ڏسڻي ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون
1. آڀ ڦاٽي، تڏين ٿڳڙو نه اچي. (ڪڇي، پهاڪو)
2. آڀو روپ سروپ، بن بادل برسي نهين، ساڙا گهڻا ئي سپوت، ڀيڙ ڀايان سو اڀ ڄيني. (راجستان، چوڻي)
3. آپ ري جوڙان، ٻيجان ري کوڙان. (چوڻي)
4. آپ سين ڏاڍو، جم برابر. (چوڻي)
5. آپ مرتي، ٻاپ گهر ريو. (چوڻي/ پھاڪو)
6. آپ موئي، سرڳ نه ملي. (چوڻي)
7. آج همان، ڪل تمان. (سنسڪرت، چوڻي)
8. آرھاڙ، الگين الگين وسي. (چوڻي)
9. آسا ڪجي نه آسرو، جوڳي ڪجي نه مِٽ، ٽيا ڪجي نه لاڏلي، توڻي هجي ڪروٽ. (چوڻي)
10. آسريس، ڏيسا ڏيس. (چوڻي)
11. آکاڙا ٻِيج، واڏرڪا ويج، سوڙها رکو ٻڙڌيا، کوري رکو ٻيج. (چوڻي)
12. آنڀو اھي، جيڪي کيري ۾ کاڄن. (چوڻي)
13. آنڌاريءَ ڏيو ٻري، اڀ ۾ وڄ کنوت، آهر ڦلاري ٻيٽئين، سانولڙي مُک ڌنت، پٻڻ پسارا ڪيا، اهي پنج ئي ٽهڪنت. (چوڻي)
14. آهوران ۾ چريوڙا، پاهوران ۾ ڪٿ چرسئه؟ (پهاڪو)
15. آهير اچي جهنگا، ٻولي بي ڍنگا. (پهاڪو)
16. آئي آڌر نه ڏئي، نيڻان هوءِ نه نينهن، اس گهر مت جائيو، ڀلا ڏوڌي وسي مينهن. (چوڻي)
17. آئي کي آڌر ڏجي، وئي کي جيءُ چئجي. (چوڻي)
18. آيا اجارين، ڀريون پاٽيون ڀت سان. (پھاڪو)
19. اُٻ جِتو آسرو، موگهان جِتو ميهه، سَسُ جِتو ساسرو، ساڙان جِتو نيهه. (چوڻي)
20. اُڀ ۾ تُڪيو، منهن منجهين آئين. (پھاڪو)
21. اتران مينھن چڙھيو ته وسيو. (چوڻي)
22. اتر کنوڻ اُپڙيئي نه، اپڙي ته نو کنڊ ڀري، باڊو مينهن ٿڪي ئي نه، ٿڪجي ته مري، ڀلي آکڙُي ئي نه، آکڙي ته چئن پيرن جهري، شاهه پرسي وچن سنچري ئي نه، سنچري ته پري. (چوڻي)
23. اُٺا، مڙيئي ڀلا. (چوڻي)
24. اٺ؛ بي پتي ذات. (چوڻي)
25. اٺ ڀارتو کڻو، ٽِٽا ڏيڻ ۾ ته ڪو نه گيو. (پهاڪو)
26. اٺ ڀريو به رڙي ته سکڻو به رڙي. (پھاڪو)
27. اٺ تڏهين ٿي رڙيا، جڏهين ٻورا ٿي سباڻا. (پھاڪو)
28. اُٺ ٿئي بيحال، واجهائي وڳ لئه. (پھاڪو)
29. اٺ جو اٿڻ ڪونهي، ڀاڙي جي صفائي. (پھاڪو)
30. اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت. (چوڻي)
31. اٺ جي چوري، پکي ۾ نه لڪندي. (پھاڪو)
32. اٺ نه ڪڏي، اٺ جو اوٺاري ڪڏي. (پهاڪو)
33. اٺ واري اڪڙو، ٻڪري واري ڪڪڙو. (چوڻي)
34. اٺ، ويسوني کائي ته انڌو ٿئي. (چوڻي)
35. اٺ ۽ پٽ، ڪاري رات جو به ڪم جا. (چوڻي)
36. اٺين پيڙهيءَ اٺ جي، گهوگهتيو ماسات. (پھاڪو)
37. اُٺيون، آهن سون مٺيون، پر جي وس ٿئي. (چوڻي)
38. اٽي سامھون اٽو، کارو نڪو کٽو. (پھاڪو)
39. اپت اوپر خرچ ڪرڻا، بيچ ۾ بولڻا، ندي کارو نير، گهر ۾ نارِ ڪُنار، ڪلڇڻو ٻيلي، پانچي ڏَهت سرير. (چوڻي)
40. اچي جي نھاري، زال ھڻي ٻھاري، ته سج وڃي اُھاري. (چوڻي)
41. اڇا ڏِتا ري پريت نه جاءِ. (چوڻي)
42. اديءَ کي ڪن نه ڀڻڪ، ادو عشق ۾ انڌو. (پھاڪو)
43. اڌ-سکي وديا ڏَهي، ڏَهي ڪُٻُڌي وِيرَ، ڪُل-هيڻ ڪامڻي ڏَهي، چنتا ڏھي سرير. (چوڻي)
44. اڌي ڌوڙ ۾ گڏي، ڌوڙ پِراڻي، اٿي هاڻي. (پھاڪو)
45. اڍائي مڪڙ، وهين جو قوت. (پھاڪو)
46. ارهه سٽاڻي ڪامڻي، مرد جوڀن گت، سوئر سڱا ڪڍيا، شينهن پهرين سٽ، تري طبيلا ڇٽي، اهي پنج ئي مي مت. (چوڻي)
47. اسنتوشي براهمڻ ۽ سنتوشي راجا، ناس ٿين ٿا. (چوڻي)
48. اصل چوري، منڊ ۽ جوئا، پر گهر رلي ڪامڻي، کٽر گانءِ سُوئا، پنج ئي رهن موئا. (چوڻي)
49. اڪ اينڌڻ، جو توڻ، ڪرڪڻيون ڀتار، اتلا اوگن مت ڏي، ٻيلي ڀون ڪلتار. (چوڻي)
50. اڪ رو ڪيڙو، اڪ ۾ سمائي. (پهاڪو)
51. اڪ ننگ ڇپي نهين، ڪوڙ انيڪ ڌرم اپايا، رڻ کيتر ۾ رجپوت ڇپي نهين، تري ڇپي نهين باگ اٺايا، چنچل نار ڪي چال ڇپي نهين، نين ڇپي نهين نينهن لگايا، تارن ڪي اوٽ چندر ڇپي نهين، سورج ڇپي نهين بدل ڇايا، گهنگهور ۾ مور ڇپي نهين، داتا ڇپي نهين گهر منگت آيا، جوڳي روپ انيڪ ڀيا، ڪرم ڇپي نهين بڀوت لگايا. (چوڻي)
52. اُکرين ۾ مٿا وجهبا ته مهرين کان ڇو ڊڄبو. (پھاڪو)
53. اک ڪاڻي ڪجي، ڏس ڪاڻي نه ڪجي. (چوڻي)
54. اکين ڏٺو شاھد ڪوڙو، حيدرآبادي بکيلو سچو. (پھاڪو)
55. اکين ڏٺي مک، ڪير ٿو ڳڙڪائي؟ (پھاڪو)
56. آُگتي ڪري ٽِسوڙ، آٿوتي ڪري موگهه، ڏنڪ ڪهي ڀڏڙي، نديئي چڙسين گوگهه. (چوڻي)
57. الاريو؛ ڄڻڪ ھنيو. (چوڻي)
58. اماڻ، ڌرتي ئي ڪو ٿي رکي. (چوڻي)
59. امل رس، ڏاڪڻ منڊ، چوري ۽ جوا، پر-گهر هينڊي ڪامڻي، اهي پنج ئي رهن موئا. (چوڻي)
60. انّ آهي ته ايمان آهي. (چوڻي/ پھاڪو)
61. اناڙي چور، ڳولڻ ۾ سولو. (پھاڪو)
62. انب ڪي ڏاري ۾ ڪوئل راجي، تپسي راجي بَن ۾، گهر ٻاري گهر ۾ راجي، مورک راجي مَن ۾. (چوڻي)
63. انڌن اڳيان روئڻ، اکيون ڏکوئڻ. (پھاڪو)
64. انڌو ھنگي نِه ڏونيئه ڪي کوٽي ڪري. (ڪڇي، چوڻي)
65. انڌي جي مونءَ تي انڌو نه چاجي. (ڪڇي، پھاڪو)
66. انڌي ڏري، نِه ڪُتو کايئهِ. (ڪڇ، پھاڪو)
67. انڌي ۽ جنڊ، واري ۽ پنڌ، نه کٽي نه جان ڇٽي. (پھاڪو)
68. انسان چمڙيءَ ۾ ساڳيا، پر دمڙيءَ جو فرق. (چوڻي)
69. اڻ ڦيٽي چمڙي، ڪيهي نه ڪم ري. (پهاڪو)
70. اوڀر جي ھوا، کوھ سڪايو ڇڏي. (چوڻي/پھاڪو)
71. اوتاري ۾، ماني گھربي ناھي. (چوڻي)
72. اوجڙ گانؤ ۾، ايرنڊيو رونک. (راجسٿان، پهاڪو)
73. اوجهڙ ڪڏهن نه پاڌرو، ونڪي ڪڏهن نه واٽ، سکيو ڪڏهن نه ساٿرو، ڏکي ڪڏهن نه کاٽ. (چوڻي)
74. اونچاپن، اٺن ڇڏيا آھن. (پھاڪو)
75. اونگهه، آرس، اوٻاسي، تيني روڳ ري ماسي. (چوڻي)
76. اونگ نه جوئي اوڇڻ، بک نه جوئي اولڻ. (پھاڪو)
77. اوڻويهه ڏينهن چور جا، ويهون ڏينهن ساڌ جو به آهي. (پھاڪو)
78. ائٽ را ٻارنھن ماس، اٺي ري اڪ گھڙي. (چوڻي)
79. ايڪ هَل هتيا، دو هل ڪاج، تين هل کيتي، چار هل راج. (راجسٿان، چوڻي)
80. ايها ڪم ڪريجي، جو آڇا ڏنتا ري پريت نه جاءِ. (چوڻي)
81. باتان ريجهئي باڻيو، راگان سُون راجپوت، بامڻ ريجهئي لاڏوان، باڪل ريجهئي ڀوت. (چوڻي)
82. بادشاهه ديوانو نه ٿئي، هاٿيءَ ٿئي نه هار، ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار، مرد ويري ننڊ، عورت ويري سينگار، لاٻڙ-پونڇو ٻڙڌيو، نَکَ اگھاڙي نار، سڃو هاري سکڻو، کوهي کارو نار، ڪميڻو ڪچهريءَ ۾، گانڊو ڏيندو گار، پَڇَ-ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي هجي تجار، اهي هجن ستار، ته به ٻارهن ئي ٻن پيا. (چوڻي)
83. باکاڻي کچڙي، ڏانتي وڙڳائي. (پهاڪو)
84. بامڻ سي بامڻ مليو، پوربلا جنم سنسڪار، ديڻ ليڻ لئه ڪڇ نهين، نمسڪار هي نمسڪار. (چوڻي)
85. بامڻ، نائي، ڪُوڪرا، جات ديک گُرلايه. (راجسٿان، پهاڪو)
86. بامڻ ني ساٺ برس تائين سُڌ آوي ڪونيا، اَر پاڇي جا مري. (راجسٿان، چوڻي)
87. باڻيا بيس، تو ئي هيکلا. (پهاڪو)
88. بُٺي رين کبران، پانڌيئڙو ڏيسين. (چوڻي)
89. بڊو؛ آهي روپ جو مھينو. (چوڻي)
90. بڊو؛ اکين ڪڍو. (چوڻي)
91. بڊي جا ڪانگ به ڇتا. (چوڻي)
92. بڊي جي رٻ به ڀلي. (چوڻي)
93. بر ته ڀرم آھي. (چوڻي)
94. بُرو ڀلو هوئي نهين، گولو ڀِيلاڙو، گڏهه گهوڙو ٿي نهين، گنگا جهيلاڙو. (چوڻي)
95. برهمڻ رو وچن، سورج ري ساک. (چوڻي)
96. برهمڻ رو من سيري ۾. (چوڻي)
97. برهمڻ ري هٿ ۾ سونو ڪٽورو. (پهاڪو)
98. برهمڻ هي ڀوڄن-پريه. (سنسڪرت، چوڻي)
99. بڙهتان ري لاريان، ڀڄتان ري مُهر ۾. (چوڻي)
