشت نه ٿيندو. هُج ۾ يا هوس ۾، مٿس چٿر يا ڊونگل ضرور اڇليندو.
۳ - ڪُتو به مفت جي مال يا غلاظت جي ڍير تي والار ڪري ويهندو آهي. ٻئي کي برداشت نه ڪندو آهي. چوندو آهي؛ ”فقط مان ئي هجان!“ ٻيو ڪتو کيس ڍير تي ويٺل ڏسي، مفت جي مال مان حصو ڇڪڻ لاءِ، ڏندي ضرور ڏئي. يا ڦڙ ڦڙ ڪري، ڍونڍ جي ڍير تي گند ضرور ڪن. ائين به مشھور آھي ته ھڪ ڪتو گوشت جو ٽڪر وات ۾ کنيو پئي ويو جو پاڻيءَ مٿان لنگھڻ وقت، پنھنجي عڪس کي ٻيو ڪتو سمجھي، وات وارو جھليل گوشت ٽڪر ڇڏي، عڪس واري کان ڦرڻ جي ڪوشش ۾ اھو به وڃايائين.
مطلب: ۱ - برهمڻ، حجم ۽ ڪتو، پنهنجي ذات وارن سان ملن ته ڏند-ڇيڪ ضرور ڪن. هڪ-ٻئي تي ٺٺول ۽ ڌنڪ ڪرڻ کان، وڌي پاڻ ۾ وڙهن ضرور. (۱)

86. بامڻ ني ساٺ برس تائين سُڌ آوي ڪونيا،
اَر پاڇي جا مري. (راجسٿان، چوڻي)
سُڌ: عقل. پاڇي: پيڇي، پڇاڙيءَ، پوءِ.
آڳاٽي وقت کان ئي ڀارت جي سماجي سرشتي ۾ براهمڻ ذات جو درجو اوچو رهيو آهي. ڇو ته هو علم جا ڌڻي (ڄاڻو) هيا. وقت گذرندي، جيئن جيئن سماج جي سوچ-ويچار، رهڻي ڪرڻيءَ ۾ ڦيرو ايندو ويو، تيئن تيئن ذات پات بابت ويساهه ۽ مڃتائن ۾ تبديلي ايندي وئي. آڳاٽي زماني ۾ جيڪا مڃتا ۽ عزت، براهمڻ ذات کي حاصل هئي، اوتري اڄڪلهه ڪانهي. ايتري قدر جو مٿن طنز جا تير به اڇلايا ويندا آهن. کين بي عقل به سڏيو ويندو آهي.
مطلب: ۱ - برهمڻ کي، سٺ سال عمر تائين عقل ڪو نه اچي، آخر موت اچيس.
۲ - ڀيٽيو: ٻانڀڻ ري مت ٿوري، گئو بيچ ڪي ليني گهوڙي،
گهوڙي کائي گهاس، ٻانڀڻ رو جائي ساس. (۱۳)

87. باڻيا بيس، تو ئي هيکلا. (پهاڪو)
باڻيا: واڻيا، واپاري، دڪاندار. بيس: ويهه. هيکلا: اڪيلا.
واڻيو/ دڪاندار، فطرتي طور تي ڊڄڻو ۽ چالاڪ ٿيندو آهي. هاٿاپائيءَ سان ڪين وڙهندو آهي. وکر کپائڻ وقت به، منهن ۾ گهنج/ گھنڊ/ سونڊ نه وجهندو آهي. ڇو جو کيس خبر آهي؛ ’وکر نه وڪامندو آهي پر واڻيو وڪامندو آهي‘ يا ’ڳڙ نه هجي ته گراهڪ سان ڳڙ جهڙي ڳالهه ضرور ڪجي.‘
انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو راهه ويندڙ واڻين کي، وکر سميت لٽيندو ته به پاڻ ۾ ٻڌي ڪري وڙهي نه سگهندا. البته پاڻ ڦرائي اچي گهر نڪرندا.
هڪڙي دفعي سؤ واڻيا وکر کڻي، ٿر مان سفر تي روانا ٿيا. واٽ تي هڪڙي چور کانئن لٺ جي زور تي، مال ڦري ورتو. ڦرڻ پڄاڻان، باٺا ڀيڙي ڀڄائي ڪڍيائين.
واڻيا جڏهن وسنديءَ ۾ پهتا ته ماڻهن سان حال احوال ڪيائون. انهن کين ٽوڪيو. ”اسان ڇا تي وڙھون. سامان جي ڪيون يا ھٿيارن جي ڪيون. پاڻ سنڀاليون يا ساٿين کي بچائڻ جي ڪيون.“ جواب ۾ دليل ڏئي چوڻ لڳا؛ ”ھوڏانھن ڪاڪو ۽ لٺ سا به ڏانگ، ھيڏانھن ويھ واڻيا سي به ھيکلا.“
مطلب: ۱ - ويھ واڻيا ته به ھيکل-وسلا.
۲ - واڻيا ويھ ته به اڪيلا.
۳ - اهڙو ڊڄڻو، جهڙو واڻيو. (ورجيس)
۴ - واڻيو آ اٽي جو ڏيئو، اندر کائنس ڪوئا، ٻاهر کائنس ڪانءَ. (هندي)
۵ - ڀيٽيو: چار چور چوراسي واڻيا، ھڪ ھڪ ايڪويھ تاڻيا. (۶) ص ۸۸.