100. بگڙي پتر پر-گهر وسيا، ڪاٽ لڳي بگڙي تلوار، بگڙي ٻيٽي ٻهو هنستي، نرون ستڪي بگڙي نار، بگڙي ڏڌ اَڌوئي باسڻ، پنرڻ بگڙي بگر پناه، ڏيبو بگڙي بگر ڏيويلي، بيھان بگڙي پيسي بنان، بگڙي انب موريا بادل، مڻڌر بگڙي بگر مڻي، وانڍو بگڙي استري بنان، ڊانڍو بگڙي بگر ڌڻي، ڪاغذ بگڙي نيرج ڪنڙي، بگر ڦيريو بگڙي باز، ڪهي ڪوي گنگ پاٽ، رن ٻيهر سان بگڙي راڄ. (چوڻي)
101. بگڙيو ڏڌ، باڙ ۾ نوئين. (پهاڪو)
102. بندوق جو ڌڪ گُسي، ساڄو گُھگهه نه گُسي. (پھاڪو)
103. بنيادي ڀُولي نهين، توڙي دک پڙين انيڪ، شينهن ڪي چال گدڙ نه چلي، سؤ راکي ٽيڪ. (چوڻي)
104. بوک نه ڏيکي ٺاڍا ڀات، اونگهه نه ڏيکي ٽٽل کاٽ، اڃ نه ڏيکي ڌوٻي گهاٽ، عشق نه ڏيکي ذات ڪذات. (چوڻي)
105. ٻاٻيھو ٻولي، برسات آئي ڪ آئي. (چوڻي)
106. ٻار سون آر، بڙي سي بروڌ، وڳوتر نار سون ڪڀي نه هنسئي، ان سون روس، اگن سون زور،
اٿاڳ پاني ڪڀي نه ڪسيئي، جوٺي ڪي سنگت، گونگي ڪي دوستي، بوجهان باتين نهين ڪسئي، نيچ سون نينهن، غلام سون سنگت، اوگهٽ گهاٽ ڪڀي نه گسئي، ڪهي گنگ ڀاٽ، ڪوڙ سون دور سدا وسئي. (چوڻي)
107. ٻارهين ٻُڌ نه اُپجي، تيرهين تيج نه هو، بيسين برسي نه بجيو، تنهن ري بات جو مَجو. (چوڻي)
108. ٻاڙي گهر بسايو، تو ٻاٻو ٻوڍڙي لائي ڪهِ ڪرسئه. (پهاڪو)
109. ٻانڀڻ، ٻانهن لاءِ موٿاڄ. (پهاڪو)
110. ٻانڀڻ ري ٻلاه ۾، باڻيي رو گهر ڀراجي. (پهاڪو)
111. ٻانڀڻ ري مت ٿوري، گاءِ بيچڪي لينهي گهوڙي، گهوڙي کائي گهاس، ٻانڀڻ نو جاوي ساس! (چوڻي)
112. ٻڌي گهٽي، ٻهو ڀوڄن کايا. (چوڻي)
113. ٻڪرار جو جهيرڻو، ڪڏهن ڪو نه سُڪي. (پھاڪو)
114. ٻڪري دوڌ تو دي، پڻ دي مينگڻا ڪرڪئي. (چوڻي)
115. ٻل هوتي قياس نه ڪرنا، جوڀن مانهين مالڪ ڪو ڀولڻا، پرايا گن ڇپاوڻا، ڪارج سرئي دوست ڪو منهن نه ڏيوڻا، پنجو پرک پري ڀڄڻا، اهي پنج ئي نابينا. (چوڻي)
116. ٻلين جي ڪئي تي نظر، ڪر ڪولهين جي تتر تي. (پھاڪو)
117. ٻنڌي ڀار لک ڪي، کُلي تو بيکر جاءِ. (راجسٿان، پهاڪو)
118. ٻولي نِه ٻاپ، هيڪ اَهين. (چوڻي)
119. ٻيٺي ستي ڏومڻي، گهر ۾ گهتيو گهوڙو، اڳ هَتي هيڪلي، همين ٿيو جوڙو. (پهاڪو)
120. ٻيجا سڀ ورچڻا، متي ورچي ڪاڙا ميهه، تين ورچي ڀوپت ڏلين، ساجن ٿين ڇيهه. (چوڻي)
121. ٻيسي ڏوھئجي ٻڪري، ڀيچي ڏوھئجي اُٺ، جيڪو لڳي واءُ، اوئي نا ڏيجي پُٺِ. (پھاڪو)
122. ٻِين ري گهري ڀائي، سسو ري گهري جوائي. (چوڻي)
123. ڀار پلاڻ جي ڏيست ڀونڏو، پاڪ پٺي، رٻ پينت هئي، انگ مهين نا، اڇرنگ نهين، پر لنگر سون لاوت هئي، اڌيرام ڪهي سڻ متر ميرا؛ جوڙ بنا جڳ جاوت هئي. (چوڻي)
124. ڀاٽ ڪي بات جاٽ ڪيا جانت، ڀينس ڪيا جانت گيت سگا ڪا، جاڳاه ڪا ڀيد ڪونڀار ڪيا جانت، ڀيل ڪيا جانت پاپ لوا ڪا، ڪهي ڪوي گنگ ڀاٽ، گڏهه ڪيا جانت نير گنگا ڪا. (چوڻي)
125. ڀاڳ وارن جا ڍڳا به ڍڪا. (پھاڪو، بيراجي)
126. ڀاڳيان رو ڀوت ڪمائين. (چوڻي)
127. ڀانئين ته ڀڄي وڃان، پر جانچ پھرين جُوءِ. (چوڻي)
128. ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهر جي سونھن، ويٺا ڪن ورونھن، ڏڄڻ ڏورئون ڏري. (چوڻي)
129. ڀِٽون اُتي وڏيون، جتي جبل ڪونهي. (پهاڪو)
130. ڀريا ڇولي نهين، ڇولي آڌا، گهوڙا ڀونڪي نهين، ڀونڪي گاڌا. (پهاڪو)
131. ڀڳو گهڙو، ڍئون ڍئون ڪري. (پھاڪو)
132. ڀڳي-من ڀوڄن ڪيسا، ٽٽا-نينهن نه سنڌ، سرمر ڦوٽو جل گيو، گهلي-پار مَ ٻنڌ. (چوڻي)
133. ڀلان آيو، گانءِ رو ڄايو، جڪي سارو جڳ نپايو. (چوڻي)
134. ڀلو تو ئي ڀيل، مٺو تو ئي تيل. (پهاڪو)
135. ڀلو نه ڀاڻيجو، ڀيڙي نه رکجي ڀُوئا، استري نون انت نه ڏيجي، تيني رکجن جُوئا. (چوڻي)
136. ڀلي آئي ڪتي، جنھن ۾ گري گنجي متي. (چوڻي)
137. ڀليان ڀليءَ جو ته ڇيهه ئي ڪونهي. (چوڻي)
138. ڀلي بک ڀرم ري، شل نه جاءِ شان. (چوڻي)
139. ڀونگي سوڙھي، ڀوپا گھڻا. (پھاڪو)
140. ڀونئر، نانگ ۽ چتر نر، ھميشه واس وٺندا آھن. (چوڻي)
141. ڀيڙن جو ڀرم آهي. (چوڻي)
142. ڀيڙون ڀلو نه ڪوس ڪو، ٻيٽي ڀلي نه ايڪ، ڏيڻو ڀلو نه ٻاپ ڪو، صاحب راکي ٽيڪ. (چوڻي)
143. ڀيل نان انگڙي ڇٻائي يا ڀاڪڙ گهتي، بات اُتي ري اُتي. (ڍٽ، پهاڪو)
144. تاڙو، چڪور، چتر نر، جاڳندا رھن ٿا. (چوڻي)
145. تازي پاڻي پيئڻ وارو، راز نه رکندو. (چوڻي)
146. تتر کرڙي واڏڙي، وڌوا ڪاجل ريک، او ورسي، او ور ڪري، تي ۾ مين نه ميک. (چوڻي)
147. تِريا تيرهين تين پر، پرک اسي پر چار، جوڀن جوش جمايو، تڏهن ٿنڀ وروڌي نار. (چوڻي)
148. تُري چلندي آکڙي، ڪتي ٺڪر لڪي کاءِ، مِهري پر-گهر هنڊڻي، ٽيئي ليکيان لاهه. (ڍٽ، چوڻي)
149. تلاءُ سڪي وڃي، ھنس نه وڃي. (پھاڪو)
150. تن ڪوٽڙيين، مارو وسي من ۾. (چوڻي)
151. تيجي سهي نه تاجڻو، سورو سهي نه گار، ستي ڪو وچن نه سهي، پڙسي پئون ٻار. (چوڻي)
152. تيلي رو بيل، سؤ سؤ ڪوس چلي، پڻ بٺئي ڪو بٺئي. (راجسٿان، پهاڪو)
153. ٿڌو گهوڙو، کٽر ڏجهڻو، ٽيجو منهن تي ڪوڙ ڪري، چوٿين چنڊي رن چاڳلي، جا تيرنهن تال ڪري، پنجون پرس پليت، جو گانڊو گلا ڪري، پنج ئي ڪڍ پري. (چوڻي)
154. ٿڌو مٺو واءُ، جنھن ۾ لاءُ نه ساءُ. (چوڻي)
155. ٿر آهي بر، ڀٽون آهن ڀوت، هڪڙي چڙھ ئي ڪين، ٻي ڪڍي ٿي ٻوٿ. (چوڻي)
156. ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي. (چوڻي)
157. ٿر جا وسَ، جھول جا گس. (چوڻي)
158. ٿر ڏلهي، سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي، ڪير جهلي؟ (پھاڪو)
159. ٿري اٺ، ڪوڙ کائين سچ ڪمائين. (چوڻي)
160. ٿريو پڙهيو، جڳ اڙيو. (چوڻي)
161. ٿريي جون اکيون، آسمان ۾. (چوڻي)
162. ٿڻين ڏڌو، واپس نه ٿئي. (پھاڪو)
163. ٿوٿا چنا، باجي گهنا. (راجسٿان، پهاڪا)
164. ٽُوسڻ گوڍ، چٽان سين کاري. (پهاڪو)
165. ٺاڪريا نِه ٻاڪريا، هو ماريا ڀلا، هو رڌيا ڀلا. (چوڻي)
166. ٺلهي ٺاڪرائي، ڇارُ-اوڳرائي. (پهاڪو)
167. ٺلو ٺڻو، وڄي گهڻو. (پھاڪو، بيراجي)
168. ثمر هجئي ساڻ، ته پاسو ڪج پنجواڻين جو. (چوڻي)
169. پارڪر جا پهاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ. (چوڻي)
170. پاڙو پيارو جو سمجهي، ٻڌي هيڻن سان همت، سورهيه سچو سر جو، جو رکي ڪار پت، لڙي وڏي ڪٽڪ ۾، سامون جهلي رعيت، پنج ئي لڄ-ونت. (چوڻي)
171. پاڙو، ننگ آھي. (چوڻي)
172. پاڻ اڇا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي، ڪم پئي هڪل ڪجي، تڏهن کنهي ڪياڙي، اڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دهل تي تاڙي، عقل جو ايل پنهوار، گهڻي هڻي ڪچهريءَ ۾ ڄاڙي، ٻه چوري ويڙهائي، ڏئي گهر کي اماڙي، هيئين سان هنڊائي ڇڏ؛ اهي پنج ئي ڀاڙي. (چوڻي)
173. پاڻ-وهيڻو: بادشاهه. (چوڻي، بيراجي)
174. پاڻي منجھ پھاڻ، ڀيڄي پر ڀيڏي نھين. (پھاڪو)
175. پاڻي نِه پرمار، لاڀي تو ليجئي گهڻو. (چوڻي)
176. پائيءَ جا پڪا، ٽڪو لنڊ ڪڍاڻي. (پھاڪو)
177. پتنگ ۽ پروانو، ڪن اگنيءَ مٿي اور، جيئن ڀمر ڦري ڪمل تي، چنڊ اتي چڪور، تاڙي جي تنوار، اَن جي تَڪَ تور، پنج ئي گگن گھور. (چوڻي)
178. پٿورو دعا رو گُند، لکڻا رو کوٽو، لگايان رو وڃاڻ. (پهاڪو)
179. ”پٽيل ڪيئن مئو؟“ چي؛ ”گيو کٿي ري بُڻائي ۾!“ (پهاڪو)
180. پچي ٿئي جو لال، ڪاڻ نه ڪڍي ڪنڀار جي. (پھاڪو)
181. پڇ-مروڙيو ڍڳو، دن اگهاڙي نار، چتين ڇنو موچڙو، مٿي وارو بار، واريءَ سندو پنڌڙو، پنج ئي گردن بار. (چوڻي)
182. پدمڻي پنچ تولا جهيمي، ڏس تولا جهيمي چترڻي، ايڪ پاءُ جهيمي ڪامڻي، سير جهيمي سنکڻي. (چوڻي)
183. پدمڻي پون جاڳي، کڙڪا جاڳي چترڻي، سڏ جاڳي ڪامڻي، واڪا جاڳي سنکڻي. (چوڻي)
184. پدمڻي دو پتر، چار پتر چترڻي، ڪامڻي آٺ پتر، سولا پتر سنکڻي. (چوڻي)
185. پدمڻي ڪون پِتي والو، چترڳڻي ڪون چِير والو، هنش-ڳڻي ڪون وير والو، شکڻي ڪون واڌ والو. (پارڪر، چوڻي)
186. پدمڻي کڙيان ڪيس، ڪڙيان ڪيس چترڻي، اره ڍڪڻي ڪامڻي، ڪنان ڪيس سنکڻي. (چوڻي)
187. پدمڻي هنس چلي، مرگهه چلي چترڻي، مور چلي ڪامڻي، ڍور چلي سنکڻي. (چوڻي)
188. پراڻ جائي، پروجن نه جائي. (چوڻي)
189. پراڻو کوهه وهي؛ لک لھي، نئون کوهه وهي؛ ڊهي پوي. (پھاڪو)
190. پرائي مانيءَ کان، پنهنجن ڪکن جي رٻ به ڀلي. (چوڻي)
191. پرٿويءَ جو نالو: نانهن جو گهر. (چوڻي)
192. پرجا سکي؛ راجا سکي، سکي سڀ سنسار. (پھاڪو)
193. پرس ڪراڙو، جوءِ جواڻ، اهو نه جڙندو جوڙ، جي حيلا ڪرين هزار، ته به بُهه جو نه ٻڌبو نوڙ، چوٿين جَون جي ماني، پنجون ٿيلهي مڇيءَ جو ٻوڙ، پنج ئي گردن ٽوڙ. (چوڻي)
194. پَرَ-متڙيو، سدائين ڏوهرو. (چوڻي)
195. پرڻي او پاڙي، جڻي او جاڻي. (چوڻي)
196. پريت ڪجي جاڻ سجاڻ سون، حيوان سون پريت ڪيسي، سارس ٻيٺا ماس چوماسون، چونچ ڀري سا ڪپاس جيسي. (پهاڪو)
197. پڙهياسي گڻيا نهين، رهيا ٺوٺ ڪا ٺوٺ. (چوڻي)
198. پڪي گهڙي نا ڪنا ڪيها. (پھاڪو)
199. پل پهر مينھن، ڇهه پهر ڇنو. (پھاڪو)
200. پل ري گٿي، سَو سٽون کائي. (پھاڪو)
201. پلو، تپلو. (ڍٽ، چوڻي)
202. پنڻ عيب، مدد ڪرڻ فرض. (چوڻي)
203. پنڻي پنيو، سڪڻو سمهو رو سمهو. (پهاڪو)
204. پنھنجو گهر، هنگيو پئي ڀر، پرايو گهر، تُڪيو پئي ڏر. (چوڻي)
205. پورب جيڪو وڻ چوري، سو ئي وڻ ٻوڙي. (پھاڪو)
206. پوڙھو ٿيو اٺ، ته به گت گونئرن جي. (پھاڪو)
207. پوسرڪي جو پاڻي، ڪونئرل جي سيم. (وٽ، چوڻي)
208. پوک کي ته ڀاڻ ڀلو، کٽ کي ته واڻ ڀلو، اٺ کي ته ڏاڻ ڀلو، پڪو پختو ماڻ ڀلو، روهيڙي جو وڻ ڀلو، ٻڪرين جو ڌڻ ڀلو، هاريءَ کي هر ڀلو، جاءِ کي در ڀلو. (چوڻي)
209. پَون مٿي پر ٺھيو، سو ميگھ جو مانڊاڻ. (چوڻي)
210. پوھ کلڙ کوھ؛ ھڪڙا رڌ، ٻيا سوھ. (چوڻي)
211. پوهه، لاڻا لوهه. (چوڻي)
212. پهرين پيٽ پنجوءَ جو، پوءِ ٻار ٻچا. (پهاڪو)
213. پهلو سک نروڳي ڪايا، ٻيجو سک ته گهر ۾ مايا، ٽيجهو سک ته بچن سڌ ناري، چوٿو سک پتر اگيا ڪاري. (چوڻي)
214. پيٽ، بري بلا آهي. (بيراجي، چوڻي)
215. پيٽ ديا پت کوهڻ ڪون. (چوڻي)
216. پير ٿيو ڪي پيڙ ٿيو. (چوڻي)
217. پير کپا ڙي، ته جاٺا مارا ڙي. (پھاڪو)
218. پيري، جوانيءَ تي ڪُرڪي. (چوڻي)
219. پيريءَ کي سؤ عيب. (چوڻي)
220. پيءُ پٽ، ليکو. (چوڻي)
221. جاٽ، جنوائي، ڀاڻيجو، رئيٻاري، سنار، ڪدي نه هوسين آپڻا، ڪر ديکو ويوهار. (چوڻي)
222. جاٽ ڪهي ري جاٽڻي، اُوئي ديس ۾ رهڻا، جي ڪهي اونٺ ٻلاڙو ليگيو، تو ”هان جي هان ڪهڻا.“ (پھاڪو)
223. جانڃ آئي ڇَني ٻيٺي، ڪنوار ماءُ ڪتڻ ٻيٺي. (پهاڪو)
224. جايا جڪان را پوت، ڪتيا جڪان را سوت. (پهاڪو)
225. جتي باهه ٻري، اها جاءِ جلي. (پھاڪو)
226. جتي پڄڻ نه آهي جاءِ، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو. (پھاڪو)
227. جتي جتي کيجڙي، اتي اتي گوگو چوهاڻ. (چوڻي)
228. جتي چاهه، اتي راهه. (پھاڪو)
229. جتي ماني، تتي ماڳ. (بيراجي، چوڻي)
230. جتي هر، تتي گهر. (بيراجي، پھاڪو)
231. جر ميگھان جر، ٻر ته ٻانھان ٻر. (چوڻي)
232. جڪو گهڻي رو گيو، سو موٽيو ڪو هي. (پھاڪو)
233. جڪي مارگ نه جاڻو، اوئي رو نان ڪي ليڻو. (چوڻي)
234. جکران ري جياڙ، کيٽي ۾ کوٽي ڪيو. (پهاڪو)
235. جُڳائيندو کائجي ۽ رُچندو هنڍائجي. (چوڻي)
236. جڳ جا سيڻ؛ ٿر جا سيئنڌ. (وٽ، سارو سنگهار، چوڻي)
237. جَل ٿنڀ، کڙ ٿنڀ ۽ سوا ٿنڀ. (چوڻي)
238. جن ڌاريون ڳئون، تن جو بخت سنئون. (چوڻي)
239. جنني ۽ جنم ڀومي، سرڳ کان اتم. (چوڻي)
240. جوان مرد، واڌي حرص، ٻيا چيلهه ٽڪا ڇڻڪن، سوھڻيون سنگهارن کوڙيون، وِڄن مينهن وسن، پنج ئي ٻهڪن. (چوڻي)
241. جوانيءَ ۾ ڌن تو پُور ۾ پُور، گرڍاپڻ ۾ ڏک تو سُور ۾ سُور، پنڌ ۾ ڀار تو ڏُور ۾ ڏُور، کنڊ ۾ کير تو نُور ۾ نُور. (چوڻي)
242. جُوٺا پرين، کوٽو ٻڙڌ، کٽر گانءِ، ڇڊا گيهون، گهاٽا تر، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)
243. جو دم جيوين، کير ولوڙ. (غلام فريد، چوڻي)
244. جوئيتان ري اڳي، روئيتان هوسين. (چوڻي)
245. جھڙو سوار، اهڙو پنڌ. (بيراجي، پھاڪو)
246. جهڙي تهڙي جوءِ، گهرين ويٺي هوءِ. (چوڻي)
247. جهڙي ڏيک، تهڙي سيک. (چوڻي)
248. جھڙي وائبي، تھڙي کائبي. (پھاڪو)
249. جُہ سي لوڙائو، جنين ڍار رهن، مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو. (شاهه، چوڻي)
250. جيترو پاڻي اونھون، اوتري مٽي جي سِڪ وڌيڪ. (پھاڪو)
251. جيسلمير جيسلمير، گهر سان وير پَرَ سان ميڙ. (چوڻي)
252. جيسين نه وڃي پاڻ، نينھن نياپي نه ٿئي. (شاھ، چوڻي)
253. جيڪي ڪپورئي ۾ هوندو، سو ئي اوهاءَ ۾ پوندو. (پھاڪو)
254. جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو ئي آهه ۾ پوندو. (پھاڪو)
255. جي کنوي ڀرڻي، ته نار به جھڙي نه پرڻي. (پھاڪو)
256. جيوڙي آئي، ڪي نه ڀائي. (چوڻي)
257. جي وس چرندا، تن ڇنڊ ته لڳندي.
258. جي وسي چيٽ ته ان نه ماپي کيٽ. (زرعي، چوڻي)
259. جي هڙان نان ڏين، تو ئي وڙان نان وڃاءِ. (چوڻي)
260. جيئڻ لاءِ به سھپ کپي. (چوڻي)
261. ڄٽن جا سيٺ، مٽن جا ڳيھ، ڌيئن جا پيءُ، کُٽا کُٽَن جا پٽ. (چوڻي)
262. ڄيٺو گهر گهي نه رکيئي، ڀادروو ڪپاس، ڌيئان گهر، بهوئان پِيهر، اِتني رکئي وڻاس. (چوڻي)
263. ڄيٺو مينھن، پڻيٺي پٽ ۽ نيري وهانءُ، ڪن سڀاڳن سامھون. (چوڻي)
264. ڄيٺ-ويساک جي تتي ڏينهن، ساوڻ-بڊي جي وسندي مينهن، پوه-مانگهه جي آڌيءَ رات، شال نه پوي هنگڻ تات. (چوڻي)
265. جھرندي، تڏھن ئي ته جُڙندي. (پھاڪو)
266. جهنگ کي سدائين ننگ. (چوڻي)
267. جهونو منڊ، بڊي ڀنگ، گانجي پوئين سوٽ، گهوڙو سر ميدان ۾، ڀري گاڏونيءَ سوٽ، پرڻي رات پهرينءَ، پپر پينگهه جوٽ، عشق اول کان لڳو، اهي اٺئي الهوٽ. (چوڻي)
268. چار چور، چوراسي واڻيا، هڪڙي هڪڙي، ايڪويهه تاڻيا. (پھاڪو)
269. چار مليا ته چؤسٺ کليا، ويس ڪريو جوڙ، سڄڻ سڄڻ سين مليا، مليا لاک ڪروڙ. (چوڻي)
270. چار ئي واهون چڪن، تڏهن سوڍا سيڻ ڪجن. (پھاڪو)
271. چانديءَ جو رپيو ٿر ۾ ويو ته مُٺو، ٿيو زمين حوالي. (چوڻي)
272. چتر تو چار ئي ڀلا، مورک ڀلا نهين ساٺ، چندن ڪا ڪُٽڪا ڀلا، گاڏين ڀريا ڪاٺ. (ڍٽ، پهاڪو)
273. چتر تو چوريا ڀلا، اڻ چوريا اڄاڻ، کوئا ٻوها ڀلا، ڀريا ڀلا نياڻ. (ڍٽ، چوڻي)
274. چتر سين چتر مليو، هوگئي رس ڪي لُوٽا لُوٽ، مورک سين مورک مليو، هوگئي پوري ماٿا ڪوٽ. (چوڻي)
275. چتر ڪا چُٽڪا ڀلا، مورک ڪا جمارا، چندن ڪا ڪٽڪا ڀلا، اور ڪاٺ ڪا ڀارا. (پهاڪو)
276. چتر منک را روسڻا ئي ڀلا، کوهي مورک ري ٻيل، نيڻين ڏٺا گيهه ڀلا، ڪيا مک کائي ئي تيل. (پهاڪو)
277. چڙهئي رو سڀا ڪو ئي، ڪِرئي رو ڪير ڪونهي. (پھاڪو)
278. چڪر، ڪم دلن جو. (چوڻي)
279. چمار ڪي آنگن چندن اُگا، نِت نِت ٽنگيا چام، چندن بِچارا ڪيا ڪرتا، پڙيا نيچ سي ڪام. (پهاڪو)
280. چندن اُپني، سک اُپنو، کِلي سڀ وڻراھ، ھيءُ وڻ سڀاڳو اُپنو، جنهن واسي سڀ وڻراھ. (پهاڪو)
281. چندن پاسي رکڙا، سو ڀي چندن هوئي. (هندي)
282. چور ري من ۾ چڙي. (پهاڪو)