88. بُٺي رين کبران، پانڌيئڙو ڏيسين. (چوڻي)
بُٺي: وُٺي، وسندڙ مينهن. کبران؛ خبران، خبرون. پانڌيئڙو: واٽهڙو، پيرين پنڌ، پيادا. ڏيسين: ڏيندا.
ٿر ۾ برسات جام پوندي آهي. سڪل واري ۽ ڀٽون، جلد ان کي چوهي وٺنديون آهن. ٿر جي واريءَ تي ڪيتري به برسات پوي، وسي بند ٿيڻ کان پوءِ، ان جو اندازو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. هڪڙو ماڻهو پنهنجي ڀونگيءَ ۾لڪل هجي ۽ مٿان برسات پوي. برسات جي بند ٿيڻ پڄاڻان، جيستائين ڀونگيءَ مان ٻاهر نڪري، تيستائين مينهن جو پاڻي واريءَ ۾ گم ٿي چڪو هوندو. تنهنڪري کيس برسات جي زور جي خبر گهٽ پوندي. ان جي برعڪس، ٻاھر بيٺل يا واٽهڙوءَ کي، راهه ۾ جيڪڏهن برسات ورايو هوندو ته برسات جي اصل زور جي ان کي خبر هوندي. اهو برسات بابت جيڪا ڳالهه ڪري سا وزنائتي هوندي.
هيءَ چوڻي خاص طور تي ان دور سان تعلق رکي ٿي، جڏهن موسميات کاتي جون رپورٽون، ريڊئي ۽ ٽي ويءَ ذريعي گهر گهر ۾ عام نه پهچنديون هيون.
مطلب: ۱ - معاملي جي ڄاڻ، ان کي پوندي جيڪو منجهس گهڙي پيو ھوندو. جيڪو معاملي کان ٻاھر آھي، ان کي گھٽ خبر پوندي.
۲ - ٻاهر بيٺل يا ڏاسوءَ کي، کيڏندڙ کان خبر وڌيڪ پوندي آھي.
۳ - وٺي جون وايون/ واڌايون، واٽهڙو ڏيندا. (ساھتي)
۴ - اٺي را واٽاڙو، ڏس ڏيسين. (۳۶)
۵ - اٺي جون خبرون، پانڌي ڏيندا. (۱۵)

89. بڊو؛ آهي روپ جو مھينو. (چوڻي)
بڊو؛ ھندي مھيني جو نالو جيڪو سيپٽمبر ڌاري اچي.
بڊي واري مھيني ۾، ڪڪر ڏينھن جو ٿوري ٿوري وقت بعد، نوان نوان رنگ ۽ روپ ڪندا رهندا آهن. انھيءَ سببان، بڊي جي مھيني لاءِ ائين چيو ويندو آھي.
مطلب: ۱ - بڊي ۾ ڪڪرن جا روپ ڏسڻ وٽان ھوندا آھن.

90. بڊو؛ اکين ڪڍو. (چوڻي)
بڊي جي مھيني ۾، جولاءِ ڌاران پيل برسات تي ٿيل فصل، لاباري تي پھچڻ وارا ھوندا آھن. ماڻھن ۾ اڻھوند ۽ اڳيان ايندڙ لاباري جي محنت سبب اڻتڻ واري حالت ھوندي آھي. ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ضروري سمجھندا آھن. پر پنھنجو ليکو کين ماري وجھندو آھي. ان ڪري ان مھيني ۾ ھر ڪنھن منجھان اھي سڃاڻ واريون اکيون ڄڻ نڪري وينديو آھن. (۳۵) ص ۲۰۲
مطلب: ۱ - غرض، گھڻن کي انڌو ڪري ڇڏيندي آھي.

91. بڊي جا ڪانگ به ڇتا. (چوڻي)
بڊو؛ جون جولاءِ ڌاري ايندڙ وڪرمي سنبت جو مھينو. ان دوران ڪانءَ ٻچا ڪندا آھن. جيسن ال اڏامڻ لائق ٿين تيسن ڪانءَ، کين آکيرن ۾ پالين ۽ ھيٺ لھڻ نه ڏين. ڦَٽي ڦُري، کين اتي کاڌ-خوراڪ پيا پھچائين. ٻچن جي سار سنڀال جي ڪري ڪانءَ، آکيري آڏو به ڪنھن کي لنگھڻ ڪو نه ڏين. ڪانگيرو ڪيو پيا ٺوڙھ وارا ٺونگا ھڻندا ۽ مٿي مٿان لامارا ڏيندا. بيزار ڪري وجھندا آھن. (۳۵) ص ۲۰۴
مطلب؛ بڊي ۾ ڪانءَ بيزار ڪري وجھندا آھن.
۲. بڊو پنو، ڪانون رنو.

92. بڊي جي رٻ به ڀلي. (چوڻي)
بڊي مھيني جي اندر، کاڌ خوراڪ جي قلت ٿي ويندي آھي. گھر اندر رکيل اڳيون ان، کٽي ويندو آھي ۽ نئون فصل اڃا لٿل نه ھوندو آھي. ان صورت حال ۾، ڳوٺن اندر، ھر گھر جو حال ساڳيو ھوندو آھي. ڪير ڪنھن کي گھرڻ تي به اٽو اڌارو ڏيڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي. اھڙي وقت ۾ اگر، پنھنجي گھر ۾ پنھنجي پڇ يا رٻ نصيب ٿئي ته اھا تمام ڀلي ۽ عزت وارو کاڌو سمجھبو. (۳۵) ص ۲۰۵
مطلب؛ سڃائيءَ ۾ سادو کاڌو به غنيمت.

93. بر ته ڀرم آھي. (چوڻي)
بر يا ٿر، ٿري ماڻھن جي لاءِ، ڀرجھلو ۽ ڀرم رکڻ جي جاءِ آھي. ٿر جا رھاڪو، ھڪ ٻئي جي سھاري ۽ مدد سان ٿر جھڙي بر پٽ بيابان اندر رھن ٿا، جنھن ڪري منجھن محبت، ٻڌي ۽ ايڪو رھي ٿو. اھي وصفون سڪون ۽ راحت کي جنم ڏين ٿيون. جيڪي ڀرم رھجي اچڻ جا ضامن آھن. (۳۵) ص ۲۲۱
مطلب؛ ٿر جو جھڙو ڏيک آھي، تھڙو تيک ناھي.

94. بُرو ڀلو هوئي نهين، گولو ڀِيلاڙو،
گڏهه گهوڙو ٿي نهين، گنگا جهيلاڙو. (چوڻي)
گولو: غلام، نوڪر. ڀيلاڙو: ڀِيل قوم جو فرد. جهيلاڙو: پاڻيءَ سان وهنجارڻ.
برو ماڻهو، نوڪر ۽ ڀيل قوم جو فرد، احسان فراموش هئڻ سبب، ڪڏهن به ڀلا نه ٿيندا.
اهڙيءَ طرح گڏهه کي، گنگا جي پويتر پاڻيءَ ۾ ڀلي شنان ڪرائجي ته به گهوڙو نه ٿيندو. ياد رهي ته هندو، گنگا نديءَ جي پاڻيءَ کي پاڪ سمجهندا آهن ۽ سندن عقيدي مطابق گنگا شنان ڪرڻ سان زندگيءَ جا گناهه ڌوپجي ٿا وڃن.
مطلب: ۱ - برو ماڻهو، نوڪر، ڀيل ۽ گڏهه، ڪڏهن به ڪين سڌرندا.
۲ - برو ڀلو نه ٿئي، گولو ڀيلاڙو،
گڏهه گهوڙو نه ٿئي، ڪري گنگا جهيلاڙو.
۳ - حضرت عيسيٰ جو گڏهه، ڀلي مڪي وڃي ته به اِٽن هڻڻ کان نه مڙي.
۴ - بدمعاش، ڀلي ست حج ڪري ته به ڪو نه سڌرندو. (۱۲) ص ۱۳۹.

95. برهمڻ رو وچن، سورج ري ساک. (چوڻي)
وچن: واعدو، قول. سورج: سج. ساک: شاهدي، چٽائي.
سج، کاريءَ هيٺان ڪين لڪي سگهندو آهي. جڏهن اڀرندو آھي ته ڏيهه ڏسندو اٿس. پنهنجي هجڻ جو، پاڻ دليل آهي. کيس ثابت ڪرڻ لاءِ، ٻئي ڪنهن دليل يا شاهديءَ جي ضرورت ناهي. سندس روشني، ٻين گهڻين اونداهين تان پردو هٽائي ڇڏي ٿي.
اهڙيءَ طرح، برهمڻ يا قوم جا ليڊر پڻ آهن. سندن قول، سچائيءَ کان خالي هئڻ نه گهرجي. ان ۾ نه لالچ هجي نه لوڀ، نه بدنيتي ۽ نه وري حرص و هوس، نه ڪوڙ نه ٺڳي، بلڪ صاف سٿري نيت سان، صاف سٿرن ۽ سادڙن لفظن ۾، سندن قول هئڻ گهرجي. جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ عام ماڻهو جلد راضي ٿي وڃي.
مطلب: ۱ - برهمڻ يا مرشد کي ڳالهائڻ ۾ چٽو هئڻ گهرجي. جيڪي ڳالهائي، سو سوچي سمجهي، وڏي احتياط سان ڳالهائي.
۲ - برهمڻ جو وچن/ قول، سج وانگر چٽو ھئڻ گھرجي.
۳ - هٿ-ڪنگڻ کي، آرسيءَ جو ڪهڙو ضرور. (۱۳)