283. چور نا ڪهين چوري ڪر، ڌڻي نا ڪهين هوشيار. (پھاڪو)
284. چور نِه ڌڪو ٻو، باڻيا مرڳو شؤ. (پھاڪو)
285. چيٽ چٽيا، ويساک ورهايا. (چوڻي)
286. چيٽ تتو ڀلو، ويساک لڳو ڀلو. (چوڻي)
287. چيٽ چمڪيو نه ڀلو، وٺو ڀلو نه ڄيٺ، راجا رٺو نه ڀلو، سرتو ڀلو نه سيٺ. (چوڻي)
288. چيٽ، لڱن ميٺ. (چوڻي)
289. ڇا رٻ، ڇا بسم الله. (پھاڪو)
290. ڇتر ڏنتو ڪو ئي ڪِ مورک، ڪو ئي ڪِ نرڌن ٽالڪا. (مارواڙ، چوڻي)
291. ڇُٽي جند ڇوڪر جي، ڪڍيو لِنڊ خدا. (پهاڪو)
292. ڇلو مرون ڏينهن پڇري، ڪڪڙ سانجهيءَ وار، پدمڻي پرائي پکڙين، پتي لهي نه سار، پرس پراوا قرض کڻي، ڪري وڏا اپڪار، سٿ ويٺي سمهي رهي، پنج ئي گينوار. (چوڻي)
293. ڇنل جتي پير ۾، گُهرگهر ڪئي جوءِ، ٻئي نه هوءِ. (چوڻي)
294. ڇوڪري؛ گونگي گانءِ. (چوڻي)
295. حراميءَ جو هَرُ، واريءَ ۾ به نه وهي. (چوڻي/ پھاڪو)
296. خاصخيلي خار، ٻارهين مھيني ٻِه-ڏندو. (چوڻي)
297. خاصخيلين جي کِٽ کان، واريءَ جي ڀٽ کان، مولا پناهه ۾ رکي. (چوڻي)
298. خالي باسڻ، گهڻا کڙکڙاوئي. (راجسٿان، پهاڪو)
299. داتا اتي منگتا، سَرووَرَ اُتي هنس، راجا اُتي رهاڻيون، مورک اتي بحث. (چوڻي)
300. دڙيليءَ ۾ دهل وڄي، ڍينگاڻ ۾ ڍيڍ نچي. (پھاڪو)
301. دل درست، ته تن درست. (چوڻي)
302. دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي. (چوڻي)
303. دوست دشمن ڪو نه پرکڻا، مِلئي وڏي رتبي سنگت ڪو نه سڃاڻڻا، مايا آئي تو ڏکيا ڏينهن ڀولڻا، ڪچهري وچ ننڍي وڏي ڪو نه ڏيکڻا، وديا پاوڻ سين وڏي ڪو مورک سمجهڻا، پنج ئي جڳائي مرڻا. (چوڻي)
304. ديس چوري، پرديس بِکيا. (پھاڪو)
305. ڌرتي ميگهه نه رجيئي، آگ نه رجيئي ساڙ، راجا راج نه رجيئي، موت نه رجيئي مارِ، عيشون نفس نه رجيئي، پُرش نه رجيئي نار، دونئنان نه رجيئي، ڏٺي سڄڻ ڪلتار. (چوڻي)
306. ڌن تي ڪُروپ روپ، ڌن تي وڄن ڏھڪاءَ، ڌن تي ريجهٽ راءُ، ڌن تي ليجهٽ لاءُ، ڌن تي ڪانئر سورهيه، ڌن تي بنت ڪچهري، ڌن ڪي منهن ۾ ايسي، راجا اِندر ڇپا جيسي. (چوڻي)
307. ڌن کيتي، ڌِڪ چاڪري، ڌن ڌن بڻج ويھ هار. (چوڻي)
308. ڌن؛ يا جوڌين، يا ڳوڌين. (چوڻي)
309. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي. (پھاڪو)
310. ڌڻ پنهنجو سنڀالجي، ڏوھ ٻئي کي نه ڏجي. (پهاڪو)
311. ڌڻ ڌار ته لٺ کڻي چار. (پھاڪو)
312. ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، ايءَ نه سنگهارن سِٽ. (شاه، چوڻي)
313. ڌوٻي ري گهران گِي ڇُوو، گڀا ڦاٽي مالڪ رو. (پهاڪو)
314. ڌوڙ ڌنيتيءَ ري، رک رتنيءَ ري. (چوڻي)
315. ڏاڙ کٽُوڪي ڪاڪرو، جَم رَجي کٽُوڪي نيڻ، گَيو کٽوڪي والمِو، مُوئي وسري ويڻ. (چوڻي)
316. ڏاکڻا نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته ٽوڙي. (چوڻي/پھاڪو)
317. ڏانٽي وڪئي، ڏاڊ نه لھندي. (پھاڪو)
318. ڏانگ ڀڳي تو ئي ڏوٻران سارو گهڻي اهي. (پهاڪو)
319. ڏاوَڙ نار؛ ڏيرو ڏُول. (چوڻي)
320. ڏاهو ڪانگ ڦاسي ڪو نه، ڦاٿويه ٻن ٽنگن سان. (پهاڪو)
321. ڏٻرو ڏاند، پوک جو پاند، ٻئي وِڻواند. (چوڻي)
322. ڏٿ آهي، اڌهي جو امهير. (چوڻي)
323. ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا. (چوڻي)
324. ڏچر گهوڙي، سُچر زال، اڌارو وهانءُ، گهاٽا تر، ڇڊي ڪڻڪ، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)
325. ڏڪار ۾؛ ٿر جي مٽي به رلي وڃي ٿي. (پھاڪو)
326. ڏڪار ۾؛ راڻين جا ڪنگڻ به ڍرا ٿيو وڃن. (پھاڪو)
327. ڏڪار؛ وڇوڙو، وسڪارو؛ ملاپ. (چوڻي)
328. ڏڪريان ڪهڙا ڀاڙينگڙا؛ جائي تو پيٽ خالي، پرڻائي تو گهر خالي. (چوڻي)
329. ڏڪري کائي پيئي مت، گهر سهي ٿارو. (پھاڪو)
330. ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي، سک ۾ سرهو نه ٿجي. (چوڻي)
331. ڏمرجي ته به ڏئي، پرچي ته پل ڀري، جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چِت ۾. (چوڻي)
332. ڏمر ڏولائو، کمٿ کٿوري. (چوڻي)
333. ڏنو ناڻو، ڀڳو ماڻو. (چوڻي)
334. ڏوکڙو؛ سيڻ، سوکڙو؛ ويري. (چوڻي)
335. ڏو مُوسا، ڏو ڪاترا، ڏو تيڏي، ڏو تاءَ، ڏو بِسَئر، ڏو واءَ، ڏو ڪي ٻانڌي جَڙَ هِيري، ايڪ ڪي ٻانڌي کُوڙيو ماريءَ. (چوڻي)
336. ڏونگر ته ڏور ڀلا، نيڙا تو پاھڻيا. (چوڻي)
337. ڏونگريا هريا هوئا، جڏهن سکر ٽهوڪي مور، تڻ رُت چالين تين جڻان؛ چاڪر، منگت، چور. (چوڻي)
338. ڏوهتراڻ نِه پوتراڻ، وڌتو ويري. (چوڻي)
339. ڏهاڳڻ را ڏاکڙا، ڪي نه آيا ڪاڄ. (پهاڪو)
340. ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو. (چوڻي)
341. ڏي روٽيان را چڙهه، گهتيان تي پنڌ ري چٽي ۾. (پھاڪو)
342. ڏيس بکاڻي ڏڪرو؛ گان بکاڻي نار، برسات پڙي ڍاٽ تي، ڀلا ڍاٽين جا پار. (چوڻي)
343. ڏينهان ڇلو نه ڪري، ڪڪڙ سانجهي وار، جوءِ پرائي پکڙي، مرد لهي نه سار، جو ويٺي ساٿ سمهي، اهي پنج ئي گينوار. (چوڻي)
344. ڏيڻ، روئڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ٽيئي ٽول ڏکيا، قادر پنهنجي قدرت سين، هيئين هيٺ رکيا. (چوڻي)
345. ڏيھ ۾ ڏياري، ھروءَ ري گھرين ھوري. (پھاڪو)
346. ڊامڻ، گهوڙي کي آمڻ. (چوڻي)
347. ڍائو ڪري آڻا ماڻا، بکئي وڃي ساهه. (بيراجي، چوڻي)
348. ڍڳو ڇتو ٿيندو، ته به نٿ ڪو کائيندو. (پھاڪو)
349. ڍول نِه ڀول، ڪٽيا ڀلا. (چوڻي)
350. ڍؤ جهلي هڪ ڀاڀڙو، ٻيو مينھن. (چوڻي)
351. ڍؤ ڪميڻو، غربت اشراف. (چوڻي)
352. ڍيڍ ڍيڍان را پرامڻا، تي گش ۾ ناکيو گهي، آمان شامهان شٻڙڪا ماري، مشلا جاڻي اي تماشو ڪي. (چوڻي)
353. ڍينگھر؛ وڏي ڍڪ. (پھاڪو)
354. رات آنڌاري، ٻَڙڌَ ڪارا، گوچريو کيتر، پگان ۾ وارا، ڏوسي ڪوهَڙِ، اڱڻئي سارا؛ اهي پنج ئي پيٽ ٻارا. (چوڻي)
355. راجا بيوپاري، پرجا ڀيڪاري. (گجرات، پھاڪو)
356. راجا رٺو ته گھوريو، پر مند نه رسي مينھن جي. (چوڻي)
357. راجا هٺ، ٻال هٺ، تريا هٺ ۽ جوڳ هٺ. (چوڻي)
358. راجپوتي ذات ڏنڊي وانگر، ڀڄي پر جهڪي ڪا نه. (چوڻي)
359. راڄ پوپان ٻائي رو، ليکو رائي رائي رو. (راجسٿان، چوڻي)
360. راڳي، پاڳي، پارکو، ناڙا ويد، نياءُ، سيکاريا نه سکيا، اُڪلي منجهه هنياءُ. (ڍٽ، چوڻي)
361. رامديو جا چيلا؛ ڍيد ۽ چمار. (مارواڙ، چوڻي)
362. رام رام جپنا، پرايا مال اپنا. (چوڻي)
363. راوڙو گھوڙو، روھي رو ڪک، واکاڻيان نه واکاڻجين. (پھاڪو)
364. رٻڙي ٿانرا رونس، بساران نبسرين. (چوڻي)
365. رت؛ راڻو آ. (پهاڪو)
366. رت نان ئي رونٻڙي لڳسي. (پهاڪو)
367. رتيءَ بن رڌ، رتيءَ بن سڌ، رتيءَ بن جوڳ، اجوڳ جتي ڪا، رتيءَ بن راج، رتيءَ بن پاٽ، رتيءَ بن ڀائي، نه ماني بات ڪسي ڪا. (چوڻي)
368. رپيو جو ڀيلڻ ري کڙي جهڙو. (پهاڪو)
369. رسوئيو، ڇپني ۾ ئي بک ڪنهي مري. (چوڻي)
370. رماڙيو رو نان ڪونهي، رُئاڙيو رو نان هي. (پهاڪو)
371. رن تي ٻُڏءِ، پَلَوَ تي نپوڙءِ. (پهاڪو)
372. رن جهاپي، مڙس پوڙهو، بي چيو پٽ، چُٽر گهوڙو، چلوڪو ڪتو، جڏو جوڙو، پري جي مائٽي ۽ وڏو وڇوڙو، ست ئي سور. (چوڻي)
373. رن ري مونڏاڻي ئي مهونگي. (چوڻي/ پهاڪو)
374. رن گڻنئي اگلي، جنهن جو ڪُني مٿي ڪهٽ، ڪڻا کٿي ۾ ٿورڙا، لُٽي ڏئي مَٽ، ڪار نه ڪري گهر جي، اولاڻيو ڇڏي ارٽ، چنگلايون ڪري چگهه سان، بيهي مٿي ھٽ، اهي چار ئي لڇڻ چٽ. (چوڻي)
375. روپ روئي، ڪرم کائي. (چوڻي)
376. روزي حيلي، موت بهاني. (چوڻي)
377. روکا ڀوڄن، ڀونءِ پوڍَڻَ، ڪَرَهَ ڪميڻي نار، چوٿا ميلي ڪپڙي، نَرڪَ نشانين چار. (چوڻي)
378. روھڻ تپي، مگسر وائي، آدر ڊهوڪي، ميهولو آئي. (چوڻي)
379. رهه گهڙندو گهوٽيو، پانچاريو ڪهڪاڻ، سوئر سڱا ڪڍيا، شينهان مک ماراڻ، استيءَ اروھ سٽ، پنج ئي مي مت. (چوڻي)
380. رهي ٿي راهومان ۾، رڌي نه ٿي رٻ. (پهاڪو)
381. رهين ٿي رهيءَ ۾، رڌئين نه ٿي رٻ. (پھاڪو)
382. ريءَ سازين چارڻ هليو، ڪوريءَ ڇڄي سيڻ، ڳوريءَ جوڀن ڇڏيو، گهوڙي ناهي زين، نڪتو راجا راڄ مان، اهي ئي پنج مسڪين. (چوڻي)
383. زال ۽ درياھ جي پور تي، ڪھڙو اعتبار؟ (چوڻي)
384. زر وڃي، زبان نه ڦري. (چوڻي)
385. ساٺي، ٻڌي ماٺي. (چوڻي)
386. ساجن پر-گهر جاوتان، ڏک نه وانٽو ڪو، ڀرم گماوين آپرو، واٽ نه ليسين ڪو. (چوڻي)
387. ساڙ واکاڻا سنڌ رِي، مُونگ مَندوور ڏيس، جهيڻو ڪپڙو ماڙوي رو، منک مڙڌر ڏيس. (چوڻي)
388. ساسرو اهڙو، جهڙي ڪٽان ري باڙ. (چوڻي)
389. ساسرو سک واسرو، پڻ چار ڏِنان رو آسرو. (چوڻي)
390. ساک تي ٻيڙا ٿا هلن. (پهاڪو)
391. ساڳي زبان کٽ تي ويهاري، ساڳي زبان پٽ تي ويهاري. (چوڻي)
392. سامونڊي ساڻي، مينهن نه ڪو پاڻي. (چوڻي)
393. سانجهي اُلھندان اُڳي ته ٿر تي، اُڀرندان اُڳي ته جَرَ تي. (چوڻي)
394. سانجھي؛ مينھن جو مانجھي. (چوڻي)
395. سانوڻ آيو ته سک ٿيا. (چوڻي)
396. سانوڻ جو مينھن، چونئري جو هڪ پاسو پُسائي ٻيو نه. (چوڻي)
397. ساهوڪارا را ساڙا ئي گهڻا، گريب رو پينهوئي اي ڪو ٿي. (چوڻي/ پهاڪو)
398. سڀڪو پنھنجو بخت ٿو کائي. (چوڻي)
399. سڀ ڪو پنھنجي ڄائيءَ وارو آھي. (چوڻي)
400. سڀڪو لڏيندو لوءِ، ڪو اڳي ڪو پوءِ. (چوڻي)
401. ستين لنگهڻين، ڪتو حلال. (چوڻي)
402. ستيءَ، زمين به ڪونھي. (چوڻي)
403. سپ نه ماري، سراپ ماري. (پھاڪو)
404. سپوتر سؤ ڀلا نِه ڪپوتر هيڪ ئي ڪڪ ڪري. (چوڻي)
405. سج لٿي کان پوءِ دير ڪانھي، ڦرئي کان پوءِ ڀؤ ڪونھي. (پھاڪو)
406. سڃو پٽيل، راڄ تي چٽي. (پھاڪو)
407. سچ سنگت سين ٻُڌيا وڌي، جيئن جهاڙي اوٽ گهاس، نرمونڍ ڪي سنگت سين، هو اڳلي ٻُڌيا ڪا ستياناس. (چوڻي)
408. سخاوت، پنھنجي گهر کان شروع ڪجي. (چوڻي)
409. سڌريا به گھر جي سونھن آھن. (پھاڪو)
410. سرامڻ جو سرجيو، ڄائو اسوءَ ماھ، ڏياريءَ جو ڏڻ، ٻاري وٺو مٿي باھ. (چوڻي)
411. سرامڻ صحيح وسي ته سٺو آھي. (چوڻي)
412. سرڪار ڪي ري، مان نڪو ٻاپ. (چوڻي)
413. سرمر ڌوئي پاڳ، چلي اڍنگي چال، گهر گهر گهومي انت گهڻي، گيت رستا ۾ گاوين، نر ڏيکي نخرو ڪري، ايتي نار ڪلڇڻي. (چوڻي)
414. سُر منڊل جي ساز جو، سانڊي ڪهڙو سُور، راڻي جي راڳ تي، رڍ نه ريجهي مُور، ڪهڙو قدر ڪافر کي، سندو نبيءَ نُور، ڄٽ نه ڄاڻي ڳالهه کي، ٺوڪي رکي ٺُور، عقل کان سدا اُهي، رهن چار ئي چُور. (چوڻي)
415. سِرُ وڏو سپوٽ جو، پير وڏو ڪپوٽ جو. (چوڻي)
416. سڪار ۾ ئي سڄڻ ياد ايندا آھن. (پھاڪو)
417. سڪارين ڀلا سيڻ، ڏڪارين ڀلا ڏاڻيا. (چوڻي)
418. سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير، چوٿون چغدو، جنهن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (چوڻي)
419. سرياند هجين ته ڳئون ڌار. (ڪڇ، چوڻي)
420. سڪلن گڏ، آلا به ٻريو وڃن. (پھاڪو)
421. سُڪي تي ڏانگڙو ته مينهن ايندو، وُٺي تي ڏانگڙو ته مينهن کڻندو. (مهراڻو، چوڻي)
422. سک هوئين تو گهر ڀلا، نيتان ڀلا پرديس. (چوڻي)
423. سمان، سپان، ٺران، ٺپان، ٺاڪران، جر، مِگر، جوءِ، جو اُئان مٿي اعتبار ڪري، او انهان جهڙو هوءِ. (چوڻي)
424. سمجهو ٺاڪر سريويئي، نهچڙلئي ئي ڇانو، سڌ تري رو پاڳوڙو، سڪلڻي ري ٻانهن. (چوڻي)
425. سنپت آهي؛ برڪت. (چوڻي)
426. سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي. (چوڻي)
427. سنهون ڌڻ؛ چڀڙن جي ڀري. (پھاڪو)
428. سنهون ڌڻ؛ ڪتي ٻلي رو کاڄ! (چوڻي)
429. سواس اچي نه اچي، ڪو ڀروسو نه آهي. (چوڻي)
430. سوڍن مڙن سَوَ، ته به مَٽُ نه ڀانئج مينڌري. (پهاڪو)
431. سوڍيڪو سؤ؛ ست بيسان، ڏِسي هجاري لک. (پهاڪو)
432. سورج اُگو، سنسار ڏيکسي. (پهاڪو)
433. سوريو ٿي بايو، ٻڙڌ ڇوڙهيو نٿي آيو. (چوڻي)
434. سوڙ سارو، پير ڊيگهاڙجن. (پھاڪو)
435. سوموار، شڪر، وسپت جي جرڪنڊو هوءِ، ٽي پهري ٽي ڏهاڙي جو ريلتو جوءِ. (چوڻي)
436. سونارو رو سو ڌڪ؛ لوهارو رو هيڪ ڌڪ. (پھاڪو)
437. سون جي رتيءَ کان، رت جي رتي وڌيڪ. (چوڻي)
438. سَوَڻَ سڄڻ، من ويري. (چوڻي)
439. سوڻ نه مڃڻ، به اپ سوڻ آھي. (چوڻي)
440. سؤڪ تو مٽي ري اي ڀونڏي. (چوڻي)
441. ”سيا مانس کائينس؟!“ چي؛ ”آپ رو بچي تو کاسو“. (پهاڪو)
442. سيدن کان سڃ ڀلي، کاري پاڻيءَ کان اڃ ڀلي. (ڍٽ، چوڻي)
443. سي نِه ٻهي، جِتو ڪرسو اُتو ٿيسي. (چوڻي)
444. سينسي؛ آتم ونستي. (سنسڪرت، چوڻي)
445. سينهندو سامي، سينٺ برابر. (پھاڪو)
446. شاه پرسي وچن سنچري ئي نه، سنچري ته پري. (چوڻي)
447. شاهه وچن، شينهن گمڻ، ڪيلو ڦري ايڪ وار، تريئا تيل، همير هٺ، چڙهي نه ڏوجهي وار. (چوڻي)
448. شراڌ پُنا، ٻانڀڻن چاڙهيا ڪنا، ڪانَو ويهي رنا. (چوڻي)
449. شش بنا رجني سوني، گيان بنا هرڏو سونو، پات بنا ترور سونو، پتر بنا پاڙو سونو، سخي سوا شهر سونو، بادل سونو بن ڏامڻي، ڪھي بير بتال نان، گهر سونو بن ڪامڻي. (چوڻي)
450. صحرا منجھ ساوڪ؛ پاڻيءَ جي نشاني، ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ وٽ اچڻ؛ محبت جي نشاني. (چوڻي)
451. عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جائي، اٺ ڇُٽو ڪڻڪ ۾، تو ڀي ڪنٽا چُڻ چُڻ کائي. (پھاڪو)
452. عاشق ان کي چئجي، جو اٺئي پھر اداس. (چوڻي)
453. عقل؛ وڏي اٽڪل. (چوڻي)
454. عقل وِراڻي، تڏين اٽي ڇاڻي جلين. (ڪڇ، چوڻي)
455. عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته ڪو نه ٿيلهيندو. (پھاڪو)
456. عورت ڇڏي گهر کي، جيڪا گُهمي گهَٽُ، راس بنان، روڪڙ سوا، جيڪو کولي هَٽُ، ٽيون کارو کوھ ۽ چوٿون کوٽو وَٽُ، چار ئي چَٽُ. (چوڻي)
457. عورت ۽ گهوڙو ان جو، جنهن جي قبضي ۾. (چوڻي)
458. غرض ۾ گڏهه کي به ٻاپو چوڻو ٿو پوي. (پھاڪو)
459. غريب هئڻ، ڪو عيب نه آهي. (چوڻي)
460. ڦٿل گدرو، پترن نمتارٿ. (پھاڪو)
461. ڦٽي کي ڪھڙي ڍل؟ (پھاڪو)
462. ڦَرجڻ نان ٽائيم ٻيجو، ويامڻ نان ٽائيم ٻيجو. (پهاڪو)
463. ڦڳڻ ڦوسيارو؛ ڏينھان اونھارو، راتيان سيارو. (چوڻي)
464. ڦوسو، ڦڙسو، ڦڙسرام، مايا تيري تين نام. (چوڻي)
465. ڦوهڙ هلي، گهر سيه چلي. (چوڻي/ پهاڪو)
466. ڦل ات پتر-ڦل، اور ڦل ڪانئي ڪا، رس ات پريم-رس، اور رس ڪانئي ڪا، تيج ات نين-تيج، اور تيج ڪانئي ڪا، جوت ات اندر-جوت، اور جوت ڪانئي ڪا. (چوڻي)
467. قرض؛ آهي ڪوڙهه جو ٽڪو. (چوڻي)
468. ڪاٺ جي پور ۽ ماڻھوءَ جي اندر جي ڪھڙي خبر؟ (چوڻي)
469. ڪاٺين کي باهه مان، مرونءَ کي ماهه مان، بخيل کي مال مان، عالم کي علم مان، سائل کي خيرات مان، ڪڏهن به ڍؤ نه ٿئي. (چوڻي)
470. ڪا راکي ڪُر آپڻون، ڪا راکي ڪلتار. (چوڻي)
471. ڪارڙو ڪمارڙو، ان ڏيو ته مولا مينهن وسائي. (چوڻي)
472. ڪارو؛ ماري يا کاري. (چوڻي)
473. ڪارونجهر ٽڪري، هر روز سوا سير سون اپائي ٿي. (چوڻي)
474. ڪارونجهر ري ڪور، مريجي ته به مليجي نا. (چوڻي)
475. ڪاري ڏڌي، اڇو اچي ٿو. (پھاڪو)
476. ڪاريءَ رات ڏيپڪ جلي، اڀ کنون بيج، آهر ڦلاري ٻيٽئين، مهيلي مک ڏنت، پٻڻ پسارا ڪيا، پنج ئي ٽهڪنت.