96. برهمڻ رو من سيري ۾. (چوڻي)
برهمڻ جيئن ته مذهبي پيشوا ٿئي ٿو، تنهنڪري سندس ڪم عام ماڻهن کي نصيحت ۽ مھميز ڏيڻ آهي. انهيءَ اوچي ڪم جي ڪري، معاشري ۾ سندس ذات اوچي ليکي وڃي ٿي. محنت مزدوريءَ جو ڪم، کانئن نه ٿو ورتو وڃي. جيئن ته اهي دنياداريءَ جي ڪمن کي تياڳ ڏيئي ٿا ڇڏين، تنهنڪري عام ماڻهو به سندن خيال ڪندي، چڱا ۽ اوچا طعام، جڏهن ڪنهن ڏڻ وار تي جوڙين ٿا، سي سندن آڏو پيش ڪن ٿا. ڪي ماڻهو ته اڃا به وڌي، بنا ڪنهن ڏڻ وار جي به، هوند-سارو کين اوچا طعام؛ ٻوڙ پلاءُ، مال مليدا ۽ سيرا وغيره کڻي اچي پيش ڪن ٿا.
مفت جا مال کائي، اڻڀو آنڊو جڏهن سيرن سان سڻڀو ڪن ٿا، تڏهن سندن من به دال-ڀت بدران مالَ-ٽَڪ ۾ رهي ٿو. سادي کاڄ کي، چخي به نه ٿا ڪن. رڳو سيري وارن ٿانون يا آڻيندڙ ھٿن ڏي پيا ٿا تڪين.
مطلب: ۱ - مفت-خور جي نگاهه، چڱيرڙو مال ڦٻائڻ تي هوندي آهي.
۲ - وجَهِي مُلن، ٻِه-روپي برهمڻن ۽ لالچي گادي-نشينن جي نظر، عام ۽ اٻوجهه ماڻهن جي مال ملڪيت ۾ هوندي آهي، جيڪا تڳائڻ لاءِ، هر وقت پيا واجهه وجهندا آهن.
۳ - بامڻ تو ڀوجن پريه. (سنسڪرت)
۴ - ملان ته ڀت، گهوڙا ته پٽ، هو ڪشيا ته رسيا، هيءُ نيا ته چٽ.
۵ - ملان ته ڀت، گهوڙا ته پٽ، سيد ته سويون، آيون ته ويون.
۶ - ملان کي، ميان مري ته به ڀت کائڻو، بيبي مري ته به ڀت کائڻو.
۷ - ڪو ئي مري ڪو ئي جيوي، شتريا گهول پتاشا پيوي. (۱) ص ۳۵۴.
۸ - ڀيٽيو: برهمڻ هي ڀوڄن-پريه. (سنسڪرت)

97. برهمڻ ري هٿ ۾ سونو ڪٽورو. (پهاڪو)
ڪٽورو: وٽو، ٿانءُ.
براهمڻ، هندو قوم اندر، وڏ-گهراڻي يا مرشد-گهراڻي سان تعلق رکندڙ فرد کي چئبو آهي. عام ماڻهو سندن شيوا ۾ پورا هوندا آهن. سندن مرادون ۽ مطلب، بنا ڪنهن تڪليف جي پيا پورا ٿيندا آهن.
سماج ۾ سٺا ۽ اهم عهدا، سندن لاءِ خالي هوندا آهن. ڪنهن کان ڪا شيءِ گهرن ته کين هڪي حاضر ٿي ملي.
عام ماڻهن کان عام فقير، جيڪڏهن خير خيرات گهرندو ته عام وٽي يا ڪستي ۾ پنندو. جنهن ۾ کيس سندس وٽي جي قيمت آهر، اوتري ئي بِکيا ملندي آهي. جڏهن ته برهمڻ کي گهرڻ تي، گهڻو ڪجهه ملي ٿو. ائين ڄڻ سون جي وٽي ۾ گهرندو هجي. انهيءَ ڪري، وٽي جي قيمت آهر کيس، عام رواجي فقير کان وڌيڪ ملي ٿو. جنهن سبب کيس، دنيا جون سموريون آسائشون ميسر آهن ۽ ڪڏهن به فاقا ڪڍڻا ڪين ٿا پون.
مطلب: ۱ - وڏو ماڻهو، ورلي تڪليف ڏسي ٿو.
۲ - براهمڻ ڪڏهن به بک نه مرندو. (۱۳)

98. برهمڻ هي ڀوڄن-پريه. (سنسڪرت، چوڻي)
ڀوڄن-پريه: مال مليدا کائڻ، کاڌي جي ڪڍ هئڻ.
مذهبي پيشوائن کان، عام ماڻهو محنت جھڙو ڪم نه وٺندا آهن. البته سندن لاءِ محنتاڻو يا کاڌ-خوراڪ، نذراني طور گهر ويٺي پھچائيندا آهن ته جيئن سندن پورو وقت عبادت يا پرارٿنا ۾ صرف ٿئي. اگر اهڙا ڀلارا ماڻهو به دنيا جي روزگار جي تلاش ۾ لڳي ويندا ته، چڱن ماڻهن جو ڪال پئجي ويندو. اگر انھن کي گهر ويٺي، گهرج سارو، کاڌو پيتو ۽ لٽو ڪپڙو پيو ملندو ته مڙهيون ۽ عبادتگاهون ڇڏي، ويرانيون نه ڪندا.
برهمڻن يا مذهبي پيشوائن جي، گهر ويٺي ٿيندڙ ٽھل ٽڪور ڏسي، سست ۽ لالچي ماڻهو به وڃي ڍونگ رچائي پيشوايت جو لبادو اوڙھيندا آهن. حالانڪ منجهن دينداريءَ واري صلاحيت ۽ دين جو قدر اوترو نه هوندو آهي. پر پيٽ خاطر ۽ مفت جا مال ميڙڻ واسطي، اهو سانگ رچائيندا آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو، سندن اکيون ۽ هٿ، هر ملڻ واري ماڻهوءَ جي هٿن ۽ کيسن کي پيا تاڙيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهن کي ويڙهائي به پيا مال تڳائيندا آهن. ڪي ته لالچ ۾ ايترو مٿانهان نڪري ويندا آهن جو، ماڻهن کان اصلي دين جي واٽ به وسارائي ڇڏيندا آهن.
اھو ئي سبب آھي جو مذهبي پيشوائن ۾، اڪثريت ڍونگي ماڻهن جي آهي، جيڪي اڳين وڏن ۽ سچن بزرگن جي عزت ۽ مان ڏسي، انهيءَ واٽ تي انهيءَ تمنا سان لٿا آهن ته جيئن سندن به ساڳي خاطر تواضع ٿئي. وٽن مذهبي يا ديني علم گهٽ، عبادت رياضت جو ڏانءُ مفقود رهي ٿو. ڇو جو سندن اصل نيت، مال تڳائڻ ۽ پيٽ ڀرڻ جي آهي.
وقت پوڻ تي، مفت جو مال ڏسي، سندن لالچ واري رڳ ڦڙڪي پوي ٿي ۽ پاڻ کي ظاهر ڪري ٿا وجهن. سچن ماڻهن جو تعداد، اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. جيڪي عام ماڻهن کي ورلي نظر اچن ٿا. جنھن سببان، مذهبي ماڻهن جا عيب چٽيءَ طرح ۽ وڏا نظر اچن ٿا.
مطلب: ۱ - مذهبي پيشوائن جي اڪثريت، پراوا مال تاڙيندڙ هوندي آهي.
۲ - گهڻا ٻاوا ۽ مجاور، پيٽ-هٿو هوندا آهن.
۳ - اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن ٿا جاوا.
۴ - اڄوڪا حاجي وتندا رنون زالون ڦريندا.
۵ - ڀيٽيو: برهمڻ رو من سيري ۾.

99. بڙهتان ري لاريان، ڀڄتان ري مُهر ۾. (چوڻي)
بِڙهتان: وڙهندڙن. لاريان: پويان. ڀڄتان: ڀڄندڙن. مُهر ۾: مھڙ ۾، اڳ ۾.
دنيا جا اڪثر ڪم، ’اڳي، سو تڳي‘ واري اصول تي هلندي، ڪارائتا ٿين ٿا. ’پهلي آئيئي، پهلي پائيئي‘ تي عمل ڪبو ته فائدو پوندو، ٻي صورت ۾ نقصان پوندو. جڏهن ته ڪي ڪم وري اهڙا ھوندا آهن، جن ۾ شموليت، نقصان جو باعث هوندي آهي. تنھنڪري انهن مان گم ٿي وڃڻ ۾ ئي بهتري هوندي آهي. يا منجهن دير سان پڄڻ ۾ ئي عافيت هوندي آهي.
هتي ٻن ڪمن؛ وڙهڻ ۽ ڀڄي نڪرڻ جو مثال ڏنو ويو آهي. جهيڙي لاءِ چئبو آهي؛ ۱- جهيڙي ۽ باهه جو بر ڏي منهن. ۲ - جهيڙي ۾ لڏو ڪين ورهائبا آهن، اگر وڃبو ته نقصان پائبو. جهيڙي واري جاءِ تان ٽري پاسو ڪرڻ ۾ خيريت آهي. هيءُ مثال، ڪني جهيڙي جا آهن.
جڏھن ته ڪي جهيڙا حق خاطر هوندا آهن. انهن تان هٽڻو ناهي، پوءِ ڀلي سر هليو وڃي. انھن لاءِ چيو ويندو آھي؛ ۱ - جهيڙو جهيڙ، ڪُجهيڙو نه جهيڙ. ۲ - حق تي جهيڙو ته ٿيو ڪم ڀلو.
ناحق تي جهيڙو يا ويڙهه تمام خراب آهي. ان کان بهتر آهي ته پهرين سر بچائي ڀڄي وڃجي. ان ۾ ئي ڀلائي آهي.
مطلب: ۱ - نقصانده ڪم ۾ پوئتي رهجي ۽ فائدي واري ڪم ۾ اڳرو رهجي.
۲ - وڙهندڙن جي پويان، ڀڄندڙن جي اڳ ۾. (۶) ص ۸۷.