477. ڪاڪا ماما ڪهوانا، گهر ۾ هوئي تو کاوانا. (پهاڪو)
478. ڪاڪو جنھن جو ڪونپجي، ڀائي جنھن جو ڀارومل، گهوڙو جنھن جو نو لکو، اهو راوت رڙ مل. (چوڻي)
479. ڪاڳا ڪسي ڪا نه ڌڻ هڻي، ڪوئل ڪسي ڪو نه ديت، ايڪ ڄِڀيا ڪي ڪارڻي، جڳ سو متر ڪريت. (چوڻي)
480. ڪا ماءُ، ڪا ماءُ رو ڄايو، ٻيجو سڀ لوڪ پرايو. (چوڻي)
481. ڪامهه؛ ٽوڙي يا جوڙي. (چوڻي)
482. ڪامهوڙي ٿي لاڳي، ڀتو کڻيو ڪلا ٿي ڀاڳي. (چوڻي)
483. ڪانچ ڪٽورو، گهيءَ گهڙو، موتي ۽ مَنُ، ڀڳا وري نه ٺهن، تن جو پهرين ڪجي جتن. (پھاڪو)
484. ڪانچ ڪٽورو، ڪونب جل، موتي، ٻيجو مَنُ، اتنا ڀڳا سڄا نه ٿيوي، پهلا ڪريا جتن. (چوڻي/ پھاڪو)
485. ڪاڻو ري ويهان ۾ وگهن گهڻا. (پهاڪو)
486. ڪاڻي اک ڪجل پائي، ٻُچي ڏاڙهي هٿ هڻي ٺاهي، بيني نڪ نٿ پائي، ٺوٺ گُر، ماٺو ڍور، پنج ئي گهگهن گهور. (چوڻي)
487. ڪڀوئي منگت آرس ڪري، چور چوريءَ نهين جائي، چاڪر بيچارا ڪيا ڪري، روج پار ڪا کائي، آڌي رو هڪل ٿائي، تو ’جي جي‘ ڪرتا جائي. (چوڻي)
488. ڪتي آھي مادي، پر آھي ڏاڙھين جو مَٽُ. (چوڻي)
489. ڪتي جو بک ۾ ساهه وڃي، سرائيءَ جي وٺ تي بڇ. (پھاڪو)
490. ”ڪتي ري وات ري مانٽي ڇو کايئه؟“ چي؛ ”مانٽي چوپڙياري هَتي.“ (پھاڪو)
491. ڪُتي کي چرڻو، انڌي کي پرڻو، اهو آهي؛ ڪارو منهن ڪرڻو. (چوڻي)
492. ڪٿي لک پيا لٽجن، ڪٿي ڪک لاءِ پيا سڪن. (چوڻي)
493. ڪٿي واري، ڪٿي ترڪاري. (زرعي، پهاڪو)
494. ڪجا راجا ڀوڄ، ڪجا گنگو تيلي. (سنسڪرت، چوڻي)
495. ڪجا علي، ڪجا پلي. (پهاڪو)
496. ڪَچَرَوُ ٻونٺو، سدائين سائو. (پهاڪو)
497. ڪچو، ڪاڇو ۽ ٿر، پاڻيءَ بنا لڳي بر. (چوڻي)
498. ڪچي دلي ۾ پاڻي ڪيسين رھندو؟ (پھاڪو)
499. ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (چوڻي)
500. ڪراڙي اٺ کي، مٽڻ ڏانءُ نه اچي. (پھاڪو)
501. ڪرم-ٺوڪ کيتي ڪري، ڪا ٻڙڌ مري ڪا ٽوٽو پڙي. (پهاڪو)
502. ڪرم لکي نان ٽري، ڪرڻ هار ڪلتار. (چوڻي)
503. ڪرنتا سو ڀوڳنتا، کودنتا سو پڙنتا. (راجسٿان، چوڻي)
504. ڪسيري ري ڪان ري ڪري، لکان ري لوڏ ڪنهي ڇڏجي. (پهاڪو)
505. ڪڪڙ مُٺي، کوڻي روئي. (پهاڪو)
506. ڪمائين غريب، کائين سيٺيون. (چوڻي)
507. ڪم ڀلا اَهين، چم ڀلا ڪو اهين. (چوڻي)
508. ڪم سريو، ڪاڳر وريو. (بيراجي، پھاڪو)
509. ڪم، ڪم ڪي سکايئي. (ڪڇ، پهاڪو)
510. ڪنٺ بنا گائيي، مت بنا چور، تريئا تريوڙ بنا، تيني رپٽا روڙ. (چوڻي)
511. ڪنجھو، پتل ۽ بيوقوف ماڻھو، بغير ڇيڙڻ جي پيا وڄندا. (چوڻي)
512. ڪنجھو ۽ پتل آواز ڪندا، پر سون نه وڄندو آھي. (چوڻي)
513. ڪنڊيءَ جي ڪاٺي آڻجي نه، آڻجي ته ٻارجي نه،
514. ڪنواري ڇوري ڪوڏ ڀري، پرڻي ڇوري پِڇي پِڇي. (چوڻي)
515. ڪنو وٽي، وِه جي وٽي. (چوڻي)
516. ڪنھن گهڙيءَ جي آندل ڪاٺي به سڀاڳي. (پھاڪو)
517. ڪُني اوڻنڌي ته پنڊ جا ڪنٺا کينڌي. (ڪڇ، پهاڪو)
518. ڪوٽ ته امر ڪوٽ، ٻيون سڀ ڪوٽڙيون. (چوڻي)
519. ڪوڏر بنان کاٽي کڻي، بنا ڏاٽي هڻي لائي، سٿ ويٺي سمهي رهي، نيچو وهي اونچو تري، اڻ ڏٺي ڏي اوڳاهي، اهي پنج ئي گهوچائي. (چوڻي)
520. ڪوڏ لڳي يا ھوڏ، وريو ڀاڳ مڱڻھار جو. (پھاڪو)
521. ڪوري، ڪنڀر، ڪڪڙ ۽ ڪانءُ، اُٺي مينهن، چئني جو وڃي هانءُ. (چوڻي)
522. ڪوڙ جي ڊوڙ، ٿورڙي ۽ ساهي گهٽ. (چوڻي، بيراجي)
523. ڪوڙو ڍڳو سٻرو ساڄو، گهوڙو پڻ گهه-گير، رن ڪميڻي مور نه مُڙي، توڙي لڳنس تير، ماڻهن منجهه مڄو مڙس، مرن منجهه خنزير، اهي پنج ئي بي پير. (چوڻي)
524. ڪوڙو نه ڀلو ڪُوڪرو، سچي نه ڀلي ساک، ڏنو ڀلو روپيو، ليو نه ڀلو لاک. (چوڻي)
525. ڪوسي پاڻيءَ مان ڪھڙي اڃ لھندي. (پھاڪو)
526. ڪونڀٽ پن ڪتريو؛ مينھن آيو ڪي آيو. (چوڻي)
527. ڪُوئا ڍاڪَڻَ ڍاڪِڻو، کيتر ڍاڪڻ واڙ، ٻاپ ڍاڪڻ ٻيٽڙو، گهر ڍاڪڻ نار. (چوڻي)
528. ڪويَلين جي ڌلالي ۾ ڪارا هٿ ٿيئين. (ڪڇ، پهاڪو)
529. ڪي حال مست، ڪي مال مست آهن. (چوڻي)
530. ڪيڙي سينچي تِترِيو کائي، موذي ڪي مايا پرڙي جائي. (پھاڪو)
531. ڪيڙيءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ. (چوڻي)
532. ڪيسر ڪياري جي ڪرو، اگر چندن ملاءِ، گلاب جل سين سينچيا ڪرو، تو ئي پياز بانس نه جاءِ. (پھاڪو)
533. ڪيلو جڏهن ڦَرُ ڏئي، تڏهن سِرُ ڏئي. (پھاڪو)
534. ڪيهر مڇ، ڀوئنگ مَڻَ، گت سُوران، ستي پهوسرڻي، ڪِرپڻ ڌن، هاٿ آوين مُوئان. (چوڻي)
535. کاٿ پڙئي تو کيت، نهين تو ڪوڙو ريت. (راجسٿان، چوڻي)
536. کائڙ کاڻي، جڪي ۾ ڌان نِڪو پاڻي. (چوڻي)
537. کٽا تو ئي خان، ڏليا تو ئي ڏيهه ڌڻي. (چوڻي)
538. کٽر ڍڳي، چڪر تري، ميو کڻي نه بار، ڪتو وڃائي ٿانءَ، نهائين اگهاڙي نار، اھي پنج ئي مار. (چوڻي)
539. کٽل گاءِ ۾، گابي رو سوس، کٽل مائتران ۾، ڏڪري رو سوس. (پهاڪو)
540. کٽل مائيترو نِه ڦاٽوڙي گڀي رو، مهڻو ڪونهي. (پهاڪو)
541. کٽ ويهڻ، گهوڙي چڙهڻ، گهر ۾ لڄونتي نار، پراڻي ڪڻڪ، نئون گيهه، پنج ئي سرڳ دوار. (چوڻي)
542. کدڙن جا اوتارا، ڪنڀارن جي گهر. (چوڻي)
543. کر، گگھ پکي ۽ مورک نر، ڏينھن جو به ننڊ ۾ ھوندا. (چوڻي)
544. کڙڳ کپا نه نڪري، پرس پراڻي پاڳ، عورت اگلين ڪپڙي، گهوڙي ڇنل واڳ، گهر توڻ نه سپجي، پنج ئي اڀاڳ. (چوڻي)
545. کڳا کوهر ۾، ويڳر ٿا ڪٽجن. (پھاڪو)
546. کل ڪتل، ڍاٽي آيا. (پهاڪو)
547. کنڀيءَ-چٽڪو؛ چار ڏينھن. (پھاڪو)
548. کنوي وياھ ته وڃي ڏياھ. (چوڻي)
549. کوٽو ڏاند، کٽر ڳئون، کٽل پٽيل، گهر-چٽي نار، هٿ-چٽيو واڻيو، انين پنجن ئي منهن ٻار. (چوڻي)
550. کوڻي ۾ مُٺي، ڪنهن نه ڏٺي. (پهاڪو)
551. کهيو واڻيو، ڀِت پراڻي، دٻڪر دکڻ چُون، وڻ ٻاٻرو، کر ماڻهو، پنج ئي پاسي هون. (چوڻي)
552. کيرتي گانءِ ري، لت به ڀلي. (پھاڪو)
553. کيڙيو ته کيٽ، جي ليڏاڻيو ته ڌان. (زرعي، چوڻي)
554. گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گهوڙو وهي ڊُگام، ڪرھ ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان، گانڊو رڻ نه چڙهي، گهر هڻي شوغان، راجا جوٺ ٻولي، اهي پنج ئي بدنام. (چوڻي)
555. گاجڻا سو باجڻا، ماٺيڻا سو مِيہ. (پهاڪو)
556. گانوڙي تو ڏوڌ ونڪي، تيج ونڪي گهوڙيان، آدمي تو خرچ ونڪو، سيل ونڪي گوريان. (چوڻي)
557. گانوڙي تو سينگ ونڪي، ڦينچ ونڪي گهوڙيان، آدمي تو مونڇ ونڪو، روپ ونڪي گوريان. (چوڻي)
558. گانيان جوڀن برسات هي، تريان جوڀن ڏئت، ماهيلي جوڀن مان هي، مردي جوڀن ڇَتَ. (چوڻي)
559. گانيان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن اَنُ، ماهيلي جوڀن مرد هي، مردي جوڀن ڌن. (چوڻي)
560. گاءِ؛ کٽر مال. (چوڻي)
561. گائين ڌارجنين گورڙين، رهجي رڻ ري وَٽِ، پنج آپڻين، ڏس پارڪين، گورين وڏو گهگٽ. (ڪڇ، چوڻي)
562. گڏهه تان گلاب، هاريو ته هھئين ويو. (پھاڪو، بيراجي)
563. گڏهه ڍؤ جهلي نه سگهي. (پھاڪو)
564. گڏهه، گولو، ڍول، ڪاڳر ۽ ڪپاه، پنج ئي ڪٽيا ڀلا، جي نه ڪٽيا تو وڻاه. (چوڻي)
565. گڏھ، لت ھڻڻ کان نه مڙندو. (پھاڪو)
566. گرا گونئرا نه چئجن، پيٽ-وڌيا پٽ نه چئجن. (پھاڪو)
567. گُر بِن ملي نه گيان، ڀاڳ بن ملي نه سجن، تپ بن ملي نه راڄ، ٻانهن بن هٽي نه دُرجن، پرس بن ڪيسي سينگار، مينهن بن ڀري نه سگر. (ڍٽ، چوڻي)
568. گُڙي گُڙي، نيٺ ته وسندو. (پھاڪو)
569. گُگِر گِگِر، پنڊا اڙيا. (پھاڪو)
570. گنگو؛ جھڙو گهر، تھڙو گانين ۾. (پھاڪو)
571. گنگو غريب، ڏياريءَ ري ڏينھن گِس کائي. (پھاڪو)
572. گوارٽيءَ-ڌڻي، کير-ڌڻي. (چوڻي)
573. گوار جو فصل، پاڇاٽو ڀلو. (زرعي، چوڻي)
574. گوريو؛ گاءِ، نڪو ٻڙد. (پهاڪو)
575. گولاڙو، بول کان پچي. (چوڻي/ پهاڪو)
576. گونث ري پِٽِ نان، پٿوري ري دعا ڪي ڪرسي. (پهاڪو)