100. بگڙي پتر پر-گهر وسيا، ڪاٽ لڳي بگڙي تلوار،
بگڙي ٻيٽي ٻهو هنستي، نرون ستڪي بگڙي نار،
بگڙي ڏڌ اَڌوئي باسڻ، پنرڻ بگڙي بگر پناه،
ڏيبو بگڙي بگر ڏيويلي، بيھان بگڙي پيسي بنان،
بگڙي انب موريا بادل، مڻڌر بگڙي بگر مڻي،
وانڍو بگڙي استري بنان، ڊانڍو بگڙي بگر ڌڻي،
ڪاغذ بگڙي نيرج ڪنڙي، بگر ڦيريو بگڙي باز،
ڪهي ڪوي گنگ پاٽ، رن ٻيهر سان بگڙي راڄ. (چوڻي)
نرون: ڇڏڻ. ٻهو: ججهو. ستڪي: ستي پڻو، حياءُ. ستي: مئل، مڙس جي چکيا سان گڏ سڙي مرندڙ، جنهن کي ڪنهن مرد ڇهيو نه هجي. اڌوئي: اڻ ڌوتل. ڏڌ: کير. پنرڻ: لاوارث. ڏيو: مندر، ديوتا، جنهن جي پوڄا ٿئي. ڏيلوي: ناٿ، پنڊت، ٻائو. بيهان: وهانءُ. مڻڌر: مڻ ڌاريندڙ، مڻ رکندڙ نانگ . وانڍو: رنڙ، ڇڙو ڇانڊ. ڊانڍو: رولو جانور. نيرج: پاڻي. باز: گهوڙو. ٻيهر: ٻاهر پيري.
۱ - پٽ پرائي گهر ۾ هِرڻ سان کرندو آھي. ۲ - تلوار ڪٽ لڳڻ سان، بيڪار ٿي ويندي آھي. ۳ - نياڻي هر وقت ھر ڪنھن سان کلندي ته بد عادتي ٿي ويندي. ۴ - عورت حياءُ ڇڏي ڏيندي ته منجھس عورتپڻو قائم نه رھندو ۽ ڪو به مرد ساڻس وھانءُ ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. ۵ - کير، اگر اڻ ڌوتل ٿانءَ ۾ وجهبو ته ڦٽي ويندو ۽ پيئڻ يا ولوڙڻ جي قابل نه رھندو. ۶ - لاوارث يا يتيم جي مٿان، ڪنھن جي به پناهه يا نگاھ نه ھوندي آھي، جنھن سبب ڇڙواڳ ٿي پوندو آھي. ۷ - مندر، پنڊت جي غير موجودگيءَ سبب بي-مالڪيو ٿي پوندو آھي. منجھس ٿيندڙ پرارٿنا بنا ڪنھن اصول ۽ قانون جي چالو ٿي ويندي آھي. جنھن سببان، منجھانئس جائز بدران ناجائز ڪارج سرندي نظر ايندا آھن. ۸ - وهانءَ جي ڪاڄ ۾ ايندڙ ڄاڃي يا ماڃي، ماني ڇڪي وٺندا آھن. ماني پئسي خرچڻ سان، تيار ڪري سگھبي آھي. سڃائيءَ تي نه ماني ٿيندي ۽ نه عزت آبرو قائم رھندي. ۹ - انب جو وڻ جڏھن ٻور جھليندو آھي ته پوءِ نه واءَ جي سٽ سھي سگھندو آھي ۽ نه وري مينھن جي ڇنڊ ڦڙي برداشت ڪري سگھندو آھي. مينھن پوڻ سان تباھ ٿي ويندو آھي. ۱۰ - مڻ واري نانگ لاءِ مشھور آھي ته چانڊوڪي رات ۾، مڻ ٻاھر ڪڍندو آھي ۽ پوءِ سير ڪندو آھي. جنھن جاءِ تي اھا ڪڍي رکندو آھي، سا کيس ياد ھوندي آھي. اگر کانئس اڳي ڪير اھا کڻي ويو يا واپسيءَ تي کانئس دڳ وسري ويو ته اھا مڻ کيس وري ھٿ نه ايندي آھي. مڻ وڃائڻ کان پوءِ سندس اھا حيثيت برقرار نه رھندي آھي. ۱۱- رنڙ يا ڇڙو ڇانڊ مرد، زال نه هئڻ سبب ڪٿي جو به نه ٿو رھي. ڪير به کيس، پنھنجي گھر اچڻ لاءِ نه ٿو چوي. چوندا آھن؛ ڇڙن جو جھان ئي ڪونھي. ۱۲ - رولو جانور جو ڪو به مالڪ نه ھوندو آھي. نه کيس ڪو گاھ وجھندو آھي ۽ نه ئي ڪير کيس آرام جي وقت تي رسو وجھي، ھڪ ھنڌ ٻڌي آرام ڪرائيندو آھي. جنھن سبب نڌڻڪو جانور ڪنھن به ڪم جو نه ٿو رھي. ۱۳ - ڪاغذ، ڀورو ھوندو آھي. اگر مٿانئس پاڻيءَ ڇنڊ پئي ته ڳري ويندو. اگر بچيو ته به ساڳي حالت نه ھوندس ۽ ڪم جو نه رھندو. ۱۴ - گهوڙو به تڏھن سٺو ڊوڙندو آھي، جڏھن ڪو ڄاڻو سئيس کيس پنڌ سيکاري. اگر کيس گھمائڻ لاءِ سٺو سئيس نه آھي ته اھو گھوڙو به بيڪار ٿيو پوي. ۱۵ - عورت سان سماج ۽ معاشري جو گھرو تعلق آھي. اگر عورت صحيح آھي ته معاشرو ٺيڪ آھي. اگر ڪنھن معاشري جي عورت مان واڳ نڪتل آھي ته سڄو معاشرو ۽ سوسائٽي ئي تباھ و برباد آھي.
مطلب: ۱ - غلط شيءِ سان، ماحول ۾ بگاڙ/ ڦيٽاڙو پوندو آهي. مٿي ان بابت ڪجھ مثال ٻڌايا ويا آھن. (۲) ص ۲۷۱.