577. گونگا چاوا هتا، بيري کڻتي الگهان چڙهي گيا. (چوڻي)
578. گونگن جي ٻولي، گونگا ڄاڻن. (بيراجي، پھاڪو)
579. گوھ نا کٽي کڻي، ڀيلان را گهر جُوئي. (پهاڪو)
580. گيان وڌي گڻوان ڪي سنگت، ڌيان وڌي تپ سنگ ڪينو، موھ وڌي پروار ڪي سنگت، لوڀ وڌي ڌن ۾ چت ڏينو، ڪروڌ وڌي نرمونڍ ڪي سنگت، ڪام وڌي تريئا سنگ ڪينو، ٻڌي، وويڪ، ويچار، وڌي ڌيان، سڄڻ سين ست سنگ ڪينو. (چوڻي)
581. گينگو؛ ٿر جو ڀنگي. (چوڻي)
582. ڳالهه ڪجي سچي، جنھن ۾ نه کڙهو نه مٽي. (چوڻي)
583. ڳجھ جي نظر، سؤ ڪوھ تائين. (پھاڪو)
584. ڳڙ کائي، ڳوٿري ڦٽي ڪريئه. (پھاڪو)
585. ڳل ۽ لپاٽ ۾، فاصلو ناھي. (پھاڪو)
586. گهانچي، موچي، گائينچو، ڀڻيو ڀوپٽ ٿاءِ، ڀوتاپڻو پلٽي پڻ ذاتي سباءِ نه جاءِ. (چوڻي)
587. گھٽيءَ، گھرن جي سونھن آھي. (چوڻي)
588. گهر آهي، زال سان. (چوڻي)
589. گهر به گهر، ٻاهر به گهر. (بيراجي، چوڻي)
590. گهر جو ٻانڀڻ، بئل برابر. (پھاڪو)
591. گهر ڌِيڻو، ٻُنڀ ٻاجهري، گاھ ڪاٺي، گهر گنج، ڀائر پُٽ چئي ۾، اهي پنج ئي سهنج. (چوڻي)
592. گهر را گهيرٽي چٽين، گرو ٿو آٽو کائي. (پهاڪو)
593. گهر سونهين انسان سان، ميخانو سونهين پيمان سان، مندر سونهين ديوان سان، صحن سونهين ايوان سان. (چوڻي)
594. گهر ڪا جوڳي جوڳيڙا، آن گانو ڪا سِڌ. (راجسٿان، پهاڪو)
595. گهر گهانچيان رو ٻڙيو، تو ئي سيڪ رونڏران نان پرهو آئي. (پهاڪو)
596. گھر گھر ٿيندي گھرٽيءَ، گھر گھر ٿيندو ماڻ، اھي ڦٽيءَ جا اُھڃاڻ. (چوڻي)
597. گهر ندي ڪناري وٽ، هجي کير جو گنج، ڀلو گهوڙو چڙهڻ لاءِ، مٿس سونا سنج، زال هجي سلڇڻي، ٻيٽو جنهن جي هنج، هيئين سان هنڊائي ڇڏ؛ اهي پنج ئي سهنج. (چوڻي)
598. گهر نينگر ٻوجهه گهڻو، ڪچي ڦلي ڏوئو واءُ، ڀائيان وڇوڙو ماهيلي، مينهان اگتيو واءُ، چار ئي تباه. (چوڻي)
599. گهر ئي گهاڻي، تيلي روُکو ڪيون کاوئي؟ (پهاڪو)
600. گهڙيو، اڪريو. (پھاڪو)
601. گهڻو امرت، بِس برابر. (پهاڪو)
602. گهڻو ڦُٽو، گهڻو مُٺو. (چوڻي/ پهاڪو)
603. گهڻي هاريين هر نه هلي، گهڻي ناريين گهر نه هلي. (پهاڪو)
604. گهوڙا، گهر ٿا کائين. (چوڻي)
605. گهوڙا نِه ميدان، ڊوڙي ڊوڙي ڇيهه ڪن. (پهاڪو)
606. گھوڙو؛ پنج واتي بلا. (چوڻي)
607. گهوڙو ڊوڙي ٿو آپ ري سوڀ ري پگا. (پهاڪو)
608. گهوڙو ڪاهي ويا چور، سنج سائين کڻي يا نوڪر. (پھاڪو)
609. لاکو ڦلاڻي، ڪچو ڪچاڻي، جنهن ڇڏي مهر راڻي. (چوڻي)
610. لاهين پٺيان چاڙهيون، چاڙهين پٺيان لاهيون. (پھاڪو)
611. لتر گڏهه کي چڪر گڏهه پڄي، چڪر گڏهه کي لتر گڏهه. (پھاڪو)
612. لڪڙين کي اگنيءَ مان، مروءَ کي ماه مان، ڪنجوس کي ڪشور مان، عالم کي علم مان، سائل کي سخي مان، ڪڏهن به ڍؤ نه ٿئي. (چوڻي)
613. لکو ٿو لاڏو ٿئي، لنجا ٿا ڀت کائين. (چوڻي/ پهاڪو)
614. لک وڃي، لڇڻ نه وڃي. (چوڻي)
615. لنب: مکڻ چنب. (چوڻي)
616. لوڀ لڳو واڻيو؛ لونگيءَ لڳي گاءِ. (پهاڪو)
617. لوٽيو باڻيو، جُونا خط جووي. (راجسٿان، پهاڪو)
618. لوڏي ٻانهن لاڏ مان، هلي ٿي هرڙيون، مڙس ڇڏي، مِٺڙي تي سڏي ساهيڙيون سرڙيون، گهڻو ڳالهائي گهوٽ سان، پهرين رات پرڻيون، ٽئي ٽرڙيون. (چوڻي)
619. لوڻي ڪاٺي، اڏوھي به نه کائي. (پھاڪو)
620. ماڇي، مهاڻا، مؤذني، منگت، چلو ڪين يارو انهن جي سنگت. (چوڻي)
621. مارا متر اُوءَ، جو گلا ڪري. (پھاڪو)
622. مار، ڏاتار آهي. (چوڻي)
623. مارواڙي، نَه ماءُ ڀلي نَه گاءِ ڀلي. (چوڻي)
624. مارئي جي مثل، ٻاٽيءَ جي خوشبوءِ. (چوڻي)
625. ماکي، ماڪوڙو ۽ مورک نر، ٽيئي لالچي آھن. (چوڻي)
626. ماکي نه ڏسي وڻ، زال نه ڏسي وڙ. (چوڻي)
627. ماگهه؛ ڇوڙا ڏاگهه. (چوڻي)
628. مال ڀٽارو، اکين جو تارو. (چوڻي)
629. مال صدقو سِرَ جو، سر صدقو لڄ جو. (چوڻي)
630. مال؛ لال. (چوڻي)
631. مان جهڙي ڏيڪري، ٺان جهڙي ٺيڪري. (پهاڪو)
632. مانُ گهٽي ڪڇ مک سين منگت، پريت گهٽي نت پر گهر جايا، گيان گهٽي نرمونڍ ڪي سنگت، ڌيان گهٽي چِت ڪو ڀر مايا، تيج گهٽي پر نار ڪي سنگت، ٻڌ گهٽ ٻھو ڀوڄن کايا، شوڪ گهٽي ڪُڇ ساڌ ڪي سنگت، روگ گهٽي ڪڇ اوکت کايا، داس بھاري ڏک ڏار ڊر گهٽي، گووند گووند گووند گايا. (چوڻي)
633. مانئي تو ديو، نهين ڀينت ڪو ليو. (راجسٿان، پھاڪو)
634. مانيءَ ۾ ٻانهي، مهانگي ناهي. (چوڻي/ پهاڪو)
635. ماڻسان ري مايا آهي، ڍونڍان نان ڪوڻ ٿو پڇي. (چوڻي)
636. مائٽ ميڻ هوندو آهي. (چوڻي)
637. ماءُ ڪک تي پاري، ٻاپ لک تي ڪنهين پاري. (چوڻي)
638. مايا ٻيٽي شوم ڪي، سخيان پاس نه جائي،
639. متر اوءَ، جو ٻڪرال جيان آوي. (چوڻي)
640. مٿو ڀاڳو تو سڄو پرھو ٿيسي، روپيو ڀاڳو تو سڄو ڪنھين ٿيسي. (چوڻي)
641. مٺو ۽ کارو پاڻي، ڪڏھن به نه گڏبا آھن. (پھاڪو)
642. مٺي، ڏاڍي مٺي آهي. (چوڻي)
643. محبت واري رٻ ڀلي، راھ اتي رھجي. (چوڻي)
644. مِچو جاءِ ماهين ۾، گهر جاءِ باڏ ۾. (پهاڪو)
645. مڇيءَ وٽ ٻُڌ آهي، سُڌ ناهي. (چوڻي)
646. مذهب سين محروم رهيا، دين ڪنون دور، چوري سين چاه لڳائي، ڪم ڪنون وڃي هلور، عمر ساري اپنا نفعا ڍونڍي، نت ڪري ڪلور، چغليان تي عزت وڌائي، سچ ڪنون ٿئي سور، پنج ئي مرد نه مور. (چوڻي)
647. مرد جي دل ۽ درياهه تي ڪهڙو ويساهه. (چوڻي)
648. مرد ۽ ڀؤنرا، ڀٽڪندا سونهن ٿا. (چوڻي)
649. مرگهه-نيني، چندر-بدني، گنيور چال چلت، هيم-ورڻ، ٻالڪ-بدن، جهيڻ-لنڪ، مرگهه-چڪ، روسوندر ڪم-بِسري، جنهن ايڪ جيو گُڻ لک. (چوڻي)
650. مرڻ ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار. (چوڻي)
651. مرڻو مٽ جو، پرڻو ڍٽ جو. (چوڻي)
652. مِڙتي گاءِ نا گُهوڪاءِ هڻسو تو لت هڻسئه. (پهاڪو)
653. مڙدا، ڪڏهن مساڻ مان واپس آيا آهن؟ (بيراجي، چوڻي)
654. مڙس کي ٻه گهر؛ اٺ کي هڏ-تر. (چوڻي)
655. مقام ۽ مڪان، ڪڏھن وسرن ڪينڪي. (چوڻي)
656. مڪڙ اڳيان کائي، پويان ڪڍي. (پهاڪو)
657. مِڪو ماڻهو، گونگو مينهن، بيٺل پاڻي، جهڙ جو ڏينهن، چار ئي ٻوڙين. (چوڻي)
658. مڱڻهار، کدڙا، ڪڃريون ۽ ڀٽ، چار ئي هڙ-چٽ. (چوڻي)
659. ملوڪ سڀ مري ويا، ٽوڻا ٻڌندو ڪير؟ (پهاڪو)
660. منش ڇوٽا، عقل ڇوٽي. (چوڻي)
661. منش نه وڏو، پر عقل وڏي وٿ. (چوڻي)
662. منگهَه، تاڻي ٻڌو تنگَ. (چوڻي)
663. مُڻڊي مڻڊي، مترڀنا. (سنسڪرت، چوڻي)
664. موت رو سڏ ڀلو، پوليس رو سڏ ڀونڏو. (چوڻي)
665. موران نان ميهَه نه وسري، منگت نان ڏاتار، ماهيلي نان پيهر نه وسري، هاري نان ڀتوئار. (چوڻي)
666. مور ڇپيا انڌي بادل آيا، تري ڇپيا ڏٻلي گهر آيا، ڪڏوپي نار ڪي چال ڇپي گئي، نين ڇپيا نت نت گھر آيا، چندر ڇپيو پک پونم پهلو، سورج ڇپيا اندر ميگهه مڏايا، هٿيار بنا رجپوت ڇپي گيو، ڏاتار ڇپيا گهر اڇت آيا، ڀوپ ڀوپال شاهوڪار هئي، ڪرم ڇپي گهر ڪلفت پايا. (چوڻي)
667. مور ڪو ڌيان گهن گهور لڳو، ڏور ڪو ڌيان لڳو نٽڪي، ديپڪ ڪو ڌيان پتنگ لڳو، پڻهاري ڪو ڌيان لڳو مٽڪي، چندر ڪو ڌيان لڳو چڪور، چڪٻاڻ ڪو ڌيان سٽڪي، مين منوپر ترري، ساگر-پنٿ، پرميڻ رھيو اٽڪي. (چوڻي)
668. مورک ٻانڀڻ؛ ٻه ٻارسيون. (چوڻي)
669. مورک کي اُپديش، جيءَ جو ڪليش. (سنسڪرت، چوڻي)
670. موريو ڦٽرو، پڳ ڀونڏا. (پهاڪو)
671. موڙي لڀيندي ئي نهين، ٺڪر چاليها مڱدا. (پھاڪو)
672. موسم کري ته واءُ ڪري، وڻ کري ته ڳرنڍھو ڪري. (چوڻي)
673. مولا وساءِ مينھن، ڪانيارا ڇٽن ڪم کان. (پھاڪو)
674. مھور ڪري منوار، ڪسڙاٽ پڇي پوڇي. (چوڻي)
675. مھينو آيو پوھ، سياري ڪھڙو ڏوھ. (چوڻي)
676. ميٽرڪ مانڌا پڙهيا، بي اي برا حال، ايم اي مرڻ پڌاريا، يه هي وديا ڪا حال. (چوڻي)
677. مينهن جي پُسائي، حاڪم جي ماريي تي ڪهڙو ارمان. (چوڻي)