101. بگڙيو ڏڌ، باڙ ۾ نوئين. (پهاڪو)
بگڙيو: کريل. ڏڌ: دوڌ، کير. باڙ: واڙ، لوڙهو. نوئين: هاريون، هارجي.
کير، پهرين غذا آهي، جيڪا هر ساهدار کي دنيا ۾ اچڻ وقت ملي ٿي. مڪمل کاڌو آھي جيڪو طاقت بخش ھئڻ سان گڏ، مفيد ۽ ڪارآمد خوارڪ آهي. اهو به جڏهن کرندو آهي ته پاسائتو ٿي واڙ ۾ هاربو آهي ته جيئن ڪتا ٻلا وڃي چٽينس.
مطلب: ۱ - سٺي شيءِ يا ماڻهو، کرڻ کان پوءِ نور وڃائي ويهن ٿا. ڪير به ساڻن محبت ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿو رهي.
۲ - کريل کير، واڙ ۾ ئي ھارجي. (۶) ص ۹۰.

102. بندوق جو ڌڪ گُسي، ساڄو گُھگهه نه گُسي. (پھاڪو)
گُھگهه، ٿر اندر ڳاڙهسرو پکي ٿئي ٿو، جيڪو بدن ۾ باز جيترو ھوندو آھي. منهن، مادي ڪڪڙ جهڙو ٿئيس ٿو. وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ آنا لاهيندو آھي. تمام سياڻو پکي ٿئي ٿو. باز وانگر جھپٽو ڏيئي، هلڪا پکي شڪار ڪري کائيندو آهي. سندس شڪار، اصل نه ٿو گُسي.
گھگھ پکين جو راجا آھي. پر ڏينھن جو انڌو ۽ رات جو سڄو. راجا آھي پر آھي اھڙو سڀاڳو جو وستيءَ کي سڃو ڪري ۽ سڃ کي وسائي. ٿر ۾ وڏن ڪنن واري چٻري کي گھگھ چون. (۳۴) ص ۸۰
وھمي ۽ ڀرمي ماڻھن ۾ گھگھ لاءِ اھو وھم ويٺل آھي ته؛ مسافريءَ تي ويندي، اگر ڪنھن وڻ يا جاءِ جي ساڄي پاسي کان گھگھ پکي ويٺل نظر آيو ته وڏو ۽ اڻ-ٽر يا اڻ-گُس نڀاڳ ايندو. ماڻھوءَ يا بندوق جو ڌڪ گسي يا خطا ٿي سگھي پر، گھگھ جي نحوست کان ڪير نه بچي.
مطلب: ۱ - وڏي نشان باز جي، گھگھ سان ڀيٽ ڏني ويندي آھي.
۲ - رستي تي ساڄي پاسي کان ويٺل گھگھ پکي، تمام گھڻو منحوس سمجھيو وڃي ٿو. (۱۱)