678. مينهن وٺا ڀلا، ڏيک ڏٺا ڀلا. (سارو سنگهار، چوڻي)
679. مينهن ۽ پُٽَ؛ قسمتي. (چوڻي)
680. ميهان ساکي مارگُو، سيئان ساکي اَڪَ، ڏاتار ساکي منگتا، سُوران ساکي ڌَڪَ. (چوڻي)
681. ميهه تو تيان برستي، جيان راجي هوسي رام. (چوڻي)
682. ميهَه سُڌاري بجلين، سَر رَو سُڌاري پار، ٻيٽو سُڌاري ٻاپ نان، گهر سُڌاري نَار. (چوڻي)
683. ميهَه موران، بَنَ ڪونجران، آنٻان ڏار سُوئان، ويڻ سڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موئان. (چوڻي)
684. مِيهه نه مهماڻ، ڪِتا ڏينهن. (چوڻي)
685. نار اڀري ڪنجري، گهوڙي ٽٽل زين، ڌيءَ وڏور گهر ۾، جهڙي ماٺ زمين، جن سانجهه چاڙهيو ڪينڪي، پنج ئي مسڪين. (چوڻي)
686. ناري هَٺُ، بادشاهي هَٺُ، ٻاريه هَٺُ، ڪڏهن نه هَٽُ. (چوڻي)
687. ناني رَليءَ ڪاڻ ٻين سان سمھي، ڏوھٽي چي؛ ”ناني رَلي“. (پهاڪو)
688. ناڻو؛ نر نچايو ڇڏي. (چوڻي)
689. ناڻو هٿ ايندو، پر ٽاڻو هٿ نه ايندو. (چوڻي)
690. ناهه گندي، ناهه سيءُ. (پهاڪو)
691. نائين پيڙهيءَ به، نانيءَ-ڇڪ ٿئي. (چوڻي)
692. نپٽ راجا، نپٽ پرجا. (پھاڪو)
693. نه ڪسيئي ڪماڻ، نه پڙيئي جِماڻ، نه ٽپيئي ڪُوئا، نه رَميئي جُوئا. (چوڻي)
694. نڪو گهر تڙ، نڪا گهر واري، ڇڙي کي ننڊ پياري. (چوڻي)
695. نڪي ڇٽو فقير مري، نڪي ڀوتاڙيي جو ڀوت وڃي. (چوڻي)
696. نماڻيءَ جي نڪ تي، بُوليءَ سندو بار. (چوڻي)
697. نم جا پن، ان جا راکي. (چوڻي)
698. نمين پن ڀِنيو، ته برکا آئي ڙي آئي. (ڍاٽڪي، چوڻي)
699. ننڍي مري نه مايڙي، وڏي مري نه جوءِ، ور وريتيءَ نا مري، جو جهڻڪ وهيڻي هوءِ. (چوڻي)
700. ننگر جهڙو شهر، جنهن ۾ نمرياڙي لهر. (چوڻي)
701. نوٽ ناڻا، بيند پرڻي ڪاڻا. (پهاڪو)
702. نَوَ پيڙهين، ناناڻو ڇڪي. (چوڻي)
703. نهڙين جي راڄ ۾، شل نه پوي رات،
704. نيات سين، ڇيھ نه ڀلو. (چوڻي)
705. نيپيو گهونپيو آنگڻو؛ اوڍي پيهري نار. (چوڻي)
706. نيچَ-ڪَنڌو ٻڙڌيو، اونچَ-ڪَنڌي نار، راھَ-رڙڻو ڏاگو، کٽل زميندار، هيڪل-هَٽو واڻيو، اهي پنج ئي بيڪار. (چوڻي)
707. نيوان رو ٺاھ ڪونھي، نگڙڻ رو وارو وار. (پھاڪو)
708. واپاري وستي/ ورڌتي، لڪشميهه. (سنسڪرت، چوڻي)
709. وارا، ڍارا. (چوڻي)
710. وار واراتي، جنڊ اباڻو. (پهاڪو)
711. وارياسو ڀتر، پاڻيءَ ۾ ڪري ته سلامت نه رهي. (پھاڪو)
712. واريءَ کي واٽون گهڻيون، ٿڙيءَ کي ٿاٻا گهڻا. (پھاڪو)
713. واريءَ وارو پنڌ، مٿي تي بار، تِرَ ڪريا واٽ ۾، اٺ مٿي هسوار، مڙس هجي پير مرد، ننڍڙي هجي نار، کيٽ ۾ رڳو ڀُرٽ، تنهن ۾ پوکجي گوار، چار ئي ڏک جا ڏار. (چوڻي)
714. واڙ ڏني کيٽ نان، کيٽ واڙ نان کائي، راجا ماري رعيت نان، جيري ڪوڪ ڪڻي لڳ جائي. (چوڻي)
715. واسينگ مري، تڏهان چندڻ گوھ مٿي ٽيلهو آئي. (پهاڪو)
716. واڻڪو وياءُ، جيئن وڌي تيئن کري. (پهاڪو)
717. واڻيا پاڻ ۾ وڙهن، پاراتا ڌرين کي ڏين. (پهاڪو)
718. واڻيو پنچ نه ڀري، پنچاس ڀري. (پھاڪو)
719. واڻيو لکي، پڙهي ڪرتار. (راجسٿان، چوڻي)
720. واڻيو مطلب جو يار، ڪم پوڻ تي ڪري پيار. (چوڻي)
721. واڻيو، وياج ۾ سڳي ڌيءَ مان به نه ٽري. (چوڻي)
722. واڻيو هٽيءَ تي، مير بحر مَڏيءَ تي، هاري اَڏيءَ تي، ڪميڻو ڪُڏيءَ تي. (چوڻي)
723. واڻيو هجي يار، ٻيو دشمن ئي نه ڌار. (چوڻي)
724. واڻيو ۽ سيارو، سڀڪنھن کي سڙهين. (چوڻي)
725. واڻيي ري ويهانءَ ۾، وگهن گهڻا. (ڍٽ، چوڻي)
726. واهڙ ويندا وهي، آخر ڍورو جهليندو ڌڪ. (پهاڪو)
727. واھُندي؛ اٺن سان نه ٺھندي. (چوڻي)
728. واءَ وڃايو ورھيه، وس وڃايو واڏڙي. (چوڻي)
729. وٺو ته ٿر، نه ته بر. (چوڻي)
730. وٺو ته سٺ، نه ته نَو به اٺ. (چوڻي)
731. وٺو ته ورساڙو، نه وٺو ته اونھاڙو. (چوڻي)
732. وڄوٽي جي وَسَ، گانگاڻ جا گس. (وٽ، سارو سنگهار، چوڻي)
733. وڌيا ڀَل-پڻ، سمونڊ جل، اونچ-پڻ اندر گاج، اتر-پنٿ، مالڪ-گت، پار نه پرٿوي راج. (ڍٽ، چوڻي)
734. وڏو مرڻو: وڏو وهانءُ. (چوڻي)
735. وَرَ ڀلي؛ او گهر ڀلي. (چوڻي)
736. ورڌاتا، مستڪ تي جيڪي لکي ٿو، ائين ٿئي ٿو. (چوڻي)
737. ورھيه ته ڏڪار، پر مٽيءَ ڏانھن موٽڻو آھي. (چوڻي)
738. ورهيه کري جهڪ ڪري، مڙس کري بڪ ڪري، ڌرتي کري اڪ ڪري. (چوڻي)
739. وڙهڻ ويريءَ سان، اڪ کڻي سوٽو، واڻئي جي هٽ تي، هجي وٽ کوٽو، ساماڻيل زال کي، ور ڏيڻ ڇوٽو، انهن ٽنهي ۾ ٽوٽو. (چوڻي)
740. وسي ته وسڪارو، نه ته ڪارو اونڌارو. (چوڻي)
741. وسي ته رحمت، گجي ته زحمت. (چوڻي)
742. وقت گذري ويندو، وڃي رهنديون ڳالهيون. (چوڻي)
743. وقت وقت جي ٻلهاري آهي. (چوڻي)
744. وکاڻيو ري کچڙي، ڏانتي پڙءِ. (مارواڙ، پهاڪو)
745. وڳ ۾ هڪ گري، وڳ گرو. (پھاڪو)
746. ونجهه اُپني، دک اُپنو، رُني سڀ وڻراه، هيءُ وڻ اڀاڳو اُپنو، جو ڄيرو سڀن لاه.
747. ونهيون بادشاه، چاهي تيئن ڪري. (چوڻي)
748. وڻ ٻٻر، کر ماڻهو، شال مَ پاڙي هوءِ، آکٻي ڪينڪي، ته به هيئين اڊڪو هوءِ. (ڍٽ، چوڻي)
749. وهانءُ ته واڻڪو، سھج ته سونارڪو، گپ چڪ ڀاٽڪي. (چوڻي)
750. وئي جو هڪڙو پيرو، ڳوليندڙ جا سَوَ پيرا. (پهاڪو)
751. وياس جي وينڱڻ کائي، ٻيجان نان اپديش ڏي. (پهاڪو)
752. ويچا روڳي، ٻڍا جوڳي، سورهيان پٺي گهاءِ، ڌات ماري بکيا مانگي، اهي چار ئي مَ وسهاءِ. (چوڻي)
753. ويساک وُٺو نه ڀلو، چمڪيو نه ڀلو چيٽ، راجا رُٺو نه ڀلو، پرچيو نه ڀلو سيٺ. (چوڻي)
754. هاٿي ڪريا ڪامڻا، ڪي نان ڏيان ڏوس. (پهاڪو)
755. هاڪا ڪجن، هوڪا ڪجن، هو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي. (چوڻي)
756. هٿ، ڄٽ، ڦٽ، سر، سوئر، پنج ئي ٻڌا چڱا. (چوڻي)
757. هٿن جون سڀ آڱريون، سريکيون ڪو آهن. (پهاڪو)
758. ھٿوڙي رو گھاءُ، ايرڻ جھلي. (پھاڪو)
759. هجي روٽلو ساڻ، ته رهجي رائلي ۾. (ڍٽ، چوڻي)
760. ھڏي تي ھوڏ، ڪتن جو ڪم. (پھاڪو)
761. هُردو دنيادار جو، پاهڻ کان به پري. (چوڻي)
762. هرڻ آکاڙا نه ڇڏي، جنم ڀومي نران، هاٿي ڪو ونديا جبل، وسرسي موئان. (ڍٽ، چوڻي)
763. هرڻي اڳي هَتي ٽَسڻي، مٿي ٻڌي گهنڊڻي. (پهاڪو)
764. ھرڻيءَ لاءِ ڪورڙ ئي ڪافي آھي. (پھاڪو)
765. ھڪ کي شوق، ٻئي کي ڳڻتي. (چوڻي)
766. ھڪ موت، ٻيو وڇوڙو، ٽيون لڏيو ڏور وڃن. (چوڻي)
767. هر هر هلڪائي، وڃڻ در دوست جي. (چوڻي)
768. هريو ڍيڍ سهاڙين کائي، ڦري ڦري پڇو آئي. (پهاڪو)
769. هڙ کيڙنو ڪوٽڙو، گهِندا جيسرميڙ، ڍاٽ سُرنگي گورڙي، ڀڳا ٻاڙميڙ. (چوڻي)
770. هَڙ هڙِي، هَڙ ڪُونڀَٽيءَ، گُوڌا گائين پيٽ، هاڙي هِئه جاپَسيءَ، ڀتوارڻ پُڳي کيٽ. (چوڻي)
771. هڪ انڌو، ٻيو پوڙهو، ٽيون ٻوڙو، چوٿون ٻار، پنجون بيمار، اهي پنج ئي بي ميار. (چوڻي)
772. هڪ چريا شينھن گهمن، ٻيا چريا ورن واءَ، ٽيان چريا جوڀن ڏينهڙا، چوٿان چريا آهن درياءَ، ڪڪر بنا مينهن اڀ ۾، اهي پنج ئي چريا. (چوڻي)
773. هندو سينسي جو گهر، جيترو سياڻو اوترو ڀرمي. (چوڻي)
774. هنسان نان سمندر گهڻا، پُهنڪ گهڻا ڀمري، سگهڙان نان ساجن گهڻا، ديس توڙي پرڏيهه. (چوڻي)
775. هنگڻ ڍائو، ڪي ڀرڙڪو ڀيچي. (پهاڪو)
776. هنڱ سھانگي ته به ڪا ڀات ۾ گهوربي. (پھاڪو)
777. هوند تي هونگار آهي. (چوڻي)
778. هون ئي راڻي، تون ئي راڻي، ڪوڻ ڪرسي اينڌڻ پاڻي. (پهاڪو)
779. هيڪ اڻ ڪوٺيو، نِه ٻيجو ٿري ڪرياتو. (پھاڪو)
780. هيڪ گهر مانجو، ٻيجو قاجي رو، باقي ڪل ڍاڍ ڍوڍ. (چوڻي/ پھاڪو)
781. يٿا بيجن، تٿا نشپت. (سنسڪرت، پهاڪو)
782. يٿا ديوا، تٿا ڀڳتا. (سنسڪرت، پهاڪو)
783. يٿا راجا، تٿا پرجا. (سنسڪرت)
784. يٿا ڪرنت، تٿا ڀُنڪتي. (سنسڪرت، چوڻي)
785. يٿا لاڀ، سنتُشٽ. (چوڻي، سنسڪرت)