103. بنيادي ڀُولي نهين، توڙي دک پڙين انيڪ،
شينهن ڪي چال گدڙ نه چلي، سؤ راکي ٽيڪ. (چوڻي)
بنيادي: سٺي نسل جو. ڀُولي نهين: راهئون رد نه ٿيندو. راکي: رکي، ڏيکاري. ٽيڪ: هلڻيون.
ماڻهو، وڌي ويجهي ماحول ۾ ٿو ۽ ان مان اثر پذير ٿئي ٿو. سندس خيالات ۽ سوچ ائين ٿي بڻجي، جيئن ارد گرد جي ماحول مان اثر پذير ٿئي ٿو. تنهن هوندي به پنھنجي جنس ۽ ماءُ پيءُ جا اثرات سندس شخصيت تي ضرور هوندا آهن. جهڙيءَ طرح ٿوهر مان روهيڙي واري خوشبوءِ ۽ خصوصيت ملڻ ممڪن ناهي. ٽوهه منجهان، گدري وارو سواد ۽ ساءُ نه ايندو. اهڙيءَ طرح وري لچ مان چڱائيءَ جي اميد گهٽ ٿيندي. ائين وري، خانداني ماڻهوءَ مان لچائيءَ جو امڪان گهٽ ھوندو آهي. ڀلي مٿس ڪيڏو به ڏکيو وقت اچي وڃي، اخلاقيات کان ٻاھر ليڪو نه لتاڙيندو. شينهن وانگر مرندو پر ڊڀ نه چرندو. بک ڏک واري تڪليف ڪاٽي، وڃي چڙهندو پر عزت نه وڪڻندو.
ائين وري گدڙ اگر، سوين چالون مٽائي، ته به شينهن واري خوءِ منجهس نه ايندي. ٻئي گوشت-خور آهن، پر شينهن پنهنجي ڪيل شڪار کان سواءِ گوشت نه کائيندو آهي جڏهن ته، گدڙ پيو پرائي-ماريءَ تي جُوھ وجهندو ۽ گذارو ڪندو آهي. گدڙ ڀلي ڪيڏو به چالون مٽائي ۽ ٽيڳر ڪري هلي پر کاڌ-خوراڪ ۾ وري به شينهن جي طاقت جو محتاج آهي.
مطلب: ۱ - تڪليف اچي ته مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏجي، ڀاڙيو ٿي نه ڀڄجي.
۲ - جهڙي صحبت، تهڙو اثر.
۳ - تخم تاثير، صحبت اثر.
۴ - ڀيٽيو؛ ڀريا ڇُولي نهين، ڇُولي تو آڌا،
گهوڙا ڀونڪي نهين، ڀونڪي تو گاڌا. (۷) ص ۳۷.

104. بوک نه ڏيکي ٺاڍا ڀات، اونگهه نه ڏيکي ٽٽل کاٽ،
اڃ نه ڏيکي ڌوٻي گهاٽ، عشق نه ڏيکي ذات ڪذات. (چوڻي)
هڪڙي راجا جي ڌوٻيءَ جي ڌيءَ سان اک اڙجي وئي. اهانا بهانا ڪري، لشڪر کان لڪي يا جهنگ ۾ گوهي ڏئي اچي ساڻس راز نياز ڪندو هيو.
هڪ دفعي لشڪر کان لڪي ساڻس ملڻ لاءِ آيو ته سندس هڪڙو وزير، جنهن کيس ڏٺو هيو، پڻ پٺيان لڳو آيس. اچي ڏٺائين ته؛ راجا ڌوٻي گهاٽ وٽ گهوڙو جهليو. اڃ بک لڳي هيس. لنگهي ويو نازنين جي گهر. محبوبا ته حسين هئي پر گهر ۾ سڃ هئي. راجا سڃ جي سيج تي ويهي، پاڻي ماني گهري ته کيس پراڻي وٽي ۾ پاڻي ۽ رکيل پاروٿو ڀت مليو. کائڻ کان پوءِ ٿڪاوٽ سبب، اوجهراڻيون آيس ته انهيءَ ڇڳل کٽ تي ئي آهِلي پيو.
اِهو لقاءُ ڏسي سندس وزير، واپسيءَ تي اچي محفل ۾ چيو؛
” بوک نه ڏيکي ٺاڍا ڀات، اونگهه نه ڏيکي ٽٽل کاٽ،
اڃ نه ڏيکي ڌوٻي گهاٽ، عشق نه ڏيکي ذات ڪذات.“
مطلب: ۱ - عشق نه ڏيکي ذات ڪذات، جي آيا سي اگهيا.
۲ - بک نه پڇي ڳنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ.
۳ - بک ۾ بصر به سٺا.
۴ - ننڊ سوليءَ تي به اچيو وڃي. (۲) ص ۲۶۰.